بک ۽ اديب
”ڪا خاص ڳالهه ناهي سر!... ڪجهه ئي دير ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ بستي خالي ٿي ويندي... سڀني کان گهڻو گوڙ پوڙهو ڪري رهيو هو ۽ چوي ٿو ته اسين هيءَ بستي خالي ڇو ڪريون؟ هيءَ زمين ته پيڙهين کان اسان جي آهي. غاصب ته اهي وڏا ماڻهو آهن. جن اسان جهڙن ڪيترن جون هتان زمينون ڦٻائي ۽ پکا پٽائي، هي محل ماڙيون ٺهرايون آهن... پر مٿي تي ڏنڊي کائڻ کان پوءِ اميد ته هن پوڙهي جو دماغ ٺيڪ ٿي ويندو... اوهان وڃو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو...“
اهو چئي ”پگهاردار“ بيدرديءَ سان پوڙهي کي ٽنگ کان پڪڙي روڊ جي ڪناري تي ڦٽو ڪيو ۽ ”برک اديب“ جي ڪار چيڪاٽ ڪندي تکي هلي وئي... اڳتي هلي سنگل تي ڪار بيٺي ته هڪ فقيرياڻي فٽ پاٿ تي ويٺل هئي. سندس ڪڇ تي هڪ اڌ اگهاڙو ٻار هو، جنهن جو پيٽ بک ڪري وڃي پٺيءَ سان لڳو هو... فقيرياڻي کيس ڏسي صدا هنئي ”سائين! الله جي نالي ڪجهه پئسا ڏي ته هن معصوم کي ڪجهه کارايان، جيڪو گهڙي پل جو مهمان آهي...“
”نان سينس!... هنن ماڻهن ته جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي... ڊرائيور جلدي هل...“ اديب ڪروڌ مان ڪار جو شيشو چاڙهيندي چيو... ۽ پوءِ ”ادبي پروگرام“ ۾ کانئس انٽرويو وٺڻ دوران سڀني کان آخر ۾ جڏهن کانئس سندس وڏي کان وڏي خواهش بابت پڇيو ويو هو ته هن ٿڌو ساهه ڏاڍي ڏک سان چيو هو: ”جڏهن مرڻ کان پوءِ آئون قبر ۾ دفن ٿي مٽيءَ سان مٽي ٿي ويندس ته اها مٽي منهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ شامل ٿي ويندي. ڪاش! جيڪڏهن منهنجي ان مٽيءَ مان ڪو ڪڻڪ جو هڪ سلو پيدا ٿئي ۽ اهو هڪ سنگ ئي ڪڍي جنهن کي منهنجي وطن جو ڪو ”ڏڪاريل“ هڪ ئي ڄڻو کائي، پيٽ ڀري ته آئون سمجهندس ته مون پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجي ماڻهن ۽ وطن جو تر جيترو ئي سهي ڪجهه ته قرض لاٿو...“
انهن جملن تي ڪمپيئر توڙي آڊينس ۾ ”واهه واهه“ مچي وئي هئي ۽ اهو پروگرام نشر ٿيڻ کان پوءِ ته ڪيترن ئي اديبن ۾ به ”واهه واهه“ ٿي وئي هئي ۽ ڪجهه اديبن ته سندس آخري خواهش وارن لفظن کي ”لافاني“ هئڻ جو درجو ڏنو هو ۽ سندس اهي لفظ ڪيترين ڪهاڻين ۾ Quote ڪيا ويا، مثالن ۾ ڏنا ويا. ڪتابن ۾ لکيا ويا... پر... شايد... ڪنهن کي به اها خبر نه آهي ته اهو انٽرويو ڏئي جڏهن پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار ۾ موٽيو هو ته ساڳئي فٽ پات تي هن جي نگاهه ان ئي فقيرياڻيءَ تي پئي هئي... سندس ڏٻرو ڪارو ۽ ڏرا ڏنل اکين ۽ پٺيءَ لڳل پيٽ وارو ٻار مري چڪو هو ۽ سندس ڪڇ ۾ وات کوليو پيو هو... هن جي کليل وات تي مکين جا ميڙ هئا... سندس بي جان اکيون سندس ماءُ جي چهري ڏانهن نهاري کانئس انيڪ سوال پڇي رهيون هيون... ۽ سندس ماءُ وري آهستي آهستي گڏ ٿيندڙ ماڻهن جي ميڙ ڏانهن هر هر ڏسي ڄڻ هر ڪنهن کان انيڪ سوال پڇي رهي هئي ۽... هن اديب نفرت سان هنن ڏانهن ڏسي وري منهن ڦيري چيو: ”نان سينس!... ڊرائيور!... ڪار کي جلدي هتان ڪڍ...“
(ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي سهيڙيل ڪتاب ”سون ورنيون سوڍيون“ تان ورتل)