7. سُر گهاتو
سَئسين ساٽئ مُٺَ، سَرُسُڪو، سونگي گَيا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 544سال 1900ع)
جِتي کُورِئو کَاٽُوءِِ تِتي وَارِيَ بُٽَ،
سَرُ سُڪُو سُنکُي کَيَا سهسِِ ساٽي مُٽَ،
سي پِرَپَسِئُوپَٽَ مَارُو وَجَنِ مُوٽِئِا
(سيد عبدالعظيم گنج سُر گهاتو ص 631 ڪتابت 1207 هه اشاعت 1995)
جِتي کُورِوءُ کَاتُو ءِِ تِتي وَارِيَ بُٺَ،
سَئَيس وَارِيَ مُٽَ، سَرُ سُڪُو سُونکِي کَيَا
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 398 سال 1995)
جِتي کهورِئو کهَاتُئين تِتي وَارِيَ بُٿههَ،
سَوين سَاٿِي مُٿههَ سَرُ سُکو سُونکِي کَيَا.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 708 سال 2008ع)
جِتي گهورِيو گهاتُوئين، تِتي واريءَ بُٺَّ،
سَهسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سوُنگي گَيا.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص296 مڪتبه برهان )
جتي گُهورئو گَهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سَرُ سُڪو سُونگِي ڳَيَا، سَهسين سَاٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، مَاڻُهُو وَڃَنِ موٽِئَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 365 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سُوين ساٽِي مُٺَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 606سال 2013)
جتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي وَاريءَ بُٺَ،
سَرُ سُڪُو سونگي گيا، سَهسيَن سَاٽِي مُٺَ،
سي پِڙَ پسِيو پَٽَ، ماڻهو وَڃَنِ مُوٽِيا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ سُر گهاتو ص631سال 1995)
جِتي گهورِيو گهاتُوئين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ،
سَهسين ساٽِي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سوُنگي گَيا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر گهاتو ص 101سال 1994 )
جِتي گُهوريو گهاتُوئين، تِتئ واريءَ بُٺَ،
سَئسين ساٽئ مُٺَ، سَرُ سُڪو، سونگي گَيا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 597 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
جِتي گهورِئو گهاتُئين، تِتي وارِيَ بُٺَّ،
سهسين ساٽِي مُٽَ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 616 سال 1996 )
جِتي گهوريو گهاتُوئين، تِتي واريء بَٺَ،
سئسين ساٽي مَٺَ سُرُسُڪو، سونگي گيا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 751 بااختيار ادارو سال 1994 )
جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي واريءَ بٺ،
سَهسين ساٽِي مُٺ، سُرُ سُڪو، سوُنگِي گَيا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 671 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
جِتي گهورِئو گهاتُئين، تِتي وارِيَ بُٺَّ،
سَهَسين ساٽِي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 298 سال 2013ع روشني)
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واريءَ بٺ،
سهسين ساٽيءَ مٺ، سر سڪو سونگي گيا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 573سال 2009ع مهراڻ)
جتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي واري پَٽ،
سَر سونگي سانگي گِيا، سَهَسِين ساٽي مَٽ،
سي پَٿر پَسيو پٽ، ماڻهو وَڃن موٽيا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر گهاتو ص 424 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واريءَ بٺ،
سهسين ساٽيءَ مٺ، سر سڪو سونگي گيا.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 777 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
جتي گهوريو گهاتوئين، تتي واري بَٺَ،
سَرُ سُڪو سونُگي گيا، سهسين ساٽي مَٺَ،
سي پِڙ ڏِسيو پَٽَ، ماڻهو وڃن موٽيا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 363 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي وارِيءَ بُٺَ،
سَوين ساٽِي مُٺَ، سر سُڪو، سونگِي گَيا.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُرگهاتوص 270سال 2011ع مهراڻ)
نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو،
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هن بيت کي ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن نهايت ئي متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. جن صاحبن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو اڻپورو بيت پنهنجي طرفان ترتيب ڏنل “شاهه جو رسالو” ۾ لکيو آهي سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، غلام مصطفيٰ مشتاق، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، حاجي محمّد سمو، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ ديوان تارا چند.
