ڪھاڻيون

واجهائيندي ورهه ٿيا

شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي. شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2628
  • 741
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شگفته شاهه
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واجهائيندي ورهه ٿيا

جن کي سُور سرير ۾

رَهي اچجي راتڙي، تَن واڍوڙيَنِ وَٽانءِ،
جَنکي سُور سَريرَ ۾، گهَٽ منجهاران گهاءِ،
لِڪائي لوڪانءِ، پاڻِهان ٻَڌَنِ پَنِيون.
(شاهه)
شام جا پاڇا آهستي آسهتي لَڙي هر شيءِ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي چڪا هئا. شهر جي مصروف سڙڪ مختلف آوازن سان گونجي رهي هئي. رڪشائن، ڪارن، ٻين سوارين ۽ ماڻهن جا مليل جليل آواز عجيب قسم جو گوڙ پيدا ڪري رهيا هئا. سڙڪ تي ايندڙ، ويندڙ ۽ بيٺل ماڻهن جو ميڙ هو. هر قسم جا چهرا هئا. اُداس، مرڪندڙ، ملول، سهڻا، بدشڪلا... انهن ئي چهرن ۾ هڪ اُداس چهرو احتشام جو به هو. احتشام، عام رواجي چهري وارو ماڻهو هو. قد ڊگهو ۽ پورو پنو بدن هئس. چهرو عام هوندي به مجموعي طور تي سندس شخصيت پرڪشش هئي. خاص طور تي سندس ڪارين ۽ چمڪيلين اکين مان ذهانت ظاهر ٿي رهي هئي. کيس بِلو رنگ جي جينز ۽ اڇي قميص پهريل هئي. سندس وار هوا سان اڏامي بي ترتيبيءَ سان سندس پيشانيءَ تي پکڙجي ويا هئا. هو ٻئي هٿ کيسن ۾ وجهي آهستي آهستي وِکون کڻڻدو وڃي رهيو هو. سندس نگاهون هر ايندڙ ويندڙ شخص کي ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ کيس ڪنهن خاص ماڻهو جي جي تلاش هئي. احتشام جي اها پراڻي عادت هئي، ته جڏهن به کيس واندڪائي ملندي هئي ته بنا ڪنهن مقصد جي سڙڪن تي هلندو رهندو هو ۽ هو ماڻهن جي وڏن وڏن ميڙن ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو هو. کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ته ايترا سارا ماڻهو هئڻ جي باوجود ڪنهن جي ڪمي هئي. ڪو اهڙو شناسا چهرو... جيڪو کيس سمجهندو هجي اُهو اتي نه هو. احتشام هلندو رهيو ۽ مختلف منظرن کي پٺيان ڇڏيندو رهيو. وڏيون وڏيون بلڊنگون، دڪان، گهر ۽ شاپنگ سينٽر هُو پٺيان ڇڏيندو ويو. هلندي هلندي جڏهن هُو هڪ ميوزڪ سينٽڙ جي سامهون لنگهيو ته اتي وڄندڙ نغمي جي اداس ڌُن سندس قدمن ۾ ڄڻ زنجيرون وجهي ڇڏيون. ڊوناسمر جو اداس آواز فضا ۾ وکري رهيو هو... Still I am Sad اهي الفاظ سندس دل کي ڇهندڙ محسوس ٿيا ۽ سندس من ويتر اُداسيءَ جي احساس ۾ وڪوڙجڻ لڳو. سندس سوچون ان گيت سان گڏ ڀٽڪڻ لڳيون ۽ پوءِ سوچن جي ان ڄار مان جان ڇڏائڻ خاطر هو تيز تيز وِکون کڻندو اڳتي وڌي ويو. هو هلندو رهيو ۽ ڪافي پنڌ ڪرڻ ........... کيس احساس ٿيو ته هو ڪمرشل علائقي مان نڪري رهائشي حصي ۾ پهچي ويو هو، رستو سنسان هو گوڙ گهمسان کان وانجهيل هو صاف سٿري سڙڪ جي ٻنهي پاسن تي قطارن ۾ بنگلا هئا، جن جي ويجهڙائيءَ ۾ سهڻن گلن وارن ٻوٽن ۽ ولين منظر کي ويتر خوبصورت بنائي ڇڏيو هو. ٿورو اڳتي هڪڙو پارڪ هو جنهن جي چوڌاري سهڻن گلن سان ڀريل ٻوٽا ۽ وڻ هئا. پارڪ ۾ ڪجهه بينچون به هيون. احتشام هلندو هلندو پارڪ ۾ پهچي ويو ۽ هڪ بينچ تي ويهي رهيو.
