لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

12. سُر ڪارايل

ويٺو جِئَن وماسئَين، حيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لطيف چئي، اڇي ساڻ آراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏئو هنجُ حبِيب کي.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص648سال 1900ع)

ويٺُو جِهِِ وِمَاسِي، حَيرَتَ پَوءُ مَهَانِ،
لَلَنِکي لَطِيفُ چي، اڇَي سَانُ اَراَنِ،
ڪَنکَنِ لَٿِي ڪَانِ، کَڏِوءُ هَنجُه حَبِيبَکي.


(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 480)

ويٺو جِيئَن وِمَاسِيين، حَيرَتَ پَوءُمَ هَاڻِ،
لَلَنِ کي لطيف چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪَاڻِ، گڏِئو هَنجِ حَبِيبَ کي.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 553سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ويٺو جيئن وماسين، حيرتَ پَئو مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي ساڻ آڙاڻِ،
ڪنگنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِيو هنجُ حبِيبَ کي.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص 833سال 1995 )

ويٺو جِئَن وماسيين، حيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي سان آراڻِ،
ڪنگنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حبِيبَ کي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 655سال 2013)

ويٺو جِئن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُه مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لطِيفُ چَئي اَڇي سان آراڻِ،
ڪَنگنِ لَٿي ڪاڻِ، گَڏئو هَنجُهه حَبِيبَ کي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص156سال 2009)

ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرَتَ پَوءُ مَ هَاڻِ،
لَلَنِ کي، لَطِيفُ چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪَاڻِ، گَڏِيو هَنجُ حَبِيبَ کي.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪارايل ص 300سال 1994 )

ويٺو جئن وماسئين، حَيرَتَ پَوءُ مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لطِيفُ چئي، اَڇي ساڻ آراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏيو هَنجُ حَبِيبَ کَي.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص714مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ويٺو جِئن وِماسئَين، حيرت پوءُ مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لطيف چئَي اَڇي ساڻ آراڻِ،
ڪَنگنِ لَٿي ڪاڻِ، گَڏيو هَنجُ حَبِيبَ کي.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 910بااختيار ادارو سال 1994 )

ويٺو جِئَن وِماسِئين، حَيرتَ پَئو مَ هاڻ،
لَلَنِ کي لَطِيف چَئي، اَڇي سَاڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص693سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

ويٺو جئن وماسئين، حيرت پوء مَ هاڻ،
لِلن کي لطيف چئي، اَڇن ساڻ آراڻ،
ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 689سال 2009ع مهراڻ)

ويٺو جيئن وِماسيين، حيرت پَوءُ مَ هاڻ،
لَلَنِ کي لطيف چئي، اڇي ساڻ اَراڻِ،
ڪنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هَنجهه حبيب کي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 449سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

وِيٺو جيئن وِمَاسَئين، حَيرت پَئوم هاڻ،
لَلَن کي لطيف چئي، اَڇي سان آراڻ،
ڪنگن ٿي ڪاڻ، گڏيو هنجهه حبيب کي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪارايل ص 527سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

وِيٺو جِنءَ وِماسِيين، حَيَرتَ پومَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص408سال 2013ع روشني)

ويٺو جئن وماسئين، حيرت پَو م هاڻ،
للن کي، لطيف چئي، آڇن سان آراڻ،
ڪَنگن لٿي ڪاڻ، گڏيو هنج حبيب کي.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 963سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ويٺو جِئَن وماسِيين، حيرَتَ پَوء م هاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چي، اَڇي سان آراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.


(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 303سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پئـُه، پَوءَ، پوء، پو، پوءُ، پئو، پيءُ)، (آراڻ، اَراڻ)، (ٿي، لٿي، لَٿِس).

