لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

26. سُر آ سا

ڪي جو ڪيڏانهِين اکيون پَسي آئيون
تاڻِينِ تيڏانهِين، پييونَ پاڻ مُهاڙِيُون

(ديوان تارا چند شوقيرام شاهه جو رسالو سر آسا صه 553)

ڪِين جو ڪيڏاهين، اکيون پَسي آئِيُون
تاڻين تيڏاهين، پييُون پاڻَ مُنهائيون

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو 2009ع سرآ سا صه 334/7)

ڪِي جو ڪيڏانهين اَکِيُون پَسِي آيُون
تَاڻِينِ تيڏانهِين، پِييُون پَاڻَ مُهاڙِيُون

(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سر آسا صه 321.9)

ڪي جو ڪيڏانهين اکيون ڏِسِي آئيون
تاڻِيِن تِيڏانهِين پِييون پاڻَ مُهاڙِيُون.

(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سر آسا صه 114)

ڪِين جو ڪيڏانهِين اَکيَون پسَي آئيُون
تَاڻِين تِيڏانهِين پِييون پَاڻ مُهاڙِيونَ.

(حاجي محمّد سمو بمبئي ڇاپي جوعڪس نگران ڊاڪٽر بلوچ 1995ع صه 403 آءِ آءِ قاضي چيئر)

ڪين جو ڪيڏانهِين اکيون پسي آيون
تاڻين تيڏانهين پييون پاڻ مُهاڻيون

(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ ص 742)

ڪي جو ڪيڏانهين اَکِيُون پسي آئيون
تاڻين تيڏانهين پييون پاڻ مهاڙيون.

(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سر آسا ص 762 بااختيار ادارو سال 1994 )

ڪِي جو ڪيڏانهين اَکِيُون پَسي آئِيُون
تاڻِين تيڏانهِين پييون پاڻَ مُهاڙِيون.

(مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سر 609 ص آسا مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

تحقيق ۽ تصحيح طلب الفاظ: (آئيون، آيون)، (منهائيون، مهاڙيون، مهاڻيون)

الف. ڪي، ڪين: قارئين ڪرام! لفظ ”ڪين“ کي ”ڪينَ يا ڪي نه “ به پڙهي سگهجي ٿو تنهن ڪري لفظ ”ڪين“ نه مگر ”ڪي“ لفظ لکجي. سيّد عبدالعظيم به گنج شريف ۾ لفظ ”ڪي“ لکيو آهي ۽ نه ”ڪين“ لفظ ”ڪين“ حاجي محمّد سمي، ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نامناسب لکيو آهي.

ب. آئيون، آيون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حاجي محمّد سمي، ممتاز مرزا، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”آئيون“ استعمال ڪيو آهي. فقط ٻانهي خان ئي لفظ ”آيون“ استعمال ڪيو آهي. لفظ ”آيون“ کان لفظ ”آئيون“ وڌيڪ بهتر آهي ڇا ڪاڻ ته ماترائن جي وزن ۽ ردم جي لحاظ سان مصرع ۾ اهو لفظ پورو معلوم ٿئي ٿو، نه کٽل ۽ نه وڌيل آهي.

ت. منهائيون، مهاڙيون، مهاڻيون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”مُنهائيون“ لکيو آهي. ٻانهي خان شيخ، حاجي محمّد سمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي لفظ ”مهاڙيون“ لکيو آهي. فقط ممتاز مرزا انهيءَ لفظ کي ”مهاڻيون“ لکيو آهي، نهايت ئي غلط لکيو اٿس.
ٻانهي خان شيخ ۽ حاجي محمّد سمي ڪرناڻي لفظ ”مهاڙيون“ لکيو آهي.
گنج شريف اصل ۾ اهو لفظ ”مُهانِيءٌ “ لکيل آهي. (ص 742)
قديم صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ ۽ ”ن“ برابر ”ر“ ۽ ”ڻ“ اکرن جي استعمال ۾ آڻيند ا هئا، پڙهڻ وارا پنهنجي عقل، سمجهه ۽ سوچ مطابق جملي يا مصرع جي آڌار تي معنيٰ ڪڍندا هئا. قديم صورت خطيءَ جي اصول مطابق اِهي لفظ مهاڻيون ۽ مهاڙيون ٺهن ٿا. عقل لفظ ”مهاڻيون“ کي انهيءِ بيت لاءِ تسليم نه ٿو ڪري.

باقي لفظ ”مُهاڙيون، مُنهائيون“انهن ٻنهي کي مصرع ۾ استعمال ڪري پوءِ مناسب لفظ کي ذهن ۾ رکي لفظ جي چونڊ ڪئي ويئي آهي.

حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي سر مارئي واري هڪ بيت ۾ لفظ ”مهاڙ“ استعمال ٿيل آهي. اهو هي بيت آهي .