اسان انهن جي اڻ پوري لکيل بيت کي تحقيق جي دائري کان هن ڪري خارج ڪيو آهي جو انهن جو ٻن مصرعن وارو بيت لکيل آهي. انهن جي مقابلي ۾ اسان سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ، تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ الله داد جنجهي جي بيت کي تحقيقي دائري ۾ شامل ڪيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (بُٺ، پٽ، بُٽ)، (سر سڪو، سر سونگي)، (گيا، ڳيا)، (سئسين، سهسين)، (مُٺ، مَٽ، مُٽ)، (پڙ، پٿر)، (پسيو، ڏسيو، پٽ، پٺ).
الف. بُٺ، پٽ، بُٽ: لفظ ”بُٽ" لکڻ وارو سيّد عبدالعظيم فقير آهي. قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٽ“ اکر کي”ٺ“ اکر جي جاءِ تي به لکيو ويندو هو. تنهنڪري سيّد عبدالعظيم وارو لکيل لفظ ”بُٽ“ کي ”بُٺ“ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ گهرجي. اهو لفظ ”بُٺ“ ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان بيت ۾ لکيو آهي، درست لکيو اٿن ليڪن فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”بَٺَ“ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”پَٽَ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس.
ب. سر سڪو، سر سونگي: قارئين ڪرام! بيت جي ٻي مصرع جو پهريون فقرو سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي ”سر سونگي سانگي“ اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهو فقرو غلط لکيو آهي. اصل فقرو آهي ”سر سڪو سونگي گيا“. اهو فقرو باقي ٻين صاحبن لکيو آهي. جن جو اسان مٿي بيت لکي آيا آهيون.
ت. گيا، ڳيا: فقط ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڳيا“ لکيو آهي. هن صاحب اهو اڻ ڀاوڻو لفظ لکيو آهي. اصل ۽ درست لفظ ”گيا“ ٻين سڀني صاحبن لکيو آهي.
ث. سئسين، سهسين: قديم صورت خطيءَ ۾ اکر ”ء“ حمزي کي ”هه“ هرڻ ۾ ۽ ”هه“ هرڻ کي ”ء“ حمزي ۾ بدلائي لکبو هو.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سئسين“ جي معنيٰ آهي (سئـ + سين) گهڻاسوءَ، سوين. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ توڙي قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”سئسين ۽ سهسين“ لکڻ جائز سمجهيو ويندو هو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ٽن مصرعن وارو بيت لکڻ وارن سڀني صاحبن لفظ سهسين لکيو آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ واري بيت ۾ لفظ ”سهسين“ زياده مناسب ٿيندو.
ج. مُٺ، مَٽ، مُٽ: لفظ ”مُٽ“ سيّد عبدالعظيم فقير قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ٽ“ اکر کي ”ٺ“ اکر بجاءِ اڪثر لکندو رهيو آهي. قارئين ڪرام! اوهان کي مون تي جيڪڏهن يقين نه اچي ته سيّد عبدالعظيم فقير جو لکيل هي بيت پڙهڻ فرمايو:
ڀاياني ٿي ڀور، ”پُٽي“ ڪيچين ڪڪرا
(گنج ننڍو ص 07 سال 1207 هه)
ياد رهي ته جديد صورت خطيءَ ۾ ممتاز مرزا اهو بيت لکيو آهي:
ڀاياڻي ٿي ڀور، ”پُٺي“ ڪيچين ڪڪرا
(گنج جديد سنڌي صورت خطيءِ ص 07 سال 1995 )
سگهڙ الله داد جنجهي لفظ ”مَٽ“ لکيو آهي، غلظ لکيو اٿس. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”مُٺ“ درست آهي اهو لفظ ممتاز مرزا ۽ ٻانهي خان درست لکيو آهي.
