6. سُر سري راڳ
تُن پُن اٰهِي تِنئَ دُنيَا ۾ ڪُو ڏِيهَرُو.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 48سال 1900ع)
جَرَ تي ڦوٽو جِيئَن، لَڳي لَهرِ اَڌَ ٿِئي،
تُون پَڻِ آهِين تِيئَن، دُنِيَا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 236س سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
جَرَ ۾ ڦوٽو جيئَن لهريُون لڳندي اڌَ ٿئي،
تُون پڻ آهين تيئَن دُنيا ۾ ڪوِ ڏينهڙو.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 96 بااختيار ادارو سال 1994 )
جَرَ ۾ ڦوٽو جِئَن، لَهرِيُون لَڳَندي اَڌَ ٿِئي،
تُون پُڻِ آهِين تِئَن، دُنيِا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 297 ادبي بورڊ 1993 )
جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَهريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي،
تُون پُڻ آهِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينهَڙو.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 121سال 2009 سنڌ ثقافت)
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 94سال 2009ع مهراڻ)
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لَهرِيون لَڳندي اَڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر ڏاهر ص 405 سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
جر ۾ ڦوٽو جيئن، لهريون لڳندي اڌ ٿئي،
تون پڻ آهين تيئن، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو.
(باگوجي ڏانو جي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اَڌَ ٿِئي،
تُون پُڻ آهيين تيئن، ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر ڏهر ص 339 سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
نوٽ: هي بيت گنج شريف ۾ نه آهي، ارنيسٽ ٽرمپ، غلام محمّد شاهواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ، عثمان علي انصاري، محمّد عالم سومري، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر ڪلياڻ آڏواڻي اهو بيت نه لکيو. هن بيت کي ڪن صاحبن سُر سري راڳ ۾ لکيو آهي ته ڪن ”شاهه جو رسالو“ جي مرتب ۽ مححق ۡحضرات سُر ڏهر ۾ ۽ ڪن سُر ڏاهر ۾ لکيو آهي. تنهن ڪري اسان کي هن بيت جي ڳولا ۾ ڏاڍي ڏکيائي پيش آئي. اسان انهيءَ سُر جو تعيّن نه ڪيو آهي ته هي بيت اصل ڪهڙي سُر جو آهي. اها تحقيق انشاءَ الله بعد ۾ ڪئي ويندي، جڏهن نئون ”شاهه جورسالو“ ترتيب ڏينداسين.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (جر ۾، جر تي)، (لهريون لڳندي، لهر لڳي)، (ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو).
الف. جر ۾، جر تي: جن صاحبن الفاظ “جر ۾ ڦوٽو” لکيا آهن سي صاحبان آهن. حاجي محمّد سمون، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، محمّد عثمان ڏيپلائي، باگوجي ڏانو جي ۽ ڊاڪٽر نبي خان بخش بلوچ، اسان جي تحقيق مطابق انهن صاحبن غلط فقرو لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته ڦوٽو پاڻي “تي” ٿيندو آهي پاڻي مٿان ترندو آهي مگر پاڻي “۾” نه ٿيندو آهي. ڇا ڪاڻ ته ڦوٽو نهايت ئي هلڪو ٿيندو آهي ۽ هر هلڪي ۽ بي جان شيءَ سائنس جي اصول مطابق پاڻي تي ترندي آهي. پاڻيءَ جي اندر نه ترندي آهي.
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن “جر تي ڦوٽو” وارو فقرو لکيو آهي تن حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت سان انصاف ڪيو آهي. اهي صاحبان آهن، ٻانهون خان شيخ، فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي.