الف. پئـُه، پَوءَ، پوء، پو، پوءُ، پئو، پيءُ: قارئين ڪرام! لفظ ”پئو“ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. گنج شريف جي ڪاتب ته (ص 833) لفظ ”پيءُ“ لکيو مگر ممتاز مرزا لفظ ”پئو“ غلط لکيو. غلط هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هڪ وياڪل ۽ اداس للي يعني هنج کي مخاطب ٿي بيت فرمايو آهي ۽ نه گهڻن هنجن کي مخاطب ٿي خطاب ڪيو. تنهنڪري جن صاحبن لفظ ”پئهُ، پيءُ، پوءُ“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اسان لفظ ”پئهُ“ کي اهميت هن ڪري ڏني آهي جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ اهو لفظ مروج هو تنهنڪري سيّد عبدالعظيم بيت ۾ استعمال ڪيو. جن صاحبن اهو درست لفظ لکيو آهي سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ديوان تارا چند ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

ب. آراڻ، اَراڻ: لفظ ”آراڻ“ جن لکيو تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست لکيو آهي. ۽ جن لفظ ”اَراڻ“ لکيو تن درست نه لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”آراڻ“ جو اصل لفظ ”آر“ آهي ۽ لفظ ”آر“ جي معنيٰ آهي ”پسند يا وڻند“. اسان تحقيق ڪري معلوم ڪيو آهي ته لفظ ”اَراڻ“ . ڊاڪٽر محمّد عالم سومري جي بيت ۾ لکيل آهي پروف ريڊر جي سهو سببان لفظ ”آراڻ“ بجاءِ ”اَراڻ“ لکجي ويو ٿو ڀانئجي.

ت. ٿي، لٿي، لَٿِس: لفظ ”ٿي“ سگهڙ حاجي الله داد جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان انهي لفظ جي غلطي کي پريس جي غلطي سمجهون ٿا ۽ نه سگهڙ صاحب جي. مگر پڙهندڙن لاءِ ته لفظ ”ٿي“ مغالطي جو باعث آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”لٿي“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ديوان تارا چند، ٻانهي خان شيخ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، سيّد عبدالعظيم، باگي جي ڏاني جي، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومري لکيو آهي. اسان انهن سڀني صاحبن جي لفظ کي غلط قرار هن ڪري ڏيون ٿا جو هنن صاحبن جي سوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جي مضمون واري روح تائين نه پهتي هنن صاحبن مصرع لکي آهي.

ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.

هن مصرع جي معنيٰ ڪو به صاحب لکي ته هي ٿيندي. ”ڪنگن جي ڪاڻ لٿي هنج پنهنجي حبيب سان وڃي مليو“.
قارئين ڪرام! انهيءَ معنيٰ جي ڀيٽ ۾ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو خيال هي آهي ته ڪنگن کان هنج جي ڪاڻ لٿي اڳي ڪنگن جي هنج ڪاڻ ڪڍندو هو، ڪاڻانڊو هوندو هو. مگر هاڻ هنج جي ڪنگن کان ڪاڻ لٿي. اهو خيال ذهن ۾ رکي جڏهن اسان مختلف رسالن جو مطالعو ڪيو ته علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالي جي مطالعي دوران اسان کي ص 693 تي بيت جي ٽين نهايت ئي درست مصرع لکيل نظر آئي هن مصرع ۾ لفظ لَٿِس لکيل آهي:

ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻ، گَڏِيو هَنجُهه حَبِيبَ کي.


تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.

[b]ويٺو جِئَن وِمَاسِيين، حيرَتَ پَئُه مَ هاڻِ،
لَلَنِ کي لَطِيفُ چئي، اَڇي سان آراڻِ،
ڪَنگَنِ لَٿِس ڪاڻِ، گَڏِئو هَنجُ حَبِيبَ کي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي للا (هنج) تون حيران ٿيو ويٺو آهين. ائين وياڪل ٿي نه ويهي رهه تون اجايو هت ڪنگن جي ڪاڻ ٿو ڪڍين پاڻ کي سڃاڻ تون ته هنج آهين، ٻين هنجن جي ته اڇي، ۽ اُجري آب سان الفت ۽ آراڻ آهي. ته تون به اڇي ۽ نرمل جل سان جيءُ جوڙ.
وڌيڪ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته آخرڪار هنج اڇي آب جي تلاش ۾ اڏاميو ته وڃي منزلِ مقصود تي پهتو يعني سُرهي سَر واري پاڻي تي پهتو. ڪنگن جي ڪاڻ ڪڍڻ کان بچي پيو ۽ جنهن جي حب هُيس اُن سان وڃي هيڪاندو ٿيو.

