لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

23. سُر رِپ

سَئِي نَه سِيِزانِ نَاهِ اُبَتِي اُنِسِِ،
وَءُ سَهِي وِينَانِ، تُو نَسَرَدُو تَنِري.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر رِپ ص514)

سَئيِ نَا نَـ هِ سينَانِ، نَاهِ اُبَتِي اُنِسِِ،
وَنڄهُ سَهِي وينَانِ، تُو نَسَرَندِي اُنِري.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر رِپ ص351)

سَئِين نَه سيٺَانَ، نَاهِه اُبَتِي اُنِ سِين،
وَوءن سَهِي ويٺَانَ، تو نَه سَرَندِي تَنِ ري.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر رِپ ص619سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

سَنِئين ن سيڻانِ، ناهِ اُبتِي اُنِسين،
وڃ سَهي ويڻانِ، تو نه سَرَندي تن ري.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر رپ ص481سال 1900ع)

سَنئِين نَه سيڻَانِ، نَاهِه اُبُتِي اُنِ سين،
ونءُ سَهِي ويڻَانِ، تو نَه سَرَندو تَنِ ري.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر رِپ ص306سال2012 )

سَنئين نه سيڻانِ، ناهِه اُبَتِي اُنِ سين،
وَنءُ سَهِي ويڻان، تَو نه سَرَنَدي تَنِ ري.
(ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر رِپ ص514سال 1995 )

سَنِئَين نه سيڻانِ، ناهِ اُبتي اُنسين،
وڃ سهي ويڻان، تو نه سَڙَندي تن ري.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر رپ ص 651بااختيار ادارو سال 1994 )

سنئين نه سيڻانِ، ناهِ اُبتِي اُنِ سين،
ونءُ سهِي ويڻان، تو نهَ سرَندي تنَ ري.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص488سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

سَنئين نه سيڻان، ناهِ اُبَتِي اُنِ سِين،
وَنءُ سَهِي ويڻانِ، تو نَه سَرندِي تَنِ ري.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 298سال 2009)

سَنئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبتي اُنسِين،
وَڃُ سَهي وِيڻانِ، تو نَه سَرَندي تَنِ ري.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص525سال 1999ع )

سَئِين نه سيڻانِ، ناهِ اُبَتِي اُنِ سِين،
وَنءُ سَهي ويڻانِ، تو نَه سَرَندِي تَنِ ري.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص353سال 2013ع روشني)

سَنئين نه سيڻان، ناهِه اُبَتِي اُنِ سِين،
وَوءن سَهي ويڻانِ، تو نَه سَرَندِي تَنِ ري.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر رِپ ص497سال 2013)

سَنئِين نه سيڻان، ناهِ اُبَتي اُنِ سين،
وَنءُ سَهي ويڻانِ، تو نَه سَرندي تِنِ ري.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر رِپ ص 181سال 1994 )

سنئين نه سيڻانِ، ناهه ابتي ان سين،
وڃ سهي ويڻانِ، تو نه سرندي تن ري.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 499سال 2009ع مهراڻ)

سي ٿِئي نَه سِيڻَان، ناهه اُبتي اُن سِين،
وِيههَ سَهي وِيڻانِ، ناهه اُبتي اُن سِين.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر رِپ ص377سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

سنئين نه سيڻانِ، ناهه ابتي ان سين،
وڃ سهي ويڻانِ، تو نه سرندي تن ري.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 685سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

سيئي نه سيڻانِ، ناه اُبتي انِ سين،
وڃ صحيح ويڻانِ، تو نه سَرندي تن ري.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 312سال 2008ع )


تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (سئين، سنئين، سيئي، سي ٿئي، سئي نه، سئي نا)، (ونءُ، وءُ، وونءُ، ونڃه، وڃ، ويهه)، (صحيح، سهي)، (نسرندو، نسرندي)، (تن ري، اُنري).

