3. سُر کنڀات
مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پڇين پڇ سو.
(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 53 سال 1900ع)
چوڏِينهَن چَنڊن اُڀِري، اُوڻَٽِيـهَن پَسي نَه عَامَ،
مَٿِسِ نَاهِه مَلاَمَ، جيڪو پُڇين پُڇُ سو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 127 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
چوڏِهيَِ چنڊُ نه اُڀِريو، اُوڻٽيـ هَ پَسيسِ عام،
مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پُڇين پُڇُ سو.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر کنڀات ص 158 سال 1996ع )
چوڏهينء چنڊُ نه اُڀريو، اوڻٽيهين پَسي نه عام،
مَٿِسِ ناههِ مَلامَ، جيڪو پُڇيين پُڇ سو.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 256 سال 1995)
چوڏهِينءَ چَنڊُ نه اُڀريو، اُوڻٽِيـ هَ پَسيسِ عام،
مٿس ناهِ مَلامَ، جيڪي پُڇِين پُڇ سو.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 129 سال 1994 )
چوڏهِينءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
مٿس ناه ملام، جيڪي پُڇين پُڇُ سو.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 80 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
چوڏهيِنءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
مٿس ناه مَلامَ، جيڪي پڇين پڇ سو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )
چوڏهيِنءَ چَنڊ نه اُڀريو، اُوڻَٽِيـ هَ پَسيسِ نه عام،
مَٿِس ناهِ مَلامَ، جيڪِين پڇِين پُڇُ سو.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 69 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
چوڏهِينءَ چَنڊرُ اُڀِري، اُڻٽرِيهِينءَ پَسِي نه عام،
مَٿِسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِين پُڇِين پُڇُ سو.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )
چوڏهِيَ چَنڊُ نه اُڀِرِئو، اُوڻَٽِيـ هَ پَسيس ِ عامَ،
مَٿسِ ناهِ مَلامَ، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70 سال 2013ع )
چوڏهينءَ چنڊ نه اُڀريو، اُوڻٽيـ هَ پَسي نه عامَ،
مٿس ناه مَلامَ، جيڪِي پڇين پڇ سو.
س
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 69 سال 2009ع )
چوڏِهينءَ چنڊُ نه اُڀِرِئو، اُوڻٽِيـههَ پَيسِ عام،
مَٿسِ ناهِ مَلام، جيڪِي پُڇين پُڇُ سو.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)
چوڏهينءَ چنڊ اُڀري، اُوڻٽِيهين پَسي نه عام،
مٿَس ناهه مَلام، جِيڪي پُڇين پُڇ سو.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
چوڏهيِنءَ چنڊ آڀريو، اوڻٽيـهه پَسي نه عام،
مٿس ناه مَلامَ، جيڪِي پڇين پڇ سو.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 79 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
چوڏهينءَ چنڊ نه اُڀريو، اوڻٽيـ ه پسي نه عام،
مٿس ناه ملام، جيڪي پڇين پڇ سو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (چنڊرُ، چنڊ، چنڊ نه، چنڊن)، (اڀري، اڀريو، اڀرئو، آڀريو)، (اڻٽيهين، اوڻٽيهه، اوڻٽيـ ه)، (پسي، پسيس، پيس)، (نه عام، عام)
الف. چنڊرُ، چنڊ، چنڊ نه، چنڊن: لفظ ”چنڊرُ“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”چنڊرُ“ نه فرمايوآهي.اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو لفظ بغير تحقيق جي لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”چنڊر“ چوڻ وارو لهجو خالص اتراڌي آهي.
لفط “چنڊ” عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ باگو جي ڏانو جي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن به بغير تحقيق جي لفظ ”چنڊ“ لکيو آهي. تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته هنن صاحبن هڪ ٻي جي تقليد ڪئي آهي.
۽ جن صاحبن ”چنڊ نه“ لکيو آهي، سي صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
قارئين ڪرام! هنن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ استعمال ٿيل لفظ تي تحقيق نه ڪئي هڪ ٻي جي پوءِ واري ڪندي لفظ ”چنڊ نه“ لکيائون. هنن کي اصل فرمايل لفظ سمجهه ۾ ئي نه آيو.
فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”چنڊن“ لکيو آهي. هن صاحب به حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي انهيءَ لفظ تي تحقيق نه ڪئي مگر پنهنجي خيال کان لفظ ”چنڊن“ لکي ڇڏيائين، اهو نه سوچائين ته لفظ ”چنڊن“ لفظ ”چنڊ“ جو جمع آهي. جيڪڏهن ائين سوچي ها ته پوءِ ان جي پٺيان لفظ ”اُڀري“ نه لکي ها، مگر اُڀرن لکي ها.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت جي تحقيق هيٺ آيل پهرين مصرع جو مفهوم بلڪل مختلف معلوم ٿئي ٿو. ڪيڏو نه حضرت ڀٽ ڌڻي رحه جي باري ۾ غلط تاثر پيدا ڪيو اٿن؟! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿيان صاحبان لڪير جا فقير رهيا. گنج شريف ۾ لفظ ”چنڊ نه“ لکيل ڏٺائون ۽ ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ ص 66 تي لفظ ”چنڌر“ لکيل ڏٺائون ته بغير تحقيق جي بيت ۾ لفظ لکي ڇڏيائون.
قارئين ڪرام! اسان جڏهن مذڪوره بالا بيت جي پهرين مصرع تي غور ڪيو ته اسان لفظ ”چنڊ، چنڊر، چنڊن، چنڊ نه“ لفظن جي جاءِ تي لفظ ”چندن“ بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان فرمايل ثابت ڪيو. لفظ ”چندن“ جي معنيٰ به آهي ”چنڊ“ اسان لفظ ”چنڊ نه“ واري آخري ”نه“ کي ”ن“ غنو ٺاهي لفظ ”چند“ سان ملايو آهي. ته اهو لفظ ”چندن“ ٺهي پيو آهي.
قارئين ڪرام! افسوس ته انهن جي سوچ تي ٿئي ٿو جن ليکڪن بيت ۾ الفاظ لکيا آهن”چوڏهين چنڊ نه اڀري“حالانڪه هر ڪنهن کي خبر آهي ته چنڊ چوڏهين رات ته وڏي شان سان آسمان جي سيني تي اڀرندو آهي.
ب. اڀري، اڀريو، اڀرئو، آڀريو: باگي جي ڏاني لفظ ”آڀريو“ غلط لکيو آهي، جن صاحبن لفظ ”اُڀريو ۽ اڀرئو“ لکيو آهي تن صاحبن اهو لفظ بيت ۾ نامناسب لکيو آهي. انهن صاحبن جي ڀيٽ ۾ سيّد عبدالعظيم ص 256 تي گنج ۾ لکيو آهي ۽ ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سگهڙ حاجي الله جنجهي لفظ ”اڀري“ نهايت ئي مناسب لکيو آهي، اهو لفظ ”اُڀري“، چنڊ جي اُڀرڻ جي حقيقت بيان ڪري ٿو ته چندن چوڏهين جي رات اُڀري ٿو.
ت. اڻٽيهين، اوڻٽيـ ه،اوڻٽيهه: جن صاحبن لفظ ”اڻٽينـ ه / اڻٽيهه“ لکيو سي صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصفطيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي. انهن صاحبن اڌ اکري سنڌي وارو لفظ لکڻ جي غلطي ڪئي آهي. اڻٽيهه (29) انگن جو تعداد آهي ليڪن لفظ ”اڻٽيهين“جي معنيٰ آهي ”اڻٽيهين رات وارو عرصو“.
جن صاحبن درست لفظ ”اڻٽيهين“ لکيو سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ .
ث. پسي، پسيس، پيس: جن صاحبن لفظ ”پسيس ۽ پيس“ لکيو آهي تن صاحبن اهي لفظ غلط لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پسي“ جو اشارو چنڊ ڏانهن آهي، لفظ ”پسي“ جي معنيٰ آهي ”ڏِسي“. مطلب ته لفظ ”پَسي“ درست آهي.
