13. سُر ڏهر
خَالِقَ تُهِجَي خَاندِ جُو، پَرُو پاَندُ نَڪُوءِ،
جَا مُن ٻِئَا دَرَ ڏوُرئَا تَان تُو دَرَجِهُونَڪُوءِ،
نَالُو رَبَّ سَندُوءِ، رَهِئُو اٰهيِ رُوحَـ۾.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 376)
اَللّهُه جَنهِن نَالو، تِنهِن مُون وڏو آسِرو،
خَاوَندَ جي کهاندِ جو، پَاندُ نَه کو پاسو،
نالو رَبَّ سَندوءِ، رَهِئو آهِي رُوحَ مين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص665 سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئن مون وَڏو آسَرو،
خَلق تُنهِنجي کَانڌِ جو، پَرو نَه پَاندُ ڪوءِ،
نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص513سال 1900ع)
اَللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مَاون وَڏو آسَرو،
خَاوَندَ تُنهِنجِيءَ کَانڌِ جو، پَرو نَه پَاندُ ڪو،
نَالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِي رُوحَ ۾.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 233سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
الله جيئن نالوءِ، تيئن مان وَڏو آسرو،
خاوندَ تنهنجي کاند جو پَرو نه پَاندُ ڪُو،
نالو رَبَّ سندوءِ، رَهيُو آهي روحَ ۾.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ سُر ڏهر ص650سال 1995 )
اَللهَ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
خَالِقَ تُهِنجِي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 640سال 2013)
اَللهُ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
خَالِقَ تُنهِنجِيءَ کانڌَ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهي روُحَ ۾.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڏهر سنڌ ثقافت کاتو ص160سال 2009)
اَللهَ جِئَن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
خَالَقَ! تُنهِنجِيءَ کاندِ جو، پَرو پَاندُ نه ڪوءِ،
نالو رَبّ! سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڏهر ص 39سال 1994 )
اَللهُ جِئن نالوءِ، تِئَن مُون وَڏو آسِرو،
خَالَقَ تُنهنجِيءَ کاندِ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَبّ سَندوءِ، رهيو آهِمِ رُوحَ ۾.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص563مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
الله جِئَن نالوءِ، تِئَن مون وڏو آسرو،
خالقُ تُنهنجِي کاند جو پَرو پَاندُ نَڪوءِ،
نالو رَبّ سَندوءِ، رَهيو آهِمِ روح ۾.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 703بااختيار ادارو سال 1994 )
اَلله جِئن نالوءِ، تِئَن موُن وَڏو آسرو،
خالِق! تُنهنجِي کاند جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَب سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص650 ادبي بورڊ 1993 )
اَلله جِئَن نالوءِ، تِئَن موُن وَڏو آسرو،
خَالِق! تُنهنجِي کانِد جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَبَّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص450سال 1995 )
الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،
خالق تنهنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 540سال 2009ع مهراڻ)
الله جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
خالق تنهنجيءَ کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهي روح ۾.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 338سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
الله جيئن نالو، تيئن مُون وَڏو آسرو،
خَاوند تُنهنجي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪو،
نالو رَب سندو، رَهيو آٿم روح ۾.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڏهر ص 404سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اَللهَ جِنءَ نالوءِ، تِنءَ مُون وَڏو آسَرو،
خَالِقَ تُهِجي کاندِ جو، پَرو پَاندُ نَه ڪوءِ،
نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ رُوحَ ۾.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص421سال 2013ع روشني)
الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو،
خالق! تهنجي کانڌ جو، پرو پاند نه ڪوءِ،
نالو رب سندوءِ، رهيو آهم روح ۾.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 733سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
اَلله جِئن نالوءِ، تِئن مُون وَڏو آسرو،
خَالِقَ تُنهِنجِي کانڌ جو، پَرو پَاندُ نه ڪُوءِ،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَهِيو آهِمِ روُحَ ۾.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 293سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
نوٽ. فقط حاجي محمّد سمي چئن مصرعن وارو بيت لکيو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو ٽن مصرعن وارو بيت حقيقي آهي ۽ نه چئن مصرعن وارو. باقي ٻين صاحبن به ٽن مصرعن وارو بيت لکيو آهي.
ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر ڏهر نه لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جيئن، جئن، جنءَ، جـهِِ، جنهن)، (تئن، تنءَ، تئين، تنهن) (نالو، نالوءِ)، (خالق، خاوند)، (کانڌ، کاند، خاند، کهاند)، (پرو نه پاند ڪو ، پرو پاند نه ڪو، پاند نه کو پاسو، پرو پاند نه ڪوءِ)، (سندو، سندوءِ)، (آهي، آهم، اٿم)
الف. جيئن، جئن، جنءَ، جـهِِ، جنهن: جن صاحبن ”جيئن، جئن، جنءَ“ الفاظ لکيا آهن تن صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع سمجهه ۾ ئي نه آئي. اها راءِ هن ڪري ٿا ڏيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”جَنهِن“ فرمايو. اهو لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ انهي صورت ۾ لکرايو جنهن صورت ۾ اسان لکيو آهي . اسان ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي لکيل لفظ ”جنهن“ کي اکين تي رکيو، ذهن ۾ سمايو، دل سان هنڍايو ۽ سيني سان لڳايو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو ڪمال ته ڏسو لفظ ”جنهن“ فرمائي الله پاڪ جي ذات مقدس کي پوري ڪائنات جي ”اِلاهن“ سان ڀيٽي ثابت ڪيو ته ٻنهين جهانن ۾ (اِلاهه) يعني معبود ته ماڻهن جهالت سببان گهڻا ۽ بي حساب ٺاهيا آهن مگر منهنجو ته معبود فقط اهو اِلاهه آهي جنهن جو اسم پاڪ ”الله“ آهي.
ب. تئن، تنءَ، تئين، تنهن: قارئين ڪرام! ٻين ٽن لفظن تي بحث هن ڪري نه ٿا ڪريون ته انهن ٽنهي لفظن کي ليکڪن غلط لکيو آهي فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ئي پنهنجي مقرر ڪيل ڪاتب کان درست لفظ ”تنهن“ لکرايو. کيس جس هجي.
ت. نالو، نالوءِ: قارئين ڪرام! لفظ ”نالو“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق انهن ٻنهي صاحبن لفظ مناسب نه لکيو آهي. هنن کي لفظ ”نالوءِ“ لکڻ گهربو هو ڇا ڪاڻ ته پهرين مصرع جو ٽيون لفظ بيت جو پهريون قافيو آهي ۽ ٻيا قافيا ”ڪوءِ ۽ سندوءِ“ آهن ۽ باقي ٻين صاحبن بيت جو پهريون قافيو ”نالوءِ“ درست لکيو آهي.
ث. خالق، خاوند: لفظ ”خاوند“ لکڻ وارا صاحبان آهن. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ ممتاز مرزا.
ممتازا مرزا هن ڪري لفظ ”خاوند“ لکيو جو گنج شريف ۾ به لفظ ”خاوند“ لکيل آهي، ٻانهي خان شيخ تحقيق نه ڪئي مگر گنج شريف جي لکت جي تقليد ڪندي لفظ ”خاوند“ لکيو.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه بيت ۾ الله پاڪ جي اسم ذات (الله) فرمائڻ کان پوءِ اسماءِ صفات منجهان لفظ ”خالق“ فرمايو اسان لفظ ”خالق“ کي لفظ ”خاوند“ تي هن ڪري اهميت ڏيون ٿا جو حضرت ڀٽ ڌڻي هن بيت ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ کي ٻنهي جهانن جو خلقيندڙ ۽ قيامت تائين انهي دستور کي قائم رکڻ ۽ ان بعد قيامت قائم ڪرڻ واري هستي طور مڃيو آهي ۽ لفظ ”خاوند“ جي معنيٰ ”مڙس، مالڪ ۽ ڀوتار“ به آهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”خاوند“ ته مالڪي ڏيکاري ٿو. اهو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي علم جو ڪمال آهي جو الله تعاليٰ جي اعليٰ ترين حيثيت تسليم ڪرائڻ لاءِ خاص لفظ خالق بيت ۾ فرمايائين ۽ نه خاوند.