ب. لهريون لڳندي، لهر لڳي: جن صاحبن الفاظ “لهريون لڳندي” لکيا آهن تن اسان جي تحقيق مطابق حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ مناسب لفظ نه لکيا آهن. اهو هن ڪري ٿا چئون ۽ لکون ته ڦوٽي جي ڪا به حثيت نه آهي اهو اڪثر لهر لڳڻ سان ئي ڦاٽي ٻه اڌ ٿيو پوي. ”لهر" وارو پاڻي ”لهريون“ جي مقابلي ۾ معمولي طاقت وارو پاڻي آهي، تنهنڪري حضرت ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو. ”جر تي ڦوٽو جيئن، لڳي لهر اڌ ٿئي“ اها درست مصرع ٻانهي خان شيخ ۽ فقير تاج محمّد نظاماڻي لکي آهي.
ت. ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو، دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو: فقير تاج محمّد نظاماڻي “ڪو دُنيا ۾ ڏينهڙو” فقرو لکيو آهي. باقي سڀني صاحبان الفاظ ”دُنيا ۾ ڪو ڏينهڙو“ لکيا آهن.
قارئين ڪرام! اسان کي بيت جي آخري مصرع جي آخري ٻن لفظن تي اعتراض آهي اهو اعتراض هن ڪري آهي ته دنيا ۾ اتفاق سان ڪو ٻار ”ڏينهڙو“ گذاريندو آهي ورنه ٻار، آهسته آهسته وڌي جوان ٿيندو آهي ان کي اسان ڪيئن ”ڪو ڏينهڙو“ جئڻ وارو چئون. هي ته ” ڪيئي ۽ گهڻا ڏينهڙا“ گذارڻ وارو آدمي ٿيندو. مطلب ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه هڪ ڏينهن (ڪو ڏينهڙو) جي زندگي گذارڻ لاءِ نه فرمايو آهي.
حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ڪهڙو نه سنهڻو بيت انسان جي مخصتر زندگي بابت فرمايو آهي.
هي جا پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لـــٽــبــا ڌوڙ ۾، اُڀــــــي ڏٺـــــاســــــون،
ڏيـنهـن مڙيئي ڏون، اُٿـي لوچ لطيف چئي.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو ص 566 سال 1994)
مطلب جي ڳالهه هي آهي ته انساني زندگي جو تعيّن ڪو ڏينهڙو نه مگر ڪي ڏينهڙا آهي. ”ڪي ڏينهڙا“ الفاظ ڪنهن به محقق ۽ مرتب نه لکيا آهن.
اهڙي طرح تنقيد ۽ تحقيق بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، بيت جي اصل صورت هي هئي.
[b]جَرَ تي ڦوٽو جيئن، لڳندي لهر اَڌَ ٿِئي،
تُون پُڻ آهِين تِيئن، دُنيا ۾ ڪي ڏِينَهڙا.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه فرمائي ٿو ته اي آدم زاد (انسان) جيئن جر تي ڦوٽي جي تمام ٿوري زندگي آهي، لهر لڳندي ئي ڦاٽي پوي ٿو. تون به دنيا ۾ ائن ڪي ڏينهڙا آهين، موت جي معمولي لهر لڳڻ سببان هي فاني جهان ڇڏي هليو ويندين.
*****
مَکِه ڏِيهَانِِ مَڪُرِي، تُنّ تُنِيدُو اَءِ،
سَانڀَائِي سَمُنڊرَ جِي مَنَا مُورِ مَلاَهِ،
اَڃُه ڪِ سَنَڄ صَبَاحِ اُهڙَندِه اُورَاهَ تي.
(حاجي محمّد سمون شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 47سال 1900ع)
تُنَ تُنيندو آءُ، مَکِه ڏيهاڻي مَڪُڙي،
سنباهي سمنڊ جي مَنان مورمَ لاءَ،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اَهرندي اَتانگهه تڙين.
(ديوان تارا چند شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 76 سال 1900ع)
تُنَ تُنيندو آءُ، مَکِ ڏِهَاڙِي مَڪُڙِي،
سَانبَاهِيٰ سَمُنڊَ جِي مَلاحَ مُورِ مَ لاَههِ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهه سَندِيَاءِ، اُهُرَندِي اَتَانگهَه تَڙِ.