لفظ ”پسيس“ هن ڪري بيت ۾ مناسب نه آهي جو هن جون ماترائون وڌيڪ آهن. اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”پسيس“ درست نه لکيو آهي. درست لفظ ”پسي“ لکڻ وارن جو تعداد گهڻو آهي.
ج. نه عام، عام: قارئين ڪرام! چنڊ اڻٽيهين رات تمام دير سان اڀرندو آهي ان کي عام ماڻهو نه ڏسي سگهندا آهن، مگر ڪي خاص ماڻهو جيڪي سج اڀرڻ کان اڳ جاڳندا آهن انهن منجهان ڪي ڪي چنڊ کي اوڻٽيهين رات سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ اڀريل ڏسندا آهن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن بيت ۾ لفظ ”عام“ لکيو آهي تن نا مناسب لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]چوڏهينءَ چَندن اُڀري، اُوڻٽِيهين پَسي نه عام،
مٿَس ناهه مَلام، جِيڪِي پُڇين پُڇ سو.
[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه چنڊ جي ڪلائن بابت چنڊ جي نا مڪمل، مڪمل ۽ دير سان اڀرڻ واري ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هي بيت فرمايو آهي ته چنڊ چوڏهين رات تائين (سموريون چوڏنهن راتيون باقاعدي) اڀرندو آهي انکي اڀرندي سڀ ڏسندا آهن. مگر چنڊ اوڻٽيهين جي رات تمام دير سان اڀرندو آهي تنهنڪري ان کي اڪثر ماڻهو اڀريل نه ڏسندا آهن.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته چنڊ تي سنجهي نه اڀرڻ واري ملامت ڪوئي به مٿس ڌري نه ٿو سگهي ڇا ڪاڻ ته چنڊ تَڪوِينِي اسلام جي اصول مطابق لهندو ۽ اڀرندو رهندو آهي. چنڊ جي اهڙي طرح لهڻ ۽ اڀرڻ بابت اگر پڇڻ چاهين ٿو ته معلومات حاصل ڪر ته جئن تو کي چنڊ جي جلد ۽ دير سان اڀرڻ جي سببن جو پتوپوي.
*****
چنڊ تُنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سونَ سين،
آهِيِن پرين پنڌ ۾، ڳڻ سڄياڻي راتِ،
اچن جنهن ساعَتِ، پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )
چَنڊَر! تُنهِنجي ذاتِ، سَڀ مَڙهايان سونَ سين،
آهِنِ پِرِين پَنڌُ ۾، کِڙُ سَڄيائِي رات،
اَچَنِ جَهِين ساتِ، لَهِي وَڃُ، لطيفُ چَئي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )
چنڊ تُنهِنجي ذاتِ، سَڀَ مڙهايان سونَ سين،
آهِينِ پِرِين پَنڌَ ۾، ڪَرِ سَهائِي رات،
اَچَنِ جَنهِن ساعات، لَهِي وَڃُ لطيفُ چي.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)
چَنڊَ تُنهِنجِي ذاتِ، سَڀَ مَڙهايان سونَ سين،
آهِينِ پِرِين پَنڌَ ۾، ڪَرِ سَهائِي راتِ،
اَچَنِ جَنهِن ساعاتِ، لَهِي وَڃُ لَطِيفُ چي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 29 سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
چَنڊَ تنهنجي ذات، سَڀَ مَڙهايان سَون ۾،
پِرين منهنجا پَنڌ ۾، ڪر سُهائي رات،
وِهاڻيءِ پِرڀات لَهي، وَڃ لطيف چئي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
چنڊ تنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سون ۾،
پرين منهنجا پنڌ ۾، ڪر سهائي رات،
وهاڻي پرڀات لهي، وڃ لطيف چئي.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 82 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
چنڊ تنهنجي ذات، سڀ مڙهايان سونَ سين،
آهينِ پرين پنڌ ۾، کِڙ سهائي رات،
اچن جنهين ساعت، پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
نوٽ: سيّد عبدالعظيم ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ديوان تارا چند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻانهي خان شيخ اهو بيت نه لکيو آهي. جئن ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي گهڻن ليکڪن تحقيق ڪري اهو بيت پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ درج ڪيو آهي. تنهن ڪري اهو بيت اسان تحقيق هيٺ آندو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سون سين، سون ۾)، (آهينِ پرين پنڌ ۾، پرين منهنجا پنڌ ۾، پر منهنجا پنڌ ۾)، (ڳڻ، کڙ، ڪر)، (سڄيائي، سهائي)، (جنهن، جنهين، جهين)، (ساعت، ساعات، سات)، (وڃ).
