لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

5. سُر سامونڊي

نه سي تڙ اوطاقَ، نه وايون وڻجارن جون،
سَرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،
مارينم فراقَ، پاڙيچيون پِرين جا.

(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 93 سال 1900ع)

نَسي تَرِ خُورَاڪَ، نَوَايُ‘ وَنَجِارَنِجِيُ‘،
ا ٰيَل سَانُمون ڊِيَنِجَا، اڃَهُ پُن چِڪِئَمِ چَاکَ،
مَاريدَمِ فِرَاقَ، پَاريچِيُ‘ پِريَنجَا.

(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 60 سال 1900ع)

نَه سي تَڙِ نهَ اوطَاقَ، وَائي وَٺِجَارَنِ جِي،
سَرتيُون سَامُونڌرِنِ جا اَڄُ پُنُ چِکِيَمِ چَاکَ،
مَارِيمِ هِنَ فِرَاقَ پَاڙيچُون پرِيَنِ جي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 121 سال 2008ع)

نه سي تڙ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون!
سَرتيُون ساموُنڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪيَمِ چاڪَ،
ماريِنِمِ فِراقَ، پاڙيچيوُن پِريُنِ جا.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 79 مڪتبه برهان )

نه سي تڙ خُرَاڪَ، نَه وَايُون وَڻِجَارَنِ جُون!
سَرِتِيُون سَاموُنڊِيَنِ جَا، اَڄُ پَڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
ماريِنِهون فِرَاقَ، پَاڙيچيُون پِرِيَنِ جَا.

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 186 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

نه سي تڙ هوڙاۡڪَ، نه وايون وڻجارَن جيون،
سَرَتِيون! سامونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻ چِڪَئَمِ چاڪُ،
مارِينِهون فِراقَ، پاڙيچيُون پِريَن جا.

(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 208سال 1996ع)

نَه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتِيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينم فِراقَ، پاڙيچون پِريَنِ جي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص96 سال 2013)

نه سي تَڙَ خُراڪَ، نه وايون وَڻجارنِ جيون،
سَرتَيون! سامونڊيَن جا، اَڄُ پڻ چڪيمَ چاڪَ،
مارينِهُون فراقَ، پَاڙيچيون! پِريَنِ جا.

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص295سال 1995)

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جون!
سَرتيُون! سامُونڊين جا، اَڄُ پڻ چِڪِيِمِ چاڪَ،
مارِيِنِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون! پِريَنِ جا.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سامونڊي ص 280سال 1994 )

نه سي تڙ اوطاقَ، نه وَايُون وڻجارن جون!
سَرتيُون! سامونڊين جا اَڄ پڻ چڪيم چاڪَ،
مارينم فراق، پاڙيچيوُن! پريَنِ جا.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 123 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

نه سي تڙ اوطاقَ، نه وايون وڻجارن جون،
سَرتيون سامونڊين جا اڄ پڻ چِڪيم چاڪ،
مارينم فراقَ، پاڙيچيون پِرين جا.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 119 بااختيار ادارو سال 1994 )

نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻِجارَنِ جوُن!
سَرتِيُون ساموُنڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪيَمِ چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيون پِريَن جا.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 318 ادبي بورڊ 1993 )

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جِيُون!
سَرَتِيُون سامُونڊرِين جا، اَڄُ پُڻ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِيِنم فِراقَ، پاڙيچِيُون پِرينِ جا.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 104سال 2009 سنڌ ثقافت)

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نه وايوُن وَڻِجارَنِ جيون!
سَرَتِيُون ساموُنڊيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِئَمِ چاڪَ،
ماريِنِهُون فِراقَ، پاڙيچيوُن پِريَنِ جا.

(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 94 سال 2013ع روشني)

نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون!
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 112سال 2009ع مهراڻ)

نه سي تَڙَ هوڙاڪ نه وايُون وَڻجهَارن جون!
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پُڻ چِڪِيم چاقُ،
مارينيئون فِراق، پاڙيچيون پِرين جا.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سامونڊي ص 87 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

نه سي تڙ اوطاق، نه وايون وڻجارن جون!
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينم فراق، پاڙيچيون پرين جا.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 125 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

نه سي تڙ خوراڪ، نه وايون وڻجارن جيون!
سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
مارينِهون فراق، پاڙيچيون پرينءِ جا.