(ٻانهون خان شيخ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 149سال 2000 ڪراچي يونيورسٽي)
تُنَ تُنِينّدو آءُ، مَکهِه ڏِهَاڙِي مَکڙِي،
سَنبَاهِي سَمُونّڌرَ جِي مَنَان مُورِ مَ لاهِه،
اَڄُ کِي سَنّجهِه صُبَاحِ، اُهِرَينّدِين اَتَانگههَ تَڙين.
(ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 99سال 1996ع)
تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،
سانباهي سمونڊَ جِي مَنان مورِ مَ لاهِ،
اَڄُ ڪِ سنجهِه صبُاحِ، اَهِرَندِي اَتانگَ تَڙين.
(ڊاڪٽر گُربخشاڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 183سال 1996ع)
تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِهاڙي مَڪُڙي،
سانباهي سَمُونڊَ جي، مَنا مُورِ م لاهِه،
اَڄُ ڪِ سَنجهِه صُباحِ، اهِرَنِدي اَتانگَ تَڙِين.
(عثمان علي انصاري شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص78سال 2013)
تُنَ تنيندو آءُ، مَکِ ڏيِنهاڻي مَڪُري،
سنبَاهي سَمُنڊ جيَ، ملاحَ! مور مَ لاهَهُ،
اَڄُ ڪِ سَنجَهه سندياءِ، اوهرينَدي اَتانگهه تڙِ.
(ممتاز مرزا گنج جديد صورت خطي ۾ ص271سال 1995)
تُنَ تُنيِندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻي مَڪُڙي،
سانباهي سمنڊَ جي مَنان مُور مَ لاهِ،
اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندي اَتانگَ تَڙِين.
(ڊاڪٽر محمّد عالم سومرو شاهه جو رسالو (الف.ب وار) سُر سري راڳ ص 68سال 1994 )
تُن تُنيندو آءٌ، مک ڏيهاڻي مڪُڙي،
سانباهي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاهِه،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرَندي اتانگهه تڙين.
(علامه غلام مصطفيٰ قاسمي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 مهراڻ اڪيڊمي سال 2009 )
تُن تُنيندو آءٌ، مَکهِ ڏيهاڻي مَڪُڙي،
سانباهي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاءِ،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرندي اتانگهه تڙين.
(شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 96 بااختيار ادارو سال 1994 )
تُنَ تُنِيندو آءٌ، مَکِ ڏيِهاڻِي مَڪُڙي،
سانباهِي سَمونڊَ جِي مَنان مُورِ مَ لاه،
اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهرَندي اَتانگَ تَڙين.
(علامه آءِ آءِ قاضي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 295 ادبي بورڊ 1993 )
مَکُ ڏيِهاڻِي مَڪَڙِي، تُنَ تُنيندو آءُ،
سانباهِي سَمُونڊرَ جِي مَنا مُور مَ لاه،
اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباح، اُهَرندين اَتانگهَه تَڙين.
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 119سال 2009 سنڌ ثقافت)
تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪُڙي،
سانباهِي سَمُونڊَ جِي مَنان مورِ مَ لاهِ،
اَڄ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اَهِرَنِدي اَتانَگَ تَڙين.
(غلام محمّد شاهواڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 85 سال 2013ع روشني)
تُن تنيندو آءٌ، مک ڏِيهاڻي مڪڙي،
سانباهِي سمنڊ جي مَنان مور مَ لاءِ،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهڙندي اتانگهه تڙين.
(محمّد عثمان ڏيپلائي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 94سال 2009ع مهراڻ)
تن تُنِيندو آءُ، مَک ڏهاري مڪڙي،
سانباهِي سمونڊ جِي، مَنان مُورَ مَ لاهه،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرِيندَئي تانگهي تَري.
(سگهڙ حاجي الله داد جنجهي شاهه جو گنج سُر سري راڳ ص 74سال 2008ع ڪويتا پبليڪيشن)
تُنَ تنَيندو آءُ، مکه ڏيِهاڻي مڪڙي،
سانباهِي سمنڊ جِي مَنَان مُور مَ لاءِ،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهرندي اَتانگهه تڙين.
