لطيفيات

شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

هي ڪتاب اصل ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي تنقيد ناهي پر مختلف محققن ۽ شارحن يا سهيڙيندڙن پاران شاهه لطيف جي بيتن ۾ استعمال ڪيل مختلف لفظن بابت تحقيق ۽ تنقيد تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو پاران مختلف شارحن جي بيتن کي سامهون رکي پرک ڪئي آهي ته ڪهڙو لفظ يا بيت صحيح آهي.
Title Cover of book شاهه لطيف جا بيت تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو

18. سُر حسيني

آءٌ ڏورِيِِ شَالَ مَ مَلِِ سَاڃَنَ مَنڄهِ سُوءَالُ،
سِڪَ تُهجِي سُپُرِِ ڪِيَم جَانِ زَوَالُ،
وِهَانِي وِصَالُ، اُٿِيَان اراَمِي ڪَري.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص230)

آنئُون ڏورِيَانِي، شَالَ نهَ لَبهَين، سَاجَنَ مَڃِ سُوَالُ،
سِکهُه نَه اَچي سَاهَه کهي تهِئي جَانِ زَوَالُ،
وِهَاٺِيءَ وِصَالُ، شَالَ اُتهان آرَامِي کَري.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص429سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

آءٌ ڏورينءَ شال م لهنءِ، سَاڄنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنهنجيءَ سُپرين، ڪيَمِ جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص312سال 1900ع)

آئون ڏورِيئين شَالَ مَ لَهين سَاڄَنَ مَڃِ سُوَالُ،
سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين ٿِيي جَانِ زَوَالُ،
وِهَاڻِيءَ وِصَالُ، اُٿِيَان آرَامِي ڪَري.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص295سال2012 )

آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُهِجيءَ سُپِرِين، ٿيي جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص424سا ل 1996 )

آئون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، سَاڄَنَ! مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تنهنجيءَ سپرين، ٿئي جانِ زوال،
وِهاڻيءَ وصالُ، اُٿيان آرامي ڪري.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

آئُون ڏورِيَنءِ، شال مَ لَهنءِ! ساڄَنَ! مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تنهنجيءَ، سُپِرين! ٿِئي جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿِيا، آرامي ڪَري.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 48سال 1994 )

آءٌ ڏورينءِ، شال مَ لَهِنءِ، سَاجَنَ مَڃُ سُوال،
سِڪَ تُنهِنجيءَ سُپرين! ڪَيمِ جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص351مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

آءٌ ڏورينءَ شال مَ لهئينءِ، سَاڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنهنجيء سُپرين، ڪيَمِ جان زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 407بااختيار ادارو سال 1994 )

آئون ڏورِئين شال مَ لَهَئين ساڄَنَ مَڃُ سُوَالُ،
سِڪَ تُنهِنجِيءَ سُپِرين ٿِئي جانِ زَوَالُ،
وهاڻِيءَ وِصَالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص535 ادبي بورڊ 1993 )

آءٌ ڏورِيئين شَالَ مَ لَهئين، سَاجن! مَڃ سوال،
سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڪيم جانِ زوال،
وهاڻيءَ وصال، اُٿيان آرامي ڪري.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 326سال 2009ع مهراڻ)

آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُهِجيءَ سُپِرِين، ٿي جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص214سال 2013ع روشني)

آئون ڏورِئين شال مَ لَهين ساجن مڃَ سوال،
سُک نه اچي ساهه کي، ٿِئي جانِ زوال،
وِهاڻي وِصال، اُٿيان آرامي ڪَري.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص251سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

آءٌ ڏورِيئين شال م لهئين، سَاجن! مَڃ سوال،
سڪ تنهنجيءَ سپرين، ڪيم جانِ زوال،
وهاڻيءَ وصال، آٿيان آرامي ڪري.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 414سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

آئون ڏورِئيين شال مَ لهين، سَاجن مَڃ سوال،
سُک نه اچي ساه کي، ٿئي جانِ زوال،
وهاڻيءَ وصال، اٿيا آرامي ڪري.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 192سال 2008ع )

آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساڄَنَ مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تنهنجيءَ سُپِرِين، ٿِئي جانِ زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 122سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

نوٽ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اهو بيت ”شاهه جو رسالو“ منجهان خارج ڪري ڇڏيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏورينءِ، ڏورئين، ڏوريئين، ڏوريين)، (شالَ مَ لَهنءِ، شال مَ لهين، شال مَ لهئين، شال مَ ملين)، (ساڄن، ساجن)، (ٿئي، ٿي، ڪيم)، (جانِ زوال، جان زوال)، (اُٿيان، اٿيا، آٿيان).

الف. ڏورينءِ، ڏورئين، ڏوريئين، ڏوريين: قارئين ڪرام! لفظ ”ڏوريين“ جي معنيٰ آهي ”تون ڏورين، تون ڳولين، تون ووڙين“ ۽ لفظ ”ڏورئين“ جي معنيٰ به ساڳي آهي. اسان جي تحقيق مطابق اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. الفاظ ”ڏوريئين ۽ ڏورينءِ“ اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ سونهن ٿا. هنن لفظن جي معنيٰ آهي، ”مان توکي ڳوليان، مان توکي ووڙيان، مان توکي ڍونڍيان“.
اهي مناسب لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن. ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، باگوجي ڏانوجي، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

ب. شالَ مَ لَهنءِ، شال مَ لهين، شال مَ لهئين، شال مَ ملين: قارئين قارئين ڪرام! الفاظ ”مَ ملين“ فقط حاجي محمّد سمي لکيا آهن. اسان هن جي الفاظ کي ڪنهن عام فقير جي روايت سمجهون ٿا. جيڪا قابلِ اعتبار نه آهي.
الفاظ ”مَ لهين“ بلڪل نا مناسب ٻانهي خان شيخ ۽سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لکيا آهن. انهن لفظن کي غلط هن ڪري قرار ڏيون ٿا ته ”مَ لهين“ جي معنيٰ آهي، ”تون ڳولي هٿ نه ڪري سگهين“.
اسان جي تحقيق مطابق ”مَ لهئين ۽ مَ لهنءِ“ درست الفاظ آهن. انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ نڪري ٿي، ”مان توکي لهي نه سگهان، مان توکي ڳولي نه سگهان“.