ح. پڙ، پٿر: قارئين ڪرام! لفظ ”پٿر“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”پٿر“ بجاءِ لفظ ”پڙ“ بيت ۾ زياده سونهين ٿو. اهو هن ڪري ته جتي ميربحر، ملاح ۽ مهاڻا مڇي اچي گڏ ڪندا آهن. انهي جاءِ کي "پِڙ“ چئبو آهي. ۽ ننڍي تعداد ۾ گڏ ٿيل مڇي واري جاءِ کي پڙي چئبو آهي. اهو لفظ ايامن کان ۽ جڳان جڳ مروّج رهيو آهي جتي چوپايو مال وڪري ۽ خريد لاءِ اچي بيهاربو آهي ان جاءِ کي به ”پڙي“ چئبو آهي ۽ جتي سبزي کي گڏ ڪري واڪ ڏبا آهن ان جاءِ کي به ”پڙي“ چئبو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه مڇي جي وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيڻ واري جاءِ کي اسان جي تحقيق مطابق ”پِڙي“ بجاءِ ”پِڙ“ فرمايو آهي. تنهن ڪري اسان سگهڙ حاجي الله داد جنجهي واري لفظ ”پٿر“ کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ لکڻ مناسب نه سمجهون ٿا.
خ. پسيو، ڏسيو: بيت جي ٽين مصرع جو ٽيون لفظ ”ڏسيو“ فقير تاج محمّد نظاماڻي اسان جي تحقيق مطابق نامناسب لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته توڙي جو الفاظ ”ڏسيو ۽ پسيو“ جي معني ساڳي آهي مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي هي شاعرانه خوبي آهي ته اڪثر بيتن ۾ تجنيس حرفي ۽ تجنيس خطي جو زياده خيال رکيو آهي. منهنجو مامون مرحوم مولوي محمّد عالم فرمائيندو هو ته ”عربي، فارسي، هندي، اردو، سرائڪي ۽ سنڌي شاعرن جو ڪلام اڪثر پڙهيو اٿم جهڙي تجنيس خطي ۽ تجنيس حرفي جو ڪمال حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۾ پڙهيو اٿم اهڙو مثال ڪنهن به ٻي شاعر جي ڪلام ۾ نظر نه آيو آهي“.
د. پٽ، پٺ: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق بيت جي ٽين مصرع جي آخري قافيي وارو لفظ ”پٺ“ هئڻ گهرجي. اهو هن ڪري ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي تحقيق هيٺ آيل بيت جي ٽن قافين منجهان ٻه قافيا ”بُٺ، مُٺ“ ثابت ڪري آيا آهيون ته ٽين قافيي جو لفظ ”پُٺ“ هئڻ گهرجي. اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم به ٽين قافيي کي غلط لکيو آهي. ٻي نمبر تي ممتاز مرزا جو اهو فرض هو ته هُو ٽين قافيي کي ”پُٺ“ لکي ها جيئن پهريان ٻه قافيا ”بٺ، مٺ“ لکيا اٿس.
اسان جي تحقيق مطابق ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت جو ٽيون قافيو درست نه لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ٽين قافيي جي بِه تصحيح ڪئي آهي.
اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.
[b]جِتي گُهورِيو گَهاتُوئين، تِتي وَارِي بُٺَ،
سَرُ سُڪو سونُگي گيا، سهسين ساٽي مُٺَ،
سي پِڙ پَسِيو پُٺ، مَاڻهُو وَڃَنِ موٽِيا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو (سنڌ ۾ زلزلن جي اچڻ کان اڳ) جتي مڇيرن ميربحرن ۽ مهاڻن مڇي مارڻ لاءِ ۽ ماڻهن کي سير ڪرائڻ لاءِ ۽ عوام کي هڪ پتڻ کان ٻي پتڻ تي پهچائڻ لاءِ جتي ٻيڙا ۽ هوڙا پئي هاڪاريا تتي هاڻ واري جا بُٺ ۽ دڙا نظر ٿا اچن.
سر (درياءُ، واهڙ) سڪو پاڻي ختم ٿيو ته حڪمرانن طرفان ڍل ۽ محصول وٺڻ وارا ڪارندا ته هليا ويا ۽ ساٽي توڙي مڇيرا به بيروزگاري سببان زياده مُسجي (مُٺا) ۽ غريب ٿي ويا.