(باگوجي ڏانوجي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص 105 سال 2000ع باگوجي پبليڪيشن ميرپور ماٿيلو)
تُنَ تُنيندو آءُ، مک ڏهاڻي مڪڙي،
سانباهي سمونڊ جي منان مور مَ لاه،
اڄ ڪ سنجهه صباح، اُهريندئي اوڙاهه تي.
(فقير تاج محمّد نظاماڻي شاهه جو رسالو سُر سري راڳ ص44سال 2007ع سُندس انٽرپرائزز ڪراچي)
تُنَ تُنِيندو آءِ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،
سانباهِي سُمُونڊَ جِي مَنا مُورِ مَ لاههِ،
اَڄُ ڪِ سَنجِهه صُباحِ، اُهِرَندِئي اَتانگَ تَڙين.
(غلام مصطفيٰ مشتاق شاهه جو رسالو (چونڊ ڪلام) سُر سري راڳ ص 49سال 2011ع مهراڻ)
نوٽ: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي ٽن مصرعن واري اُڻويهن (19) لفظن تي مشتمل بيت کي ايترو ته متضاد بڻايو ويو آهي، جنهن جو مثال ئي نه آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي ڪلام جا شيدائي ڪهڙي بيت جي لکت درست سمجهن؟ اسان انهيءَ بيت کي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکي درست ڪري اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا.
تحقيق، تنقيد ۽ تصحيح طلب الفاظ: (ڏيهاڻي، ڏينهاڻي، ڏهاڙي)، (مڪري، مڪڙي)، (سانباهي، سنباهي، سانڀائي)، (سمنڊ، سمونڊ، سمونڊر)، (منا، منان، ملاح)، (لاءِ، لاهه)، (صباح، سندياءِ)، (اهرندي، اوهرندي، اهريندئي، اهرندين)، (اتانگهه،تانگهي، اتانگ تڙين، تڙ، تري، اوڙاه تي)
الف. ڏيهاڻي، ڏينهاڻي، ڏهاڙي، ڏهاڻي: جن صاحبن لفظ ”ڏيهاڻي“ لکيو تن اهو لفظ بنهه غلط لکيو آهي. ”ڏيهه + آڻي = ڏيهاڻي“ هن لفظ جي معنيٰ ٿئي ٿي ڏيهه جو، ديس جو، هم وطن. انهيءَ غلط لفظ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام محمّد شاهواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمّد عثمان ڏيپلائي ۽ باگوجي ڏانو جي.
لفظ ”ڏهاڻي“ فقط فقير تاج محمّد نظاماڻي لکيو آهي، هن صاحب به اسان جي تحقيق مطابق اهو لفظ غلط لکيو آهي.
جن صاحبن لفظ ”ڏهاڙي“ لکيو سي صاحبان آهن، عثمان علي انصاري، ٻانهون خان شيخ ۽ سگهڙ حاجي الله داد جنجهي.
قارئين ڪرام! لفظ ”ڏينهاڻي“ قديم سنڌي صورت خطي ۾ اڪثر لکبو هو اهو لفظ گنج شريف ۾ لکيل آهي. ممتاز مرزا اهو لفظ پڻ "ڏينهاڻي“ لکيوآهي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”ڏهاڙي ۽ ڏينهاڻي“ ٻيئي درست آهن. قديم سنڌي صورت خطيءَ واري لفظ ”ڏينهاڻي“ کي جديد سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڏهاڙي“ جي صورت خطيءَ ۾ لکيو وڃي ٿو. لفظ ”ڏهاڙي“ ٻانهي خان شيخ، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ لکيو آهي.
ب. مڪري، مڪڙي: قديم عربي سنڌي صورت خطيءَ ۾ ”ڙ“ اکر نه هيو تنهنڪري قديم دور جا ڪاتب “مڪڙي” لفظ کي ”مڪري“ لکندا هئا. ”ر“ اکرمٿان اُڀا ٻه نقطاڏيندا هئا. جديد دور ۾ اصل لفظ ”مڪڙي“ کي مڪڙي ئي لکڻ گهرجي مگر ممتاز مرزا ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ غلط لفظ ”مڪري“ لکيو آهي.