الف. سئين، سنئين، سيئي، سي ٿئي، سئي نه، سئي نا: قارئين ڪرام! مٿي لکيل بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ڪنهن به ڪاتب، مرتب ۽ محقق اسان جي تحقيق مطابق درست نه لکيو آهي. تنهنڪري ڇهن مختلف نا مناسب لفظن تي بحث ڪرڻ بي سود سمجهي پڙهندڙ خواتين ۽ حضرات کي هن حقيقت کان آگاه ڪرڻ چاهيون ٿا ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت جي پهرين مصرع جو پهريون لفظ ”سُئين“ فرمايو جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻڌين“.
اسان اهو لفظ ”سُئين“ هن ڪري مناسب سمجهيو آهي ته انهي لفظ لکڻ سان بيت جي مصرع :
”سُئين نه سيڻانِ، ناه اُبتي اُنِ سين“

جي معنيٰ ٿئي ٿي ”تون سيڻن جي ڪيل ڳالهه ڇو نه ٿي ٻڌين انهن سان ته توکي اُبتي روش رکڻي ئي نه آهي“.
ب. ونءُ، وءُ، وونءُ، ونڃه، وڃ، ويهه: قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ويهه“ بيت ۾ نامناسب لکيو ويو آهي، اهو لفظ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي.
جن صاحبن لفظ ”ونڃه، وڃ“ لکيا آهن تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب نه لکيا آهن. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته قديم ڪاتبن جهڙوڪ سيّد عبدالعظيم، ارنيسٽ ٽرمپ جي ڪاتب ۽ حاجي محمّد سمي لفظ ”وڃ“ نه لکيو آهي.
قارئين ڪرام! سيد عبدالعظيم لفظ ”وءُ“ لکيو آهي، اهو جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ونءُ“ ٿئي ٿو ۽ جن صاحبن لفظ ”ونءُ“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ونءُ“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور ۾ ته مروج هيو ۽ سيّد عبدالعظيم جي دور ۾ به انهيءَ لفظ لکڻ جو رواج هو. تنهنڪري قديم ڪاتبن لفظ ”ونءُ“ لکيو. الفاظ ”ونءُ سهي“ جي معنيٰ آهي. ”برداشت ڪر، سُهُه“.
اسان جي انهي لکيل معنيٰ جي تائيد حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل ٻي مصرع ڪري ٿي.
”وَنءُ سَهي ويڻانِ“
هن جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”سيڻن، مائٽن، بِهي خواهن جا ويڻ ۽ ڏکيا لفظ تون برداشت ڪر ۽ سَهُه. اهو خالص لفظ ٻوليءَ منجهان ضايع ڪري ان جاءِ تي ”وڃ“ لکڻ مناسب ئي نه آهي.

ت. صحيح، سهي: لفظ ”صحيح“ فقير تاج محمّد نظاماڻي درست نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”صحيح“ کي دستخط يعني (Signature)چئبو آهي ۽ لفظ ”سهي“ اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لکيو آهي تن درست لکيو آهي. ڇا ڪاڻ ته ”سهي“ لفظ جي معنيٰ آهي برداشت ڪر، سِهتي وڃ، قبول ڪري.

ث. نسرندو، نسرندي: قارئين ڪرام! جئن ته پهرين مصرع آهي:

”سُئين نه سيڻانِ، ناه اُبتي اُنِ سين“

تنهنڪري ٻي مصرع ۾ ”تو نه سرندي“الفاظ بيت ۾ لکڻ مناسب لڳن ٿا.