اُهي پڙ جتي مڇين جا انبار لڳندا هئا سي سڄا ڀڙڀانگ، ويران ۽ برباد ڏسي ماڻهو پُٺ تي موٽيا وڃن ٿا.
*****
نَڪا بُوءِ بازار ۾ نَڪا ڇلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀرَنِ جي اڳي هُئي اَکُٽَ،
سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيا.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 545سال 1900ع)
نَڪَا بُوءِ بَازارَ ۾، نَڪَا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀَرِيُنِ جِي، اَڳي هُئِي اَکُٽَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، مَاڻُهُو وَڃَنِ موٽِئَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 365 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
نَڪا بُوءِ بازار ۾ نَڪا ڇُلرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏنڀَرَنِ جِي اَڳي هُئِي اُگَهٽَ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَ، ماڙهُو وَڃنِ موٽِئَا.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 125سال 2009)
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪَا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀِرَنِ جي اَڳي هُئِي اَکُٽَ،
سي پِڙَ پَسيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 606سال 2013)
نَه ڪا بُوءِ بَازار ۾ نَه ڪَا ڇِلر ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀرينِ جِي، اڳي هُئِي اگهٽ،
سي پڙ پَسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃَنِ مُوٽيا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ ص631سال 1995)
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇُلرَ ڇَٽَّ،
جِتي ڏنڀِرِيَنِ جِي، اَڳي هُئِي اُکُٽُّ،
سي پِڙَ پَسِيو پَٽَّ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر گهاتو ص 280سال 1994 )
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلُر ڇٽ،
جتي ڏَنڀِرَن جي اڳي هُئي اَکُٽ،
سي پَڙِ پَسئو پَٽَ، ماڙُهو وڃن موٽيا.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 598 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
نڪا بوءِ بازارِ ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَّ،
جِتي ڏَنڀَرِيَنِءَ جِي، اَڳي هئي اَکُٽّ،
سي پِڙَ پَئسو پَٽّ، ماڙهُو وَڃنِ موٽئَا.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 616 سال 1996 )
نَڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇَلَر ڇَٽ،
جتي ڏنڀرن جي اڳي هُئي اکُٽ،
سي پَڙ پَسئو پَٽَ، ماڙهُو وڃن موٽيا.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 751 بااختيار ادارو سال 1994 )
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾ نَڪا ڇِلر ڇَٽ،
جِتي ڏَنڀرين جِي، اَڳي هُئِي اُکٽ،
سي پڙ پَسِئو پَٽ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِئا.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 671 سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَڪا ڇِلُرَ ڇَٽَّ،
جِتي ڏَنڀَرَيَنِ جِي، اَڳي هُئِي اُکٽَّ،
سي پِڙَ پَسِئو پَٽَّ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِئا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 298 سال 2013ع روشني)
نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
جتي ڏنڀرن جي، اڳي هئي اکٽ،
سي پڙ پسيو پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 573سال 2009ع مهراڻ)
نڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇِلَر ڇَٽ،
جِتي ڏَنڀِيرن جي، اَڳي هئي اُگُهٽَ،
سي پَٿر پسيو پٽ، ماڻهون وَڃن مَوٽِيا.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر گهاتو ص 424 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
نڪا بوءِ بازار ۾، نڪا ڇلر ڇٽ،
جتي ڏنڀرن جي اڳي هئي اَکٽ،
سر پڙ پسيو پٽ، ماڙهو وڃن موٽيا.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 777 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
نڪا بُوءِ بازار ۾، نَڪا ڇلر ڇَٽَ،
جتي ڏنڀرن جي، اڳي هُئي اَکُٽَ،
سي پِڙ ڏسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃنِ موٽيا.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر گهاتو ص 363 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
نَڪا بُوءِ بازارِ ۾، نڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀِرَنِ جي، اڳي هُئِي اَکُٽَ،
سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُرگهاتوص 270سال 2011ع مهراڻ)
نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏنڀرن، ڏڀرين، ڏنڀرين، ڏنڀيرن)، (اُگهٽ، اکٽ).