(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 55 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻجارَنِ جُون!
سَرَتِيُون سامُونِڊِيُنِ جا، اَڄُ پُڻُ چِڪَيِمِ چاڪَ،
مارِينمِ فِراقَ، پاڙيچُون پِريَنِ جي.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سامونڊي ص 46 سال 2011ع مهراڻ)


تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (نه اوطاق، اوطاق، هوڙاڪ، خوراڪ، خراڪ)، (وايون، وائي)، (جون، جيون، جي)، (سرتيون، اَيل)، (سامونڊرين، سامونڊين)، (چڪيم، چڪئم)، (چاڪ، چاق)، (مارينم، مارينيئون، مارينهون، ماريندم، ماريم هن)، (جي، جا)

الف. نه اوطاق، اوطاق، هوڙاڪ، خوراڪ، خراڪ: فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”نه اوطاق“ الفاظ لکيا آهن. ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگو جي ڏانو جي لفظ ”اوطاق“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جي لکيل لفظن سان حضرت ڀٽ ڌڻيء رحه جي بيت جو ڪو تعلق نه آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جو تعلق وڻجارِي، وڻجاري، تڙ ٻيڙن ۽ ٻيڙين سان آهي. وڻجارو واپار ڪري اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ئي ونّي سان گذاريندو ۽ مال واپارڻ لاءِ بازار ايندو ويندو هو. اسان جيڪڏهن ”اوطاق“ لفظ درست سمجهون ته پوءِ ٻين صاحبن جي بيت ۾ لکيل لفظ ”خوراڪ، خراڪ ۽ هوڙاڪ“ جي اهميت نه رهندي حالانڪه بيت ۾ اصل لفظ جي وڏي اهميت آهي. رهيو لفظ ”خراڪ، خوراڪ“ لفظ جو ته اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن ڇا ڪاڻ ته، ٻيڙي يا ٻيڙين کي ”خراڪ يا خوراڪ“ نه چئبو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڪنهن به سنڌي لغت ۾ الفاظ ”خراڪ، خوراڪ“ جي معنيٰ ٻيڙي ياٻيڙو نه آهي. مگر ٻيڙي ۽ ٻيڙين کي ”هوڙو يا هوڙا“ چئبو آهي.
قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”هوڙاڪ“ جي معنيٰ درست لکي آهي. هوڙاڪ جي معنيٰ آهي ٻيڙي هلائڻ وارو، مانجهي يا ناکئو. ٻين صاحبن ”هوڙاڪ“ لفظ جي معنيٰ ٻيڙي يا ٻيڙو غلط لکي آهي.

ب. وايون، وائي: لفظ ”وائي“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي. هن صاحب اهو لفظ اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”وائي“ کان پوءِ خود ڊاڪٽر صاحب لفظ ”وڻجارن“ لکيو آهي، وڻجاري جو جمع لفظ لکيو آهي. ”وائي“ فقط هڪ وڻجاري جي ٿيندي ۽ نه وڻجارن جي. وڻجارن جون ته ”وايون“ ٿينديون. درست لفظ ”وايون“ آهي.

ت. جون، جيون، جي: اسان مٿي ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لفظ ”وائي“ بيت ۾ غلط استعمال ڪيو آهي. اهڙي طرح لفظ “جي” به لفظ ”وائي“ جي نسبت سان هن لکيو آهي، جيڪو نامناسب آهي. باقي جن صاحبن لفظ ”جيون“ لکيو آهي. اهو لفظ قديم ڪاتب استعمال ڪندا هئا. مگر اڪثر ماڻهون ڳالهائڻ وقت لفظ ”جون“ استعمال ڪندا هئا. ان جو ثبوت هي آهي ته قديم دور ۾ سنڌي ماڻهو لفظ ”جون“ ڳالهائيندا هئا تنهن ڪري ئي جديد صورت خطي ۾ لفظ ”جون“ لکڻ مناسب سمجهيو ويو.

ث. سرتيون، اَيل: قارئين ڪرام! لفظ ”اَيل“ حاجي محمّد سمي ڪاتب لکيو آهي. هن کان اڳوڻي ۽ قديم ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير گنج شريف ۾ لفظ ”سرتيون“ لکيو آهي ۽ سمي صاحب جي هم عصر اديب ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به لفظ ”سرتيون“ لکيو آهي. تنهنڪري اسان حاجي محمّد سمي جي لکيل لفظ ”اَيل“ کي تحقيقي اعتبار کان مناسب نه ٿا سمجهون.