ت. ساڄن، ساجن : جن صاحبن نامناسب لفظ ”ساڄن“ لکيو سي حضرات آهن، ديوان تاراچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ٻانهون خان شيخ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

هن بيت ۾ فرمايل اصل لفظ ”ساجن“ آهي، اهو هن ڪري ٿا چئون ته ”سڄڻ“ منجهان الفاظ ”ساڄڻ، ساڄن“ ته ٺهن ٿا مگر سلاست ۽ فصاحت جي زمري ۾ نه ٿا اچن. مگر لفظ ”سجن“ منجهان ٺهندڙ لفظ ”ساجن“ هلڪو ۽ پڻ با معنيٰ آهي. درست لفظ ”ساجن“ لکڻ وارا صاحبان آهن، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، عثمان علي انصاري، محمّد عثمان ڏيپلائي، فقير تاج محمّد نظاماڻي، ۽ باگوجي ڏانوجي.

ث. ٿئي، ٿي، ڪيم: قارئين ڪرام! اسان انهن لفظن تي غور ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”ٿئي“ باقي لفظن کان بيت ۾ لکڻ مناسب لڳي ٿو. اهو هن ڪري ته ”ڪيم جان زوال“ ۽ ”ٿي جان زوال“ بي معنيٰ ۽ بي جوڙ الفاظ آهن. انهن جو حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان ڪو تعلق نه آهي. اسان جي انهي راءِ جو ثبوت اڳتي ملاحظه فرمائيندا.

ج. جانِ زوال، جان زوال، ٿئي زوال: قارئين ڪرام! الفاظ ”جانِ زوال“ جن صاحبن لکيا آهن ۽ جن ”جان زوال“ لکيا آهن، انهن ٻنهي ادبي ٽولن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت کي نه سمجهڻ جي ڪري الفاظ غلط لکيا آهن. وڏي ڳالهه هي آهي ته ”جانِ زوال“ الفاظ لکڻ وارن اهو سوچيو ئي نه ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجن بيتن ۾ زيرِ اضافت وارا الفاظ ڪڏهن به نه فرمايا آهن. ٻيو ته ”جانِ زوال“ جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”زوال جي جان“. ۽ جن الفاظ ”جان زوال“ لکيا آهن تن لفظن جي معنيٰ ٿئي ٿي ”جان گم ٿئي، جان ختم ٿئي، جان زوال پذير ٿئي“. اها معنيٰ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان ڪا به مناسبت نه ٿي رکي.
قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته ”جان نَه زوال“ الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايا هئا. هنن لفظن جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”منهنجي جان زوال پذير نه ٿئي، منهنجي جان منهنجي جسم منجهان نه نڪري يعني مان زنده رهان“.

ح. اُٿيان، اٿيا، آٿيان: لفظ ”آٿيان“ فقط باگي جي ڏاني جي لکيو آهي نهايت ئي نامناسب لفظ لکيو اٿس.
جن لفظ ”اٿيا“ لکيو آهي تن به اسان جي تحقيق مطابق غلط لفظ لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”اٿيا“ جو تعلق جمع سان آهي ۽ هن بيت ۾ سسئي اڪيلي آهي. تنهنڪري لفظ ”اُٿيان“ اسان جي تحقيق مطابق درست آهي. انهيءَ درست لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهو خان شيخ ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي.

[b]آئُون ڏورِيَنءِ، شالَ مَ لَهَنءِ، ساجَن مَڃُ سُوالُ،
سِڪَ تُنهِنجيءَ سُپِرِين، ٿِئي جان نه زَوالُ،
وِهاڻيءَ وِصالُ، اُٿيان آرامي ڪَري.[/b]

معنيٰ: اي ساجن مان توکي ڏورڻ (ڳولڻ ۽ ووڙڻ) بعد به ڳولي ۽ لهي نه سگهان، منهنجو اهو عرض اگهاءِ، ته جئن اي سپرين تنهنجي سڪ منهنجي سيني ۾ سلامت رهي، محبت جو زوال نه ٿئي.
جڏهن آرام ڪريان ته ننڊ واري حالت ۾ به منهنجو تو سان خواب ۾ وصال پيو ٿئي، وهاڻي ويل تو کي خواب ۾ ڏسندي ڏسندي مونکي جاڳ ٿئي، اڳي سجاڳي نه ٿئي.