”ڪـــــرِئو مُــــهاڙ مــــلــيـــر ڏي، روءِ اُڀي چوءِ “
(ٻانهو خان شيخ (سر مارئي صه 404/08)

لفظ ”مهاڙ“ جي معنيٰ آهي، منهن يا اکين جو رخ. اهو لفظ بيت ۾ هن ڪري مناسب لڳي ٿو جو شاهه صاحب ماروئي جي زباني فرمائي ٿو ته مان مهاڙ ملير ڏانهن ڪري باربار سرتين کي روئندي، ياد ڪريان ٿي. تحقيق ذريعي ثابت ٿيو ته لفظ ”منهائيون“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مناسب نه لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]ڪِي جو ڪيڏانهِين اَکِيُون پَسِي ”آئِيون“
تاڻِينَ تيڏانهِين، پييُون پَاڻ ”مُهاڙِيُون“[/b]

معنيٰ: ڪا اهڙي پرڪشش ۽ نه وسرندڙ هستي اکيون جنهن طرف کان ڏسي ۽ پسي آئيون آهن. تنهن طرف ڏانهن پهچڻ ۽ ان هستي کي ڏسڻ لاءِ هر وقت تاڻين ٿيون ان پرڪشش ۽ هوش رُبا هستيءَ کي وري وري ڏسڻ جي خواهش رکن ٿيون تنهن ڪري پاڻ هُرتو يعني پاڻمرادو، ان طرف پنهنجو مهاڙ کڻيون پيون تاڻين ۽ تڪين.

*****

کَران وِجُ مَوَاتِ ڊُولَ هَماري کَالَرِي،
مَڇُنَ رِتَي راتِ ڪَا اُورَن ۾ اُونِي ٿِيِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر آسا ص740)

کَرَا وِجُمَ وَاتِ ڊُولَ هَماري کَالَڙِي،
مَڇُن رَتِي رَاتِ اُورَن۾ اُونِِ ٿِييِِ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر آسا ص408)

گهَٺَا وِجهُه م َوَاتَ، ڌهولَ ،مُنهِن جِي گَالَهَڙِي،
مَڇُهُٺُ رَتيءَ راتِ، اُورِٺَ مين اَونهِي تِهئي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر آسا ص723سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

کَرا وِجُـ هُ م َوَاتِ ڍولَ! مُهِجي ڳالَڙِي،
مَڇُڻِ رَتِيَ راتِ ڪَا اُورَڻَ ۾ اُونِهي ٿِيي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر آسا ص558سال 1900ع)

کَراَن وِجُهه م َوَاتِ ڍولَ! هَمَارِي ڳالهَڙِي،
مَڇُڻِ رَتِي راتِ، ڪَا اورَڻَ ۾ اوڻِي ٿِئي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آسا ص332سال2012 )

کَرنَ وِجُهه م َوَات ڍول هماري ڳالهڙي،
مَڃڻ رَتِي راتِ ڪَا اُورَڻ ۾ اُونهي ٿِيين.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر آسا ص740سال 1995 )

کَرانَ وِجُهه ۾ َوَاتِ ڍولَ هَماري ڳالَهڙي،
مَڇُڻِ رَت رات، اورڻ ۾ اُنهي ٿِئي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر آسا ص771بااختيار ادارو سال 1994 )

کَرانَ وِجهُه م َواتِ ڍولَ هَماري ڳَالَهڙِي،
مَڇُڻُ رَتِيءَ راتِ، اُورَڻَ ۾ اُوڻِي وَهي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آسا ص 338سال 2009)

کران وِجُهه م َواتِ ڍولَ هَمارِي ڳالهَڙي،
مَڇُڻ رَتي رات، اُورڻ ۾ اُونهي ٿِئي.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر آسا ص614سال 1999ع )

کَرا وِجـ هُ م َوَات ڍولَ!َ مُهجي ڳالَڙِي،
مَڃُڻِ رَتِي راتِ اُورَڻ ۾ اُونِهي ٿِيي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص341سال 2013ع روشني)

کَرانِ وِجهُه م َوَاتِ ڍولَ! مُهِن جِي ڳَالَڙِي،
مَڇُڻِ رَتِي راتِ ڪَا اُورَڻ ۾ اُونهي ٿِئي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر آسا ص535سال 2013)

کَران وِجهُه م َواتِ، ڍولَ! مُنهِنجي ڳالَهڙي،
مَڇُڻِ رَتيءَ راتِ، اُورَڻَ ۾ اَونهِي ٿِئي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر آسا ص234سال 1994 )

کران وجهه م َوات، ڍول هماري جِي ڳالهڙي،
مڇڻ رَتي رات، اُورڻ ۾ اَلهِي ٿئي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 590سال 2009ع مهراڻ)

ڪَڙا وِجُهه م َوَاتِ ڍَولَ ساري ڳالهڙي،
مڇڻ رَتِي رات، اُورڻ ۾ اَوُڻِي ٿِئي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آسا ص434سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

کران وجهه م وات، ڍول هماري ڳالهڙي،
مڇڻ رتي رات، اورڻ ۾ اَلهِي ٿئي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 792سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

کران وجهه م َوات، ڍول هماري جِي ڳالهڙي،
مڇڻ رَتي راتِ، اُورَڻ ۾ اُوڻي ٿئي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 373سال 2008ع )

کَرَنِ وِجهُه م َواتِ، ڍول! مُهن جِي ڳالَڙي،
مَڇُڻِ رَتِي راتِ، اُورَڻَ ۾ اُونِهي ٿئي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر آسا ص 78)

نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر آسا نه لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي اهو بيت نه لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (کرا، کران، کرن، ڪڙا، گهَٺاَ )، (منهنجي، مهن جي، مهنجي، هماري)، (کالري، ڳالهڙي، ڳالڙي)، (مڇڻ، مڇن، مڃڻ، مڇهٺ)، (اوني، اُوڻي، اَوُڻي، اونهي، اُنهي الهي)، (ٿئي، ٿيين، وهي)

