17. سُر ڪوهِياري
نِنڊا نِمارِينکي کي اُوڀَالاَ اَچَنِ،
ليٽِِ ڪِيَ، لَطِيفُ چي، هَاري رِءَ هُوتَنِ،
سي ڪُوهُ پُنُوهُ پُڇَنِ، جي سَنجَي رَهَنِ سُمَهِي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سرود سسئي ص 51)
اِيُ ڪَمُ ڪَمِينيَنِ، جنِ سُتِي پِيرَ ڊرگَا ڪَري،
لُوچيِِِ ڪُوهُ نَه لَطِيفُ چي، هَاري لَئَ هُوتَنِّ،
نِنڊرَا نِمَانِيَنِ کي اُوڀَالاَ اَچَنِّ،
سي ڪِنيئَي پُنُونـ هُ پَسَنِّ، جي سَنجَي رَهَنِ سُمَهِي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص224)
اِهو کَمُ َکَمِيٺِن، جِي سُمهَنِ پيرَ ڌرِگهَا کَرِي،
لوچِين چهو نَه، لَطِيفُ چي، هَارِي لَئِ هوتَنِ،
نِنڌرَان نِبهَاکِنِ کهي تهَا اوبهَالاَ اَچَنِ،
سي پُنهُون ڪوههُ پُڇهَن، جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِئو.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص383سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
اِيُ ڪم ڪميڻَينِ، جئن سُمهنِ پير ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئ هوتَنِ،
ننڊان نڀِا ڳينِ کي اوڀا لا اچن،
سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص277سال 1900ع)
اِيءُ ڪَمُ نه ڪَمِيِڻِينِ، جِيئن سُتِيئَن پيرَ ڊگهَا ڪَري،
نِنڊَان نِمَاڻينُ کي، اوڀَالا اَچَنِ،
ليٽين ڪيئَن لطيف چئي، هَارِي رِءِ هوتَنِ،
سي ڪوهُه پُنهون پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص229سال2012 )
اِي ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِنءَ سُمهنِ پيرَ ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيفُ چي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
نِنڊا نڀِاڳِنِ کي اوڀالا اَچِنِ،
سي پنهو ڪوهُ پڇنِ، جي سَنجهي رهنِ سُمَهِي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص398سا ل 1996 )
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيِڻَينِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊگها ڪَري،
لوچِين ڇو نه، لَطِيفُ چئي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
نِنڊان نِڀاڳِينِ کي اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهون ڪوه پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
(ڪلياڻ آڏواڻي جو شاهه رسالو سُر ڪوهياري ص188)
اِيُ ڪم نه ڪميڻيَنِ، جِيئن ستينءَ پيرَ ڊگها ڪري،
نِنڊان نماڻين کي اوڀالا اچنِ،
ليٽين ڪيئن، لطيف چئي، هارِي! رِيء هوتن،
سي ڪوهُ پنهون پڇنِ، جي سَنجهي رهنِ سُمَهِي.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص51 سال 1995 )
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جِئن سُتِينءَ پيرَ ڊِگها ڪَري،
نِنڊران نِماڻينِ کي اوڀالا اَچَنِ،
ليٽِيين ڪِيئن، لَطِيف چي، هارِي رِي هوتَنِ،
سي ڪِيئَن پُنهُون پَسَنِ، جن کي نِيرُ نِنڊرَ جو.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 223سال 2009)
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيف چي، هارِي لَئي هوتَنِ،
نِنڊان نِڀاڳينِ کي اوڀالا اَچَنِ؟
سي پُنُوءَ ڪوه پُڇن؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 271سال 2013)
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻَينِ، جِئنءَ سُمَهَنِ پيرَ ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيفُ چئي، هارِي لَءِ هوتَنِ؟
نِنڊان نِڀاڳينِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهون ڪوهُ پُڇَنِ؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص 50سال 1994 )
اِيُ ڪم ڪميڻَين، جئَن سمهنِ پير ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نه لطيف چئَي، هَاري لَيءِ هوتَن؟
ننڊان نِڀاڳين کي اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص316مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
اِيُ ڪم ڪميڻَينِ، جئَن سُمهنِ پير ڊگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيف چئَي، هاري لَئ هوتَنِ،
ننڊان نِڀا ڳينِ کي اوڀا لا اچن،
سي پنهون ڪوه پُڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 366بااختيار ادارو سال 1994 )
اِيُ ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
لوچِين ڇو نه، لَطيف چَئي، هارِي لَئ هوتَنِ،
ننڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهون ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي ئي رَهَنِ سُمهي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص487سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئه هوتن،
ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 293سال 2009ع مهراڻ)
اِي ڪَمُ ڪميڻَينِ، جِنءَ سُمهَنِ پيرَ ڊگها ڪَري،
لوچِين ڇو نَه، لَطِيفُ چي، هارِي لَءِ هوتَنِ،
نِنڊا نڀِاڳِنِ کي اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهُو ڪوهُ پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص195سال 2013ع روشني)
اِيءُ ڪم ڪميڻَن، جيئَن سُمهَنَ پِير ڊِگها ڪري،
لَوچين ڇو نه لطيف چئي، هارَي لئي هوتن،
نِنڍان نِڀاڳن کي اَوڀَالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پُڇن، جي سَنجهي رَهن سُمهي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص236سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
اي ڪم ڪميڻن، جئن سمهين پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري لَئه هوتن،
ننڊان نڀاڳين کي اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 370سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
ايءُ ڪم ڪمينن، جيئن سمهين پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نه لطيف چئي، هاري لئي هوتن،
ننڊان نڀاڳن کي اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوهه پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 174سال 2008ع )
اِيُ ڪَمُ ڪَمِيڻِينِ، جئن سُمَهَنِ پيرَ ڊِگها ڪري،
لوچِين ڇو نه، لطيف چي، هارِي لَئي هوتَنِ،
نِنڊان نِڀاڳينِ کي اُوڀالا اَچَنِ،
سي پُنُوءَ ڪوه پُڇن؟ جي سَنجهي رَهَنِ سُمهِي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 110سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڪم، ڪم نه) (ڪَميڻيَنِ، ڪمِيڻَن، ڪمينين، ڪمينن)، (سمهن، سمهين، ستين، سُتيئن، ستينءَ، ستيِِ)، (لوچين، ليٽين، ليٽيين)، (لءَ، لئه، لَئي، رَي، رءِ)، (ننڊا، ننڊان، ننڍان، ننڊران)، (نڀاڳين، نڀاڳن، نماڻين)، (اُوڀالا اَچن)، (پنهون، پُنوءَ، پنوه، پنونـ ه)، (ڪوه، ڪي، ڪينيءَ )، (پُڇن، پسن)، (جن کي نير ننڊ جو، جي سنجهي رهن سمهي).
الف. ڪم، ڪم نه: قارئين ڪرام! اوهان مٿيان بيت پڙهي چڪا آهيو بيتن جي پهرين مصرع ۾ ڪن صاحبن فقط ”ڪم“ لفظ لکيو آهي ۽ ڪن ”ڪم نه“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق ”ڪم نه“ وارا الفاظ جن لکيا آهن تن درست الفاظ لکيا آهن. درست الفاظ لکڻ وارا صاحبان آهن سيّد عبدالعظيم فقير، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ. باقي ٻين صاحبن اسان جي تحقيق مطابق فقط ”ڪم“ لفظ لکي ثابت ڪيو آهي ته هنن صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جي پهرين مصرع جا پهريان ٽي الفاظ سمجهه ۾ ئي نه آيا.
ب. ڪَميڻيَنِ، ڪمِيڻَن، ڪمينين، ڪمينن: اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ڪمينين / ڪمينن“ جن لکيو سي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل لفظ کي پڻ سمجهي نه سگهيا ۽ جن صاحبن لفظ ”ڪميڻين / ڪمينن“ لکيو سي صاحبان به حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي فرمايل بيت کي سمجهي نه سگهيا. تنهن ڪري لفظ ”ڪميڻين / ڪمينن“ جي درست معنيٰ نه لکي سگهيا. چند محقق حضرات جي لکيل معنيٰ ملاحظه فرمايو:
ڪلياڻ آڏواڻي، پهرين مصرع جي معنيٰ لکي آهي ”پير ڊگها ڪري سمهي پوڻ، ڪميڻين (نالائق طالبن) جو وڙ آهي“ (ص 188).
ٻانهي خان شيخ لفظ ”ڪميڻين“ جي معنيٰ لکي آهي ”ڪميڻين جو بدڪارن جو، بڇڙائي ڪندڙن جو، ڪم ذات (زالن جو)“ (ص 229).
معلوم ٿيو ته انهن ٻنهي صاحبن کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي اصل فرمايل لفظ جي معنيٰ سمجهه ۾ نه آئي. ياد رهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ با ڪمال شاعر هو هن جي اڳيان الفاظ ٻانهون ٻڌيو بيٺا هوندا هئا. تنهنڪري هن برزگ پنهنجي ڪلام ۾ الفاظ چونڊي چونڊي ۽ سوچي سمجهي فرمايا.
قارئين ڪرام! لفظ ”ڪم“ جي لهڙي منجهان ڪجهه لفظ ملاحظه فرمايو ”ڪم، ڪمي، ڪميڻي، ڪميڻو وغيره“ .
انهن لفظن جي معنيٰ آهي، ڪم ڪرڻ وارا، محنت، مزدوري ۽ خدمت چاڪري ڪرڻ وارا (مرد / عورتون). انهن کي ڪنهن به صورت ۾ بد ڪار بدڪردار ۽ برن ڪمن ڪرڻ وارو نه ٿو چئي سگهجي.
قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن بيت جو فقرو ”اي ڪم نه ڪمينين، ڪَميڻِين“ لکيو آهي، تن نهايت درست فقرو لکيو آهي سي آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ.
ت. سمهِن، سمهين، ستين، سُتيئن، ستينءَ، ستيِِ: لفظ ”سمهِنَ“ لکڻ وارا صاحبان آهن ديوان تاراچند، عثمان علي انصارمي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاۡڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
اسان انهن جي لکيل لفظ کي غلط قرار ڏنو آهي، اهو هن ڪري ته ”سمهن“ لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيندو آهي. حضرت ڀٽ ڏڻيءَ ته فقط سسئي کي مخاطب ٿي فرمايو. ان جو ثبوت هي آهي ته ٻي مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”هاري“ فرمايو آهي. جمع لاءِ فرمائي ها ته ”هاريون“ فرمائي ها. ”هاري“ لفظ سڀني ڪاتبن، مرتبن ۽ محققن لکيو آهي.
لفظ ”سمهين“ جن صاحبن لکيو سي آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگو جي ڏانو جي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
اسان جي تحقيق مطابق هنن به لفظ نا مناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته قديم نسخن ۾ لفظ ”ستي“ لکيل آهي، اهو لفظ اصل ۾ ”ستين“ آهي قديم عربي سنڌي رسم الخط ۾ لفظ جي آخري ”ن“ غني کي ڪاتب مخفي رکندا هئا. جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ اهو لفظ ”ستينءَ“ لکڻ گهرجي. اهو جديد سنڌي صورت خطيءَ وارو لفظ سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهي خان شيخ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ درست لکيو آهي.
ث. لوچين، ليٽين، ليٽيين: قارئين ڪرام! اسان جي تحقيق مطابق ”لوچين“ لفظ نامناسب لکيو ويو آهي. ڇا ڪاڻ ته ”لوچين“ لفظ ثابت ڪري ٿو ته سسئي پنهون ۽ ان جي ڀائرن جي قافلي جي پٺيان رواني نه ٿي هئي حالانڪه سسئي سهيلين جي جهلڻ باوجود ڪيچ طرف رواني ٿي چڪي هئي انهي خيال کان ”ليٽين ڇو“ الفاظ اسان جي تحقيق مطابق درست آهن. جن صاحبن درست الفاظ ”ليٽين ڇو“ لکيا آهن سي آهن . سيّد عبدالعظيم ممتاز مرزا ۽ ٻانهون خان شيخ.
ج. لءَ، لئه، لَئي، رَيءَ، رءَ: قارئين ڪرام! ”لءَ، لئه، لئي“ هنن لفظن تي اسان بحث هن ڪري نه ٿا ڪريون ته اسان اڳ ۾ ثابت ڪري چڪا آهيون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي آخري درست مصرع آهي:
”ليٽين ڪيئن لطيف چي، هاري ريءَ هوتن“
لفظ ”رءَ“ قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيو ويندو هو ۽ جديد صورت خطيءَ ۾ ”ريءَ“ لکبو آهي.
ح. ننڊا، ننڊان، ننڍان، ننڊران، ننڌران: لفظ ”ننڌران“ اصل ۾ اهو لفظ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جيڪو لکرايو آهي انهي لفظ جي اکر ”د“ مٿان چار نقطا ليکڪ کان ڏياريا. اصل ۾ اهو لفظ ”ننڊران“ لکڻ ٿي چاهيائون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به اهو لفظ ”ننڊران“ ۽ حاجي محمّد سمي ”ننڊرا“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق انهن ٽنهي صاحبن لفظ نامناسب لکيو آهي. ننڊران لفظ اتراڌي لهجي وارو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”ننڊان“ آهي. درست لفظ ”ننڊان“ لکڻ وارا صاحبان آهن. سيڊ عبدالعظيم فقير، ديوان تاراچند، عثمان علي انصاري، مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا، فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، ڪلياڻ آڏواڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانوجي .
لفظ ”ننڊا“ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي لکيو آهي. انهن صاحبن نامناسب لفظ لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هنن قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ مطابق لفظ لکيو آهي. اهو لفظ هنن کي ”ننڊان“ لکڻ گهربو هو.
سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ننڍان“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق هي نامناسب لفظ پروف ريڊر جي غلطي سببان لکجي ويو آهي.
خ. نڀاڳين، نڀاڳن، نماڻين: جن صاحبن لفظ ”نماڻين“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. انهي لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيد عبدالعظيم، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانهون خان شيخ، ممتاز مرزا ۽ حاجي محمّد سمون.
اسان لفظ ”نماڻين“ کي هن ڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ تسليم نه ڪيو آهي جو ننڊ ته نڀاڳي چئي ويئي آهي، ننڊن ڪرڻ سان سلطاني سهاڳ نه ملندو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ننڊ ڪرڻ وارن جي نِندا ڪئي آهي ۽ جاڳڻ وارن کي جس ڏنو اٿس.