*****

ڇَڏِيَم حُجَّ هَلَنجِي، چَارِيکَا چَکِئَامِ،
اَرَيَانِي جِي اَسَري، ڏنکرِ ڏِيـ هَ لَکَامِ،
پُڇِجِ، پِرِِ سَندَامِ، وِرِتِيَسِ، وِکَه نَه اُپِڙي.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ودسسئي ص118)

ڇَڏِيَم حُجَّ هَلَنجِي، چَارِيڪَا چَکِئَامِ،
اَرَيَانِجِي اَسَرِي، ڏونکَرِ ڏِينـ هَ لَکَامِ،
پُڇُجِ، پِرِِ سَندَامِ، وِيٺِيَسِ، وِکَه نَه اُپُڙي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص230)

چهڏِيَم هُجَ هَلَنَ جِي، چَاڙهِيکَا چَکهِيَامِ،
آرِيَاٺِي جِي ڏونکَرَ مين گهَٺَا ڏِيـنهَه لَکَامِ،
پُچهِجِ، پِرين سَندَامِ، وِيٿهِيَسِ، وِکهَه نَه اُپِڙي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص430سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

ڇڏيم حج هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيِام،
آرياڻيءَ جي آسري، ڏونگر ڏينهن لَڳامِ،
پُڇج، پِرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَه نه اُپِڙي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص313سال 1900ع)

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَاڙِهِيڪَا چَکِئام،
آرِيَاڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگرَ ڏيِنهَن لَڳامِ،
پُڇِجِ، پِرِين سَندَامِ، وِرتيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص330سال2012 )

ڇڏيَمِ هُجَّ هلڻَ جي، چاڙِهيڪا چَکيِام،
آرياڻيءَ جي اَسَري، ڏُنگرَ ڏِيـ هَ لَڳامِ،
پڇج، پِرِين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپُڙي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص424سا ل 1996 )

ڇڏيَم هُجَ هلڻَ جِي، چَاڙِهِيڪَا چَکيامِ،
آرياڻيءَ جي آسَري، ڏونگر ڏينهن لڳام،
پُڇج، پرين سندامِ، وِرتِيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ودسسئي ص118سال 1995 )

ڇَڏِيَمِ حُجَ هَلَڻَ جِي، چَاڙِيڪَا چُڪِيامِ،
آرِيَاڻِيءَ جي آسَري، ڏُونگرِ ڏيِنـ هَ لَڳامِ،
پُڇِجِ، پِرِين سَندامِ، وِرِتِيَسِ، وِکَ نَه اُپِڙي.

(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 243سال 2009)

ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
پُڇَجِ، پِرين سَندام! ويٺيَسِ، وک نه اُپِڙي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکِيام،
آرياڻي جي آسِري، ڏُونگَرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
پُڇِج، پِرِين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپِڙي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 132سال 1994 )

ڇڏيم حُجَّ هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏينهن لڳامِ،
پُڇج، پرين سندام! ويٺيس، وِک نه اُپڙي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص351مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڇڏيم حج هلڻ جي، چاڙهيِڪا چَکيِام،
آرياڻيءَ جي آسري، ڏوُنگرِ ڏِينهن لَڳامِ،
پُڄج، پرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَه نه اُپِڙي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 408بااختيار ادارو سال 1994 )

ڇَڏِيَم حُجَ هَلَڻ جِي، چاڙهيِڪا چَکيِام،
آرِياڻِيءَ جي آسري، ڏوُنگر ڏِينهن لَڳامِ،
پُڇِجِ، پِرين سَندامِ! ويٺيَس، وِکَ نه اُپِڙي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص536سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

ڇڏيم حُج هلڻ جي، چاڙهيڪا چکيام،
آرياڻيءَ جي آسري، ڏنگرَ ڏينهن لڳام،
پڇج، پرين سندام! ويٺيس، وکه نه اپڙي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 327سال 2009ع مهراڻ)

ڇَڏِيَمِ حُجَّ هَلَڻَ جي، چاڙِهيڪا چَکيِام،
آرِياڻيءَ جي اَسَري، ڏُنگرَ ڏِيـ هَ لَڳامِ،
پُڇِج، پِرِين سَندامِ! وِيٺِيَسِ، وِکَ نه اُپُڙي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص214سال 2013ع روشني)

ڇڏيم حُجه هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
آريءَ سندي آسري، ڏونگر ڏينهن لڳامَ،
مَوٽَ پِرين سندام! ويٺيس، وک نه اُپڙي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص259سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڇڏيم حُجَ هلڻ جي، چاڙهيڪا چکيام،
آرياڻيءَ جي آسري، ڏنگرَ ڏينهن لڳام،
پڇج، پرين سندام! ويٺيس، وکه نه اپڙي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 415سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڇڏيم حُجَ هلڻ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
آريءَ سندي آسري، ڏونگر ڏينهن لڳام،
پڇج پرين سَندام، ويٺيس، وک نه اُپڙي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 192سال 2008ع )

ڇَڏِيَمِ حُجُ هَلَڻَ جي، چاڙهيڪا چَکيام،
آرِياڻِيءَ جي آسِري، ڏونگرَ ڏِينهَن لَڳامِ،
پُڇَجِ، پِرين سَندام! ويٺيَسِ، وِکَ نه اُپِڙي.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 122سال 2011ع مهراڻ اڪيڊمي)

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هُج، حُج)، (چاڙهيڪا، چاڙيڪا)، (چَکيام، چُڪيام)، (آرياڻِيءَ جي آسِري، آريءَ سندي آسري، آرياٺي جي ڏونکر مين)، (پُڇج، پڄج، مَوٽَ)، (ويٺيسِ، ورتيس).