ج. تن ري، اُنري: قارئين ڪرام! سڀني ڪاتبن، ليکڪن ۽ مرتب حضرات بيت جي پهرين مصرع جا آخري ٻه لفظ ”ان سين“ لکيا آهن. تنهنڪري بيت جي ٻي مصرع جا آخري ٻه الفاظ ”تن ري“ لکڻ مناسب لڳن ٿا ڇا ڪاڻ ته ”سيڻان“ لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيل آهن.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]سُئِين نَه سيڻانِ، نَاهِ اُبتِي اُنِ سين،
وَنءُ سَهِي ويڻانِ، تو نَه سَرندي تن رِي.
[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته اي سيڻپي جي دعوا ڪندڙ تون پنهنجن سيڻن ۽ پيارن جا ويڻ ڇو نه ٿو سُڻين؟ تو کي ته انهن جا ويڻ ۽ ڏکيا لفظ به خوشيءَ سان ٻڌڻ گهرجن مگر تون انهن جا ٻول نه ٿو ٻڌين تو انهن سان الٽي روش رکي آهي. تو کي ابتي روش نه رکڻ گهرجي انهن جا ڏوراپا ۽ ميارون خوشي سان سهڻ گهرجن. ڇا ڪاڻ ته تنهنجي ساعت به انهن سڄڻن کان سواءِ نه سرندي ۽ سٺي زندگي نه گذرندي.

*****

چُورِي چُورِي چِتُ، چِتُ جَاَنَّي وِهَانِي نِڪَرَان،
نِنـ هَ ڪَرَائِي نِتُ، پِريَانَ سَنِّدي پيرَ ۾.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر رِپ ص512)

چُورِي چُورِي چِتُّ، چِتُ جَان نَيّ وِهَانِي نِڪَرَان،
نِنـ هَ کُرَاَئِي نِتُ، پِريَانَ سَندي پيرَ ۾.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر رِپ ص350)

چوري چوري چِتُ، جان ويئِي وِهَاٺِيَ نِکِرَان،
نِينهُه کُهرَائي نِتُ، پرِيَان سَندي پيرَ مين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر رِپ ص617سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

چوري چوري چِتُ، جان نِئَينءَ وِهاڻئي نِڪران،
نِينهُن گُهرائي نِتُ، پِريان سندي پيرَ ۾.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر رِپ ص480سال 1900ع)

چوري چوري چِتُ، جَان نَيَ وِهَاڻِيءَ نِڪَران،
نِينهُن ڪُرائي نِتُ، پِريَان سَندي پيرَ ۾.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر رِپ ص303سال2012 )

چوري چوري چِتُ، جان نَئينءَ وِهاڻِيءَ نِڪِران،
نِينهُن گُهرائي نِتُ، پِرِيان سَندي پيرَ ۾.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص364)

چوري چوري چِتُ، جَانِئ وِهاڻيء نڪران،
نينهَن ڪُرائِي نِتُ، پريانَ سندي پيرَ ۾.
(ممتاز مرزا، گنج، جديد صورت خطيءَ ۾ سُر رِپ ص512سال 1995 )

چوري چوري چِتُ، جان نِئَينءَ وِهاڻئي نِڪران،
نِينهُن گُهرائي نِتُ، پِريان سندي پيرَ ۾.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر رپ ص648بااختيار ادارو سال 1994 )

چوري چوري چِتُ، جان نَئِيءَ وِهاڻِيءَ نِڪَران،
نِيـ هَ کُرائِي نِتُ، پِريان سَندِي پيرَ ۾.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص297سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

چوري چوري چِتُ، جَان نَيَ وِهَاڻِيءَ نِڪَران،
نِينهُن کُرائي نِتُ، پِريَان سَندي پيرَ ۾.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 297سال 2009)

چورِي چورِي چِتُ، جان نِئينءَ وِهاڻي نِڪران،
نِينُهن گُهرائي نت، پِريان سندي پيرَ ۾.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص524سال 1999ع )

چوري چوري چِتُ، مان ويئِيءَ وِهاڻِيَ نِڪِران،
نِيـ هُ گُهرائِي نِتُ، پِريَان سَندي پيرَ ۾.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص352سال 2013ع روشني)

