9. سُر ڪاپائتي
آءُ ڪاپائتي آهيان، ڪا مون ڪَتائي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 528 سال 1900ع)
پَلَئِي پَايُو پُونِيُ‘، دَر دَر ڀيرَا ڏي،
ڪَا مُن ڪَتَائِي، ڪَاپَائِتِي آهِيَان.
(سيد عبدالعظيم گنج سُر ڪاپائتي ص 625سال 1995ع)
پَلَيءِ پَايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪَا مُون ڪَتَائي، ڪَاپَائِتِي آهِيَان.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 293سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
پَلَيِء پَايو پُورهيو، دَرِ دَرِ بهيرا ڌي،
تهَ کَا مون کَتَائي، آنئون کَاپَائِتِي آهِيَان.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 686 ثقافت کاتو سال 1994 )
پَلَئه پايو پورِهيو، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪَا مُون ڪَتائي، آءُ ڪاپَائِتي آهيان.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 611سال 2013)
پلئُه پايو پُوڻيون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪَا مُون ڪَتائِي، آءُ ڪاپَائِتي آهيان.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سر ڪاپائتي ص625سال 1995)
پَليءِ پايو پُوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏِئي،
ڪا مُون ڪَتائي، آئون ڪاپائِتي آهِيان.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪاپائتي ص 89سال 1994 )
پَلئي پايو پوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
آءُ ڪاپائتِي آهِيان، ڪا مون ڪَتائي،
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص579مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
پَليء پايو پُوڻِيُون، دَرِ دَرِ ڀيرا ڏي،
ڪا مون ڪَتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 726 بااختيار ادارو سال 1994 )
پلئي پايو پوڻِيُون، دَر دَر ڀيرا ڏي،
ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائِتِي آهِيان.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص677سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
پليءَ پايو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
ڪا مون ڪتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 559سال 2009ع مهراڻ)
پَلئه پايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀِيرا ڏي،
ڪامون ڪتائي، آئون ڪاپائتي آهيان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪاپائتي ص 417 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
پليءَ پايو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
ڪا مون ڪتائي، آءٌ ڪاپائتي آهيان.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 763 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
پلئي پائيو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي،
ڪا مون ڪتائي، آءُ ڪاپائتي آهيان.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪاپائتي ص 352 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پلئه، پلئي، پُلئ، پليءِ، پليءَ، پَلَيء)، (پوڻيون، پورهيو)، (آئون، آنئون، آءٌ، آءُ).
نوٽ: ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر ڪاپائتي نه لکيو. غلام محمّد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت نه لکيو.
الف. پلئي، پُلئ، پليءِ، پليءَ، پَلَيء، پلئه: قارئين ڪرام! هنن لفظن جي صورت خطيءَ ۾ وڏو اختلاف رکيو ويو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ويجهي دور واري ڪاتب سيّد عبدالعظيم فقير جيڪو لفظ لکيو تنهنجي ”پ“ اکر کي زير ”ل” اکر کي زبر ۽ ”ي“ اکر جي مٿان ”ء“ لکي خالي ”ي“ جي هيٺيان زير ڏيئي لفظ ”پَلَئِ“ لکيو. هي لفظ جديد صورت خطيءَ ۾ ”پَلَــهءِ“ لکبو. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ پَلَــهءِ“ بجاءِ ممتاز مرزا لفظ ”پلهءُ“ لکيو آهي. ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”پلئه“ لکيو آهي. ٻانهون خان شيخ لفظ ”پلي“ لکي بعد ۾ ”ء“ حمزي کي زير ڏيئي لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق سيّد عبدالعظيم ۽ ٻانهي خان شيخ درست لفظ ”پَلهءِ“ لکيو آهي.
ب. پوڻيون، پونيءٌ، پورهيو: لفظ ”پونيءٌ“ قديم صورت خطي ۾ لکيو ويندو هو ڇا ڪاڻ ته قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ اکر ”ڻ“ نه لکيو ويندو هيو. جديد صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”پوڻيون“ لکيو ويندو آهي. جن صاحبن لفظ ”پورهيو“ لکيو سي صاحبان آهن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ عثمان علي انصاري.
قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق هنن صاحبن لفظ ”پورهيو“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”پورهيو“ پوتي يا بوڇڻ يا رئي جي پانڌ ۾ نه پائبو آهي ۽ نه ”پلئِه“ ٻڌبو آهي پورهيت يا مزدور پورهئي وارو علم يا هنر ذهن ۾ سمائيندو ۽ رکندو آهي. ڪاتياري پوڻيون (ڦٽين منجهان بج ڪڍي صاف ڪري ڪپهه تيار ڪري ان منجهان پوڻيون ٺاهبيون آهن) تيار ڪري پاند ۾ پائي وڃي در در چوندي آهي مان ڪاپائتي آهيان جن کي پنهنجو سُٽ ڪتائڻو آهي يا منهنجي ڪپهه منجهان سُٽ تيار ڪرائڻو آهي سي مونکي سَڏ ڪن ۽ آواز ڏين.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي دور کان گهڻو اڳئي سومرن جي دور ۾ درياءَ رخ بدلايا هيا جنهن ڪري زمينون بنجر ۽ برباد ٿي ويون هيون. وسندڙ شهر ويران ٿي ويا هئا جڏهن حضرت جن اهو نظارو ڏٺو تڌهن هي بيت به فرمايو هئائون:
نه سي ووڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون.
پسيو بازاريون، هنئڙو مون لوڻ ٿئي.
ان دور ۾ ڪاتاريون ويچاريون پوڻيون پلئُه ۾ پائي در در وينديون هيون. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جا ٻئي بيت هي منظر پيش ڪن ٿا ته سون ورني سنڌ جي سکين ستابن ماڻهن جو حال هي هيو جو در در تي سٽ ڪتڻ واريون پورهئي ڪرڻ لاءِ ٿي وييون. مگر در در تي هٿ نه ٿي ٽنگيائون. لوڪ کان پِنيون نه ٿي.
تحقيق بعد بيت جي صورت هي بيهي ٿي.
[b]پَلهءِ پايو پُوڻِيُون، دَر دَر ڀِيرا ڏي،
ڪا، مُون ڪَتائي، آئوُن ڪَاپائِتِي آهِيان. [/b]
معنيٰ: ڪاپائتي عورت ڪپهه منجهان پوڻيون تيار ڪري هر گهر جي در تي هر هر اچي هوڪو ڏيندي هئي ته مان ڪاتاري آهيان مون کان ڪپهه ڪتايو.
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ثابت ڪري ٿو ته سنڌ ۾ توڙي جو غربت ڇانئجي ويئي هئي تنهن هوندي به سنڌين پنڻ جو ڌنڌو اختيار نه ڪيو هو. پنهنجي پورهئي ذريعي ڪمائي پنهنجو ۽ پنهنجن گهر ڀاتين جو گذران پيءِ ڪيائون.