سندس سامهون واري بينچ تي هڪ شخص ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ ۾ محو هو ۽ پارڪ ۾ ننڍڙا ٻارڙا بال سان راند ڪري رهيا هئا. اولهه پاسي وڻن جي پٺيان سج غروب ٿي چڪو هو ۽ ان پاسي پکڙيل گهري لالاڻ ماحول کي ويتر اُداس بڻائي رهي هئي. احتشام شفق جي انهيءَ منظر ۾ ڄڻ گم ٿي ويو. سندس ذهن وري ڀٽڪڻ لڳو. يادن جا پاڇا گهرا ٿيندا ويا ۽ شديد ڪوشش جي باوجود هو انهن کي روڪي نه سگهيو ۽ پوءِ... وقت ڄڻ پٺتي هليو ويو. هن کي ياد اچڻ لڳو...
هو سڀ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. احتشام جو گهراڻو ڪافي خوشحال هو پر پئسي هئڻ جي باوجود به سندس گهر ڄڻ دوزخ هو. ڇو جو سندس ماءُ پيءُ ڪڏهن به پاڻ ۾ نه ٺهي سگهيا هئا. سندس پيءُ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ پي چاهي ڇو جو هو پاڻ تعليم يافته هو ان ڪري هو پنهنجي اڻ پڙهيل زال کي قبول ڪري نه سگهيو هو، پر احتشام جي ڏاڏي جي مجبور ڪرڻ سبب هن اها شادي ڪئي هئي. وقت گذرڻ سان گڏ احتشام جي پيءُ کي سندس ماءُ کان نفرت وڌندي وئي. احتشام کان ٻه ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ وڏو هو. اهي سڀئي ٻار مائٽن جي نفرتن ۽ جهيڙن ڪري سندن پيار ۽ توجهه حاصل ڪري نه سگهيا هئا. جيستائين احتشام جو ڏاڏو جيئرو هو. سندس پيءُ جيئن تيئن ناه ڪيو؛ ڇو جو اهو ئي سڄي خاندان جو وڏو هو، سو سندس حڪم کان ڪير به لنوائي نه سگهندو هو پر ان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ حالات يڪدم بدلجڻ لڳا. احتشام جي ڏاڏي جي ملڪيت سندس پيءُ ۽ چاچن ۾ ورهائجي وئي ۽... پوءِ ملڪيت جي ورهاست جي معاملي تان سندن وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو ۽... جيئن پوءِ تيئن سندن وچ ۾ نفرتون ۽ ويڇا وڌندا ويا. انهن سڀني جا معصوم ٻار انهن ڳالهين کان بيخبر هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا. جيئن ته احتشام پنهنجي گهر ۾ سڀني کان ننڍو هو ۽ سندس عمر جي سڄي خاندان مان رڳو سندس سوٽ مريم ئي هئي. هو ٻئي گڏ راند ڪندا هئا ۽ گڏ پڙهندا هئا، پر... سندن زندگيءَ جو اونداهو باب تڏهن شروع ٿيو، جڏهن احتشام ۽ مريم جا پيءُ ۽ ٻيا ڀائر زمينن ۽ ملڪيت جي تڪرار سبب هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندا ويا ۽ نيٺ... سڀ پنهنجو پنهنجو حصو وٺي، الڳ ٿي ويا ۽ سندن وچ ۾ ايڏيون ته نفرتون ۽ ويڇا پئجي ويا جو هو هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ به گوارا نه ڪندا هئا ۽ پوءِ سڀ مختلف شهرن ۾ پنهنجن خاندانن سان گڏآباد ٿيڻ لڳا. مريم جو پيءُ به شهر ۾ وڃي آباد ٿيو. احتشام جو پيءُ ملڪيت جو حصو وٺڻ کان پوءِ وڌيڪ سندس ماءُ سان نباهه ڪري نه سگهيو ۽ ٻي شادي ڪري شهر ۾ ئي رهي پيو ۽ وري ڪڏهن موٽي سندن خبر به نه ورتائين. احتشام جي وڏي ڀاءُ ان مهل پنهنجي وکريل خاندان کي سهارو ڏنو. ٿورڙي زمين ملي هئي کين سو هُو پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي زمين تي ڪم ڪرڻ لڳو. هو پنهنجي زمين تي پاڻ به ٻين هارين وانگر ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.سندس ڀيڻون سلائي ۽ ڀرت ٽوپو ڪري گهر جي خرچ ۾ هٿ ونڊائينديون هيون ۽ ائين انهن سڀني احتشام کي ڪوسو واءُ به لڳڻ ڪو نه ڏنو. ڇو جو ان وقت احتشام ئي سڀني جي اُميدن جو مرڪز هو. کيس پوءِ شهر ۾ پڙهائي لاءِ موڪليو ويو جتي هو هاسٽل ۾ رهندو هو. جيئن ته احتشام جو وڏو ڀاءُ ۽ ڀينرون ته گهڻي تعليم حاصل ڪري نه سگهيا هئا؛ پر کيس هر سهولت ڏنائون ته جيئن هو پڙهي لکي پنهنجي زندگي سنواري سگهي. احتشام کي ڊاڪٽري پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هُو ڏينهن رات محنت ڪري ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌندو ويو ۽ نيٺ هو ميڊيڪل ۾ پهچي ويو. ميڊيڪل ڪاليج ۾ ئي سندس ملاقات مريم سان ٿي. پهرين ته هو عام ڪلاس فيلوز جيان پاڻ ۾ ملندا هئا؛ پر پوءِ اوچتو اهو انڪشاف ٿيو ته هيءَ ته ساڳي سندس سوٽ مريم هئي... سندس ننڍپڻ جي ساٿي تڏهن احتشام ڏاڍي ڏک مان مريم کي چيو هو:
”مريم! ڪيڏي نه ٽرئجڊي آهي، اسان پنهنجا هوندي به ايڏو عرصو پراون جيان ملندا رهياسين... ۽ هڪ ٻئي کي سڃاڻڻ جو اتفاق به ڪيڏو نه ڏک ڀريو آهي، جو اڄ جڏهن اسان هڪ ٻئي آڏو آهيون ته اسان جي وچ ۾ سالن جا فاصلا ۽ نفرتون آهن.“
”واقعي!“... مريم به اداسيءَ مان چيو ”اسان جي وڏن جي جهڳڙن ۽ نفرتن اسان کي ائين ته پري ڪري ڇڏيو، جو اسان هڪ ٻئي جون شڪليون به نه سڃاڻي سگهياسين؛ پر... احتشام! اسان جي Generation کي ته هڪ ٻئي سان نفرت ناهي... پوءِ... ٿي سگهي ٿو ته اسان ئي ڪڏهن انهن جا اهي ويڇا ختم ڪرائي سگهون.“
”مريم!... اهو جيڪڏهن ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور آهي... ۽ هاڻي ته اسان جي Generation به انهن نفرتن جي ور چڙهي سزا پئي ڀوڳي...“ احتشام چيو.
... ۽ پوءِ... اڪثر هو ٻئي گڏ ويهندا هئا ۽ ڪڏهن خانداني رنجشون ياد ڪري، ادادس ٿي ويندا هئا، ته ڪڏهن وري ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪري کِلندا هئا. ننڍپڻ جون يادون دُهرائيندي هڪ ڀيري احتشام مريم کي چيڙائيندي چيو هو:
”مريم! هاڻي ته تون بدلجي وئين اهين. مونکي ته اُهي ڏينهن به ياد آهن جڏهن هر وقت ”رين رين“ ڪري روئيندي هئين؟.“
”هاڻي ٺهيو...“ مريم کلندي چيو: ”پنهنجي باري ۾ ڇا خيال اٿئي...!؟؟ اُهي ڏينهن وسري ويا جڏهن سڄو ڏينهن مٽيءَ سان ڀريو پيو هوندو هئين. منهنجا احسان آهن توتي جو تنهنجو سڄو اسڪول جو ڪم ڪري توکي استاد صاحب جي مارَ کان بچائيندي هُيس.“
”خير سائين...!“ احتشام به کلندي چيو: ”احسان ته منهنجا به آهن توتي... ياد اٿئي... ڪيئن نه چاچي جي باغ مان جان جي بازي لڳائي چوڪيدار کان لِڪي انب آڻي ڏيندو هوس توکي...؟!!“
مريم ننڍپڻ جون سڀ شرارتون ياد ڪري جڏهن کلندي هئي ته سندس ٽهڪ گهنٽين جي آواز جي جلترنگ جيان احتشام کي پنهنجي ڪنن ۾ گونجندا محسوس ٿيندا هئا. ان ويل احتشام جي دل چاهيندي هئي ته هُو ۽ مريم هميشه هڪ ٻئي آڏو ائين ويٺا هجن. مريم هميشه ائين کِلندي رهي ۽ هو... هميشه ائين سندس ٽهڪن جو جلترنگ ٻڌندو رهي ۽ پوءِ... هميشه ننڍپڻ جي انهن يادگيرين کان پوءِ احتشام چوندو هو:
”مريم!... سچ پچ ته ننڍپڻ جا اهي ڏينهن ڪيڏا نه خوبصورت هئا... ڪيڏا بي فڪريءَ جا لمحا هئا اهي...!!!؟“
”واقعي...!“ مريم هميشه اهو چئي ڪن ماضيءَ جي تصور ۾ گم ٿي ويندي هئي ۽ ائين... هو يادون دهرائيندا هئا ۽ گڏوگڏ تعليمي منزلون به ڪاميابيءَ سان پار ڪندا رهيا. ٻنهي جي پان ۾ ڏاڍي Under Standing ٿي وئي هئي. مريم هڪ آئڊيل ڇوڪري هئي، جيڪا نه صرف پڙهائيءَ ۾ هوشيار هئي،پر سندس گفتگو، اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ... هر ادا ۾ هڪ سادگي هوندي هئي، جنهن ڪري احتشام کيس پنهنجي دل جي ويجهو محسوس ڪرڻ لڳو. هُو ڪيتري ئي عرصي کان گهر کان پري هاسٽل۾ رهيو هو ۽ پاڻ کي هن شهر ۾ هميشه اڪيلو ڀانيو هئائين پر... هاڻي... مريم جي وجود هن جي نديا ۾ وڏي تبدليي آڻي ڇڏي هئي ۽ کيس محسوس ٿي ويو ته پوري شهر ۾ هڪ هستي ته اهڙي هئي جنهن سان نه صرف