قارئين ڪرام! سڀني صاحبن لفظ ”نڀاڳين“ لکيو آهي. اسان انهن جي لکيل لفظ ”نڀاڳين“ کي برابر تسليم نه ٿا ڪريون جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي بيت ۾ فقط سسئي سان مخاطب آهي ۽ سسئي واحد (عورت) آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هن کي ”نڀاڳڻ“ فرمايو جئن ته قديم رسم الخط ۾ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو تنهنڪري قديم دور جي ڪاتبن ”نڀاڳن“ لکيو جيڪو جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”نڀاڳِڻ“ لکڻ گهرجي.
د. اُوڀالا اَچن: قارئين ڪرام! ”اُوڀالا“ لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ”مهڻو، عتاب ۽ ڏوراپو“ لکي آهي (ص 408).
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ”اوڀالا“ لفظ جي معنيٰ لکي آهي ”مهڻا“ (ص 316).
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”عتاب، ڏوراپا“ (لغات لطيفي ص 184).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ معنيٰ لکي آهي ”ملامتون“ (ص 223).
ٻانهي خان شيخ معني لکي آهي. ”مهڻا، طعنا، عتاب“ (ص 229).
قارئين ڪرام! اسان هنن صاحبن جي لکيل لفظي معنيٰ کي غلط قرار ڏنو آهي. اهو هن ڪري ته بيت جي مصرع آهي.
”ننڊان نڀاڳن کي، اوڀالا اچن“
هاڻ جيڪڏهن اسان معنيٰ ”ڏوراپا، مهڻا، ملامتون، طعنا“ تسليم ڪريون ته پوءِ مصرع جي معنيٰ ٿيندي :
نڀاڳڻ سسئي کي مهڻا اچن، مهڻا ته ايندا نه آهن مگر مهڻا ملندا آهن. سنڌيڪا لغت ص 77 ۽ جامع لغات جي ص 280 تي غلط معنيٰ لکيل آهي. اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”اوڀالا“ جي معنيٰ آهي ”اوجهراڪيون ڏيڻ، ننڊ دوران جهوٽا ۽ لوڏا کائڻ“
ذ. پنهون، پنوهه، پُنوءَ، پنوه، پنونـ ه: قديم سنڌي عربي صورت خطيءَ ۾ ”پنوه، پنونـ ه، پُنوءَ“ لکيو ويندو هو. اصل ۾ اهو لفظ ”پنهون“ جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو ويندو آهي.
ر. ڪوه، ڪي، ڪينيءَ : جن صاحبن لفظ ”ڪي ۽ ڪينيءَ“ لکيو آهي، تن قديم سنڌي صورت خطي ۾ لکيو آهي. جديد سنڌي صورت خطي ۾ اهو لفظ ٿيندو ”ڪئن“ اهو لفظ ”ڪئن“ لفظ ”ڪوه“ جي مقابلي ۾ مناسب نه آهي. ڇا ڪاڻ ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي دور ۾ لفظ ”ڪوه“ استعمال ٿيندو هو. جنهن جي معنيٰ ”ڇو“، اهو لفظ اڄ به مروج آهي. تنهنڪري ئي قديم دور جي ڪاتبن ۽ جديد دور جي ڪجهه لکيڪن لفظ ”ڪوهه“ بيت ۾ استعمال ڪيو آهي. قديم دور وارا ڪاتب آهن سيد عبدالعظيمم، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمو ۽ جديد دور جا ”ڪوه“ لفظ بيت ۾ استعمال ڪرڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، ڪلياڻ آڏواڻي، غلامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي.
ز. پُڇن، پسن: جن صاحبن لفظ ”پُڇن“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته بيت جي آخري مصرع جو فقرو آهي:
”جي سنجهي رهن سمهي“
اهو فقرو ثابت ڪري ٿو ته جيڪي سنجهي سمهي پيون سي پنهون کي ڪئن پسنديون. تنهنڪري لفظ ”پسن“ بيت ۾ زياده مناسب ٺهي ٿو ۽ نه ”پڇن“.
س. جن کي نير ننڊ جو، جي سنجهي رهن سمهي: قارئين ڪرام! فقرو ”جن کي نير ننڊ جو“ فقط ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي، هن صاحب ”نير“ لفظ جي معنيٰ ئي نه لکي آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪنهن فقير جي تضمين طور چيل مصرع بيت ۾ لکي آهي. اها مصرع حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت ۾ نه ٿي سونهين.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي:
[b]اِيءُ ڪم نه ڪَمِيڻيِنءَ، جئن ستِينءَ پير ڊگها ڪري،
نِنڊان نڀاڳِڻ کي اُوڀالا اَچَن،
لِيٽِينَ ڪئن لطيف چي، هَاري ريءَ هُوتَن؟
سِي پنهونء ڪُوهه پَسنِ؟ جي سنجهي رهن سمهي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي فرمائي ٿو ته تون پنهون جي ٻانهي ۽ خدمت چاڪري ڪندڙ آهين (ڪميڻي آهين). تنهنجو اهو ڪم نه آهي، اهو وڙ نه آهي ته تون ڊگها پير ڪري سمهين. تون ستينءَ ته پنهون جي ڀائرن جو قافلو ڪيچ طرف روانو ٿي ويو.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کان پچي ٿو ته اي، غفلت سسبان محبت جي راند هارايل سسئي تون هوت پنهون جي غير موجودگي ۾ ڪئن ليٽي آرام ڪيو؟ تو کي ته ننڊ نه ڪرڻي هئي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته نڀاڳڻ، سسئي کي ننڊ گهڻي هئي ۽ ننڊ جي ڪري هن کي اوجهراڪيون ٿي آيون، وڌيڪ فرمايائين ته اهي پنهون کي ڪئن پسي سگهنديون؟ جيڪي سنجهي سمهي رهن.