الف. هُج، حُج: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ممتاز مرزا لفظ ”هُج“ ”هه“ هرڻي سان لکيو آهي ۽ باقي ٻين صاحبن لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي سان لکيو آهي. اسان سنڌيڪا لغت جي ص 856 تي لکيل ”هُج“ جي معنيٰ ڏٺي آهي، ”حجت، دوست واري گهرائي،اُميد“. انهي ساڳي لغت جي ص 321 تي لفظ ”حُج“ جي معنيٰ لکيل آهي، ”لاڏ، انگل ۽ اُميد“.
قارئين ڪرام! جامع سنڌي لغات جلد ٽيون جي ص 1101 تي لفظ ”حجّ“ جي معنيٰ لکيل آهي، ”حجت گستاخي گهرائپ، دوستانو ناتو، دلاسو، آسرو، ڀروسو“ ۽ ص 1101 تي لفظ ”حُج“ جي معني لکيل آهي، ”اُميد، آسرو، ڀروسو “.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته لفظ ”هُج“ ”هه“ هرڻي سان لکيل جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”رهج، يعني حاضر هج“ . انهي لفظ منجهان ”هجت“ لفظ نه ٿو ٺهي ۽ لفظ ”حُج“ عربي لفظ آهي انهي منجهان لفظ ”حجت ۽ حجائتو“ ٺهن ٿا. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي وارا فرمايو، جنهن جي معنيٰ آهي ”اُميد ۽ آسرا“.
قارئين ڪرام! اسان منجهي پياسين ته سنڌي لغتن ۾ ”حُج“ ۽ ”هُج“ جي معنيٰ ساڳي لکيل آهي ته پوءِ اسان کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي جو مطالعو ڪرڻو پيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو“ (ص 296، سال 1996 بيت نمبر 12) ۾ اسان کي هي مصرع لکيل نظر آئي:

”ڪُٻيلياڻي ڪيچ ڏي، حُج مَ هلائيج“
اسان جي ذهن ۾ خيال پيدا ٿيو ته متان ڪو صاحب اعتراض ڪري ته اتفاق سان ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب ”حُج“ لفظ لکيو. اسان تحقيق ڪري ڏٺو ته ساڳي ص 296 تي هي مصرع لکيل آهي:

”مهد محتاجي ڪري ”حُج“ وڃائي هل“

اصل گنج ۾ ”حُج“ لکيل آهي اسان هي مصرع ص 118 تي لکيل پڙهي آهي:

”ڇڏيم حُجّ هلنجي چاريکا چکئام“
مطلب ته اصل لفظ ”حُج“ ”ح“ حبشي وارو بحث هيٺ آيل بيت ۾ لکڻ گهرجي.

ب. چاڙهيڪا، چاڙيڪا: قارئين ڪرام! فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چاڙيڪا“ لکيو آهي، اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو اٿس. انهي لفظ جو مُنڍ ۽ مصدر آهي لفظ ”چاڙ“ جنهن منجهان ”چاڙڻ ۽ چاڙيڪا“ ٺهن ٿا، اهي الفاظ غلط آهن. ”چاڙ“ لفظ جو هن بيت سان ڪو تعلق ئي نه آهي. ڇا ڪاڻ ته ”چاڙ“ لفظ ڪنهن به لغات ۾ نه آهي. لفظ ”چاڙهه“ منجهان لفظ ٺهن ٿا ”چاڙهڻ، چاڙهيو ۽ چاڙهيڪا“. اهو لفظ ”چاڙهيڪا“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه پنهنجي بيت ۾ فرمايو. اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ درست آهي.

ت. چَکيام، چُڪيام: اسان مٿي جن صاحبن جا بيت لکي آيا آهيون. تن سڀني منجهان فقط ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”چُڪيام“ اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته سسئي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چواڻي جڏهن سڀ چاڙهيڪا چڙهي چُڪايا ته پوءِ چئبو ته منزل تي پهچي ويئي، مگر هو ويچاري منزل جي ماري منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٿڪجي ويهي رهي هئي. اڳتي وک به نه ٿي کڻي سگهي. ٻين ليکڪن لفظ ”چکيام“ درست لکيو آهي.

ث. آرياڻِيءَ جي آسِري، آريءَ سندي آسري، آرياٺي جي ڏونکر مين گهٺا ڏينهن لَکام: قارئين ڪرام! ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ بيت جي ٻي مصرع اسان جي تحقيق مطابق غلط لکي آهي. ملاحظه فرمايو:
”آرياٺي جي ڏونکر مين گهٺا ڏينهن لکام“
اها جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ مصرع ٿئي ٿي:

”آرياڻي جي ڏونگر ۾، گهڻا ڏينهن لڳام“

فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله جنجهي، ٻي مصرع جو پهريون فقرو لکيو آهي ”آريءَ سندي آسري“. اسان هنن صاحبن جي لکيل فقري کي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو فرمايل فقرو هن ڪري تسليم نه ٿا ڪريون ته گنج شريف ۾، ڀٽ شاهه تي رکيل رسالي، جنهن کي 1900ع ۾ جديد صورت خطيءَ ۾ ديوان تارا چند لکيو ۽ شاهه ڪريم وارو رسالو جيڪو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي، پنهنجي پنهنجي ترتيب ڏنل رسالي جي ماۡخذ طور استعمال ڪيو، ان کان علاوه قديم ڪاتب حاجي محمّد سمي جي ڪتابت ڪيل رسالي ۾ فقرو ”آرياني جي آسري“ لکيل آهي. تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ ”آرياڻيءَ جي آسري“ فقرو لکڻ مناسب لڳي ٿو.