الف. کرا، کران، کرن، ڪڙا، گهَٺاَ : لفظ ”گهَٺَا“ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکرايو اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ گهٺا جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لفظ ”گهڻا“ جي صورت خطيءَ ۾ لکبو. ”گهڻا“ لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ نه ٿو سونهين.
لفظ ”ڪڙا“ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي لکيو آهي، غلط لکيو اٿس.
لفظ ”کرن“ ممتاز مرزا ۽ عثمان علي انصاري لکيو آهي. مناسب نه لکيو اٿن. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ لفظ ”کران“ جي مقابلي ۾ مناسب نه ٿو لڳي.
لفظ ”کرا“ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. انهي قديم سنڌي صورت خطيءَ واري لفظ کي جديد صورت خطيءَ ۾ لکنداسون ته لفظ ”کران“ ٿيندو.
”کران“ لفظ لکڻ وارن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ لکيو آهي. ”کران“ لفظ جي معنيٰ آهي ”کرن کي ۽ شيطان صفت ماڻهن کي، کَريل ۽ بگڙيل آدمين کي“.
ب. منهنجي، مهن جي، مهجي، هماري: جن صاحبن ”هماري“ لفظ لکيو آهي. تن نهايت ئي مناسب لفظ لکيو آهي ۽ جن صاحبن ”منجنجي، مهن جي، مهجي“ لکيو آهي تن درست لفظ نه لکيو آهي. ”هماري“ لفظ کي اسان درست هن ڪري ٿا چئون ته اهو لفظ بيت ۾ مناسب لڳي ٿو. اهو لفظ راجستاني لهجي وارو لفظ آهي اهو لفظ سُر آسا واري انهي بيت ۾ ائين درست لڳي ٿو جئن ”سڳو منجهه سُرندڙي“.

ت. کالري، ڳالهڙي، ڳالڙي: لفظ ”کالري“ قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ، ”ڳالهڙي“ ٿئي ٿو.
غلط لفظ ”ڳالڙي“ صرف عثمان علي انصاري لکيو آهي، اصل لفظ ”ڳالهڙي“ آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڳالهڙي“ لکيو تن درست لکيو آهي.

ث. مڇڻ، مڇن، مڃڻ، مڇهٺ: ممتاز مرزا لفظ ”مڃڻ“ لکيو آهي، اهو لفظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ بنهه نا مناسب لڳي ٿو.
لفظ ”مڇن“ سيّد عبدالعظيم ۽ حاجي محمّد سمي قديم سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي. اهو لفظ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”مڇڻ“ ٿئي ٿو. جن صاحبن لفظ ”مڇڻ“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. لفظ ”مڇڻ“ جي معنيٰ آهي ”متان“ .

ج. اوني، اوڻي، اَوُڻي، اونهي، اُنهي، الهي: سيّد عبدالعظيم لفظ ”اوني“ لکيو آهي. حاجي محمّد سمي به لفظ ”اوني“ لکيو آهي. اهو لفظ به جديد صورت خطيءَ ۾ ”اوڻي“ لکبو. جن صاحبن لفظ ”اونهي“ ۽ ”اُنهي“ لکيو آهي تن اهو لفظ مناسب نه لکيو آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”اَوڻي“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ،”گهٽ“. لفظ ”اَوڻي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

ح. ٿئي، ٿيين، وهي: لفظ ”وهي“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مناسب نه لکيو آهي ۽ لفظ ”ٿيين“ جن صاحبن لکيو تن درست لفظ نه لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ٿئي ۽ ٿيي“ لکيو آهي، تن برابر لکيو آهي. انهن ٻنهيءَ لفظ ن منجهان جديد صورت خطيءَ ۾ ”ٿئي“ لفظ مروج آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]کَران وِجهُه م َواتِ، ڍولَ! هَماري ڳَالَهڙي،
مَڇُڻِ رَتيءَ رات، اَورَڻَ ۾ اَوڻِي ٿِئي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته کرن، دشمنن، شيطان صفت ماڻهن سان اي ڍولڻ ۽ پيارا دل جا اورڻ نه ويهي اور. اِهو اورڻ جو وقت به اسان سان ويهي گذار ۽ ويهي روح رهاڻ ڪر. ائين نه ٿئي جو تون متان کرن وٽ ويهي وقت وڃائين ۽ اسان سان دل جي حال اورڻ ۾ متان رات جو ڪو پهر هن ڪري کٽي پوي جو اهو پهر جيڪو توکي اسان سان گذارڻو آهي سو کرن وٽ گذارين، متان رات واري رهاڻ جي وقت ۾ غيرن سان گڏ گذارڻ جي ڪري رات ۾ اوڻائي پوي رات کٽي پوي.