*****

ڪَاري ڪُرُّ لَڃي، جِي اَنَ ڪَجَارِئو کَاءِ،
ڃَاڙِئَا اَنَّدَرِ ڃَڀَـ۾، کُجُو ٿو کالاَءِ،
اُتِِ اُو سَامَاءِ جِتِ رَتِي نَاهي ريجَ جِي.

(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ڪارايل ص 844سال اشاعت 1995ع )

ڪَاري ڪُرُ لڄي، جِي اَڻَ ڪَڄَاڙِئو کاءِ،
ڄَاڙِيَان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهَاءِ،
اُتي اُو سَامَاءِ، جِتِ رَتِي نَاهِه ريجَ جِي.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 565سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ڪَاري ڪُرُ لڄي، جِي، اَنَ ڪَڄَاڙيو کاءِ،
جهاڙيان اندر ڄِڀ ۾، ڳجهو ٿو ڳالهاءِ،
اُتين او ساماءِ، جت رَتي ناهي ريجَ جي.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص 844سال 1995 )

ڪاري ڪُرُ لَڄي جي اَڻَ_ ڪَڄاڙئو کاءِ،
ڄاڙئان اَندرِ ڄِڀَ ۾ ڳُجهو ٿو ڳالهاءِ،
اُتي اُو سَاماءِ، جِتِ رَتِي ناهي ريجَ جي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص158سال 2009)

نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت، ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو.
حاجي محمّد سمي، ديوان تاراچند، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، محمّد عثمان ڏيپلائي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، باگي جي ڏاني جي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو.
هي بيت گنج شريف ۾ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ به لکيل آهي. ٻانهي خان شيخ به پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيو آهي. تنهنڪري هن بيت جي لفظن تي تحقيق ڪرڻ مناسب سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (اَڻَ، اَنَ)، (ڪَڄاڙيو، ڪُڄاڙيو)، (ڄاڙيان، جاڙئان، جهاڙيان)، (اُتي، اُتِِ، اُتين) (جِتِ، جت)

الف. اَڻَ، اَنَ: قارئين ڪرام! سيّد عبدالعظيم ابوالحسن سنڌي واري قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ گنج جي ڪتابت ڪئي ته ان ۾ تحقيق هيٺ آيل بيت جي پهرين مصرع جي پنجين لفظ ”اَڻَ“ کي ”اَنَ“ لکيو. ممتاز مرزا به شاهه صاحب جي تقليد ڪندي لفظ ”اَنَ“ لکيو، غلط لکيائين. ممتاز مرزا کي جديد صورت خطيءَ مطابق لفظ ”اَڻَ“ لکڻ گهربو هو. ٻين سڀني مرتبن ۽ محققن لفظ ”اَڻ“ لکيو آهي.

ب. ڪَڄاڙيو، ڪُڄاڙيو: صورت خطيءَ جي لحاظ کان هي ٻه لفظ الڳ صورت خطيءَ ۽ الڳ معنيٰ وارا آهن. اسان لفظ ”ڪُڄاڙيو“ کي هن ڪري غلط قرار ڏيون ٿا ته ”ڪُڄاڙيو“ ٽن لفظن جو مرڪب لفظ آهي (ڪ+ڄاڙ+يو = ڪڄاڙيو). جنهن جي معنيٰ آهي ”خراب ڄاڙي وارو يا بد زيبي کاڏي وارو يا ڦريل کاڏي وارو“. سنڌيڪا لغت جو (ص 270 ) ڏسو ”ڄاڙ = ڄاڙي، ڄاڙ ڦرڻ = ٻوٿ ڦرڻ، منهن ڦرڻ“ ۽ لفظ ڄاڙي جي معنيٰ آهي وات ۾ هيٺين ڏندن ۽ ڏاٺن واري هڏي.
اهو لفظ گنج شريف ۾ ”ڪجارئو“ لکيل آهي. قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ک“ ۽ ”ڪ“ استعمال ٿيندو هو. ڪاتب ”ک“ اکر ۽ ”ڪ“ اکر به استعمال ڪندا هئا ۽ ”ڻ“ اکر به قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ “ن“ ۽ ”ر“ اکرن جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. اسان جي تحقيق موجب لفظ ”کِجاڻيو“ کي گنج شريف جي ڪاتب ”ڪجارئو“ لکيو جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کِجاڻيو“ لکبو.
اسان جي تحقيق مطابق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ ۽ ممتاز مرزا لفظ ”ڪُڄاڙيو“ غلط لکيو آهي.

