پنهنجي پاران
عورت چاهي ڳوٺ سان تعلق رکي، ننڍي شهر سان يا ڪنهن وڏي شهر سان، هڪ عام عورت جو حلقو محدود رهيو آهي، يعني گهر، مٽن مائٽن، اسڪول ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ وڌ کان وڌ نوڪري، سان لاڳاپيل ادارا، هن محدود حلقي جا به پنهنجا تمام گهڻا مسئلا آهن، خاص ڪري معاشري جي بنيادي يونٽ ”گهر“ جا مسئلا تمام گهڻا آهن. گهر مان ئي انسان ٺهي ٿو، گهر مان ئي بگڙي ٿو. هر عام ۽ معمول جي زندگي گذاريندڙ فرد جا ڏک سک گهر سان ئي وابسته هوندا آهن پر بدقسمتيءَ سان ليکڪن گهر جي مسئلن تي بنهه گهٽ لکيو آهي يا شايد ان کي ”اديبائن جو ڊپارٽمينٽ“ سمجهيو آهي.
آئون به شهر جي هڪ محدود سرڪل تائين محدود ليکڪا آهيان، ان ڪري اسان جي (ايڪڙ ٻيڪڙ اديبائن کي ڇڏي) ٻين اديبائن جيان منهنجي علم، مشاهدي، تجربي ۽ ڪهاڻين جو ڪينوَس محدود آهي ۽ اسان جي 90 سيڪڙو کان به مٿي عورتون ان ئي محدود دائري ۾ زندگي گذارين ٿيون نه فقط عورتون پر مرد به پوءِ هنن مسئلن کي گهر جا سڀئي فرد، مرد توڙي، عورتون فيس ڪن ٿا:
رشتن ناتن جا معاملا،
گهرو جهيڙا،
شادي مرادي جا مسئلا،
ڏاج ڏيڻ جا مسئلا وغيره.
عورت جيڪڏهن نوڪري، ڪري ٿي ته اتي به ڪيترن معاملن کي منهن ڏي ٿي. خاص ڪري جڏهن مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي، مسئلا ته انهن عورتن کي به فيس ڪرڻا ٿا پون، جيڪا گهر سنڀالي ٿي، نوڪري به ڪري ٿي، بِلَ به پئاري ٿي، بينڪ جا معاملا به ڏسي ٿي، ٻارن کي خود ڪار ڊرائيوَ ڪري ڇڏي ۽ وٺي اچي ٿي... يعني بظاهر آزاد ۽ خود مختيار لڳي ٿي پر حقيقت ۾ ڪو به فرد رشتن ناتن ۽ گهرو ذميدارين کان آجو ڪو نهي، چاهي مرد هجي يا عورت سو منهنجي محدود علم، ڄاڻ ۽ مشاهدي تحت لکيل هي ساديون گهرو ڪهاڻيون اوهان آڏو آهن پر حقيقت کان ڪا به وانجهيل ڪانهي. شهري سماج ۾ رهندڙ عورت به ڳوٺن ۾ رهندڙ ننڍن شهرن ۾ رهندڙ عورتن وانگر ڀوڳي ٿي. خاص ڪري ان ڪري به جو هوءَ پنهنجن حقن کان واقف هوندي به پنهنجا سڀ جائز حق وٺي نٿي سگهي. ڪڏهن هوءَ خاندان جي عزت خاطر ته ڪڏهن هن سينور جي ويل سماج جي غليظ ڇنڊن کان بچڻ خاطر پنهنجي مرضيءَ خلاف مجبوري ۾ Compromises ڪري ٿي. ۽ از خود ڪيترن حقن کان حق بخشائڻ بنا خود حق بخشي ٿي ڇڏي فقط ٻين خاطر، پنهنجي رشن ناتن خاطر، پنهنجي گهر ۾ سڪون رکڻ خاطر، جهيڙي کي ختم ڪرڻ خاطر.
مون اهو ئي لکيو آهي جيڪو پنهنجي اردگرد ڏٺو آهي، جو اهو ئي لکي سگهان ٿي. آئون اعتراف ٿي ڪريان ته آئون ڳوٺاڻي سماج جي مسئلن تي نه لکي سگهي آهيان جو منهنجو واسطو ان سان رهيو ئي نه، ان ڪري منهنجو مشاهدو ڪونهي پر مون پڙهيل لکيل ۽ شهري سماج جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ عورتن جا ڏک سک، جذبا ۽ خواب لکيا آهن.
منهنجون ڪجهه ڪهاڻيون بنهه شروعاتي دور جون آهن، جيڪي ڪي قدر ڪچيون به لڳن ٿيون، هاڻي ادي نذير ناز جي اسرار تي سڀ ڏنل آهن. ادي نذير ناز جي همٿ افزائي سبب مون لکڻ شروع ڪيو ۽ ناري پبليڪشن جي مئگزين ۾ ئي منهنجون شروعاتي ڪهاڻيون ڇپيون، ادي نذير ناز مون کي ”ناري سنگت“ پاران 2008ع ۾ ”بيسٽ آرٽسٽ“ جو ايوارڊ ڏنو. سنڌ جي روايتي ماحول ۾ هڪ روايتي گهراڻي جي ڇوڪري 80، 90 جي دور ۾ ادب، ريڊيو ۽ آرٽ جي ميدان ۾ اچي، سا وڏي ڳالهه هئي. ادي نذير ناز پنهنجي واعدي ۽ پراڻي خواهش مطابق مون کي ايوارڊ ڏئي مون کي وڏو مان ڏنو. شل خوش هجي!
منهنجون هي ڪهاڻيون ترتيب وار 1990 کان وٺي 2011 تائين جون آهن جن مان ptcl کان وٺي سيل فون ۽ نيٽ جو بدلجندڙ دور نظر ايندو. اڄڪلهه آئون فلش فڪشن (سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾) ۽ يادگيريون لکان پئي.
شگفته شاهه
10 فيبروري 2018ع