*****

نَظَرُ نَزِدِيڪُونِ، سَهِي نَسَڱَانِ سَاعَتَسِيءٌ،
پَسَنُ پَري سَندُونِ، آءٌ نَالي کِيرِي نَجُران.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر آسا ص743)

نَظَرُ نِزِِدِيڪونِ، سَهي نه سَگهانِ ساعت سِيئن،
پَسڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيڙي نِجُهران.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر آسا ص568سال 1900ع)

نَظَرُ نَزِدِيڪونِ، آئون سَهِي نه سَگهَانِ سَاعَتَ سِينءَ،
پَسَڻُ پَري ٿِئونِ، آئون نَالي ڳِيڙي نِجُهَران.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آسا ص330سال2012 )

نَظَرُ نَزِدِيڪونِ، سَهِي نه سَگهَانِ سَاعَتَ سِيئن،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئون نَالي ڳِيڙي نِجهُران.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص357 )

نَظرُ نزديڪُون، سَهي نه سَگهان ساعت سيئن،
پَسڻُ پَري سَندَونِ، آئون نالي ڳِيڙِي نِه جُڙان.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر آسا ص743سال 1995 )

نَظرُ نزديڪيو، سَهي نه سَگهان ساعت سيئن،
پَڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيَڙي نِجُهران.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر آسا ص786بااختيار ادارو سال 1994 )

نَظَرُ نِزِِديڪونِ، سَهِي نه سَگهانِ ساعَتَ سِيئَن،
پَسَڻّ پَري سَندونِ، آئون نالي ڳِيَڙي نِجُهران.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر آسا ص133سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

نَظَرُ نَزِدِيڪون، سَهي نه سَگهانِ ساعتَ سين،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳيَڙِي نِجهُران.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آسا ص341سال 2009)

نَظر نَزِدِيڪُون، سَهي نه سَگهانِ ساعَتَ سِيئن،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آءٌ نالي ڳيَڙِي نِجُهران.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر آسا ص623سال 1999ع )

نَظَرُ نَزِِدِيِڪِونِ، سَهِي نه سَگهان ساعَتَ سِينءَ،
پَسَڻُ پَريَ سَندونِ، آئُون نَالي ڳِيَڙي نُجِهرا.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص346سال 2013ع روشني)

نَظَرُ نِزِِدِيڪون، سَهِي نه سَگهانِ ساعِتَ سِين،
پَسَڻُ پَرينءَ سَندونِ، آءٌ، نالي ڳِيڙي نِجُهران.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر آسا ص546سال 2013)

نَظَرُ نَزِِديِڪونِ، سَهِي نه سَگهان ساعَتَ سِيئَن،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نَالي ڳِيڙي نِجهُران.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر آسا ص280سال 1994 )

نظر نزديڪون، سهي نه سگهان ساعت سيئن،
پسڻ پري سندونِ، آءٌ نالي ڳيڙي نجهران.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 602سال 2009ع مهراڻ)

نَظَرُ نِزِِدِيڪُونِ، سَهي نه سَگهانِ ساعت سِين،
پَسَڻ پَري سَندون، آئون نالي ڳِيڙُئي نِجهران.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آسا ص438سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

نظر نزديڪون، سهي نه سگهان ساعت سئين،
پسڻ پري سندونِ، آءٌ نالي ڳيڙي نجهران.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 792سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

نظر نزِديڪون، سَهي نه سگهان ساعت سِين،
پسڻ پَري سَندون، آءٌ نالي ڳيَڙي نجهران.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 378سال 2008ع )

نَظَرُ نِزِِديڪونِ، سَهِي نَه سَگهانِ ساعِتَ سِين،
پَسَڻَ پِرينءَ سَندونِ، آءٌ نالي ڳِيَڙي نِجُهران.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر آسا ص 236)

نوٽ: ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر آسا نه لکيو. حاجي محمّد سمي اهو بيت نه لکيو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (نِزديڪون، نَزديڪون)، (سئين، سيئَن سين، سينءَ)، (پري، پِرينءَ)، (ڳِيڙي، ڳيڙئي)، (نِجُهران، نَجُهران، نجهرا، نجُران، نجڙان)

الف. نِزديڪون، نَزديڪون، نزديڪيو: اسان تحقيق ڪري ثا بت ڪيو آهي ته مٿيان ٽيئي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. انهن صاحبن اُهو لفظ نه لکيو آهي جيڪو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي بيت ۾ فرمايو هو.
قارئين ڪرام! سنڌي زبان ۾ ڪجهه لفظ اهڙا آهن جن ۾ لفظ ”ئون“ ملائڻ سان اهو لفظ ٺهندو آهي جنهن جي اسم سان نسبت هوندي آهي. لفظ ”ڪلهن“ سان جڏهن ”ئون“ ملائبو ته لفظ ٿيندو ”ڪلهنئون“ جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”ڪلهن کان يا ڪلهن وٽان“. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”نزديڪ“ سان لفظ ”ئون“ ملائي لفظ ”نزيڪئون“ فرمايو. جنهن جي معنيٰ آهي ”ويجهڙائي کان“.

ب. سئين، سيئَن سين، سينءَ: اسان تحقيق ڪري هي ثابت ڪيو آهي ته ”سئين ۽ سيئن“ الفاظ جن لکيا آهن تن درست الفاظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”سيئ“ کان پوءِ اکر ”ن“ لکيل آهي. هن بيت ۾ لفظ ”سيئن“ جي ڪا به ضرورت نه آهي اهو لفظ حقيقت ۾ ”سينءَ“ آهي ”ن“ اکر جي پٺيان الف حمزو ايندو ۽ جن ”سين“ لکيو آهي تن به درست لکيو آهي.
ت. پري، پِرينءَ: جن صاحبن لفظ ”پرينءَ“ لکيو آهي سي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق. هنن صاحبن جي لکيل لفظ ”پرينءَ“ جي بيت ۾ هن ڪري ضرورت نه آهي جو بيت ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پهريون لفظ ”نزديڪئون“ فرمايو. ان کان پوءِ ٻي مصرع ۾ ”نزديڪ“ لفظ جي ضد طور حضرت ڀٽ جن لفظ ”پري“ فرمايو، تنهنڪري جن صاحبن لفظ ”پري“ لکيو تن درست لفظ لکيو آهي. جن ”پرينءَ“ غلط لفظ لکيو سي آهن، عثمان علي انصاري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

ث. ڳِيڙي، ڳيڙئي: لفظ ”ڳيڙئي“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيو آهي. هن صاحب اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته اصل لفظ آهي ”ڳيڙي“ مگر هن صاحب ”ڳيڙ+ئي“ لکيو آهي.