ج. پُڇج، پڄج، مَوٽَ: قارئين ڪرام! سواءِ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي ٻين سڀني صاحبن لفظ ”پُڇج“ غلط لکيو آهي ۽ شمس العلماءَ لفظ ”پُڄج“ برابر لفظ لکيو آهي. اسان لفظ .پُڇج“ کي هن ڪري غلط قرار ڏنو آهي ته سسئي کان تمام پرانهين پنڌ تي پنهل هو. غير حاضري ۾ اهو ڪئن سسئي کان سندس ڏکن جا حال پڇندو؟
قارئين ڪرام! پنهل سسئي وٽ پڄندو ته احوال پڇندو، جيڪڏهن نه پهچندو ته ڪئن کائنس پڇندو؟.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ هي فقرو فرمايو:
”پُڄج پرين سندام“

ح. ويٺيسِ، ورتيس: لفظ ”وِرتيس“ لکڻ وارا صاحبان آهن، سيّد عبدالعظيم، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن جو لکيل لفظ درست آهي، اهو هن ڪري ٿا درست چئون ته ٿڪجڻ کان پوءِ ويهڻ ته فطري عمل آهي، اهو ته سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو.
قائين ڪرام! هي بيت حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جو آهي ڪجهه مٿانهين سوچ سوچڻ گهرجي. اسان جي تحقيق مطابق ”وِرتيس“ بيت ۾ نهايت ئي موزون لفظ آهي، اهو هن ڪري موزون آهي ته لفظ ”ورت“ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي، اِهو لفظ هندي ۽ سنڌي ٻولين ۾ به استعمال ٿيندو آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي، ”اُڃ ۽ بک ۾ رهڻ، فاقو ڪڍڻ“.
ياد رهي ته! سسئي جڏهن پنهل ۽ سندس قافلي پٺيان رواني ٿي هئي ته هن نه ماني کنئي هئي ۽ نه پاءُ پاڻي جو کنيو هئائين. اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي ويئي هئي تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي واري انهي بيت ۾ لفظ ”وِرتيس“ فرمايو.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]ڇَڏيم حُجَ هَلڻ جِي، چَاڙهيڪا چَکيام،
آرِياڻِيءَ جِي آسري، ڏُونگرَ ڏِينهن لڳام،
پُڄِج، پِرينءَ سَندامِ! وِرتيس وِک نه اُڀڙي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه سسئي جي زباني فرمائي ٿو ته پهاڙن ۽ جبلن جا چاڙهيڪا چڙهي چڙهي چُڪجي ۽ ٿَڪجي پيئي آهيان. انهن ڏکين ڏونگرن جي چهنبيارن چاڙهيڪن جا عذاب سٺا ۽ چکيا اٿم.
آرياڻي جي آسري مون کي ڏونگر ۾ ڏوريندي گهڻا ئي ڏينهن لڳي ويا آهن. اي منهنجا پنهل پرين مون وٽ اچي پڄ مون وٽ اچي رس. مان اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي پيئي آهيان تنهنڪري مون کان اڳتي هڪ وک به نه ٿي کڄي.

*****

هُوئَجا کُورِي کُوٽَجِي، تِهِکي چَرِي چُونِ،
اُکَارِيءٌ آتَنَـ۾، هُوتَ پُڃَانَا هُونِ،
پَرا تَنِِ پونِ، ڏِٺُو جَنِ اَکَيُنِسِنِِ.
(سيّد عبدالعظيم گنج سُر ود سسئي ص65)

هُوئَجَا کُورِي کُوٺَجِي، تَهِکي چَرِي چُونِ،
اُکَارِيءٌ عالَمَ ۾، هُوتَ پُڃَانَا هُوتَ هُونِ،
پَرَاتَنِِ پُونِ، ڏِٺُو جَنِ اکَينَسِِ.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص235)

هوءَ جَا کهورِي گهوٿَ جِي، تنهِن کهي چَرِي چُونِ،
اُکهَاڙِيُونَ آتَٺَ مين، هوتَ پُڄاٺَان هُونِ،
پَڙهَا تَنهِين جَا پُونِ، ڏِٿهو جَنِ اَکهِنِ سَان.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص458سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اَکين سين.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص334سال 1900ع)

هُوءَ جَا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنهِن کي چَرِي چُونِ،
اُگهَاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڃَاڻَان هُونِ،
پَرَا تَنِي پُونِ، ڏٺو جَنِ اکِيُنِ سين.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص319سال2012 )

هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَـ ه کي چَرِي چُونِ،
اُگهاڙيون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تَنِين پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکِنِ سين.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص436سا ل 1996 )

هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تنهِن کي چَرِي چُونِ،
اُگهاڙيونَ آتڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تَنين پونِ، ڏٺو جَنِ اَکَيُنِ سين.
(ممتاز مرزا، گنج جديد صورت خطيءَ ۾ سُر ود سسئي ص65سال 1995 )

هُوءِ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنـ هِ کي چَرِي چُونِ،
اُگهاڙِيُون عالَمَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تَنِي پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکين سِين.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص250سا ل 2009 )

هُوءَ جا گهوري گُهوٽَ جِي، تَنهِن کي چَرِي چونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تَنِين پونِ، ڏٺو جَنِ اَکِيُنِ سِين.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 306سال 2013)

هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تنهن کي چَري چَونِ،
اُگهَاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،
پَرا تِنين پَوَنِ، ڏِٺو جن اَکِيُنِ سين.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر حسيني ص 315سال 1994 )

هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اکن سين.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص372مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تِنهين پُونِ، ڏِٺو جن اَکين سين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 434بااختيار ادارو سال 1994 )

هُوءَ جا گهوري گهوٽَ جي، تَنهنکي چَري چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڄاڻان هُونِ،
پَرا تَنهين پُونِ، ڏِٺو جَن اَکين سين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص566سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چري چون،
اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هون،
پرا تنهين پون، ڏٺو جن اکين سين.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 348سال 2009ع مهراڻ)

هوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تِـ ه کي چَوِي چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، هوتَ پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تَنِين پُونِ، ڏٺو جَنِ اَکِنِ سين.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص225سال 2013ع روشني)

هو جا گهوري گهوٽ جي، تِنهنکي چَري چُونِ،
اُگهاڙِيُون آتَڻ ۾، هوتَ پُڃاڻا هُونِ،
پَرَا تَني پُون، ڏِٺو جَن اکِيَن سِين.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص257سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

هوءَ جا گهوري گهوٽ جِي، تنهن کي چري چون،
اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هون،
پرا تنهين پون، ڏٺو جن اکين سين.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص444سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

هوءَ جا گهوري گهوٽ جي، تنهن کي چَري چُون،
اگهاڙيون آتڻ ۾، هوت پڄاڻا هُون،
پرا تنين پُون، ڏٺو جن اکين سين.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 198سال 2008ع )

نوٽ: ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (هو، هوءِ، هوءَ)، (تـِ ه کي، تنهن کي)، (اگهاڙيون)، (عالم ۾، آتڻ ۾)، (پڄاڻا، پڃاڻا)، (تني، تنين، تنهين).