ج. کانڌ، کاند، خاند، کهاند: لفظ ”کهاند“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ اردو لپي ۾ لکيل آهي. سندي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”کاند“ لکبو.
جن صاحبن لفظ ”کاند“ لکيو سي صاحبان آهن فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ٻانهو خان شيخ.
جن صاحبن ”کانڌ“ لفظ لکيو سي آهن، غلام مصطفي مشتاق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگوجي ڏانو جي ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي.
قارئين ڪرام! مٿين ٻنهين ادبي ٽولن جي لکيل لفظن تي اسان چڱي طرح تحقيق ڪري هن نتيجي تي پهتا آهيو ته سترهن ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي لفظ ”خاند“ سمجهه ۾ ئي نه آيو. جيڪڏهن اهو لفظ کين سمجهه ۾ اچي ها ته لفظ ”کانڌ ۽ کاند“ بيت ۾ هرگز نه لکن ها.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”کاند“ جي معني لکي آهي برداشت، سهڻ جي طاقت (ص 160).
ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”تحمل بردباري“ (ص 233).
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”کاند“ جي معني لکي آهي ”حلم“ (ص 563).
شمس العلماءَ مرزا قليچ ”کاند“ لفظ جي معنيٰ نه لکي آهي.
غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”کاند“ جي معنيٰ لکي ”تحمل ۽ بردباري“ (ص 421).
قارئين ڪرام! لفظ ”کاند“ جي معنيٰ واقعي آهي ”تحمل، بردباري، صبر ۽ برداشت وغيره“. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”کاند“ ته ڪو نه فرمايو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ته اسان جي تحقيق موجب لفظ ”خواند“ فرمايو ۽ فقط حاجي محمّد سمي لفظ ”خواند“ بجاءِ لفظ ”خاند“ لکيو اسان انهي کي هن ڪري درست سمجهون ٿا جو لفظ ”خواند“ کي انهيءَ صورت خطيءَ ۾ لکبو مگر پڙهبو آهي ”خاند“.
قارئين ڪرام! اسان هن لفظ ”خواند“ کي درست قرار هن ڪري ڏنو آهي ته لفظ ”خواند“ جي معنيٰ آهي علم ۽ ڄاڻ. ۽ لفظ ”خوانده“ چئبو آهي ان ماڻهو کي جيڪو علم جو ڄاڻو هجي.
تصديق لاءِ اوهان جامع لغات سنڌي ص 1160 ۽ فيروزالغات ص 558 جو مطالعو ڪري سگهو ٿا.
سنڌيڪا لغت جي ص 341 تي لفظ ”خواندگي“ لکيل آهي. قارئين ڪرام! علم ڄاڻڻ واري خوبي (خواندگي) ٻنهي جهانن جي خالق کي ايتري ته وسيع ترين آهي جنهن جو ڪو ڇيهه ئي نه آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”خواند“ استعمال ڪيو.
قارئين ڪرام! اسان جي لفظ ”کاند“ تي جڏهن نظر پيئي ته اسان الله تعاليٰ جي ”کاند“ واري صفت کان بنهه انڪار ڪيو آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جهڙو وڏو عالم ڪئن الله پاڪ کي ”کاند“ واري خوبي جو مالڪ تسليم ڪندو؟ قرآن پاڪ ۾ نوح عه جي قوم جو غرق ٿيڻ، عاد ۽ ثمود جي قومن جو تباهه ٿيڻ فرعون جي قوم جو درياءَ ۾ ٻُڏي مرڻ اِهي مثال ثابت ڪن ٿا ته الله پاڪ ”کاند“ جو نه مگر ”خواند“ جي خوبي جو صاحب آهي.