ت. ڄاڙيان، ڄاڙئان، جهاڙيان: لفظ ”جهاڙيان“ ممتاز مرزا نهايت ئي غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته جهاڙين اندر ڄڀ نه ٿيندي آهي، مگر ڄاڙي اندر ٿيندي آهي.
لفظ ”ڄاڙيان ۽ ڄاڙئان“ ٻيئي صورت خطيءَ ۾ ته مختلف لکيل آهن پر معنيٰ ۾ به مختلف آهن. لفظ ”ڄاڙئان“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي.
”ڄاڙئان“ جي معنيٰ آهي، ”ڄاڙ وٽان، ڄاڙ يا ڄاڙ کان“ مگر ”ڄاڙيان“ لفظ ڄاڙي جو جمع آهي هن جي معنيٰ آهي ”ڄاڙين کان“. ٻانهي خان شيخ جي خيال مطابق ڪارو نانگ ٻن ڄاڙين جي وچان زبان ڪڍندو آهي ۽ نه هڪ ڄاڙي وٽان.
قارئين ڪرام! ٻانهي خان شيخ درست لفظ لکيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ ”چاڙئان“ کي غلط هن ڪري ٿا چئون ته ڄاڙيون ٻه ٿينديون آهن ۽ نه هڪ ڄاڙي ٿيندي آهي.

ث. اُتي، اُتِِ، اُتين (جِتِ، جت): قارئين ڪرام! لفظ ”اُتي“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن لفظ نامناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هنن ئي صاحبن بيت جي ٽين مصرع ۾ لفظ ”جِتِ“ لکيو آهي ته پوءِ هنن کي ٽين مصرع جو پهريون لفظ ”اُتِ“ لکڻ گهربو هو. هنن لفظ ”اُتي“ لکيو آهي.
ممتاز مرزا لفظ ”اُتين“ لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته هن صاحب کي گنج شريف ۾ لفظ ”اُت“ جي هيٺان ٻه زيرون نظر آيون اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم کان سهو وچان ”ت“ جي هيٺان ٻه زيرون اچي ويون. جيڪڏهن سيّد عبدالعظيم جي مرضي لفظ ”اُتين“ لکڻ واري هجي ها ته پوءِ لفظ ”جت“ جي هيٺان به ٻه زيرون ڏئي ها. مگر زيرون نه ڏنائين، ان منجهان اسان ثابت ڪيو آهي ته سيّد عبدالعظيم لفظ ”اُتِ“ ۽ لفظ ”جِتِ“ لکڻ چاهيو. اسان جي تحقيق مطابق بيت جي ٽين مصرع ۾ الفاظ ”اُتِ“ ۽ ”جتِ“ مناسب آهن.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]ڪَاري ڪُرُ لَڄي، جِي اَڻَ کِجَاڻِيو کَاءِ،
ڄَاڙِيان اَندَرِ ڄِڀَ ۾، ڳُجهو ٿو ڳالَهَاءِ،
اُتِ اُو سَامَاءِ، جِتِ رَتِي نَاهِه ريجَ جِي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ٿر، بحر، بر، جهنگ، جهر ۽ جبل جهاڳي ۽ پنڌ ڪري گهمي ڦري ٻي معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ هي به معلوم ڪيو ته ڪارو نانگ (ڪاريهر) جنهن کي واسينگ نانگ به چيو ويندو آهي سو ٻين نانگن کان هڪ خصلت ۾ نيارو ٿئي ٿو. ٻيا نانگ هر ويجهي ايندڙ ساهدار کي ڏنگ هڻندا آهن مگر ڪارو نانگ بغير ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ کِجائڻ جي ڪڏهن به ڏنگ نه هڻندو آهي جيڪڏهن بغير ڇيڙڻ جي ڏنگ هڻي ته سندس ڪُر ۽ ڪٽمب کي مهڻو ۽ طعنو لڳندو.
ڪارو نانگ پري کان ڄاڙين اندران ڊگهي زبان (ڄڀ) بار بار ڪڍي هي ياد ڏياريندو آهي ته آئون واسينگ نانگ آهيان جيڪڏهن ڪو مونسان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو ۽ مونکي کجائيندو ته آئون کيس ڏنگ هڻي پنهنجي زهر وسيلي ختم ڪري ڇڏيندس.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ وڌيڪ فرمائي ٿو ته ڪاري نانگ جي پيدائش واري جاءِ نهايت ئي خشڪ ۽ سڪل زمين ۾ ٿيندي آهي جتي ذري ڀر به ريج يا پاڻي جو ڦڙو به نه ٿيندو آهي تنهنڪري ڪاري نانگ ۾ زهر زياده ٿيندو آهي هن نانگ جي مقابلي ۾ پاڻي واري نانگ ۾ موت مار زهر نه هوندو آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ وضاحت سان ڪاري نانگ جي ڄمڻ واري جاءِ جو بيان به فرمايو آهي.