الف. سون سين، سون ۾: جن صاحبن ”سون ۾“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ باگو جي ڏانو جي. هنن صاحبن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ مناسب نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لاڙي لهجي ۾ لفظ ”سين“ استعمال ٿيندو آهي، تنهنڪري اسان انهن صاحبن جي لکت درست سمجهون ٿا جن الفاظ ”سون سين“ لکيا آهن.
ب. آهينِ پرين پنڌ ۾، پرين منهنجا پنڌ ۾، پِر منهنجا پنڌ ۾: جن صاحبن ”آهِين پرين پنڌ ۾“ فقرو لکيو آهي، تن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق درست فقرو لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا لکون ته اها ٻولي حضرت ڀٽ ڌڻيءِ رحه جي آهي.
ت. ڳڻ سڄيائي، کڙ سهائي، ڪر سهائي: قارئين ڪرام! قديم ڪاتب ڪٿي ”ڪ“ اکر سان ۽ ڪٿي ”ک“ اکر سان لکندا رهيا جنهن ڪري جديد دور جا محقق انهيءَ لفظ جي اصل صورت کي سمجهي نه سگهيا. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ فقرو ”ڳڻ سڄيائي رات“ لکيو ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي ”کڙ سهائي رات“ فقرو لکيو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”کڙ سڄيائي رات“ فقرو لکيو. انهن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت تي صحيح تحقيق نه ڪئي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته غلام مصطفيٰ مشتاق فقرو ”ڪر سهائي رات“ لکيو آهي عثمان علي انصاري جي پوءِ واري ڪئي اٿس ۽ باگي جي ڏاني جي به محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ عثمان علي انصاري جي پوءِ واري ڪندي ”ڪر سهائي رات“ لکيو آهي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي به قديم نسخي منجهان ”ڪر سهائي رات“ فقرو اخذ ڪيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”ڪر سهائي رات“ فقرو لکيو آهي تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان انصاف ڪيو آهي.
ث. جنهن، جنهين، جهين: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”جهين“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي اهو لفظ بيت ۾ اڻ سُهندڙ لکيو ويو آهي. الفاظ ”جنهن، جنهين“ بيت سونهن ٿا مگر انهن ٻنهي منجهان لفظ ”جنهن“ زياده مناسب آهي اهو هن ڪري ته هن لفظ جي پٺيان ٽين مصرع جو قافيو اچي ٿو. جيڪڏهن لفظ ”جنهين“ بيت ۾ لکبو ته لفظ جي ماترا وڌي ويندي جنهن ڪري لفظ وزن توڙي ردم ۽ آواز ۾ وڌي ويندو. تنهن ڪري اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جنهن“ بيت ۾ نهايت ئي موزون آهي.
لفظ ”جنهن“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق .
ج. ساعت، ساعات، سات: لفظ ”ساعت“ عربي ٻولي جو آهي جنهن جو جمع ”ساعات“ آهي (فيروز للغات ص 764). ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ترتيب ڏياريل لغات جي ص 1537 تي لفظ ”ساعت“ لکيل آهي جنهن جي معنيٰ لکيل آهي ”ڪلاڪ جو عرصو، گهڙي، لحظو، کن، ويرم، واچ (هڪ اوزار)، بخت نصيب“.