ج. نِجُهران، نَجُهران، نجهرا، نجُران، نجڙان: لفظ ”نُجران“ قديم سنڌي صورت خطيء ۾ سيّد عبدالعظيم لکيو. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ٿئي ٿو ”نجُڙان“. لفظ ”نجڙان“ هن ڪري سمجهيو آهي ته اصل گنج ۾ لکيل لفظ جي ”ج“ اکر مٿان پيش ڏنل آهي. تنهن ڪري اهو لفظ ”نجڙان“ سمجهي ممتاز مرزا به لفظ ”نجڙان“ لکيو. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو ويو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته عاشق کي ته محبوب جو نالو ڪنهن نه ڪنهن حالت ۽ صورت ۾ کڻڻو آهي ۽ نالو ”ڳيڙي نه جڙان“ جو مطلب آهي تنهنجي نالي وٺڻ جي لائق نه آهيان.
ياد رهي ته! محبوب جو نالو ته هر هر وٺبو آهي ورنه ”جو دم غافل سو دم ڪافر“.
درست لفظ ”نِجُهران“ آهي. لفظ ”نِجُهران“ هن ڪري درست آهي ته عاشق جي عشق واري منزل ۾ هڪ حد اهڙي اچي ويندي آهي جو محبوب جي نالي وٺڻ سان ئي عاشق روئندو ۽ جهرندو رهندو آهي. اهو لفظ عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهي خان شيخ، ديوان تارا چند، علامه آءِ آءِ قاضي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ محمّد عثمان ڏيپلائي لکيو آهي.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]نَظَرُ نَزِِديِڪئونِ، سَهِي نه سَگهان ساعَتَ سِينءَ،
پَسَڻُ پَري سَندونِ، آئُون نَالي ڳِيَڙي نِجُهران.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته عاشق پنهنجي محبوب جي نظرن ۾ ايڏو ته محبت جو جلوو ڏٺو آهي جو ان جي ويجهو اچي به نه ٿو سگهي نزديڪ هن ڪري نه ٿو اچي سگهي جو ان جي ويجهڙائي واري نظر جڏهن عاشق جي نظرن سان ملي چار ٿئي ٿي تڏهن عاشق انهي جي نظرن جو تاب هڪ ساعت به سهي نه ٿو سگهي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته محبوب کي هڪ ساعت به ويجهو ڏسڻ ته پري جي ڳالهه آهي آئون ته سندن نالو وٺندي ئي جيءُ ۾ جهران ۽ ڳران ٿو.

*****

لوچان ٿِي لاَحَد ۾ هَادِي لَهَان نَحَدُّ،
سُپيرِيَاجي سُوهَ جَو، نَڪُو قَدُ نَمَدُ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِريَ پَروا نَاهِڪَا.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر آسا ص729)

لُوچا ٿِي لاَحَدَ ۾ هَادِيَ لَهَان نَه حَدُّ،
سُپيرِيَانجي سُونـ هَ جُو، نَڪُو قَدُ نَمَدُّ،
هِتِ سِکَنُ بيعَدَدُّ، هُتِ پِريَ پَروا نَانهِڪُو.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر آسا ص401)

لوچان ٿي لاحَدَ ۾، هادئ لَهان نه حَدُّ،
سُپيريان جي سُونَهن جو نڪو قد نه مَدُّ،
هِت سِڪَڻُ بي عدد هُت پِرينءَ پروا ناه ڪو.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر آسا ص550سال 1900ع)

لوچَان تهِي لاَحَدّ مين، هَادِيَ لَهَان نَه حَدُّ،
سُپيريَان جي سُونّهَه جو نَه کو قَدُ نَه مَدّ،
هِت سِکَٺ بي عَدَد هُتِ پِرِنءَ پَروَاهه نَاههِ کو.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر آسا ص711سال2008ع)

لوچَان ٿِي لاحَدَ ۾، هَاديءَ لَهَان نه حَدُ،
سُپيرِيَان جي سُونَهن جو نَڪو قَدَ نَه مَدُ،
هِت سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرينءَ پرواهَه نَاههِ ڪَا.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آسا ص330سال2012 )

لوچان ٿي لاحَدَ ۾، هاديءَ لَهان نه حَدُّ،
سُپيريان جي سُونَهن جو نَڪو قَدُ نه مَدُّ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُّ هُتِ پِرينءَ پروا ناهِ ڪو.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص345 )

لوچان ٿي لاحَد ۾، هاري لهان نه حَدُ،
سُپيريان جي سُونهن جو، نه ڪو قَدُ نه مَدُ،
هت سڪَڻُ جي عددُ، هُت پِرينءَ پرواهه ناههِ ڪا.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر آسا ص729سال 1995 )