*****
مُنکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِِ، هَاذِقَ هُوتَانِي،
تُوهِِ لَئِي کَانِي ڏُکِي ڀُنِِ ڏُنکَرِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص 63)
مُنکي ڇَڏِ مَڇَپَرَِِ، حَاذِقَ هُوتَانِِ،
تُوهِِ لَئِ کَانِِ، ڀُونِِ ڏُونکَرَا ڏورِيَان.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص227)
مُون کهي چهَڏِ مَ چهَپَرين، هَاتِکَ هوتَاٺِي،
توئِي لَئِ کهَاٺِي، ڏُکهِي ڏوري ڏونگَرين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص390سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
مونکي ڇڏ م ڇپرين، حاذِقَ هوتاڻي،
توهِين لَي کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص283سال 1900ع)
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، حَاذِقَ هوتَاڻِي،
توهِين لَئِه کَاڻِي، ڏکِي ڀُڻِي ڏونگرين.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص239سال2012 )
مُنکي ڇڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻِي،
توهِين لَءِ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص401سا ل 1996 )
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
توهِين لئي کاڻي، ڏکي ڀوڻين ڏونگرين.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سرود سسئي ص63سال 1995 )
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هَاتِڪَ هوتاڻي،
توهين لئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگرين.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 276سال 2013)
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،
توهِين لاَءِ کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏُونگَرين.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص268سال 1994 )
مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي!
توهِين ليءِ کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص322مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
مونکي ڇڏ م چپرين، حاذقَ هوتاڻي،
توئي لئ کاڻي، ڏُکي ڏوري ڏونگرين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 373بااختيار ادارو سال 1994 )
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻي،
توهِين لَئ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏونگرين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص495سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
مون کي ڇڏ مَ ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
توئي لئه کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 298سال 2009ع مهراڻ)
مُونکي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻِي،
توهِين لَءِ کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص197سال 2013ع روشني)
مون کي ڇَڏ مَ ڇپرين، هاتِڪ هُوتاڻي،
تولئي کاڻي، ڀُڻي ڏونگر ڏوِريان.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص237سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
مون کي ڇڏ م ڇپرين، حاذق هوتاڻي،
توئي لئه کاڻِي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 377سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
مون کي ڇڏ مَ چپرين، هاتڪ هوتاڻي،
توهي لئي کاڻي، ڏکي ڏوري ڏونگرين.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 176سال 2008ع )
نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل آهي.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هاتڪ، حاذق، هاذق) (توهي، توئي، توهين، تولئي)، (ڏوري، ڀُونِِ، ڀُن ِِ ِ، ڀوڻين، ڀڻي)، (ڏونکرا،ڏونگرين، ڏونگر ڏوريان).
الف. هاتڪ، حاذق، هاذق: قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”هاتڪ“ لکيو سي صاحبان آهن، ڊاڪٽر هوت چند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، غلام محمّد شاهواڻي، الله داد جنجهي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
اسان انهن صاحبن جي لکيل لفظ کي غلط ثابت ڪيو آهي. اهو هن ڪري ته انهن صاحبن منجهان عثمان علي انصاري لفظ ”هاتڪ“ جي معنيٰ لکي آهي ”حاذق، هوشيار، ڏاهو“ (ص 713). علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر محمّد علام سومري ”هاتڪ“ لفظ جي معنيٰ به ساڳي حاذق لکي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي معنيٰ نه لکي آهي.
قارئين ڪرام! اصل لفظ ”حاذق“ ئي آهي هنن صاحبن کي اهو لفظ سمجهه ۾ نه آيو. سيّد عبدالعظيم لفظ ”هاذق“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق هن ڪاتب سڳوري لفظ حاذق فقيرن جي زباني ٻڌو مگر هن کي لفظ جي صحيح صورت خطيءَ سمجهه ۾ نه آئي تنهنڪري ”هه“ هرڻي سان ”هاذق“ لکيائين مگر ڪٿي به ”هاتڪ“ نه لکيو اٿس.