ساڳي لغت جي ص 1526 تي الفاظ ”ساتاڙو، ساتانو، ساتو ۽ ساتاهو“ لکيل آهن، اهي الفاظ ”ست“ لفظ منجهان نڪتل آهن. لفظ ”سات“ جي معنيٰ آهي ”ست (7)“ معلوم ائين ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو بيت سمجهه ۾ نه آيو تنهنڪري لفظ ”ساعت يا ساعات“ بجاءِ ”سات“ استعمال ڪيائين، کِل جوڳو عمل ڪيائين.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ لفظ ”ساعات“ استعمال فرمايو. عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق لفظ ”ساعات“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي لفظ کي بگڙڻ کان بچايو.
ح. وڃ: سڀني صاحبن بحث هيٺ آيل بيت جي آخري ٽين مصرع ۾ پنجون لفظ ”وڃ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو ويو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هميشه زمان ۽ مڪان جو پنهنجي ڪلام ۾ خيال رکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ ”چئج، وڃج ۽ ڪهج“ استعمل ٿيل الفاظ مليا آهن. مثال طور:
1. احـــوال عــاجـزن جــا آکــج لــڳ الله
2. ســنيـها کـي سڄڻين ڪهج چنڊ اپار
ناسيندي نظر پهرين ڪج پرين ڏي
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 82)
قارئين ڪرام! مٿين مثالن ڏيڻ جو هي مقصد آهي ته انهن مصرعن ۾ جڏهن حضرت ڀٽ ڏڻي زمان مستقبل ۽ ايندڙ وقت جو ذڪر فرمائي ٿو ته پوءِ ڪئن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٽين مصرع جو ڇهون لفظ ”وڃ“ استعمال ڪندو؟ اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ حضرت جن ”وڃج“ فرمايو مگر راوين جي چوڻ موجب ڪاتبن لکيو يا ڪاتبن کان سهو ٿي تنهنڪري انهن لفظ ”وڃ“ لکيو ۽ پوءِ مرتب ۽ محقق حضرات بغير تحقيق ڪرڻ جي لفظ ”وڃ“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل اصل لفظ ”وڃج“ کي بدلائي ڇڏيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي درست پڙهڻي بيهي ٿي.
[b]چَنڊُ تُنهِنجِي ذاتَ، سَڀ مَڙهَايَان سُونَ سِين،
آهِينِ پِرِينءَ پَنڌُ ۾، ڪَرِ سُهائِي راتَ،
اَچَنِ جَنهِن سَاعَات، پوءِ لَهِي وَڃِج لَطِيفُ چَئي.[/b]
معنيٰ: اي چنڊ تون بهَ ذاتِ خود مون کي ڏاڍو وڻين ٿو تو کي تنهنجي چوڌاري روشني واري گول دائري جي ٻاهران سمورو سون لڳرائي ڇڏيان.
اي چنڊ منهنجا پرين پيارا پنڌ ۾ آهن، مون ڏانهن پيا اچن تنهنڪري اونداهي رات جي ان گهڙين کي سُهائو، پُرنور ۽ روشن ڪر.
جن گهڙين ۾ منهنجي محبوب جي آمد ٿئي پُر نُور رهج مون لطيف جو چيو مڃ بعد ۾ ڀل جان لهي وڃجانءَ .