سندس رت جو رشتو هو، ڪڏهن سوچن جي راهن مان ڀٽڪندي ڀٽڪندي سپنن جي حسين واديءَ ۾ پهچي ويندو هو ۽ انهن سپنن ۾ احتشام ڏسندو هو ته هو ۽ مريم هٿ هٿ ۾ ڏئي گڏ وڃي رهيا آهن... سندس گهر ڏانهن... پر اوچتو ئي احتشام ان ان سندر سپني مان ڇرڪجي پوندو هو، جڏهن کيس نوريءَ جو چهرو آڏو ايندو هو. نوري... سندس مڱ، جيڪا سندس ڀيڻ جي بدي ۾ کيس مڱائي وئي هئي. پر ڪڏهن ڪڏهن احتشام جي دل چاهيندي هئي ته هُو ان ٻنڌڻ کي هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏي ڇو جو ذهني طور تي هُو ان رشتي کي قبول ڪري نه سگهيو هو؛ پر صدين جي روايتن کان هُو جان ڇڏائي نه سگهيو هو. هُو ان ڪري به مجبور هو جو بدي کانسواءِ سندس ڀيڻ جو سڱ به نه ٿي سگهي ها، جيڪا وڌندڙ وقت سان گڏ عمر ۾ به وڌي رهي هئي. وري احتشام سوچيندو هو ته بَدي جو اهو معاملو نه به هجي ها، ته به هُو مريم کي ماڻي نه سگهي ها. ڪٿي سندس غريبي ۽ ڪٿي مريم جي اميري. سندس پيءُ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ هنن ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو هو ۽ سندن ملڪيت تي سندن پيءُ هڪ ٻي عورت کي عيش ڪرائي رهيو هو. ان جي اولاد لاءِ بنگلو هو، ڪار هئي ۽ شاهانه زندگي هئي ۽ جڏهن ته سندن لاءِ غربت هئي، لاچاري هئي ۽ نفرت هئي. پوءِ.... ڇا هُو سون ۽ چانديءَ جون اهي ديوارون ڪيرائي مريم کي ماڻي سگهي ها...!!؟؟؟ شايد ڪڏهن به نه... ۽ بدي ۽ غربت جي ان مسئلي کان سواءِ سندن وڏن ۾ پيل ويڇا ۽ نفرتون... هُو ڪنهن ڪنهن معاملي کي منهن ڏئي ها...!!؟؟؟... ۽ پوءِ احتشام مريم بابت سمورين سوچن تي پهرا وجهي ڇڏيندو هو پر پوءِ به اهي سوچون سندس دل جي ديوارن سان ٽڪرائجي، انهن کي لوڏي وجهنديون هيون... ان ڪشمڪش ۾ وقت پڻ گذرندو رهيو هو ۽ نيٺ... هُو ٻئي ڄڻا ميڊيڪل جي آخري سال ۾ پهچي ويا.
هاڻي ڪڏهن ڪڏهن احتشام ۽ مريم خوفزده ٿي ويندا هئا، ته هاڻي ڇا ٿيندو...!!!؟؟؟... ڇا هُو وري هميشه لاءِ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا...!!!؟؟ ڇو جو ٻنهي کي خبر هئي، ته سندن وچ ۾ وقت ۽ ريتن رسمن وڏا ويڇا وجهي ڇڏيا هئا ۽ پوءِ... اهو ڏينهن به اچي ويو، جنهن کان ٻئي خوفزده هئا. فائنل ايئر جي امتحانن ۾ ڪجهه وقت وڃي بچيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ احتشام اڪثر مريم کي پريشان ۽ خاموش ڏٺو. هڪ ڏينهن جڏهن صبح کان مينهن وسي رهيو هو. ڪاليج ۾ اچڻ کان پوءِ احتشام صبح کان ئي اها ڳالهه محسوس ڪئي ته مريم ڪجهه زياده ئي پريشان ۽ منجهيل هئي. ان ڏينهن هوءَ احتشام کي وڌيڪ ئي موهي رهي هئي. اڇي شلوار سوٽ ۽ رنگين رَئي ۾ هوءَ کيس سندس نالي جيان ئي مقدس لڳي پر کين پڙهائي سبب ڳالهائڻ جو موقعو ملي نه سگهيو ۽ پوءِ موڪل مهل مريم هن وٽ آئي ۽ هن کيس چيو ته گهر وڃڻ کان اڳ هن سان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيون. احتشام کيس ڪيفي ٽيريا وٺي آيو ۽ بيري کي آرڊر ڏنو. ڪجهه دير ۾ چانهه اچي وئي، پر مريم پنهنجي سوچن ۾ گُم شيشي جي دريءَ کان ٻاهران برسات جي نظاري ۾ گم ٿي وئي هئي. برسات به وري تيز پوڻ لڳي هئي ۽ احتشام کي ائين محسوس ٿيو ته مريم جي اندر به ايڏي ئي برسات لڪيل هئي. ڇو جو کيس ان مهل سندس خوبصورت ڪارين اکين ۾ جهڙالي موسم نظر آئي، جيڪا ڪنهن به وقت وسڻ لاءِ تيار هئي. کيس سوچن ۾ گم ڏسي احتشام پاڻ ئي چانهن ٺاهڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ ڪوپ مريم ڏانهن وڌائيندي مخاطب ٿيو: ”مريم!... هي چانهه وٺ“ ”اوهه...! Thank You مريم ڇرڪندي چيو.