جن صاحبن درست لفظ ”حاذق“ لکيو سي آهن، ديوان تاراچند، حاجي محمّد سمون، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، محمّد عثمان ڏيپلائي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ باگوجي ڏانوجي.
قارئين ڪرام! جن صاحبن لفظ ”حاذق“ لکيو آهي. تن لفظ جي معنيٰ ”ڏاهو، هوشيار“ لکي آهي. اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت ۾ لفظ ”حاذق“ استعمال ڪري پنهنجي علمي قالبيت جو اظهار فرمايو آهي. سسئي پنڌ ڪري ٿڪجي پيئي هئي پير پٿون ٿي پيا هئس، هجر ۽ فراق سببان سندس دل اداس هئي اهڙي حالت ۾ سسئي کي انهي جي ضرورت هئي جو سندس جسم جو علاج به ڪري ۽ کيس روحاني سڪون به عطا ڪري. لفظ ”حاذق“ جو تعلق وڄا سان آهي، هن لفظ جو تعلق علم الابدان سان آهي تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”حاذق“ فرمايو.
ب. توهي، توئي، توهين، تولئي: ”تو لئي“ الفاظ فقط سگهڙ الهداد جنجهي لکيا آهن. لفظ ”توئي“ جن صاحبن لکيو آهي. سي صاحبان آهن، محمّد عثمان ڏيپلائي، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ باگوجي ڏانو جي. اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن نامناسب لفظ لکيو آهي. اسان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي مختلف رسالن جو مطالعو ڪري ثابت ڪيو آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”توئي“ لفظ ڪٿي، شاذ و نادر ۽ اتفاق سان استعمال ڪيو آهي مگر اڪثر لفظ ”تُوهِين“ استعمال فرمايو آهي. اهو ”تُوهِين“ درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهي، سيّد عبدالعظيم، غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ممتاز مرزا، حاجي محمّد سمون، ديوان تاراچند، غلام محمّد شاهواڻي ۽ عثمان علي انصاري. لفظ ”توهي“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، هن به مناسب نه لکيو آهي.
ت. ڏوري، ڀُونِِ، ڀُن ِِ ِ، ڀوڻين، ڀڻي: قارئين ڪرام لفظ ”ڀوُنِِ ۽ ڀُنِِ“ قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيا ويندا هئا، ان دور توڙي هاڻوڪي دور ۾ انهن لفظن کي ڀڻي ۽ ”ڀوڻين“ پڙهيو ۽ ڳالهايو ويندو آهي. جن صاحبن لفظ ”ڀوڻين“ لکيو آهي تن صاحبن لفظ ”ڏوري“ لکڻ وارن کان بهتر لفظ لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل لفظ ”ڀوڻين“ لفظ ”ڏوري“ کان زياده بامعنيٰ آهي. با معنيٰ منجهان مراد هي آهي ته ڀوڻڻ وارو محبوب کي ڳولي به ٿو ۽ سندس نالو ورد وانگر زبان سان دهرائي به ٿو. اهو لفظ لکڻ وارا سيّد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمون، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي آهن.
ث. ڏونکرا،ڏونگر، ڏونگرين، ڏونگر ڏوريان: لفظ ”ڏونگر“ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي ۽ لفظ ”ڏونکرا“ حاجي محمّد سمي لکيو آهي، انهن ٻنهي نامناسب لفظ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”ڏونگرين“ لکيو تن نهايت ئي بهترين لفظ لکيو آهي.
تحقيق، تنقيد، ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]مُون کي ڇَڏ مَ ڇَپَرين، حَاذِق هُوتَاڻِي،
تُوهِين لِئي کَاڻِي، ڏُکي ڀُوڻِين ڏُونگَرين.[/b]
معنيٰ: اي هوت قبيلي جا سرموڙ ۽ منهنجا روحِ روان تنهنجي جدائي مون کي ڳاري ۽ جهوري رهي آهي. پهڻن ۽ پٿرن پير پٿون ڪري وڌا آهن سندم روح مجروح آهي تون منهنجو حاذق آهين، مون کي پهاڙن جي ڇپرن، ۽ سندن سنگر پٽين ۾ اڪيلو نه ڇڏ، تنهنجي هجر ۽ فراق جي سوز ۾ سڙان پچان ۽ ڪڙهان ٿي. ڏکن کي ساڻ کڻي توکي ڏونگرن ۾ ڏوريان ٿي ۽ پهاڙن جي ڀونءِ ۾ ڀوڻان ٿي.