*****
سهسين سِڄنِ اُڀري چوراسي چنڊنِ،
باللـّـ ه ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 53 سال 1900ع)
سَهسين سِجَنِ اُڀري، چورَاسِي چَنڊَنِ،
بِاللهِ ري پِريَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀَانيان.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص128 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
سَهسين سِجَنِ اُڀري، چوراسي چَنڊَنِ،
بالله ري پِريَنِ، سَڀَ اونداهي ڀانئيان.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 45 مڪتبه برهان )
سَهسين سِڄَنِ اُڀري، چوراسِي چنڊَنِ،
بِاالله، ري پِريَنِ، سڀَ اُنداهي ڀائِيان.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالوسُر کنڀات ص 158 سال 1996ع )
سَهسين سجَنِ اُڀَرِي، چوراسي چَنڊنِ،
بالله ري پرَينِ، سَڀ اونڌاهي ڀانئيان.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص257 سال 1995)
سَهسِين سِجَنِ اُڀري، چوراسي چَنڊَنِ،
بالله ريَ پِريَنِ، سَڀَ اونداهِي ڀانئيان.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو الف. ب. وار سر کنڀات ص 187 سال 2013)
سهسين سِجنِ اُڀري چوراسي چنڊن،
بالله ريءِ پرين، سڀ اونداهي ڀانئَيان.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 80 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
سهسين سِڄَنِ اڀري چوراسي چنڊن،
بالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئَيان.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 67 بااختيار ادارو سال 1994 )
سَهِسين سِجنِ اڀري، چوراسِي چَنڊَنِ،
بِاللهِ، ري پِرِينِ، سَڀ اونداهِي ڀانئِيان.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 70 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
سَهِسين سِجَنِ اُڀِري چَوراسِيين چَنڊَرنِ،
بِالله ري پِرِينِ، سَڀ اُونداهِي ڀانئِيان.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر کنڀات ص 83 سال 2009 )
سَهسين سِجنِ اُڀِري چوراسِي چَنڊَنِ،
باللهِ ، ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداهِي ڀانِئيان.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو چونڊ ڪلام سر کنڀات ص 29 مهراڻ اڪيڊمي سال 2011 )
سَهسين سِڄَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
بِاللهِ ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀائِيانَ.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70 سال 2013ع )
سَهسين سِڄَن اُڀِري، چوراسِي چَنڊن،
بِاللهِ، ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالوسر کنڀات ص 70سال 2009ع )
سَهسين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،
بِاللهِ رِي پِرِيَنِ، سَڀَ اُنداهِي ڀانئِيانِ.
(عثمان علي انصاري، شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 52 سال 2013ع ثقافت کاتو)
سَهسِين سِجَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊنَ،
بِالله ري پِرين، سڀ اونداهي ڀانِئيان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سر کنڀات ص 64سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
سَهسين سِجن اُڀِري، چوراسِي چَنڊن،
بِالله، ري پرين، سڀ اونداهِي ڀانئيان.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 79 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
سَهسين سجن اڀِري، چوراسي چنڊن،
باللهِ ري پرينِ، سڀ انداهي ڀانئيان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سر کنڀات ص 32 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سجن، سڄن)، (چوراسي)، (بالله، باالله)، (انداهي، اونڌاهي، اونداهي).
الف. سجن، سڄن: جن صاحبن لفظ ”سڄن“ لکيو آهي سي آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي. هنن صاحبن اهو لفظ غلط العام بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ غلط العام لفظ استعمال نه فرمايو مگر لفظ ”سجن“ فرمايو. اهو لفظ گنج شريف ۾ توڙي فقير تاج محمّد نظاماڻي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾، الله داد جنجهي جي ”شاهه جو گنج“ ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي رسالي ص 66 جي اشاعت 2008 ۾ ، لفظ ”سجن“ لکيل آهي.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”سجن“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. لفظ ”سِجن“ سج جو جمع آهي انهيءَ لفظ سج جي معنيٰ آهي ”سيڪ، گرمي، تپش ڏيندڙ “ اهو ئي سبب آهي جو سج سان مناسبت رکڻ واري باهه جي گرمي ۾ سيڪي تيار ڪيل گوشت کي ”سجي“ چئبو آهي.
ب. چوراسي، چوراسيين: هن لفظ جي معنيٰ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ”لغات لطيفي“ ۾ نه لکي آهي. ڊاڪٽر گرُبخشاڻي ترتيب ڏنل رسالي ۾ بيت نمبر 12 ”سهسين سڄن اڀري“ جي معنيٰ نه لکي آهي. ڪلياڻ آڏواڻي معنيٰ لکي آهي ”چوراسي چنڊ اڀرن ته به سائين جو سُنهن ته پرينءَ بنا جيڪر ساري خدائي کي انداهي سمجهان“ (ص 45).