*****


ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَءٌ ، سُسَرِ سَاکَاهيجّ،
هَنجَّ هُتِي جِي کَالَرِي، ٻَکَنِسِِ مَٻُولَيجُ،
مَاري تُن مَريجُ، چَئِجِه مَڪَڇهِِ چُجَسنِِ .

(سيد عبدالعظيم گنج سُر ڪارايل ص 837)

ڪسر ڪنگن قبرون، سسر ساڱاهيج،
هنجهه، هتيجي ڳالَهڙي ٻَگهنِ مَ ٻوليجِ،
ماڻي تون مِريج، چئج م ڪنهِين چُهِنج سين.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص649سال 1900ع)

ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَءٌ ، سُسَرِ سَانکَاهيجُ،
هَنجَ هُتي جِي کَالَڙِي، مَٻَکَنِسِِ ٻُولَيجُ،
مَاني تُون مَريجُ چَئُجُ مَڪَڇهِ چُهجهَ سِِ.

(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 480)

ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَروُن، سُسَرِ سَاڱاهيجِ،
هَنجَ، هُتي جِي ڳَالَهَڙِي، ٻَگهَنِ مَ ٻوليجِ،
ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنهِين چُنجَ سين.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 544سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ڪسر ڪنگن قبرون، سسرُ ساڱاهيجُ،
هَنجهَه! هُتي جِي ڳالهڙي، ٻِگهنِ سين مَ ٻوليج،
ماڻي، تُون مَريجِ، چئجِ مَ ڪنهِيَن چُنجَ سين.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ڪارايل ص837سال 1995 )

ڪُسَرِ ڪَنگنِ قَبَروُن، سُسَرِ ساڱاهيجِ،
هَنجَ، هُتي جِي ڳَالَهڙِي، ٻَگهَنِ مَ ٻولِيجِ،
ماڻي تُون مَريجِ چَئِجُ مَ ڪَهِن چُهِنجَ کي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 656سال 2013)

ڪُسَرِ ڪَنگنِ قَبَروُن، سُسَرِ ساڱاهيجِ،
هَنجَهه، هُتي جي ڳَالَهڙِي ٻَگنِ مَ ٻوليجِ،
ماڻي تُون مَريجُ چَئِجُ مَ ڪَهِين چُهنجَ سيِن.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل سنڌ ثقافت کاتو ص155سال 2009)

ڪَسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
هَنجَ! هِتيجي ڳالَهڙي، ٻَگَهنِ مَ ٻوليج،
ماڻي، تُون مُڙيج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهِنجَ سين.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪارايل ص 215سال 1994 )

ڪُسرَ ڪَنگَنِ قَبِرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
هَنجَ هُتيجي ڳَالَهڙي، ٻَگَهنِ مَ ٻولِيج،
ماڻي، تُون مُڙيج، چَئج مَ ڪَنهِين چُهِنجَ سين.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص715مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڪَسَن ڪنگن قبرون، سُسر ساڱاهيج،
هنج، هتيجي ڳالهڙي ٻُگهنِ م ٻوليجِ،
ماڻي تون مِڙيج، چئج م ڪنهِين چهِنج سين.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 911بااختيار ادارو سال 1994 )