الف. هو، هوءِ، هوءَ: قارئين ڪرام! لفظ ”هوءِ“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، علامه آءِ آءِ قاضي، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي، محمّد عثمان ڏيپلائي، انهن صاحبن اسان جي تحقيق مطابق بيت ۾ غلط لفظ لکيو آهي. غلط هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”هوءِ“ جمع ۾ استعمال ٿيندو آهي. پهرين مصرع ۾ اهو لفظ تڏهن استعمال ٿئي ها جڏهن ”گهوريون گهوٽ جون“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ طرفان فرمايل هجي ها. مگر حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”گهوري گهوٽ جي“ فقرو فرمايو. تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن فقرو لکيو آهي:
”هوءَ جا گهوري گهوٽ جي“
تن درست لکيو آهي، درست لکڻ وارا صاحبان آهن، سيد عبدالعظيم، حاجي محمّد سمو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، تاراچند ديوان، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، عثمان علي انصاري ۽ غلام محمّد شاهواڻي.
ب. تـِ ه کي، تنهن کي: الفاظ ”تِـ ه کي“ ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمّد شاهواڻي اڌ اکري سنڌي ۾ لکيو آهي مناسب نه لکيو اٿن. جن لفظ ”تنهن“ لکيو تن برابر لکيو آهي.

ت. اگهاڙيون: سڀني مرتب ۽ محقق حضرات لفظ ”اُگهاڙيون“ لکيو آهي ۽ ڪاتبن لفظ ”اُکاريءٌ“ لکيو آهن. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”اگهاڙيون“ جي معنيٰ نه لکي آهي. ٻانهي خان شيخ، لفظ ”اگهاڙيون“ جي معنيٰ لکي آهي ”بي پردي يا عيب ظاهر ٿيل عورتون“ (ص 320).
قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي انهي بيت ۾ لفظ ”اگهاڙيون“ لکڻ مناسب ئي نه آهي، اهو هن ڪري ٿا چئون ته هن بيت ۾ تذڪرو اُنهن عورتن جو آهي. جن کي سندن محبوب جدائي جو داغ ڏيئي هليا ويا آهن. انهن عورتن منجهان هڪ ته پنهنجي محبوب تي ايتري ته فريفته ۽ عاشق آهي جو عشق جي چوٽ کائڻ کان پوءِ هوءَ مست ٿي ويئي آهي تنهنڪري ان کي لوڪ چري ٿو چئي ۽ ٻيون عورتون به آهن جن لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ پرين پڄاڻا پريشان ۽ وياڪل رهڻ جو ذڪر فرمايو آهي.
اسان کي لفظ ”اگهاڙيون“ تي يقين نه آيو تنهن ڪري قديم ڪاتبن جي ڪتابت ڪيل رسالن جو مطالعو ڪيو سين ته اسان کي لفظ ”اکاريون“ پڙهڻ ۾ آيو.
ياد رهي ته! قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ک“ اکر ”ڪ“ اکر بجاءِ به لکندا هئا ۽ ”ڻ“ اکر استعمال نه ٿيندو هو ان جي جاءِ تي ”ر“ ۽ ”ن“ اکر پُڻ استعمال ڪندا هئا. تنهنڪري ڪاتبن لفظ ”اُڪاڻيون“ کي ”اکاريءُ“ لکيو.
اسان جامع سنڌي لغت جلد پهريون سال 1995 جي ورق گِرداني ڪئي ته اسان کي (ص 219) تي لفظ ”اُڪڻ“ نظر آيو. هن لفظ منجهان ٻيا لفظ هي ٺهن ٿا، اُڪاڻ، اُڪاڻو، اُڪاڻيو، اُڪاڻيون وغيرو. ”اُڪاڻو“ هڪ بيماري جو قسم آهي. ان بيماري سبب سيني ۾ ضيق النفس ٿيندي آهي ان سببان روح پريشان ٿي ويندو آهي ان بيماري کي حڪيم ۽ ويڄ ”اُڪاڻو“ به چوندا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه اهو لفظ پنهنجي بيت ۾ انهن عورتن لاءِ فرمايو آهي جن کي پنهنجي محبوب جي جدائي جو داغِ مفارقت لڳو آهي. پريشان ۽ سرگردان رهن ٿيون. سندن روح روڳي ۽ دل درماندي رهي ٿي.

ث. عالم ۾، آتڻ ۾: ڪاتب حاجي محمّد سمي الفاظ ”عالم ۾“ لکيا آهن. ان جي تقليدڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به الفاظ عالم ۾ استعمال ڪيا آهن. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ انهي سُر (حسيني) ۾ ٻن ٽن بيتن اندر ”آتڻ“ جو ذڪر ڪيو آهي. (ص 313 ، ص328، ص329 ). تنهنڪري الفاظ ”عالم ۾“ هن بيت اندر استعمال ڪرڻ نا مناسب آهن. هن بيت ۾ لفظ ”آتڻ“ استعمال ڪرڻ درست آهي.