ج. سامونڊرين، مامونڊين: لفظ ”سامونڊرين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت ۾ لکيو آهي. هن صاحب اهو لفظ غلط استعمال ڪيو آهي. اسان غلط هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته اهو لفظ خالص ”اتراڌي“ لهجي وارو آهي، هي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي لهجي مطابق نه آهي.

ح. چڪيم، چڪئم: لفظ ”چڪئم“ قديم صورت خطيءَ ۾ اڪثر لکيو ويندو هيو. اهو لفظ به غلط نه آهي مگر ”چڪيم“ لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ هاڻ زياده مروّج آهي.

خ. چاڪ، چاق: لفظ ”چاق“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق هي لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ بنهه مناسب نه ٿو لڳي. ڇا ڪاڻ ته لفظ ”چاق“ جي معنيٰ آهي ”تندرست، چڱوڀلو“ .(سنڌيڪا لغت ص 281). ۽ لفظ ”چاڪ“ جن صاحبن لکيو آهي تن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي.

د. مارينم، مارينيئون، مارينهون، ماريندم، ماريم هن: فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ”ماريم هن فراق“ الفاظ لکيا آهن.
الفاظ ”مارينم فراق“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام مصطفيٰ مشتاق، باگوجي ڏانوجي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.
الفاظ ”ماريندم فراق“ فقط حاجي محمّد سمي لکيو آهي. (ص 60)
الفاظ “مارينيئون فراق” فقط سگهڙ الله داد جنجهي لکيو آهي.
الفاظ ”مارينهون فراق“ سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيا آهن.
قارئين ڪرام! قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ڪي ڪاتب ”ء“ الف حمزو جي جاءِ تي ”هه“ ۽ ڪي وري ”هه“ جي جاءِ تي ”ء“ الف حمزو استعمال ڪندا هئا. شاهه جو گنج ۾ الله داد جنجهي ص (87) لفظ ”مارينيئون“ لکيو آهي. ۽ سيّد عبدالعظيم گنج جي ڪاتب (ص 295) تي لفظ ”مارينــ هُ‘“ لکيو آهي. جنهن جي جديد صورت خطيءَ ۾ ٽرنسليٽ ”مارينهون“ ٿئي ٿي.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”مارينهون“ (مارين+هون =مون)لکيو آهي تنهن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”مونکي مارين“ ۽ لفظ ”مارينم“ جي معنيٰ به ”مونکي مارين“ ٿئي ٿي. 1853ع واري الفابيت مطابق لفظ ”مارينم“ مناسب سمجهي رائج ڪيو ويو جنهن ڪري ديوان تارا چند، سڀ کان پهريائين سن 1900ع ۾ شاهه جو رسالو قديم صورت خطيءَ مان جديد صورت خطيءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ته ان صاحب لفظ ”مارينم“ لکيو. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ به ”مارينم“ لکيو. مگر اسان اصل ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ ”مارينهُون“ کي ترجيح ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل آهي.

ذ. جي، جا: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، عثمان علي انصاري، غلام مصطفي مشتاق الفاظ ”پرين جي“ استعمال ڪيا آهن، هنن صاحبن اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَجي بيت۾نامناسب استعمال ڪيا آهن.
مگر لفظ ”جا“ درست آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته لفظ فراق واحد توڙي جمع ۾ استعمال ڪرڻ هن ڪري جائز آهي ته لفظ فِراق عربي ٻولي جي گرامر مطابق جمع به آهي ۽ واحد به آهي ڇا ڪاڻ ته اهو لفظ عربي ٻولي ۾ مصدر ليکيو ويندو آهي ۽ جيڪو شاعر جمع ۾ استعمال ڪندو ته پوءِ ان جي معنيٰ ٿيندي گهڻو فراق ۽ گهڻيون جدائيون.

اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

[b]نَه سي تَڙِ هوڙاڪَ، نَه وايُون وَڻجارَنِ جُون!
سَرَتِيُون سامُونِڊِيُنِ جا، اَڄُ پُڻُ چِڪَيِمِ چاڪَ،
مارِينهُون فِراقَ، پاڙيچُون پِريَنِ جا.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته وڻجارِي سرتين کي اچي پنهنجي درد جي ڪٿا ۽ ڪهاڻي ٻڌائيندي چوي ٿي ته اهي هوڙاڪ ۽ ناکئا جيڪي سمنڊ جي تڙ ۽ بندر تي هئا سي هليا ويا ۽ وڻجارا به وهي ويا، هليا ويا. نه اهي هوڙاڪ آهن ۽ نه وڻجارن جون وايون آهن. اي جيڏيون سرتيون سامونڊين جي جدائي جا اڄ چاڪ چڪن ٿا. اي پاڙيچيون هتان هلي ويل وڻجارن ۽ هوڙن هلائيندڙ هوڙاڪ ۽ ناکئن جي جدائي سندم جيءُ کي جهوري جهوري ماري ڇڏيندي.

*****

ڏِٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنبا هيا،
انکي مند اُتر جي اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 105 سال 1900ع)

ڏِٺِي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَهَه سَنبَا هِئَا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجَارَنِ وَائِي، آهي پَرِيين پَارَ جِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 211 سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)

ڏٺِي ڏيارِي، سامُنڊيَنِ سِڙَهه سنبا هِيا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچتِي آئي،
وڻجارَنِ وائِي، آهي پَريين پارَ جِي.
(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 216سال 1996ع)

ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيَنِ سِڙهَه سَنباهِئا،
اُنَ کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچِتي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائي، آهي پرئِين پارَ جي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص110 سال 2013)

ڏٺي ڏياري، سامونڊيَن سڙَه سَنباهئا،
اُنَ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچتيِ آئَي،
وَڻجارنِ وائي، آهي پَريين پارَ جَي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي۾ ص300سال 1995)

ڏِٺي ڏِياري، سامُونڊُينِ سِڙهَ سَنباهِيا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جي، اوچِتي آئي،
وَڻَجارنِ وائي، آهي پَرِئين پارَ جي.

(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سامونڊي ص 144سال 1994 )

ڏِٺي ڏيارِي، سامونڊِيَنِ سِڙَهه سَنبا هِيا،
اُنکي مُندَ اُتر جي اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پَرئين پارَ جي.

(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 136 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
انکي مدد اُتر جي اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 134 بااختيار ادارو سال 1994 )

ڏِٺِي ڏِياري، سامونڊِيَنِ سِڙَه سَنباهِيا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرِيين پار جي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 330 ادبي بورڊ 1993 )

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِرينِ سِڙَهه سَنبا هِيَا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَريين پارَ جِي.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 104سال 2009 سنڌ ثقافت)

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُنڊِيَنِ سِڙهَ سَنباهِيا،
اُن کي مُندَ اُتَرَ جِي اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائي، آهي پَرِيين پارَ جِي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 101 سال 2013ع روشني)

ڏٺِي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
انکي مند اتر جي، اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پرئين پار جي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 124سال 2009ع مهراڻ)

ڏِٺي ڏِياري، سامونڊين سِڙهه سَنباهيا،
ان کي مند اُتر جي، اوچتي آئي،
وَڻجهارن وائِي، آهي پَرئين پَار جي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سامونڊي ص 88 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڏٺِي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
انکي مند اتر جي، اوچتي آئي،
وڻجارن وائي، آهي پَرئين پار جي.

(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 136 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڏِٺي ڏياري، سامونڊين سڙه سنباهيا،
اُنِ کي مند اتر جي، اوچتي آئي،
وڻجاري وائي، آهي پَرئين پار جي.


(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سامونڊي ص 56 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامُونڊِيَنِ سِڙَهه سَنبا هِئا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جي اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آهي پَرئين پار جي.

(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سامونڊي ص 49سال 2011ع مهراڻ)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏياري)، (سامونڊين، سامونڊرين)، (سنباهيا، سنباهئا)، (ان کي)، (وڻجارن، وڻجهارن، وڻجاري)، (پريين، پرئين)