الف. ڏنڀرن، ڏڀرين، ڏنڀرين، ڏنڀيرن: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”ڏنڀرن“ استعمال ڪيو آهي سي صاحبان آهن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، عثمان علي انصاري، ديوان تارا چند، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي، ڏانو جي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن لفظ ”ڏنڀرن“ مناسب نه لکيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڏنڀرين“ بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. اهو هن ڪري ٿا چئون ته فقير محمّد عرف بگو ميربحر (مرحوم) منهنجي اوطاق جي سامهون رهندو هو هنئر فوت ٿي ويوآهي. جنهن مونکي ٻڌايو هو ته ڏنڀرا نر ۽ ڏنڀريون ماديون ٿينديون آهن. جڏهن ٻنهي جنسن کي پڙ يا پٽ تي واڪن ڏيڻ وقت رکيو ويندو هو ته انهن کي هڪ جنس ”ڏنڀرين“ ڪوٺيو ويندو هو. ڇا ڪاڻ ته ڏنڀرا تعداد ۾ گهٽ ۽ ڏنڀريون زياده ٿينديون آهن.
اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، ٻانهون خان شيخ، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي لفظ ”ڏنڀرين“ درست لکيو آهي.
سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ڏنڀيرن“ لکيو آهي اسان ڀانئيون ٿا ته سگهڙ صاحب به لفظ ”ڏنڀرين“ لکيو مگر ڪمپوزر جي غلطي سببان لفظ ”ڏنڀيرن“ لکجي ويو.
ب. اُگهٽ، اکٽ: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”اُگهٽ“ لکيو آهي. ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”اُگُهٽ“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جنجهي صاحب جو لکيل لفظ ”اُگُهٽ“ بيت ۾ لکڻ مناسب نه ٿو لڳي. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل لفظ ”اُگَهٽ“ مناسب آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جا ٻه قافيا ”ڇٽ ۽ پٽ“ آهن ته بيت جو ٽيون قافيو به ”گَهٽ“ هئڻ گهرجي ۽ نه ”گُهٽ“.
جن صاحبن لفظ ”اکُٽ“ لکيو آهي تن به درست لفظ نه لکيو آهي ڇا ڪاڻ ته بيت ۾ استعمال ٿيل پهريون قافيو آهي ”ڇٽ“ ۽ بيت جي ٽين مصرع جو قافيو آهي ”پٽ“. انهي حالت ۾ بيت جي ٻي مصرع جو قافيو ”گهٽ“ هئڻ گهرجي اسان جي تحقيق مطابق فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت جي ٻي مصرع جو قافيو برابر لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن غلط لکيو آهي.
اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.
[b]نڪا بُوءِ بَازارَ ۾، نَڪا ڇِلُر ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀرِيَن جِي، اَڳي هُئي اُگَهَٽَ،
سِي پِڙَ پسيو پَٽَ، ماڻهو وَڃنِ موٽِيا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سون ورني سنڌ جي هڪ ان شهر ۾ وڃي پهتو جيڪو برباد ۽ ويران ٿي چڪو هو. اُتي بيهي فرمايائون ته اها بازار جتي مڇي گهڻي تعداد ۾ وڪامندي هئي ۽ جنهن بازار ۾ مڇي جي ڇلرن جو ڇيهه ئي نه هوندو هو تتي ڇلر نظر نه ئي نه ٿا اچن.
جنهن هنڌ بي انداز ڏنڀرن ۽ ڏنڀرين جو وڪرو ٿيندو هو. اهي پِڙ ۽ پٽ جتي مڇي (ڏنڀرين) جا واڪ لڳندا هئا، مڇي خريد ڪري وڃي ميربحر مرد ۽ عورتون مختلف شهرن، ڳوٺن ۽ بازارن ۾ وڪڻندا هئا انهن پَٽن، پِڙن ۽ سڃي بازار کي ڏسي ماڻهو موٽيا ٿا وڃن.