”مريم!...“ احتشام کيس چيو ”ڇا ڳالهه آهي؟؟... ايڏي پريشان ڇو آهين... ڪو مسئلو آهي...!؟“
”هون... ها...“ مريم کيس خالي نظرن سان ڏسندي چيو:
”ها!... احتشام، آئون ڏاڍي پريشان آهيان... پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان...؟“
”هون...!“ احتشام چيو: ”اها ڳالهه ته مون به محسوس ڪئي آهي، ڪجهه ڏينهن کان... پر آخر ڳالهه ڇا آهي...؟!!“
”سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪيئن شروع ڪريان... ۽ توکان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو اهڙو اهي به ڪو نه جنهن کي ڪجهه ٻڌائي سگهان...“ مريم ايترو چئي خاموش ٿي وئي ۽ پوءِ وري احتشام ڏانهن ڏسي چوڻ لڳي: ”احتشام!... آئون سمجهان ٿي ته توکان وڌيڪ شايد مون کي منهنجا گهر وارا به نه سمجهندا هوندا. اسان تقريباً پنج سال گڏ گذاريا آهن ۽ هڪ ٻئي کي گهڻو سمجهي به ويا آهيون، پر احتشام!... فرض ڪر... جيڪڏهن اسان جا رستا هميشه لاءِ الڳ ٿي وڃن ته پوءِ...؟؟؟!!“
احتشام کي اهو ٻڌي پنهنجو وجود ڀڄندو ڀرندو محسوس ٿيو. ”پر پان تي ضبط ڪندي هن چيو:
”اِهو ته آخر ٿيڻو ئي آهي.“
”ڇا... ڇا...؟!!!“ مريم انتهائي حيرت ۽ ڏک مان رڙ ڪندي چيو: ”هي... هي... تون ٿو چئين احتشام!... تون!!؟؟“
”ها مريم!“ احتشام پاڻ کي سنڀاليندي چيو: ”حقيقت پسند ٿي سوچيندينءَ ته تو به انهيءَ نتيجي تي پهچندينءَ؛ پر... آخر تون اڄ اوچتو اِهو ڇو پڇي رهي آهين؟“
مريم جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ لڙڪن جي آلاڻ جمع ٿي وئي، جنهن کي لڪائڻ خاطر هن پنهنجون نظرون جهڪائي ڇڏيون ۽ پوءِ ڄڻ پاتال مان ڳالهائيندي چيائين:
”منهنجا گهر وارا منهنجي شادي ڪري رهيا آهن... هڪ وڏيري سان... ۽ انهن اها به شرط رکي آهي، ته آئون نوڪري نه ڪندس نه ئي هُو مون کي فائنل جو امتحان ڏيڻ ڏيندا... بقول انهن جي ته نوڪري ڪرڻي ئي ڪونهي ته وڌيڪ پڙهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
”هون...!... پءِ...؟“ احتشام پڇيو.
”احتشام!...“ مريم ڄڻ سڏڪن جي سمنڊ مان ڳالهائيندي چيو:
”دولتمند گهراڻي ۾ پلجڻ جي باوجود به مون ڪڏهن به وڏا خواب نه ڏٺا. مون ڪا به ايڏي وڏي خواهش ڪا نه ڪئي. بس... منهنجو ته رڳو هڪ ئي خواب آهي... ڊاڪٽر ٿيڻ جو. مون هر سال پوزيشن کنئي آهي ۽ هاڻي... هن سال جيڪڏهن مون فائنل ايئر جو امتحان نه ڏنو، ته منهنجي سڄي عمر جي محنت ۽ پڙهائي بيڪار ٿي ويندي.“
”اوهه... ته اها ڳالهه توکي پريشان ڪري رهي آهي.“ احتشام چيو: ”پر ان ۾ ايترو پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟... تون ڪوشش ڪندئين ته شاديءَ کان پوءِ به پڙهي سگهندينءَ ڇوڪريون اڪثر ائين ڪنديون آهن.“
”ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين احتشام!... مريم ڏک مان چيو: ”تون هن شخص کي نٿو سڃاڻي هو پاڻ به گهٽ تعليم يافته آهي ۽ هُو خالص وڏيرڪي ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهي. نوڪري ڪرڻ ۽ پڙهڻ ته ٺهيو پر هو ته مون کي ويتر پوئتي ڌِڪي رهيو اهي. هُو ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ مون کي به وڏين وڏين ديوارن واري انهيءَ حويليءَ ۾ وٺي وڃڻ ٿو چاهي، جنهن جي اندر الائي گهڻيون عورتون بند جي زندگي گذاري رهيون آهن.“
”پر مريم...!... تنهنجو ڀاءُ ته تعليم يافته ۽ کليل ذهن وارو ماڻهو آهي، اهو ڪجهه نٿو ڪري...!!؟؟“ احتشام پڇيو.