ح. پرو نه پاند ڪو ، پرو پاند نه ڪو، پاند نه کو پاسو، پرو پاند نه ڪوءِ: قارئين ڪرام! ”پرو نه پاند ڪو“ فقري ۾ هڪ خامي آهي. ٻي مصرع جو آخري لفظ ”ڪوءِ“ لکڻ گهرجي. هن فقري جو لکڻ وارو سگهڙ حاجي الله داد جنجهي آهي. ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ جي رسالي ۾ فقرو ”پاند نه ڪو پاسو “ (ص 665) تي پڻ غلط لکيل آهي.
اسان جي تحقيق مطابق ”پرو پاند نه ڪوءِ“ درست فقرو لکيل آهي. انهي فقري لکڻ وارا صاحبان آهن، حاجي محمّد سمون، فقير تاج محمّد نظاماڻي، باگو جي ڏانو جي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، محمّد عثمان ڏيپلائي. غلام محمّد مصطفيٰ مشتاق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارا چند ۽ ڪلياڻ آڏواڻي.
خ. سندو، سندوءِ: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”سندو“ لکيو آهي. هن کي لفظ ”سندوءِ“ لکڻ گهربو هو. ڇا ڪاڻ ته بيت ٽن قافين وارو آهي سندس پهريون قافيو آهي ”نالوءِ“ ٻيو فاقيو آهي ”ڪوءِ“.
د. آهي، آهم، اٿم: هن بيت ۾ ڪن صاحبن لفظ ”آهي“ ڪن ”آهم“ ۽ ڪن ”اٿم“ لکيو آهي. اسان لفظ ”آهي“ ۽ ”اٿم“ بجاءِ ”آهم“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]اَلله جَنهِن نالوءِ، تنهن مُون وَڏو آسَرو،
خَالِقَ تُنهِنجي خاند جو، پَرو پَاندُ نَه ڪوءِ،
نَالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آهِم رُوحَ ۾.[/b]
معنيٰ: هن ساري سنسار ۾ (گاڊ (god، لات، منات، عزا، رام، ڪرشن، ايشور، نرنڪار، اونڪار، زرتشت، عيسيٰ عه ۽ ٻين انيڪ اسمن وارا ”اِلاهه“ ۽ معبود ماڻهن ٺاهيا ۽ مڃيا آهن. مگر ”الله“ جنهن جو نالو آهي تنهن عظيم ترين هستي جو مون کي ڏڍ ڀروسو ۽ آسرو آهي.
تنهن (الله) جي هڪ خوبي هي به آهي ته هو سموري خِلقت جو خالق به آهي. تنهن خالق جي علم (خواندگي) جو ڪو ڇيهه ۽ پرو پاند به نه آهي. سندس علم اٿاهه ، لاحد ۽ بي حساب آهي.
اي منهنجا ربّ تنهنجو اسم مبارڪ (الله) منهنجي روح ۾ هر هر هُري ٿو، دمبدم تنهنجو نالو ئي منهنجي روح ۾ رهيل رچيل ۽ بسيل آهي.