*****
مَتَان ڪَا مُنڌَ ڏي، پَاهِي‘ پَسِي پَٻُ،
اَکِئَا ڪَئُ مَڪَٻُ، اِيُ قَالِي اَڏُو ڪيچَکي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سرود سسئي ص 11)
پَانـ هُ‘ پَسِي پَٻُ، مَتَانڪَا مُنڌَ ڏِيِِ،
اَکِيَان ڪَئُ مَڪَپُ، ئِي قَالِي اڏُو ڪيچَکي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص234)
پَانهِين پَسِي پَٻُ، مَتَان کَا مُندهَه ڏِئي،
اَڳِيَان کهَيءُ مَ کهَٻ، اِييءَ قَالِي آڏو کيچَ کهي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص403سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)
پانهِين پَسي پَٻُ، متان ڪا مُنڌ ڏِئين،
اڳيان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر ڪوهِياري ص292سال 1900ع)
متان ڪَا مُنڌ ڏي، پاهِي پَسي پَٻُ،
اڳيان ڪَئو مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
(ممتاز مرزا گنج جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص11سال1995 )
مَتَان ڪَا مُنڌَ ڏئين، پَاهِي پَسِي پَٻُ،
اَڳِئَان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قَالِي آڏو ڪيچَ کي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڪوهيا ري ص184سال2012 )
پاهِين پَسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ ڏيِين،
اَڳئا ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص405سا ل 1996 )
پانهِين پسي پَبُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
اَڳيان ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
(ڪلياڻ آڏواڻي شاهه جورسالو سُر ڪوهياري ص197)
پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
اڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچَ کي.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 285سال 2013)
پانهِين پَسي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
اَڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر ڪوهياري ص 81سال 1994 )
پانهِين پَسي پٻ، متان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
اڳيان ڪَوءُ م ڪٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچ کي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص330مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
پانهِين پَسي پٻ، متان ڪا مُنڌَ ڏِئين،
اڳيان ڪَوُم ڪٻ، اِئ قالي آڏو ڪيچ کي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 384بااختيار ادارو سال 1994 )
پانهِين پَسي پَٻُ، مَتان ڪا مُنڌَ ڏِيين،
اَڳِيان ڪَوُ مَ ڪَٻُ، اِي قالِي آڏو ڪيچ کي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص506سنڌي ادبي بورڊ 1993 )
پانهِين پسي پٻ، متان ڪا منڌَ ڏئين،
اڳيان ڪوء مَ ڪٻ، اي قالِي آڏو ڪيچ کي.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 307سال 2009ع مهراڻ)
پاهِين، پَسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ ڏيِين،
اَڳِئا ڪَوءُ مَ ڪَٻُ، اِيُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص202سال 2013ع روشني)
پاهون پَسي پٻ، مَتان ڪو منڌَ ڏئين،
اڳيان ڪيوم ڪَٻ، ڪالي آڏو ڪيچ کي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڪوهياري ص217سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
پانهِين پسي پٻ، متان ڪا منڌَ! ڏئين،
اڳيان ڪوء مَ ڪٻ، اي قالِي آڏو ڪيچ کي.
(باگوجي ڌانوجي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص388سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
پاهون ڏسي پٻ، متان ڪا منڌ ڏئي،
اڳيان ڪَئو مُ ڪَٻ، قالي آڏو ڪيچ کي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڪوهياريص 157سال 2008ع )
پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏِئين،
اڳيان ڪَوء مَ ڪَٻُ، اِيُ قالي آڏو ڪيچَ کي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر ڪوهياري ص 113سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (پانهين، پاهين، پاهو، پاهون، پاهي)، (ڏسي، پسِي)، (متان ڪا، متان ڪو)، (ڏئين، ڏيين، ڏئي، ڏي)، (ڪوء مَ ڪَٻُ، ڪوءُ مَ ڪَٻ، ڪئو ڪٻ، ڪيوم ڪٻَ، کهئُ کهٻَ)، (اِي قالي، اِيُ قالي، اي قالي، قالي، ڪالي)، (ڪيچ کي، ڪيچ جي)
الف. پانهين، پاهين، پاهون، پاهي: قارئين ڪرام! لفظ ”پاهون“ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي نامناسب لکيو آهي. لفظ ”پانهين ۽ پاهين“ جي صورت خطيءَ ۾ ته فرق آهي مگر ”پاهين“ قديم صورت خطيءَ ۾ به لکيو ويندو هو، ليڪن پڙهبو ”پانهين“ هو.
لفظ ”پاهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن ممتاز مرزا ۽ ٻانهون کان شيخ، انهن صاحبن به بيت ۾ نامناسب لفظ لکيا آهن.
قارئين ڪرام! لفظ ”پاهون“ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي ۽ فقير محمّد نظاماڻي لکيو آهي. انهن لفظن جي صورت خطيءَ ۾ فرق آهي.
لفظ ”پانهين“ اسان جي تحقيق مطابق مناسب آهي. اهو هن ڪري ته هي لفظ ”پانهين“ مونث لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جئن ته هن لفظ جو واسطو ”مُنڌ“ سان آهي ۽ لفظ ”مُنڌ“ مونث آهي، مناسب لفظ ”پانهين، پاهين“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق، عثمان علي انصاري، علامه آءِ آءِ قاضي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، غلام محمّد شاهواڻي ۽ باگوجي ڏانو جي.