”احتشام!“ مريم چيو: ”اسان جي گهراڻن جهڙا گهراڻا جيڪي شهرن ۾ اچي رهن ٿا، انهن جا ماڻهو بيون ته شهر جون سموريون روايتون سکي پاڻ کي Polish ڪري بظاهر ماڊرن، آزاد ۽ فراخدل نظر ايندا آهن، پر هُو پنهنجي ذهنيت ڪڏهن به نه مٽائيندا آهن ۽ اندران اسين اڄ به اهي ئي روايت پسند ۽ پنهنجي هٿ ٺوڪي رسمن جي زنجيرن ۾ قيد آهيون ۽ اسان وٽ مرد صرف پنهنجي زندگي آسان ۽ آرامده گذارڻ لاءِ ته پنهنجي ذهينت مٽائي سگهن ٿا؛ پر... پنهنجي گهر جي عورتن جي جذبن جو احترام ڪرڻ هو اڄ به ضروري ناهن سمجهندا. چاهي اهي تعليم يافته ۽ ماڊرن ڇو نه هجن! ها!... منهنجو ڀاءُ به Broadminded آهي... پر... صرف پنهنجي ذات جي حد تائين... هن ضرورت محسوس ڪئي ته پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان پڙهيل ڳڙهيل ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. جيڪا هر فيلڊ ۾ سندس ساٿ ڏئي ٿي سگهي، پر... ڀيڻ لاءِ سندس اها ئي سوچ آهي، ته ڇوڪريون وڌيڪ پڙهي پنهنجي عمر وڃايو ڇڏين ۽ ٻي ڳالهه ته هو ۽ بابا ته مونکي قربان ڪري، ايڏي وڏي زميندار سان رشتو جوڙي پنهنجو ئي فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا...“
”اوهه!... اڄ جي دؤر ۾ به تو جهڙي تعليم يافته ۽ باشعور ڇوڪرين سان ايڏو ظلم!!؟؟... پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر هن مسئلي جو حل ڇا ڳولهجي“ احتشام پريشان ٿيندي چيو. مريم کيس ڏاڍي اداسيءَ مان ڏسندي وري چيو:
”آئون پڙهڻ ٿي چاهيان ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته منهنجي زندگيءَ جو اهو اهم مقصد تڪميل تائين رَسي نه سگهندو. آئون پاڻ به تباهه ٿي وينديس. منهنجي شخصيت، منهنجي هستي ۽ منهنجي حيثيت جيڪا مون سڄي عمر جي محنت سان ٺاهي آهي، اها ختم ٿي ويندي. منهنجو خواب ته هينئر ئي ٽٽي پرزه پرزه ٿي ويو آهي.“
”مريم!... خواب ته منهنجو به ٽٽو آهي...“ احتشام درد جي پاتال مان ڳالهائيندي چيو: ”توسان مليو نه هُيس ته ڄڻ ڪا خواهش ئي ڪانه هئي... ڪو آدرش نه هو. تو سان ملڻ کان پوءِ مون جڏهن به پنهنجي مسقبل ۽ پنهنجي گهر جو خواب ڏٺو ته توکي به هميشه پاڻ سان گڏ ڏٺم. پنهنجو پاڻ کي سمجهائڻ جي باوجود دل ۾ سدائين خواهش اڀرندي آهي، ته ڪاش...!!! اسان ٻئي هميشه لاءِ گڏ هجون.“
”اوهه...“ مريم کيس چيو: ”احتشام!... اهو سڀڪجهه سوچڻ کان پوءِ به تون خاموشيءَ سان مونکي تباه ٿيندو ڏسي رهيو اهين!!!؟؟؟“ مريم وري کيس وينتي ڪندي چيو:
”احتشام!... خدا جي واسطي مون کي ان جهنم ۾ وڃڻ کان بچائي ڇڏ... نه ته... آئون ختم ٿي وينديس. احتشام!... ڪجهه ڪر“
احتشام اهو ٻڌي پريشان ٿيندي چيو: ”ڇا ڪريان... مريم!... آئون ڇا ڪريان...؟!!“
مريم ڪجهه دير لاءِ چپ ٿي وئي ۽ پوءِ سندس چهرو حيا مان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن نگاهون جهڪائيندي اٽڪي اٽڪي چيو:
”احتشام!... ڇا... ڇا... تون مون سان شادي نٿو ڪري سگهين... هيءَ ڳالهه پنهنجي واتان چوندي مون کي ڏاڍو عجيب پيو محسوس ٿئي پر احتشام!... هن وقت آئون پاڻ کي مايوسين جي اونداهي سمنڊ ۾ ٻڏندڙ اهڙي ماڻهو جيان سمجهي رهي آهيان، جنهن جي اڳيان ڪناري تي فقط هڪ ئي شخص موجود آهي جيڪو ئي کيس ٻڏڻ کان بچائي سگهي ٿو... ۽ مون آڏو اهو شخص تون ئي آهين... بابا جن کي منهنجي شاديءَ جو فڪر آهي... تون ان سلسلي ۾ منهنجي گهر وارن سان ڳالهائين ڇو نٿو!؟“
”مريم!“ احتشام ڏک مان چيو: ”چاچا ته منهنجي شڪل به ڏسڻ گوارا نه ڪندو ۽ هونئن به تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪ ٻه نه، پر ڪيترن ئي مسئلن جا فاصلا آهن جن کي پار ڪرڻ تنهنجي ۽ منهنجي وَس ۾ نه آهن.“
”نه... احتشام!... الائي ڇو مون کي يقين آهي، ته تون ڪوشش ڪرين ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو. مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن ته وري به ڪونهي. نيٺ به ته اسين مائٽ آهيون، ڌاريان ته نه آهيون“ مريم هن ڏانهن اُميد ڀري نظرن سان ڏسندي چيو: ”مريم!... فرض ڪر اهو مسئلو حل ٿي به وڃي...“ احتشام هن ڏانهن ڏسندي چيو: ”پوءِ به تون سوچ ته سهي... مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي ۽ تون امير گهراڻي ۾ پليل آهين. پوءِ زندگيءَ ڀر منهنجو ساٿ ڏئي سگهندئين!!!؟؟“
”احتشام! اِها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي!!؟؟... آئون به تعليم يافته آهيان. تو سان هٿ ونڊائڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿينديس ۽ پاڻ ڏکيا سکيا ڏينهن گڏجي گذارينداسين... ۽ آئون سمجهان ٿي ته مون کان توکي ڪا به ڪشڪايت نه ملندي“ مريم چيو.
”مريم!... ها!... مون کي يقينن آهي ان ڳالهه جو“ احتشام چيو: ”تون واقعي ايڏي ته آئيڊيل ڇوڪري آهين جو هر ڏک کي مسڪرائي سهي سگهين ٿي!“
”ها احتشام!...“ مريم کيس چاهه سان ڏسندي چيو: ”جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهي ويندا آهن ته پوءِ هو هڪ ٻئي جي هر ڏک کي ونڊي ورهائي کڻندا آهن، ته جيئن هڪ تي وڌيڪ بار نه پوي... پوءِ... تون منهنجو ساٿ ڏيندين نه...؟؟“
”مريم!... اسان ته الائي ڪهڙي خوابن جي نگري ۾ پهچي وياسين ۽ جڏهن حقيقي زندگيءَ ۾ موٽون ٿا ته مسئلن ۾ هر پاسي ڦاٿل آهيون... ۽ منهنجو مسئلو توکي خبر آهي ته منهنجو مڱڻو ٿيل آهي... پوءِ... چاهيندي به آئون تنهنجو ساٿ نه ڏئي سگهنديس. تون پاڻ ئي سوچ آئون ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟“ احتشام چيو.
”احتشام!... ڇا تون واعي پنهنجي ڀيڻ جي سڱ جي بدلي ۾ اڻ پڙهيل ڇوڪريءَ سان شادي ڪندين...!!؟؟ ۽... مون کي ڄاڻي واڻي دوزخ ۾ وجهندين؟!!؟؟... هڪ خاموش تماشائيءَ جيان...!!“ مريم حيرت ۽ ڏک مان چيو.