ت. سانباهي، سنباهي، سانڀائي: قارئين ڪرام! هڪ لفظ آهي ”سانبهه“ جنهن جي معنيٰ آهي سنڀرڻ، تيار ٿيڻ. ٻيو لفظ آهي ”سانڀ“ هن لفظ جي معنيٰ ”سانڍ ۽ محفوظ رک“ آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته تحقيق هيٺ آيل بيت جو تعلق ٻيڙي، سمنڊ ۽ تڙ سان آهي. حضرت ڀٽ ڌڻي مڪڙي جي مالڪ کي مڪڙي جي سوراخن جي بند ڪرڻ جي تاڪيد فرمائي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس فرمائي ٿو ته ٻيڙي جي هاڪارڻ ۽ سمنڊ ۾ سانباهه ڪرڻ واري عمل کي هميشه ياد رک.
اسان ثابت ڪيو آهي ته جن صاحبن لفظ ”سانباهي“ لکيو آهي تن اهو لفظ درست لکيو آهي. ۽ لفظ ”سانڀائي“ فقط حاجي محمّد سمي ص 47 تي غلط لفظ لکيو آهي.
ياد رهي ته لفظ ”سنباهي“ غلام محمّد شاهواڻي، عثمان علي انصاري ۽ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ به نامناسب لکيو آهي.
درست لفظ ”سانباهي“ لکڻ وارا صاحبان آهن، ديوان تارا چند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ممتاز مرزا، ٻانهون خان شيخ، سگهڙ حاجي الله داد جنجهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر گُربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمّد عثمان ڏيپلائي فقير تاج محمّد نظاماڻي، غلام مصطفيٰ مشتاق ۽ باگوجي ڏانوجي .
ث. سمنڊ، سمونڊ، سمونڊر: لفظ “سمونڊ” کان بهتر ۽ مناسب لفظ “سمنڊ” آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ غلط العام لفظ “سمونڊ” هرگز نه ٿو فرمائي سگهي ڇا ڪاڻ ته عالم شاعر آهي، اڻ پڙهيو ۽ جاهل شاعر نه آهي. لفظ “سمونڊر” ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، حاجي محمّد سمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. اهو اُتراڌي لهجي وارو لفظ آهي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت جو تعلق لاڙ سان آهي تنهنڪري اسان ثابت ڪيو آهي ته مٿين صاحبن لفظ ”سمونڊر“ غلط لکيو آهي.
ج. منا، منان، ملاح: لفظ ”ملاح“ بيت ۾ نا مناسب لکيل آهي، اهو لفظ سيّد عبدالعظيم جي گنج ۾ لکيل آهي تڏهن ته ممتاز مرزا به گنج (جديد صورت خطيءَ ۾)جي ص 271 تي لکيو آهي. اسان تحقيق ڪري ثابت ڪيو آهي ته راوين جي غلط روايت جي ڪري سيّد عبدالعظيم لفظ ”ملاح“ لکيو. اسان ”ملاح“ لفظ هن ڪري نا مناسب ٿا سمجهون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ بيت جي پهرين مصرع ۾ فرمايو آهي:
تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،
قارئين ڪرام! پهرين مصرع واري مضمون سان حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ٻي مصرع واري مضمون کي ملائڻ لاءِ فرمايو:
سانباهِي سَمُنڊَ جِي، مَنان مُور مَ لاههِ،
اسان جي تحقيق مطابق جن صاحبن لفظ ”منا“ لکيو تن به اهو لفظ نامناسب لکيو آهي. ۽ جن صاحبن لفظ ”منان“ لکيو آهي تن درست لکيو آهي. اهو هن ڪري چئون ٿا ته لفظ ”منان“ جي معنيٰ آهي ”من کان“. ۽ لفظ ”منا“ جي معنيٰ ٿئي ”اي من“ هن لفظ ”منا“ جو بيت سان ڪو تعلق نه ٿو لڳي.