الف. ڏياري: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ٽن مصرعُن تي مشتمل آهي. هن بيت جا ٽي قافيا هئڻ گهرجن، مگر بيت لکڻ وارن سڀني صاحبن هن بيت جا ٻه قافيا لکيا آهن. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت جِي پهرين مصرع جو قافيو به بيت جي ٻن مصرعن وارن قافين سان هم آواز ۽ هم وزن هيو مگر راوين جي روايت کي مدِنظر رکي ڪاتبن بغير سوچڻ جي بيت جي پهرين مصرع جو قافيو غلط لکيو. حضرت ڀٽ ڌڻي جي ڪلام جي محقق حضرات جو اولين فرض ٿي ٿيو ته اهي صاحبان بيت جي پهرين مصرع جو قافيو به لکن ها. افسوس جي ڳالهه هي آهي ته اسان جي سنڌي لغتن ۾ لفظ ڏيائي لکيل ئي نه آهي. جڏهن ته لفظ ”ڏيائي“ جي معنيٰ آهي ”ڏين واري يعني ڏياري“.
قارئين ڪرام! لفظ ”ڏيو، ڏيئو، ڏيائي، ڏياٽي، ڏياري، ڏيالي“ اهي اهڙا الفاظ آهن جيڪي ”ڏيو“ جي لڙهي منجهان ٺهن ٿا. انهن لفظن منجهان لفظ ”ڏيائي“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت جي پهرين قافيي لاءِ مناسب سمجهيو تڏهن فرمايو.
ب. سامونڊين، سامونڊرين: لفظ ”سامونڊرين“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ هن ڪري نه ٿو سونهين جو اهو لفظ اُتراڌي لهجي وارو آهي ۽ جنهن طرف سمنڊ آهي اهو ”لاڙ“ جو طرف آهي انهيءَ طرف لفظ ”سامونڊين“ لکيو ۽ ڳالهيو ويندو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”سامونڊين“ بيت ۾ لکڻ گهرجي.

ت. سنباهيا، سنباهئا: انهن لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي مگر صورت خطيءَ ۾ فرق آهي قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”سنباهئا“ لکيو ويندو هو. مگر ڳالهائڻ ۾ ”سنباهئا“ سان گڏ ”سنباهيا“ به مروّج هيو جديد صورت خطيءَ ۾ ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ اهو لفظ بيت ۾ ”سنباهيا“ لکيو آهي، ليڪن ”سنبا هِئا“ به لکڻ گهرجي ته غلط نه ٿيندو.
ث. وڻجارن، وڻجهارن، وڻجاري: لفظ ”وڻجهارن“ سگهڙ حاجي الله د اد جنجهي جي بيت ۾ لکيل آهي. اسان ڀانئيون ٿا ته لفظ ”وڻجهارن“ ۾ ”جهه“ اکر ڪمپوزر جي غلطي جي ڪري لکجي ويو آهي ۽ پروف ريڊر به توجه نه ڏنو.
باقي رهيو سوال لفظ ”وڻجارن“ جو ته اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ اصل لفظ ”وڻجاري“ فرمايل هو، مگر سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لفظ ”وڻجارن“ غلط لکيو آهي. اهو اسان هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي ٻين مصرع جا پهريان ٻه لفظ ”ان کي“ سڀني صاحبن لکيا آهن. ”ان کي“ لفظن جو اشارو واحد وڻجاري ڏانهن آهي ۽ نه گهڻن وڻجارن ڏانهن. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن ”وڻجارن“ لفظ لکيو تن غلط لکيو آهي ۽ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”وڻجاري“ درست لکيو آهي.
ج. پريين، پرئين: هنن ٻنهي لفظن جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي. مگر معنيٰ ۾ ڪو به فرق نه آهي. قديم صورت خطيءَ ۾ لفظ ”پريين“ اڪثر استعمال ٿيندو هو، مگر 1853ع کان پوءِ واري ترتيب ڏنل جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”پرئين“ مروّج ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو پهرين ”شاهه جو رسالو“ جي ٽرانسليٽر ديوان تارا چند ۽ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، لفظ ”پرئين“ لکيو آهي.

اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.

[b]ڏِٺِي ڏِيَائِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَهَه سَنبَاهِئا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجَاري وَائِي، آهي پَرئين پَارَ جِي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته جئن ئي سامونڊين ڏياري جا ڏيا ڏٺا تئن ئي سڙهه سنباهيائون. وڻجارو سامان جي وڻج ۽ خريداري ۾ مشغول ئي هيو ته اوچتي مٿس اُتر جي مند اچي ويئي جنهن ڪري وڻجاري جي وات ۾ هَر هَر پَرئين پار (سمنڊ پار) وڃڻ جي وات ۾ وائي آهي هو وڃان وڃان پيو ڪري.