چوري چوري چِتُ، جان ويئي وِهاڻِيءَ نِڪِران،
نِيهن گُهر ائي نِتُ، پِريان سَندي پيرَ ۾.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر رِپ ص496سال 2013)

چوري چوري چِتُ، جَان نَئينءَ وِهاڻِيءَ نِڪِران،
نينهُن گُهرائي نِتُ، پِرِيان سَندي پيرَ ۾.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر رِپ ص 129سال 1994 )

چوري چوري چت، جان وهاڻيءَ نڪران،
نينهَن کُراهِي ننڊ، پريان سندي پِير ۾.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 497سال 2009ع مهراڻ)

چوري چوري چِت، جان سين وِهاڻِيءَ نِڪَران،
نِينهن گُهرائي نِت، پريان سندي پِير تي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر رِپ ص377سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

چوري چوري چت، جان وهاڻيءَ نڪران،
نينهَن کُراهِي ننڊ، پريان سندي پِير ۾.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 681سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

چوري چوري چت، جان نِيَ وهاڻيءَ نڪران،
نينهن کُرائي نِتُ، پريان سندي پِير ۾.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر رِپ ص 311سال 2008ع )

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جان نئينءَ، جان نِي، جان نَيَ، جانّي، جان سين، جان، جان ويئي، مان ويئيءِ)، (نئيءَ وهاڻي، ويئي وهاڻي، نيءَ وهاڻي، نئين وهاڻي، نيّ وهاڻي، سين وهاڻي، وهاڻئي، وهاني، وهاٺي)، (گهرائي، کرائي، ڪرائي، کراهي)، (پير ۾، پير تي)

ب. جان نئينءَ، جان نِي، جان نَيَ، جانّي، جان سين، جان، جان ويئي، مان ويئيءِ: قارئين ڪرام! سواءِ غلام محمّد شاهواڻي جي باقي ٻين ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن بيت جي پهرين مصرع جو چوٿون لفظ ”جان“ لکيو آهي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لفظ ”مان“ لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”جان“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته جڏهن بيت جي ڪنهن مصرع ۾ يا نثر جي ڪنهن جملي ۾ لفظ ”جان“ استعمال ٿيندو ته ان مصرع يا ان جملي جو ايستائين صحيح مقصد نه نڪرندو جيستائين ”تان“ لفظ استعمال نه ٿيندو. اسان جنهن بيت تي تحقيق ڪري رهيا آهيون تنهن بيت جي ٻي مصرع ۾ لفظ ”تان“ جو ڪو نشان ئي نه آهي. تنهنڪري اسان غلام محمّد شاهواڻي جي استعمال ڪيل لفظ ”مان“ کي درست قرار ڏيون ٿا.