ٻانهي خان شيخ لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ لکي آهي ”چوراسي جو عدد (84)، تمام گهڻو تعداد“ (ص 128 بيت 20)
غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري، به لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ نه لکي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چوراسيين“ لکي معنيٰ رقم ڪئي آهي ”هڪ چوراسي نه مگر گهڻيون چوراسيون“ (ص 83 بيت 12).
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق مٿي ذڪر ڪيل سڀني صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي فرمايل لفظ ”چوراسي“ تي درست تحقيق نه ڪئي بلوچ صاحب لفظ ”چوراسي“ بجاءِ ”چوراسيين“ لکيو. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”چوراسي“ جي معنيٰ انگ (84) نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي انگ چوراسي (84) فرمائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي سوچ اعليٰ ۽ مٿانهين آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”چوراسي“ آهي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ ”چوراسي“ جي حقيقي ۽ اصل معنيٰ آهي، ”چندن“ يعني چنڊ جي چئني طرفن کان روشني، جنهن ۾ چندن جي طرفان پکڙيل روشني وارو حالو جيڪو پوري آسمان ۾ ڦهليل ۽ روشن آهي تنهن کي ”چوراسي چندن“ چئبو آهن.
ت. بالله، باالله: جن صاحبن ”باالله“ لکڻ واري صورت خطيءَ جي غلطي ڪئي آهي سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي جي غلطي هن ڪري ٿا چئون ته باالله جو اشتقاق آهي، با = ب+ا + الله =ا+ل+ل+ا+ه، هن لفظ ”باالله“ ۾ اکر ست (7) اچن ٿا جڏهن ته ”بالله“ لفظ ۾ اکر ڇهه (6) اچن ٿا. هڪ لفظ ”ب“ جو جنهن جي معنيٰ آهي ”قسم“ اهو لفظ ”الله“ کان الڳ آهي تنهنڪري اسان انهن صاحبن جو لفظ درست سمجهون ٿا جن لفظ ”بالله“ لکيو آهي.
ث. اُنداهي، اونڌاهي، اونداهي: قارئين ڪرام! لفظ ”اُنداهي“ قديم اڌ اکري سنڌي وارو لفظ آهي.اصل لفظ ”اونداهي“ آهي، هي لفظ “اونده” لفظ مان نڪتل آهي. لفظ ”اونڌاهي“ ۾ ٻه اکر ”ڌ ۽ هه“ سلاست واري صنعت مطابق نه آهن، زبان تي بارا لڳندا آهن. تنهنڪري اهو لفظ ”اونڌاهي“ لکڻ ادبي عيب آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اهڙو لفظ استعمال ڪري ئي نه ٿو سگهي.
ڪاتب سيّد عبدالعظيم، حضرت ڀٽ جي وفات حسرت آيات کان ڀاروان چاليهه سال پوءِ راوي جي غلط روايت تي غلط العام لفظ ”اونڌاهي“ لکيو قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي علمي لياقت مطابق ”اونداهي“ لکڻ گهرجي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:
[b]سَهسِين سِجَن اُڀِري، چَورَاسِي چَنڊَن،
بِاللهِ رِي پِريَنِ، سَڀَ اونداهِي ڀَانئِيان.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته ڪيترائي ڀيرا سج اڀري ۽ چند پنهنجي چوطرف ڦهليل چانڊوڪي، سان گهڻا ئي دفعا آسمان ۾ اڀري ٿو مونکي پنهنجي سائين مالڪ الملڪ (الله) جو قسم ته مان پنهنجي پرين جي غير حاضري ۾ پنهنجي پرين کان سواءِ اهي سج ۽ چنڊ جون روشنائيون سڀ اونداهي ڀانئيان ٿو. ڇا ڪاڻ ته منهنجي اکين جو نور ته منهنجو محبوب آهي. اهو نه آهي ته منهنجي خيال ۾ سارو جهان اونداهو آهي.