لوچان ٿي لاحَدَ ۾، هادئ لَهان نه حَدُّ،
سُپيريان جي سُونَهن جو نڪو قد نه مَدّ،
هِت سِڪَڻُ بي عدد هُت پِرينءَ پروا ناه ڪو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر آسا ص757بااختيار ادارو سال 1994 )

لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادئ لَهان نه حَد،
سُپيرِيان جي سُونَهن جو، نَه ڪو قَدّ نَه مَد،
هِت سِڪَڻُ بي عدد، هُتِ پِرينءَ پروا ناهِ ڪو.
(علامه آءِ آءِ قاضي، شاهه جو رسالو سُر آسا ص109سنڌي ادبي بورڊ سال 1993 )

لُڇان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِي لَهان نه حَدُ،
سُپيريان جِي سُونَـ َهَ جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرينِ پرواه ناهِه ڪا.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آسا ص331سال 2009)

لوچان ٿي لاحَدَ ۾، هادئ لَهان نه حَدُّ،
سُپيريان جي سُونَهن جو نڪو قد نه مَد،
هِت سِڪَڻُ بي عدد هُتِ پِرينءَ پروا ناه ڪو.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر آسا ص605سال 1999ع )

لوچان ٿِي لاحد ۾، هادِيَ لَهان نَه حَدُّ،
سُپيرِيان جي سُونَـ هَ جو، نَڪو قَدُ نَه مَدّ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَددُ هُتِ پِرِيَ پَرِوا ناهِ ڪو.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص336سال 2013ع روشني)

لوچان ٿِي لاحَدّ ۾، هادِيَ لَهان نَه حَدُّ،
سُپيرِيان جي سُونهَه جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَددُّ، هُتِ پِرِين پَرِواهه ناهِه ڪا.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر آسا ص526سال 2013)

لوچان ٿِي لاحَدَ ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُّ،
سُپيرِيان جي سُونهَن جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُّ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدَّ، هُتِ پِرِينءَ پَرِوا ناهِ ڪا.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر آسا ص249سال 1994 )

لوچان ٿي لاحد ۾، هاديءَ لَهان نه حد،
سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد،
هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪو.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 579سال 2009ع مهراڻ)

لوچان ٿي لاحد ۾، هادِي لَهِان نه حَد،
سپيريان جي سُونهن جو نَڪو قَد نَه مَد،
هِت سِڪڻ بي عَدد، هُت پرين پَرواهه ناهِڪا.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آسا ص429سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

لوچان ٿي لاحد ۾، هاديءَ لَهان نه حد،
سپيريان جي سونهن جو، نڪو قد نه مد،
هت سڪڻ بي عدد، هت پرينءَ پرواهه ناهه ڪو.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 781سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

لوچان ٿي لاحد ۾، هاديءَ لهان نه حَد،
سپيريان جي سُونَهن جو، نڪو قَد نه مَد،
هُت سڪڻ بي عدد، هِت پرينءَ پروا ناه ڪو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص367سال 2008ع )

لوچان ٿِي لاحَد ۾، هادِيَ لَهان نَه حَدُ،
سُپِيريان جي سُونهَه جو، نَڪو قَدُ نَه مَدُ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرِين پَرِوا ناهِه ڪا.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر آسا ص 231)

نوٽ : ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر آسا نه لکيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (لوچان، لُڇان)، (هاري، هادي)، (سپيريان)، (بي عدد، جي عدد)، (پرواه، پروا)، (ڪا، ڪو)

الف. لوچان، لُڇان: اسان تحقيق دوران ويهن رسالن کي سامهون رکيو آهي، جن ۾ ڪجهه قديم رسم الخط وارا رسالا به آهن. اسان سڀني رسالن ۾ لکيل مٿين بيت کي نهايت ئي غور سان پڙهيو ۽ ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچي هن نتيجي ته پهتا آهيو ته علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيت جو پهريون لفظ ”لُڇان“ غلط لکيو آهي. اسان غلط هن ڪري ٿا چئون ته پهرين مصرع ۾ الفاظ ”لهان نه حد“ به فرمايل آهن. جن جي معنيٰ آهي ”هادي جي حد لهي نه ٿي سگهان هاڻ جڏهن هادي جي حد نه ٿي لهي سگهي ته ظاهر آهي ته هن هادي جي حد لهڻ لاءِ لوچيو آهي ۽ نه لڇيو آهي“. اسان جڏهن لفظن جي لکيل معنيٰ تي غور ڪيو ته اسان کي ”لوچڻ“ لفظ جي معنيٰ وڌيڪ مناسب محسوس ٿي ۽ ”لڇان ٿي لاحد ۾ “ فقررو نهايت ئي نا مناسب لڳو. ڇا ڪاڻ ته لاحد ۾ لڇبو نه آهي مگر لاحد ۾ لوچبو آهي. جن کي لوچڻ جي سگهه هجي ته اهي لوچي سگهن ٿا لڇڻ وارا ته هڪ هنڌ پيا لڇندا ۽ ڦڪندا، جڏهن هڪ هنڌ پيا لڇندا ته پوءِ اهي ڪئين هادي جي حد لهي سگهندا؟ هادي جي حد ته اهي لهي سگهندا جيڪي لوچيندا.