ح. لاءِ، لاهه: قارئين ڪرام! حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت ٽن مصرعن تي مشتمل آهي بيت ۾ ٽي قافيا هئڻ گهرجن پهرين قافيي جو لفظ ”آءِ“ فقط غلام مصطفيٰ مشتاق درست لکيو آهي. ٻين سڀني لفظ ”آءُ“ مناسب نه لکيو آهي. ياد رهي ته شاعر کي پنهنجي مافي الضمير (من، اندر جو خيال) بيان ڪرڻ لاءِ لفظن جي گهاڙ ڪرڻي پوندي آهي. لفظ جي گهاڙ جو حق ادبي دنيا ۾ شاعر کي بخشيو ويو آهي. حضرت ڀٽ ڌڻيءَ کي بيت ۾ ٽيون قافيو ”سندياءِ“ آڻڻو هيو تنهنڪري ڪري پهريون ڪافيو ”آءِ“ آندائون.
قارئين ڪرام! جن قافيو ”لاهه“ لکيو آهي تن به درست قافيو نه لکيو آهي.
خ. صباح، سندياءِ: جن صاحبن لفظ ”صباح“ لکيو تن صاحبن درست لفظ نه لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ ”ناکئي“ کي مخاطب ٿي لفظ ”سندياءِ“ فرمايو آهي انهيءِ لفظ جو تعلق مڪڙي جي تُن تُنڻ واري ملاح سان آهي. جنهن کي عرفِ عام ۾ ناکئو ۽ مانجهي ڪوٺبو آهي. لفظ سندياءِ جي معنيٰ آهي ”تو سندي، تنهنجي ٻيڙي“.
د. اهرندي، اوهرندي، اهريندئي، اهرندين: لفظ ”اهرندي“ ديوان تاراچند، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ٻانهي خان شيخ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام مصطفيٰ مشتاق نا مناسب لکيو آهي. نامناسب هن ڪري ٿا چئون ته هن لفظ جي مقابلي ۾ لفظ ”اهريندي“ زياده مناسب آهي. قارئين ڪرام! جيئن لفظ ”ٽٽندي يا ٽڙندي“ کان وڌيڪ بهتر لفظ ”ٽوڙيندي“. آهي تئن ”اوهرندي“ لفظ کان بهتر ”اوهريندي“ آهي ڇا ڪاڻ ته ڪا به بيجان شيءَ پاڻ ٽٽندي يا ٽڙندي نه آهي جيستائين ڪا ٻي طاقت يا ڪو سبب ان کي نه ٽوڙي. اهڙي طرح ٻيڙي به پاڻ نه اُهرندي مگر ان کي اُهريو ويندو، ان لاءِ مخصوص لفظ آهي "اُهريندي“. اهو لفظ سيّد عبدالعظيم گنج شريف جي ص 271 تي “اُهريندي” لکيو آهي ۽ ممتاز مرزا به لفظ ”اُهريندي“ لکيو آهي. جيڪو جديد سنڌي صورت خطيءَ مطابق به درست آهي.
ذ. اتانگهه،تانگهي، اتانگ، اوڙاه : لفظ ”اتانگ“ درست نه آهي مگر لفظ ”اتانگهه“ اسان جي تحقيق مطابق درست آهي. هن لفظ جي معنيٰ آهي. “اونهون، عميق، جيڪو تانگهو يا تراکڙو يا پني پوڙ نه هجي مگر گَهرِو هجي اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تانگهو“ لفظ ”اتانگهه“ جو ضد آهي هن بيت ۾ ”اتانگ“ لفط جي ضروت آهي مگر نه ”تانگهي“ لفظ جي ضرورت آهي. سگهڙ حاجي الله داد جنجهي لفظ ”تانگهي“ غلط لکيو آهي ۽ جن برابر لفظ اتانگهه بجاءِ غلط لفظ ”اتانگ“ لکيو آهي سي آهن، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، غلام مصطفيٰ مشتاق، غلام محمّد شاهواڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي.