*****
جي تُون اوڏَ طَلَبَيين تِئَان هِتِ نَه ڪوءِ،
وِئَا لاکي لَوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا،
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 265سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
جي تون اوڏَ طَلَبَئِين تِئان هِت نه ڪو،
وِئا لاکي لوءِ، سَنجهي نَهِي ٽَنگڙا.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڏهر سنڌ ثقافت کاتو ص164سال 2009)
نوٽ. هي بيت گنج شريف ۾ لکيل نه آهي. ڪاتب حاجي محمّد سمي به نه لکيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به نه لکرايو آهي. ڊاڪٽر گُربخشاڻي اهو سُر نه لکيو آهي ۽ باقي ٻين شاهه جو رسالو جي مرتب ۽ محقق حضرات جن جا بيت اسان اڳ ۾ لکندا رهيا آهيون تن به اهو بيت نه لکيو آهي. اسان هن بيت ۾ هڪ قافيي ۽ ٽن لفظ کي نامناسب سمجهيو آهي. تنهنڪري اسان کي تحقيق ڪرڻي پيئي آهي. تحقيق ڪرڻ جو ٻيو سبب هي به آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ حتمي تحقيق جو شاهڪار چيو ٿو وڃي ۽ ٻانهي خان شيخ جو ترتيب ڏنل رسالو به پنهنجي مٽ پاڻ سمجهيو ٿو وڃي. تنهنڪري اڪثر ماڻهو انهن جي ترتيب ڏنل رسالن کي پڙهن ٿا. انهن ٻنهي صاحبن بيت کي متنازعه بڻائي لکيو آهي. تنهن ڪري تنقيد ۽ تحقيق ڪرڻي پيئي آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (طلبيين، طلبئين)، (تئَان)، (ڪو، ڪوءِ)، (ٽنگي، نهي)
الف. طلبيين، طلبئين: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”طلبئين“ لکيو آهي. اهو لفظ اسان کي لفظ ”طلبيين“ جي مقابلي ۾ نامناسب لڳي ٿو. نامناسب هن ڪري ٿو لڳي ته قديم سنڌي لوڪ ٻٽي ”يي“ کي لفظ ۾ استعمال ڪندا هئا ۽ جديد دور ۾ به اڪثر ڳالهائڻ وارا ۽ لکڻ وارا لفظ ”طلبيين“ زياده پسند ڪن ٿا.
ب. تئَان: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ بيت جي پهرين مصرع جو پنجون لفظ ”تئَان“ اسان جي تحقيق موجب غلط لکيو آهي اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”تئَان“ جي معنيٰ آهي، ”تنهن هنڌان، تنهن هوندي“ (سنڌيڪا لغات ص 178). هنن صاحبن کي لفظ ”تنئان“ لکڻ گهربو هو. لفظ ”تن+ئان“ جي معنيٰ آهي، ”تن منجهان“.
ت. ڪو، ڪوءِ: افسوس سان لکڻو ٿو پوي تهڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت جي پهرين مصرع جو قافيو ”ڪو“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڪو“ مناسب نه لکيو اٿس. مگر ٻانهي خان شيخ درست لفظ ”ڪوءِ“ لکيو آهي. اهو لفظ ”ڪوءِ“ درست هن ڪري چئون ٿا ته بيت جي ٻئي مصرع جو قافيو آهي ”لوءِ“. اهو ٻيو قافيو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ”لوءِ“ لکيو آهي. تنهنڪري ڀٽ ڌڻيءَ جي هن بيت ۾ لفظ ”ڪوءِ“ بيت جي پهرين قافيي طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي لکڻ گهربو هو.
ث. ٽنگي، نهي: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”نهي“ لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ لکي اٿس ”نهڻ = ٻڌڻ (ص 164). اسان اوڏن کي ڏٺو آهي ته اوڏ پنهنجو گهرو سامان ٻڌندا به آهن مگر انهن جو سامان ٻڌل ڪو گهٽ ڏسندو آهي . مگر بيت ۾ اهو ڏيکاريو ويو ته اوڏ سامان ٽنگڙڻ ۾ رکي اهي ٽنگڙ گڏهن جي ٻنهي پاسن تي ٽنگيندا آهن. تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل لفظ بيت ۾ نامناسب لڳي ٿو. مگر ٻانهي خان شيخ جا لکيل الفاظ ”ٽنگي ٽنگڙا“ نهايت ئي مناسب آهن.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.
[b]جي تُون اوڏَ طَلَبَيين تَنئَان هِتِ نَه ڪوءِ،
وِئَا لاکي لَوءِ، سَنجهي ٽَنگي ٽَنگِڙا،[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي اوڏن کي ڳوليندڙ ۽ طلبيندڙ آدمي توکي جن اوڏن جي طلب تات ۽ ڳولا آهي تن منجهان (تنئان) ڪو به اوڏ هت نه آهي. اهي سمورا اوڏ پنهنجو سڄو سامان ٽنگڙن ۾ وجهي ٽنگڙن کي گڏهن تي رکي کين لڙڪائيندا هتان لاکي جي لوءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.
*****