ج. پڄاڻا، پڃاڻا: ”پڃاڻا“ جن صاحبن لفظ لکيو آهي تن جديد صورت خطيءَ مطابق غلط لفظ لکيو آهي. مگر جن قديم ڪاتبن لفظ ”پڃاڻا“ لکيو آهي، تن جي لکيل لفظ کي به اسان غلط قرار ڏيون ٿا. ڇا ڪاڻ ته انهن ڪٿي ڪٿي ”ڄ“ اکر استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري هن لفظ ۾ به ”ڄ“ استعمال ڪري ٿي سگهيا. اهو هن ڪري ٿا چئون ته لفظ ”پڃاڻا“ درست لفظ نه آهي مگر ”پڄاڻا“ درست ۽ صحيح لفظ آهي. اهو ئي بيت ۾ لکڻ گهرجي.
ح. تني، تنين، تنهين: لفظ ”تني“ فقط ٻانهي خان شيخ نامناسب لکيو آهي. الفاظ ”تنين ۽ تنهين“ بيت ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا.

خ. اکين، اکن: لفظ ”اکن“ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، اڌ اکري عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ لکيو آهي، باقي ٻين صاحبن درست لفظ ”اکين“ لکيو آهي.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح بعد بيت جي هي صورت بيهي ٿي.

[b]هُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنهن کي چَري چُونِ،
اُڪاڻِيُون آتڻ ۾، هوت پُڄاڻا هُونِ،
پَرا تنهين پُونِ، ڏِٺو جَنِ اَکين سِين.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته جنهن کي چري ڪوٺيو ٿو وڃي سا حقيقت ۾ چري نه آهي. هوءَ پنهنجي گهوٽ (محبوب) تان سر گهورڻ واري ۽ جند جان قربان ڪرڻ واري آهي ۽ انهي عاشق عورت سان گڏ ٻيون به آتڻ ۾ عورتون اُڪاڻيل وياڪل ۽ پريشان آهن. ڇا ڪاڻ ته اُنهن جا هوت به کانئن جدا ٿي ويا آهن. انهن جي پريشاني جو اصل پرو ۽ پتو ته انهن کي پئجي سگهي ٿو ۽ اصل پريشاني جي پروڙ ته انهن کي ئي پئجي سگهي ٿي جن کي عشق جي لغار لڳل هجي.

*****

ڏِنِي سِڪَ سَسُئِي کِي، ٻيلِيانِِ ٻَرُوچَه،
لُوڪَ وِچَاءِِ لُوچَه، پُهچَائِي پُنُونَهکي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر حسيني ص243)

ڏِنِي سِکَ سَسُئِي کِهي، ٻيلِيَاٺِي ٻَروچَ،
لوکَ وِچَانئِيِ لوچِ، پُهچَائيئِي پُنهُوءَ کهي.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپت شاهه جو رسالو سُر حسيني ص421سال2008ع سنڌ ثقافت کاتو)

ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
لوڪَ وِچانئِي لوچَ، نيئِي پهچائي پُنهونءَ کي.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر حسيني ص306سال 1900ع)

ٻيلِيَاڻِي ٻَروچ، ڏِني سِڪَ سَسُئيءَ کي،
لوڪَ وِچَانِ ئِي لوچَ، پُهچائِي پُنُهونءَ کي.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص278سال2012 )

ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
لوڪَ وِچائِي لوچَ، نيئِي پَهُچائِي پُنهوءَ کي.
(ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص419سا ل 1996 )

ڏِنِي سِڪَ سَسُئِيءَ کي ٻيلياڻِي ٻَروچَ،
لوڪَ وچان ئي لوچَ، پَهچائِي پُنهونءَ کي.
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص238سا ل 2009 )

ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلياڻي ٻروچَ،
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيڻي پهچائي پُنُوءَ کي.

(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر حسيني ص299سال 2013)

ڏِني سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچ،
لوڪَ وِچانئَي لوچَ، نيئَي پهچائي پُنهونءَ کي.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص345مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )

ڏنِي سِڪَ سسئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
لوڪَ وِچانئِي لوچَ، نيئَي پهچائي پُنهونءَ کي.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 400بااختيار ادارو سال 1994 )

ڏنِي سِڪَ سَسُئِي کي، ٻيلِياڻِي ٻروچَ،
لوڪَ وِچان ئِي لوچَ، نيئِي پَهُچائي پُنهونءَ کي.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص526سنڌي ادبي بورڊ 1993 )

ڏني سڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پنهوءَ کي.

(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص 320سال 2009ع مهراڻ)

ڏنِي سِڪَ سُسُئِي کي، ٻيلياڻِي ٻَروچَ،
لوڪَ وِڃائِي لوچَ، نيئِي پَهُچائِي پُنهُوءَ کي.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص210سال 2013ع روشني)

ڏِني سِڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻَروچ،
لوڪَ وِچان لوچَ، نيئِي پُهچائِينديئه پُنهون کي.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر حسيني ص246سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)

ڏني سڪ سسئي کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پنهونءَ کي.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر حسيني ص404سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)

ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلياڻي ٻروچ،
لوڪ وچان ئي لوچ، نيئي پهچائي پُنهونءَ کي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر حسينيص 187سال 2008ع )

نوٽ: گنج شريف ۾ اهو بيت لکيل نه آهي، ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر محمّد عالم سومري ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق اهو بيت نه لکيو. جئن ته اهو بيت ٻن قديم نسخن ۽ اڪثر ڇاپي نسخن ۾ لکيل آهي، تنهنڪري هن بيت تي تحقيق ۽ تصحيح ڪرڻ اسان پنهنجو ادبي فرض سمجهون ٿا.

تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ٻيلياڻي)، (وڃائي لوچ، وچان ئي لوچ، وچانئي لوچ، وچان لوچ)، (نيئي پهچائي، پهچائي، نيڻي پهچائي، نيئي پهچائينديئه، نيئي پهچائي، نيئي پهچائيئِي).

الف. ٻيلياڻي: سڀني ڪاتبن ، مرتبن ۽ محققن لفظ ”ٻيلياڻي“ لکيو آهي، لفظ ٻيلياڻي جي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي نه لکي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لفظ ”ٻيلياڻي“ جي معنيٰ لکي آهي ”خدمتگار“ (ص 238). ٻانهي خان شيخ معنيٰ لکي آهي ”همراه، مددگار“ (ص 279 جلد ٻيو). شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ معنيٰ لکي آهي ”نوڪرياڻي، همراه، سنگتياڻي“ (لغات لطيفي ص 192). علامه غلام مصطفيٰ قاسمي معنيٰ لکي آهي ”ساٿي“ (ص 345). عثمان علي انصاري معنيٰ لکي آهي ”ساٿياڻي“ (ص 672). غلام محمّد شاهواڻي، معنيٰ لکي آهي ”همراه، ساٿي، ٻانهين“ (ص 210).
قارئين ڪرام! اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته مٿين، سڀني صاحبن، جن لفظ ”ٻيلياڻي“ لکيو آهي سي حضرت ڀٽ ڌڻيءِ جي فرمايل بيت جي پهرين مصرع کي سمجهي ئي نه سگهيا آهن. بيت جي مصرع ملاحظه فرمايو:

ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلياڻي ٻروچ،

هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ”سسئي کي ٻروچ ساٿياڻي، همراه مددگار، نوڪراڻي، سنگتياڻي سڪ ڏني“.
پڙهندڙ خواتين و حضرات ڇا سسئي کي ٻروچ سنگتياڻي سڪ ڏني هئي يا ٻيلي ڌڻي يعنيٰ، لس ٻيلي جي حاڪم جي پٽ پنهون سڪ ڏني هئي؟ ”شاهه جو رسالو“ ۾ سسئي بابت پنج سُر لکيل آهن. انهن پنجن ئي سُرن ۾ ڪٿي به ”ٻيلياڻي“ لفظ کي ”پنهون“ جي لاءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه نه فرمايو آهي.

اسان جي تحقيق ۽ تصحيح بعد مصرع ملاحظه فرمايو:

ڏني سِڪَ سسئيءَ کي، ٻيلاڻي ٻروچ،

هن مصرع جي معنيٰ ٿئي ٿي، ٻيلاڻي ٻروچ يعني (پنهون) سسئي سان، لس ٻيلي ۽ مڪران کان ڪهي اچي محبت ڪئي ۽ سڪ ڏني.

ب. وڃائي لوچ، وچان ئي لوچ، وچانئي لوچ، وچان لوچ: ”وڃائي لوچ“ الفاظ فقط غلام محمّد شاهواڻي لکيا آهن بنهه غلط لکيا اٿس. غلط هن ڪري ٿا چئون ته سسئي ڀنڀور کي ڇڏي اُتان جي لوڪ کي ترڪ ڪري وڃائي چڪي هئي ته پوءِ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ٻي ڀيري ڇو صلاح ڏيندو ته لوڪ ”وڃاءِ“.
اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن ”وچان ئي لوچ“ لکيو آهي. تن درست لکيو آهي. مگر ڪن صاحبن انهن لفظن ”وچان ئي“ جي درست صورت خطيءَ نه لکي آهي. هنن لکيو آهي، ”وچا + نئي“ اهو لفظ لکڻ گهرجي ”وچان + ئي“ يعني ”وچان ئي“.

ت. نيئي پهچائي، پهچائي، نيڻي پهچائي، نيئي پهچائينديئه، نيئي پهچائي، نيئي پهچائيئِي: قارئين ڪرام! اسان انهن ڇهن مختلف لفظن تي تحقيق ڪئي آهي ته اسان کي انهن منجهان ”نيئي پهچائينديئه“ ۽ ”نيئي پچهائيئي“ درست معلوم ٿيا. سوچيو سين ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ته هڪ لفظ فرمايو ۽ نه ٻيئي. تنهن ڪري اسان انهن ٻنهي لفظن تي وري تحقيق شروع ڪئي ته اسان کي ”نيئي پهچائينديئه“ درست الفاظ محسوس ٿيا. مگر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل لفظ جي صورت خطيءَ تي اسان کي اعتراض آهي. اسان انهي لفظ جي آخري الف حمزه ”ء“ جي هيٺيان زير ڏيڻ مناسب سمجهي آهي يعني ”پهچائينديهءِ / پهچائينديءِ“.

تحقيق، تنقيد ۽ تصيح بعد بيت جي اصل صورت هي بيهي ٿي:

[b]ڏِني سِڪ سَسئِي کي، ٻيلاڻي ٻَروچ،
لُوڪَ وِچان ئي لُوچَ، نيئِي پُهچائِينديئِه پُنهون کي.[/b]

معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمائي ٿو ته سسئي جو محبوب پنهون ٻيلاڻي (لس ٻيلي جو رهاڪو ) آهي، انهيءِ لس ٻيلي کان قافلو ڪاهي ڀنڀور ۾ پهچي سسئي کي سڪ ڏني (محبت ڪئي).
ٻي مصرع ۾ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ سسئي کي صلاح ڏئي ٿو ته اي سسئي جبلن، پهاڙن، جهنگ ۽ جهر ۾ ته پنهون لاءِ پتوڙين ٿي، مگر پنهون جي لوڪ ۾ ڳولا ڪر. لوچ، اها لوچ ۽ تڙپ ئي توکي پنهون تائين وڃي پهچائيندي.

*****