ب. ڏسي، پسِي: فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لفظ ”ڏسي“ لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ بيت ۾ نا مناسب لکيو ويو آهي. جن صاحبن لفظ ”پسِي“ لکيو آهي تن اسان جي تحقيق مطابق درست لکيو آهي. درست هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پسي ۽ ڏسي“ جي معنيٰ ته ساڳي آهي مگر لفظ ”پسي“ تجنيس حرفي ۾ اڃان وڌيڪ رنگ ڀري ٿو.
ت. متان ڪا، متان ڪو: فقظ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي الفاظ ”متان ڪو“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق الفاظ برابر نه لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي سان مخاطب ٿي فرمايو آهي. ٻين سڀني ڪاتبن مرتبن ۽ محققن ”متان ڪا“ الفاظ مناسب لکيا آهن.
ث. ڏئين، ڏيين، ڏئي، ڏي: قارئين ڪرام! جن صاحبن الفاظ ”ڏئين ۽ ڏيين“ لکيا آهن. تن اسان جي تحقيق مطابق مناسب الفاظ لکيا آهن. مناسب هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي مخاطب آهي. جن صاحبن لفظ ”ڏئي ۽ ڏي“ لکيا آهن. تن نامناسب لکيا آهن.
ج. ڪوء مَ ڪَٻُ، ڪوءُ مَ ڪَٻ، ڪئو ڪٻ، ڪيوم ڪٻَ، کهئُ کهٻَ: قارئين ڪرام! الفاظ ”کهئُ کهٻَ“ فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکرايا آهن ٻين صاحبن منجهان ڪن ليکڪن ”ڪوء مَ ڪَٻُ“، ته ڪن ”ڪوءُ مَ ڪٻ“ ته ڪن ”ڪئو ڪٻ ۽ ڪن ڪوم ڪٻَ“ لکيا آهن. اسان جي تحقيق مطابق انهن مڙني مرتبن ۽ محققن غلط الفاظ لکيا آهن. اهي درست الفاظ آهن ”کوه مَ کُٻَ“ يعني رستي ۾ ڪو به کٻ يا ننڍو کڏو کُوهو نه آهي.
ح. اِي قالي، اِيُ قالي، اي قالي، قالي، ڪالي: فقط سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”ڪالي“ اکر ”ڪ“ ڪتي سان درست صورت خطيءَ ۾ نه لکيو آهي.
جن فقط ”قالي“ ”ق“ قلم سان لکيو آهي تن صاحبن بيت ۾ لفظ ”اي“ کٽائي لکيو آهي. لفظ ”اي“ کٽائي لکڻ وارا آهن، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الهداد جنجهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي لفظ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي. ”جبل، جو فرش وانگر وڇايو پيو آهي“ (ص 412).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي ”اها قالي آهي جيڪا ڪيچ آڏو رنڊڪ آهي“ (ص 229). نهايت غلط معنيٰ لکي اٿس، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ غلام محمّد شاهواڻي ”قالي“ لفظ جي معنيٰ جبل۽ فرش لکي آهي،غلط لکي اٿن.
ٻانهي خان شيخ ”قالي“ جي معنيٰ لکي آهي ”حياتي ۽ زندگي“.
ڪلياڻ آڏواڻي لفظ ”قالي“ جي معنيٰ ”قالين“ لکي آهي، نهايت ئي بهترين معنيٰ لکي اٿس مگر افسوس هي آهي ته هن صاحب بيت ۾ لفظ ”قالين“ نه لکيو. هن کي بيت ۾ لفظ ”قالين“ لکڻ گهربو هو.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ايءُ قالينَ“ آهي يعنيٰ هي قالين آهي.
خ. ڪيچ کي، ڪيچ جي: جن صاحبن لفظ ”ڪيچ کي“ لکيو آهي، تن اسان جي تحقيق مطابق الفاظ نامناسب لکيا آهن ۽ جن الفاظ ”ڪيچ جي“ لکيا آهن. تن اسان جي تحقيق مطابق درست الفاظ لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي مخاطب ٿي چئي ٿو ته رستي ۾ ڪو کوهو، ڪا کڏ نه آهي ”ڪيچ جي“ طرف ويندڙ رستي ۾ ڄاڻ ته قالين وڇايل آهي.
تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.
[b]پانهِين پسِي پَٻُ، متان ڪا مُنڌَ! ڏئين،
اڳيان کُوه مَ کُٻَ، اِيءُ قالين، آڏو ڪيچَ جي.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي کي فرمائي ٿو، اي سسئي متان تون ڀوائتي ٻپ جبل کي ڏسي پير پوئتي ڪرين، پوئتي موٽڻ جي ڪوشش نه ڪر.
ڪيچ جي طرف ويندڙ پٻ جبل واري رستي ۾ ڪوءِ به کُوهو کڏو يا کٻ نه آهي مگر اهو سمورو رستو عشق جي ميدان ۾ سفر ڪندڙ لاءِ قالين جهڙو نرم ۽ ملائم آهي.
*****