ڪَسَر ڪَنگَن قَبروُن، سُسر ساڱاهيج،
هَنجهه، هِتي جِي ڳالهڙي، ٻَگُهنِ م ٻوليجِ،
ماڻي تُون مِريج، چئج مَ ڪنهِين چُهنج سين.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص694سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

ڪُسر ڪنگن قبرون، سُسَر ساڱاهيج،
هنج! هُتي جي ڳالهڙي ٻگهن مَ ٻوليج،
ماڻي تون مڙيج، چڻج مَ ڪنهن چُهج سين.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 690سال 2009ع مهراڻ)

ڪُسَرِ ڪنگن قبرون، سُسَرُ ساڱاهيج،
هنجهه، هُتي جي ڳالهڙي، ٻگهنِ سين م ٻوليج،
ماڻي تون مريج، چئج مَ ڪنهين چُهنب سين.

(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 447سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

ڪَسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ ساڱاهيج،
هَنجَ! هُتيجِي ڳالَڙِي، ٻَگَهَنِ مَ ٻوليج،
ماڻي تُون مُڙيج، چَئِيج مَ ڪَهِين چُهِنجَ سين.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص408سال 2013ع روشني)

ڪُسر ڪنگن قبرون، سسر ساڱاهيج،
هنج! هُتي جي ڳالهڙي، ٻگهن مَ ٻوليج،
ماڻي تون مڙيج، چڻج مَ ڪنهين چُهج سين.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪارايل ص 963سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

نوٽ. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر ڪارايل نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ غلام مصطفي مشتاق اهو بيت نه لکيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪُسن، ڪسر) (ساڱاهيج، سانکَاهيج)، (ٻگهن مَ، ٻگهن سين مَ، مَٻَکَنِسِِ، ماري، ماڻي، ماڙي)، (مريج، مُڙيج، مِريج)، (چئج، چڻج)، (چهج، چنج، چهنب، چهنج)، (سين، کي)

الف. ڪُسن، ڪسر: ”شاهه جو رسالو“ جي ٻين ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن بيت ۾ لفظ ”ڪُسر“ لکيو آهي. مگر شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ۾ لکيل بيت جو پهريون لفظ ”ڪسن“ لکيل آهي. اسان اها لفظي غلطي شمس العلماءَ جي نه مگر پروف ريڊر جي سهو ۽ غلطي سمجهون ٿا.

ب. ساڱاهيج، سانکَاهيج: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري، محمّد عثمان ڏيپلائي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، ۽ باگي جي ڏاني جي لفظ ”ساڱاهيج“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين صاحبن زيرِ بحث لفظ تي تحقيق نه ڪئي مگر هڪ ٻئي جي تقليد ۽ توثيق ڪندا آيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ اهم ترين لفظ جي معنيٰ نه لکي. ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي. ”تون سـڃاڻج“ يعني هٿ ڪج. (ص 544).
شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ بيت ۾ لفظ ”ساڱاهيج“ لکيو مگر لغات لطيفي جي ص 363 تي لفظ ”سانگاهڻ“ لکيل آهي، معنيٰ لکيل اٿس ”رهڻ“.
غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”ساڱاهيج“ جي معنيٰ نه لکي آهي. علامه قاسمي لفظ ”ساڱاهيج“ جي معنيٰ ”رهج“ لکي آهي غلط لکي اٿس. اسان ثابت ڪيو آهي ته ”ساڱاهيج“ لفظ لکڻ وارن ڌڪي تي معنيٰ لکي آهي.
قارئين ڪرام! اسان کي مٿي ذڪر ڪيل صاحبن جو لفظ ”ساڱاهيج“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ائين لڳو جئن بخمل جي چولي ۾ کاڌيءَ واري ڪپڙي جو ٽڪرو ڳنڍيل هجي. تنهن ڪري اسان قديم قلمي نسخن ۽ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيل رسالن جومطالعو ڪيو. حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي جي ص 480 تي به اسان کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل اصل اهو لفظ مليو جيڪو سيّد عبدالعظيم به لکيو آهي. مصرع ملاحظه فرمايو:

ڪُسَرِ ڪَنکَنِ قَبرَُ‘، سُسَرِ سَانکَاهيجُ

هن مصرع ۾ لفظ ”سانکاهيج“ لکيل آهي اهو لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”سانگاهيج“ لکڻ گهرجي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ جا ڪاتب، ”گ“ اکر کي ”ک“ اکر ۾ تبديل ڪري لکندا هئا. اهو هن ڪري ته عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”گ“ اکر نه هو. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:

قَيدُ المَاءُ ٿِوُء مِ هِتِ اَڙَانکِي کَارِيَان (ص 421)

هي مصرع جديد صورت خطيءَ ۾ لکبي:
قَيدُ المَاءُ ٿيوم هِتِ اَڙَانگي گَهارِيَان

قارئين ڪرام! لفظ ”ساڱاهيج“ ، ”سانگاهيج“ ۽ ”ساڃاهيج“ الڳ الڳ صورتن ۽ معناعن وارا الفاظ آهن .
ياد رهي ته! لفظ ”سانگ“ جي لڙهي منجهان ٺهندڙ ڪجهه لفظ آهن. ”سانگو، سانگاهڻ“. لفظ ”سنڱ“ الڳ لفظ آهي جنهن جي لڙهي منجهان ڪجهه لفظ هي ٺهن ٿا. ”سنڱيڻو، سنڱ بند، سنڱاهڻ، سنڱاهيج“ لفظ سنڱاهيج جي معنيٰ آهي سنڱ ڪج، مٽي مائٽي ڪج، رشتيداري ڪج. اهو لفظ ”سانڱاهيج“ حضرت ڀٽ ڌڻيء جي تحقيق هيٺ آيل بيت ۾ هرگز نه ٿو سونهين.
لفظ آهي ”ساڃهه“ انهي منجهان الفاظ ٺهن ٿا ”ساڃاهه، ساڃاهيج“. هن لفظ ”ساڃاهيج“ جي معنيٰ آهي، ”سڃاڻ رکيج“.
لفظ ”سانگاهيج“ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏياريل جامع سنڌي لغات جلد 4 ص 1549 تي نظر وجهو ته اوهان کي ”سانگ پوڻ“ جي معنيٰ ”سانگو پوڻ، سفر تي وڃڻ“ پڙهڻ ۾ ايندا ۽ ساڳي صفحي تي ”سانگ وڃڻ“ لکيل نظر ايندو جنهن جي معنيٰ لکيل آهي. ”سانگي يا ڪنهن سبب کان ٻاهر وڃڻ“.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ لفظ ”سانگ“ جي لڙهي منجهان لفظ ”سانگاهيج“ فرمايو هيو مگر محقق حضرات کي سمجهه ۾ نه آيو تنهنڪري لفظ ”سانگاهيج“ بجاءِ ”ساڱاهيج“ لکي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو حُليو ئي بدلائي ڇڏيائون.

ت. ٻگهن مَ، ٻگهن سين مَ، مَٻَکَنِسِِ، : اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”ٻگهن سين مَ ٻوليج“ لکيو يا ”مَ ٻگهن سين ٻوليج“ لکيو تن جي انهي لکيل فقري ۾ ماترائون وڌن ٿيون، مگر ”ٻگهن مَ ٻوليج“ فقري جون ماترائون بيت ۾ نه ٿيون وڌن اسان جي تحقيق موجب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ ديوان تاراچند دُرست فقرو لکيو آهي.
ث. ماڻي، ماڙي: جن صاحبن لفظ ”ماڻي“ لکيو تن درست لفظ لکيو ڇا ڪاڻ ته لفظ ”ماڻي“ جي هڪ معنيٰ هي به آهي جيڪا هن بيت سان مناسب لڳي ٿي سا معنيٰ آهي ”حاصل ڪري“. ۽ جن صاحبن لفظ ”ماڙي“ لکيو آهي تن غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ماڙي“ جي معنيٰ ٻانهي خان شيخ ”صبر ڪري“ لکي آهي.
قارئين ڪرام! هنج صبر ڪري ته ڇا جي ڪري؟ ۽ ڇو صبر ڪري؟ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته ان کي فرمايو ته ڪُسر وٽان سانگ ڪري اڏامي سُسَر طرف وڃ ۽ سُسَر کي وڃي ماڻ ۽ حاصل ڪر.