لفظ "اوڙاه“ به بيت ۾ غلط لکيو ويو آهي ڇا ڪاڻ ته لفظ ”اوڙاه“ جي معنيٰ آهي ”ڪُنن وارو پاڻي، درياءَ جي ڪن وارو هنڌ“.
قارئين ڪرام! جڏهن لفظ ”اوڙاه“ جي معنيٰ اها آهي ته پوءِ ناکئو ۽ کاري کيڙائو ڪيئن اوڙاه ۾ ٻيڙي هاڪاريندو ۽ اُهريندو؟ ثابت ٿيو ته لفظ ”اوڙاه“ فقير تاج محمّد نظاماڻي ۽ حاجي محمّد سمي غلط لکيو آهي. اسان جي تحقيق مطابق درست لفظ آهي ”اَتانگهه“.
ر. تڙين، تڙ، تري، تي: جن صاحبن لفظ ”تي“ لکيو آهي اسان جي تحقيق مطابق غلط لکيو آهي. اهو هن ڪري ٿا چئون ته هنن اهو لفظ ”اوڙاه“ کان پوءِ ”تي“ لکيو آهي يعني ”اوڙاه تي“ الفاظ لکيا آهن. اهي الفاظ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سُونهن.
جن صاحبن لفظ ”تري“ لکيو آهي تن اهو لفط ”تانگهي“ کانپوءِ استعمال ڪيو آهي. الفاظ ”تانگهي تري“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي بيت ۾ نه ٿا سونهن. ڇا ڪاڻ ته ”تانگهي تري“ جي معنيٰ آهي ”ننڍي پاڻي جي تري ۾“.
ياد رهي ته! ٻيڙو يا ٻيڙي تانگهي تري ۾ نه، هاڪاري يا هلائي ويندي آهي ۽ جن صاحبن لفظ ”تڙين“ لکيو تن به بيت جي مضمون جي مناسبت سان نه لکيو آهي.
اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تڙ“ ٻين مڙني لفظن کان زياده مناسب آهي. مناسب هن ڪري آهي ته حضرت ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ هڪ تڙ کان ٻي تڙ تائين ٻيڙي جو وڃڻ مقصود آهي. انساني روح هن جهان جو تڙ ڇڏي عالمِ ارواح ۾ وڃي پهچندو. گهڻن تڙن تي نه ويندو، تنهنڪري اسان جي تحقيق مطابق لفظ ”تڙ“ حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه جي بيت لاءِ مناسب آهي.
اهڙي طرح تنقيد، تحقيق ۽ تصحيح بعد هن نتيجي تي پهتا آهيون ته، اصل بيت جي صورت هي آهي.
[b]تُنَ تُنِيندو آءِ، مَکِ ڏِهاڙِي مَڪُڙِي،
سانباهِي سَمُنڊَ جِي، مَنان مُورَ مَ لاءِ،
اَڄُ ڪِ سَنجِهه سندياءِ، اُهرَيندِي اَتانگَهه تَڙ.[/b]
معنيٰ: حضرت ڀٽ ڌڻيءَ رحه ناکئي، کاري کيڙائو ۽ ملاح کي صلاح ڏئي ٿو ته تنهنجي ٻيڙي ۾ جيڪي جيڪي تن ۽ سوراخ آهن تن سوراخن کي بند ڪندو آءُ، پنهنجي ٻيڙي جي سمنڊ ۾ وڃڻ واري سنبت ۽ تياري کي من منجهان ڪڍي نه ڇڏ. ساڳي وقت پنهنجي ٻيڙي کي ڪنهن مناسب تيل جو مک به ڏيندو رَهُه، ته جئين ٻيڙي سڻڀي رهي ٻيڙي جو ڪاٺ خُشڪ نه ٿئي. اڄ يا سڀاڻي تنهنجي ٻيڙي گَهِري ۽ اونهي پاڻي طرف اوهري ۽ هاڪارِي ويندي.