ب. هاري، هادي: فقط ”ممتاز مرزا“ لفظ ”هاري“ لکيو آهي. ٻين سڀني لفظ ”هادي“ لکيو آهي. اسان سوچيو ته متان گنج (الف، ب وار) ۾ درست لفظ لکيو ويو هجي.
قارئين ڪرام! اسان گنج (الف .ب وار) ترتيب ڏنل رسالي جو مطالعو ڪيو ته ترتيب ڏيندڙ صفدر حسين مرزا ۽ شوڪت چاچڙ صاحبان به لفظ ”هاري“ لکيو انهي لفظ کي ڊاڪٽر رخمان گل پالاري ۽ پروفيسر محمّد سليم ميمڻ به سمجهي نه سگهيا.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”هادي“ نهايت ئي مناسب آهي.

ت. سپيريان: قارئين ڪرام! سڀني صاحبن لفظ ”سپيريان“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق ”سپيريان“ لفظ جي معني ”سپرين“ نه ٿي ٿي سگهي. لفظ ”سپرين“ جي معنيٰ سٺا پرين آهي ۽ اهو لفظ ”سپريان“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ سونهين ٿو.

ث. بي عدد، جي عدد: الفاظ ”جي عدد“ به فقط ممتاز مرزا صاحب لکيا آهن، نهايت ئي غلط لکيا اٿس. صفدر حسين مرزا صاحب به لفظ کي هو به هو لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق الفاظ ”بي عدد“ نهايت ئي مناسب آهن جي ٻين سڀني صاحبن بيت ۾ لکيا آهن.

ج. پرواه، پروا: لفظ ”پروا“ لکڻ وارا صاحبان آهن، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ديوان تارا چند، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي، حاجي محمّد سمو، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو. انهن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. اصل لفظ آهي ”پرواهه“. اِهو درست لفظ سيّد عبدالعظيم، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ٻانهي خان شيخ، ممتاز مراز، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگو جي ڏانو جي لکيو آهي.

ح. ڪا، ڪو: اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڪا“ لکيو آهي تن درست لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”ڪو پرواه“ نه چئبو آهي، مگر ”ڪا پرواه“ چئبو آهي. تنهنڪري سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، عثمان علي انصاري، محمّد عالم سومري، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق درست لفظ ”ڪا“ لکيو آهي.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]لوچان ٿِي لاحَد ۾، هادِيءَ لَهان نَه حَدُ،
سُپِريان جِي سُونهَن جو، نَه ڪو قَدُ نَه مَدُ،
هِتِ سِڪَڻُ بي عَدَدُ، هُتِ پِرِينءَ پَرِواه ناهِه ڪا. [/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ عاشق عورت جي روپ ۾ هادي (الله) جي ڳولا ڪندڙ جي زباني فرمائي ٿو ته هادي (الله) ڳولي لهڻ لاءِ مان لاحد ۾ لوچان ٿي يعني لامحدود دنيا ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم معلوم ٿيو ته هاديءَ جي لامحدود حد آهي، ان جي حد بي حد آهي، تنهن ڪري ڳولي نه ٿي سگهان. منهنجي سڪ منهنجي سيني ۾ بي عدد ۽ بي حساب آهي مگر منهنجي پرينءَ کي منهنجي پرواه ئي نه آهي هو الصمد ۽ بي نياز آهي.

*****

لُوڪَان لِڪي سَپُڪُو، لِڪَا لِڪي ڪُونَ،
اُٿِي ويئي اُونَ، اِنَ اُلِٽِي کَالِ جِي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر آساص737)

لُوڪَان لِڪي سَڀَڪُو، لِڪَيا لِڪي ڪُونَ،
سَچِي جِهڙي سُونَ مُونـ هِ نَه پيئِي مَاڙُو۽.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر آسا ص411)

لوڪا لِڪي سڀڪو، لِڪيا لِڪي ڪونَ،
اُٿي ويٺِي اونَ، اِنَ اُلٽئ ڳالهه جِي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر آسا ص563سال 1900ع)

لوکَان لِکي سَبهکو، لِکَان لِکي کو نَه،
اُتهي ويئِي اونَ، اِنَ اُلٿِيَ ڳَالهِه جِي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر آسا ص729سال2008ع)

لوڪَان لِڪي سَڀُڪو، لِڪِئَان لِڪِي ڪو نَه،
اُٿِي ويئِي اونَ، اِنَ اُلٽِيءَ ڳالِهِه جِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر آسا ص339سال2012 )

لوڪا لِڪي سڀڪو، لِڪان لِڪي ڪونه،
اُٿي ويئِي اونَ، اِنَ اُلٽِي ڳالهه جِي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر آسا ص737سال 1995 )

لوڪان لڪي سڀڪو، لِڪيان لِڪِي ڪون،
اُٿي ويٺي اون، اُن اُلٽي ڳالهه جي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر آسا ص777بااختيار ادارو سال 1994 )

لوڪان لِڪي سَڀُڪو، لِڪان لِڪي ڪو نهَ،
اُٿِيي ويٺي اَونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِههَ جِي.