ج. مريج، مُڙيج، مڙيج: غلط لفظ ”مِڙيج“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
ٻيو غلط لفظ ”مُڙيج“ لکڻ وارا صاحبان آهن، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ باگوجي ڏانو جي. مطلب ته لفظ ”مُڙيج ۽ مِڙيج“ مٿي ڄاڻايل صاحبن بيت ۾ غلط استعمال ڪيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج پکي کي فرمايو ته ڪنگن جون ڪُسر ۾ قبرون آهن. تون به ته هِت ڪُسر ۾ رهين ٿو. تنهنڪري ڪسر کان ”سانگ“ ڪري وڃي سُسر ۾ زندگي گذار، ۽ اُتي وڃي مريج ته جئن تنهنجي قبر به سُسر ۾ ٿئي.
ح. چئج، چڻج: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج پکيءَ کي فرمايو ”سُسر سانگاهيج“، ۽ سُسر ”ماڻي تون مريج“ ۽”چئج نه ڪنهين“. مگر محمّد عثمان ڏيپلائي الفاظ ”چڻج نه“ غلط لکيا ته باگي جي ڏاني جي به ان جي تقليد ڪئي.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هنج کي موتي چوندي کائڻ کان ته نه روڪيو. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ” چڻج مَ“ لکيو تن به غلط الفاظ لکيا.
خ. چهج، چنج، چهنب، چهنج: مُرتبن ۽ مُحققن جدا جدا لهجي وارا لفظ لکيا آهن. انهن منجهان اصل لفظ ”چُنج“ آهي اهو لفظ سيّد عبدالعظيم لکي هي ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ لفظ ”چنج“ مروج هو ڪو صاحب متان هي اعتراض ڪري ته سيّد عبدالعظيم ”چُجَسنِِ“ لفظ لکيو آهي ته ان لاءِ جواب هي آهي ته قديم ڪاتب وچون ”ن“ جو اکر اڪثر مخفي رکندا هئا. لکندا ”چج“ ڳالهائيندا ۽ پڙهندا ”چنج“ هئا.
د. سين، کي: لفظ ”کي“ فقط عثمان علي انصاري نامناسب لکيو آهي نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج کي نصيحت فرمائي ته سُسَر ۽ ڪَسُر واري فرق جي ڳالهه ٻگهن ۽ ڪنگن سان مَ ڪريج ڳالهه ته زبان سان ڪبي آهي هنج کي زبان سان راز کولڻ جي منع ڪئي وئي تنهنڪري الفاظ ”چنج سين“ جن لکيو تن درست لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]ڪُسَر ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرِ سانگاهيج،
هَنجَ! هُتي جِي ڳالَهڙِي، ٻَگَهَنِ مَ ٻوليج،
ماڻي تُون مَريج، چَئِج مَ ڪَنهِين چُنج سين.[/b]

معنيٰ: اي هنج تون ڪنگن ۽ ٻگهن سان هت ڪُسر (خراب ۽ بدبوءِ دار پاڻي واري تلاءُ) تي رهيو پيو آهين هي ته ڪنگن جي جئڻ ۽ مرڻ واري جاءِ آهي تون هتي زندگي نه گذار. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج کي هي به صلاح ڏئي ٿو ته سُسر جو نرمل جل ۽ پاڪ پاڻي ڪئن آهي؟ ۽ ڪيترو صاف آهي؟ اها ڄاڻ ۽ معلومات ٻگهن ۽ ڪنگن کي هرگز نه ڏيج. اِهي انهيءَ صلاح جي لائق نه آهن.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هنج جي دل ۽ دماغ ۾ اتساهه ۽ شوق پيدا ڪندي فرمايو ته ڪُسر کان سانگ ڪري اُڏامي وڃي سُسر جي سر زمين ماڻ ۽ اُتي ئي مريج.