ت. نئيءَ وهاڻي، ويئي وهاڻي، نيءَ وهاڻي، نئين وهاڻي، نيّ وهاڻي، سين وهاڻي، وهاڻئي، وهاني، وهاٺي: قارئين ڪرام! جن ”ويئي وهاڻي“ الفاظ لکيا آهن، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيا آهن. غلط هن ڪري ٿا چئون ته جڏهن وهاڻي جي معنيٰ آهي گذري ويئي يعنيٰ پرهه ڦٽي ويئي ۽ ڏينهن ٿيو ته پوءِ عاشق معشوق ڏانهن ڪئن ”ويئي وهاڻي“ وڃي سگهندو؟ ڇا ڪاڻ ته عاشق پنهنجي معشوق سان لڪي اونداهي ۾ ملڻ چاهي ٿو. اهي ”ويئي وهاڻي“ الفاظ لکڻ وارا حضرات آهن، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ غلام محمّد شاهواڻي.
”نئيءَ يا نئين يا نَيَ يعني نئين وهاڻي“ الفاظ لکڻ وارا صاحبان به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع کي سمجهي نه سگهيا تنهنڪري مناسب لفظ نه لکيائون. اسان جي تحقيق مطابق جيڪو ليکڪ لفظ ”ئي“ لکي ها سو درست لفظ لکي ها مگر ڪنهن به اهو درست لفظ نه لکيو. غلام محمّد شاهواڻي، ”مان ويئي“ الفاظ لکيا جيڪڏهن ”مان ئي“ الفاظ لکي ها ته نهايت ئي مناسب ٿئي ها.
ث. گهرائي، کرائي، ڪرائي، کراهي: قارئين ڪرام! حاجي محمّد سمي لفظ ”کرائي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق حاجي محمّد سمي جو لفظ ”کرائي“ اصل ۾ لفظ ”گهرائي“ آهي، جئن ته قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”گهه“ جو اکر نه هو، تنهنڪر ي قديم دور جا ڪاتب ”ک“ اکر ”گهه“ بجاءِ استعمال ڪندا هئا.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اردو لپي ۾ لفظ ”کهرائي“ لکيو آهي هن صاحب جي سوچ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي اصل سوچي فرمايل لفظ تائين نه پهتي.
سيّد عبدالعظيم بيت ۾ لفظ ”ڪرائي“ لکيو آهي. اها سندس سهو آهي. باقي ٻين صاحبن جن غلط لفظ ”کرائي/ ڪرائي“ لکيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”کُرائي“ جي معنيٰ لکي آهي ٻڪريءَ جي ڦر کي ٻڌڻ لاءِ پير جي رسي.
قارئين ڪرام! ڊاۡڪٽر نبي بخش خان بلوچ نهايت ئي غلط معنيٰ لکي آهي.
ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ٻانهون خان شيخ ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي، باگي جي ڏاني جي به ڏيپلائي صاحب جي پيروي ڪندي لفظ ”کراهي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق موجب درست لفظ ”گهرائي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علام غلام مصطفيٰ قاسمي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمّد شاهواڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو.

ج. پير ۾، پير تي: قارئين ڪرام! الفاظ ”پير تي“ فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق هن صاحب اهي لفظ غلط لکيا آهن. ٻه مختلف اصطلاح آهن پهريون ”پير تي هلڻ“ هن اصطلاح ”پير تي هلڻ “ جي معنيٰ ٿئي ٿي ”هلندڙ جي پيرن جي پٺيان هلڻ، پيروي ڪرڻ“.
۽ ٻيو اصطلاح آهي ”پير ۾ پهچڻ“ يعني ڪنهن جي حدود ۾ پهچڻ، ڪنهن جي ان جاءِ تي پهچڻ جتي جاءِ يا جوءِ جو مالڪ رهندو هجي. تنهنڪري اسان ”پير ۾“ لکيل الفاظ کي ”پير تي“ لکيل الفاظ مٿان اهميت ڏيون ٿا ۽ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ الفاظ ”پير ۾“ لکڻ مناسب سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]چوري چوري چِتُ، مَان ئِي وِهاڻِيءَ نِڪِران،
نينهُن گُهرائي نِتُ، پِرِيان سَندي پيرَ ۾.
[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ عاشق جي دلي واردات جي ترجماني ڪندي فرمائي ٿو ته مان (عاشق) پنهنجي ذهن ۾ پنهنجي محبوب سان ملاقات ۽ قربدار سان قربن ڀرين ڪچهرين ڪرڻ وارا خيال چِت ۽ ذهن ۾ چوري چوري ۽ محبت جي رهاڻين بابت سوچي سوچي پوءِ وهاڻي ويل يعني پرڀات (پرهه ڦٽيءَ) کان اڳ گهران نڪران ٿو مونکي پنهنجي مٺڙي محبوب جو نينهن ان جي پار ڏي ان جي طرف ڏي ان جي جاءِ ڏانهن گهرائي ٿو وٺي. منهنجا قدم بي ساخته اُن جي جُوءِ ڏانهن کڄي ٿا وڃن ڇا ڪاڻ ته هو مونکي سڪ سان ڪشش ڪري ۽ منهنجي دل کي ڇڪي ٿو.

*****