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر آسا ص344سال 2009)

لوڪا لِڪي سڀڪو، لِڪيا لِڪي ڪونَ،
اُٿي ويٺِي اونَ، اِنَ اُلٽئ ڳالهه جِي.
(غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر آسا ص618سال 1999ع )

لوڪا لِڪي سَڀڪو، لِڪا لِڪي ڪونَ،
اُٿي ويٺِي اونَ، اِنَ اُلٽِيَ ڳالِ جِي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص344سال 2013ع روشني)

لوڪا لڪي سَڀُڪو، لِکئا لِڪي ڪو نَه،
اُٿِي ويئِي اونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِهه جِي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر آسا ص541سال 2013)

لوڪا لِڪي سَڀڪو، لِڪا لِڪي ڪونَ،
اُٿي ويٺي اونَ، اِنَ اُلٽيءَ ڳالِهه جي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر آسا ص249سال 1994 )

لوڪا لڪي سڀڪو، لِڪيان لڪي ڪو نه،
اُٿي ويٺي اون، اِن اُلٽيءَ ڳالهه جي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 595سال 2009ع مهراڻ)

لوڪا لڪي سَڀَ ڪو، لِڪيا لِڪي ڪو نه،
اُٿِي ويٺي اَونَ، ان اُلَٽِي ڳالهه جي.

(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر آسا ص436سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

لوڪا لڪي سڀڪو، لِڪيان لڪي ڪو نه،
اُٿي ويٺي اون، اِن اُلٽيءَ ڳالهه جي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر آسا ص 798سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

لوڪا لڪي سڀڪو، لڪيا لڪي ڪون،
اُٿيءَ ويٺِي اون، اِن اُلٽيءَ ڳالِهه جِي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر آسا ص375سال 2008ع )

لوڪا لِڪي سَڀُڪو، لِکئا لِڪي ڪو نَه،
اُٿِي وِيئِي اونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِهه جِي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر آسا ص 235)

نوٽ : ڊاڪٽر گُربخشاڻي سُر آسا نه لکيو، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي اهو بيت نه لکيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (لڪا، لڪان، لڪيان، لڪئان، لکئا)، (ڪون، ڪونه)، (اُٿي ويئي اون، اٿي ويٺي اون)، (ڳال جي، ڳالهه جي)

الف. لڪا، لڪان، لڪيان، لڪئان، لکئا: قارئين ڪرام! اسان مٿي جن صاحبن جا بيت لکيا آهن تن سڀني لفظ ”لڪا، لڪان، لڪيان، لڪئان“ لکيا آهن،
اسان جي تحقيق مطابق انهن سڀني صاحبن غلط لفظ لکيا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”ليکڪان“ فرمايو. ”ليکڪان“ لفظ هن ڪري فرمايو ته اهو ليکڪان لفظ وارو اشارو ٻن ليکڪن جي طرف آهي ۽ اهي ٻه ليکڪ آهن ”ڪراماً ڪاتبين“.

ب. ڪون، ڪونه: جن صاحبن لفظ ”ڪون“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست نه لکيو آهي ۽ جن صاحبن الفاظ ”ڪو نه“ لکيا آهن تن اسان جي تحقيق مطابق لفظ درست لکيا آهن، اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”ڪون“ جي معنيٰ آهي ”نه“ ۽ لفظ ”ڪو نه“ جي معنيٰ آهي ”ڪو هڪ به نه“.
درست الفاظ ”ڪو نه“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهو خان شيخ، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، باگو جي ڏانو جي، ممتاز مرزا ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

ت. اُٿي ويئي اون، اٿي ويٺي اون: ”اُٿي ويئي اون“ سيّد عبدالعظيم، عثمان علي انصاري، ممتاز مرزا، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ٻانهي خان شيخ اهو فقرو برابر لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق غلط فقرو ”اٿي ويٺي اون“ آهي. اهو مٿين ڄاڻايل صاحبن کان سواءِ باقي سڀني صاحبن لکيو آهي.

ث. ڳال جي، ڳالهه جي: جن صاحبن الفاط ”ڳال جي“ لکيا آهن، تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيا آهن. اصل ۽ درست الفاظ ”ڳالهه جي“ آهن. اهي غلط الفاظ لکڻ وارو صاحب آهي، غلام محمّد شاهواڻي.
قارئين ڪرام! حاجي محمّد سمي بيت جي آخري مصرع هي لکي آهي:
سَچِي جِهڙي سُونَ مُونـ هِ نَه پيئِي مَاڙُو۽.
اها مصرع حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مذڪوره بالا بيت سان ڪو تعلق نه ٿي رکي.

تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]لوڪان لِڪي سَڀُڪو، لِيکڪان لِڪي ڪو نهَ،
اُٿي ويئي اَونَ، اِنَ اُلِٽِي ڳالِههَ جِي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته ماڻهو جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪندا آهن ته اهي لوڪ کان لڪي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جئين هو بدنام نه ٿين. ائين ٿيندو ئي رهيو آهي ته لوڪ کان ماڻهو لڪندا ئي رهيا آهن. مگر عملن جي لکندڙن کان ڪو به لڪي نه سگهندو آهي. لکندڙن جو لکيو ايترو ته اٽل آهي جو ان کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي. .
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه وڌيڪ فرمائي ٿو ته اها ابتي ۽ الٽي ڳالهه آهي جو آدمي لوڪان لڪڻ جو فڪر ته رکن ٿا مگر عملن جي لکڻ وارن فرشتن جو هنن جي ذهنن مان اونو ۽ ڳڻتي نڪري ويئي آهي ڪراماً ڪاتبين جي لکت جو ڪو به خوف ماڻهن جي دلين ۾ نه آهي.

*****