”مريم!... آئون ان کانسواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهان!!؟“
احتشام چيو: ”آئون ته انهن سڀني ريتن رسمن آڏو بي وس آهيان ۽... آئون ته ان مهل به خاموش تماشائي هئس، جڏهن منهنجي وڏي ڀيڻ جي بَدي ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ کي چوڏهن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ سان پرڻايوويو. آئون ته بابا کان اهو به پڇي نٿو سگهان ته جيڪر منهنجي ماءُ اڻ پڙهيل هئي، ته ان ۾ هن جو ڪهڙو ڏوهه هو جو کيس ايڏي سزا ملي. ڏوهه اصل سندس نه پر هن System جو هو. اسان جا ماڻهو پاڻ ته اڳيان وڌڻ چاهيندا آهن، پر پنهنجي عورتن کي اڳتي نه آڻيندا آهن. ڳوٺاڻا ماڻهو پڙهڻ ۽ نوڪريءَ خاطر جڏهن شهرن ۾ اچن ٿا، ته پوءِ شهرن جي رنگيني ۽ روشني ۾ گم ٿي پاڻ به انهن جو حصو بڻجڻ چاهيندا آهن ۽ پوءِ تعليم يافته، ماڊرن ۽ شهري ڇوڪرين جا خواب ڏسندا آهن ۽ پوءِ گهڻو ڪري اتي ئي شادي ڪري رهي پوندا آهن؛ پر... جيڪڏهن هو چاهين ته ڳوٺاڻين عورتن کي پنهنجي علم جي روشني مان ڪجهه ڏئي سگهن ٿا. هُو صرف پاڻ ترقي ڪرڻ بابت نه سوچين پر جيڪڏهن اهي پنهنجي عورتن کي پڻ شهرن ۾ وٺي رهائن ته ڪجهه وقت ۾ ئي اهي به ترقي ڪري سگهن ٿيون. اسان جون عورتون باشعور ۽ پرخلوص آهن، پر اڳتي اچڻ لاءِ کين به موقعا ته ڏنا وڃن. بابا... به امان کي شهر وٺي وڃي رهائڻ بدران ٻي شادي ڪري شهر ۾ ئي رهي پيو پر آخر امان ۽ اسان اها سازا ڇو ڀوڳي آهي، جنهن جا قصور وار اسان نه هئاسين... اهو ظلم ناهي ته بابا شهري زال جا ٻار وڏنوڏن انگلش ميڊيم اسڪول ۾ پڙهن ۽ منهنجو ڀاءُ ڀينرون پڙهي به نه سگهيا“... سندس شهري زال جا ٻار بنگلي ۾ رهن ٿا، ڪار ۾ چڙهي گهمن ٿا ۽ منهنجو ڀاءُ سڄو ڏينهن ٻنيءَ ۾ هَر هلائي ٿو... ڇو... ڇو... آخر اهو سڀڪجهه ائين ڇو آهي...!!!؟؟؟“ احتشام جون هٿن جون مُٺيون ڪاوڙ ۽ جوش ۾ ڀيڙجي ويون ۽ مريم کيس ڏاڍي غور سان ڏسي رهي هئي ۽ سندس درد کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪري رهي هئي ۽ پوءِ هن کيس چيو:
”احتشام!... اسان پنهنجن وڏن جون ڏنل ڪافي سزائون ڀوڳي چڪا آهيون... ان ڪري هاڻي اسان کي انهن غلط ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ گهرجي. پر... تون ته وري تاريخ کي دهرائين پيو. آئون ڇوڪري آهيان... مجبور آهيان جو مون وٽ منهنجن مسئلن کان بچڻ جي ٻي ڪا واٽ ڪانهي... پر... تون ته مرد آهين. ڇو ٿو پنهنجي زندگي برباد ڪرين. تون سوچ ته سهي ته تون ان ڇوڪريءَ سان ته Compromise ڪري سگهين ٿو، پر خوش گذاري نه ٿو سگهين“
”ها مريم!... آئون به اها حقيقت ڄاڻان ٿو...“ احتشام چيو: ”پر... آئون ائين ڪرڻ تي مجبور آهيان. ڇوجو بابا جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي ڀاءُ پگهر جو پورهيو ڪري ۽ منهنجي ڀينرن ڏيئن ۽ چمنين جي روشنيءَ ۾ سلائي ۽ ڀرت ڪري مونکي پڙهايو آهي، هاڻ انهن سڀني جون اُميدون مون سان ڳانڍاپيل اهن. منهنجي باقي هڪڙي ڀيڻ آهي ۽ ان جي شادي انهيءَ صورت ۾ ٿي سگهندي. جڏهن آئون ان جي بَدي ۾ شادي ڪندس ۽ آئون ايڏو خود غرض به نه آهيان جو پنهنجي خوشين خاطر ان کي قربان ڪريان. آئون جيڪڏهن پنهنجن گهر وارن کي سک نٿو ڏئي سگهان، ته گهٽ ۾ گهٽ ڏک به ته نه ڏيان.“
”ائين ڇو آهي...!!؟!“ مريم لڙڪن هاڻين اکين سان احتشام کي ڏسندي چيو: ”ڇا ريتن رسمن ۽ نفرتن جون اهي ديوارون ڪري نٿيون سگهن!!؟؟“
”شايد نه...“ احتشام چيو: ”ڇو... جو... انهن جون پاڙون اسان جي سماج ۾ ايتري ته گهرائيءَ ۾ کُتل آهن، جو اسان ٻئي ڪوشش جي باوجود انهن ديوارن کي ڪيرائي نه سگهنداسين“... هو ٻئي چپ ٿي ويا ڄڻ ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ڪجهه رهيو ئي نه هو. مريم جي چهري مان ظاهر ٿيو هو ته هوءَ پنهنجي اندر جي طوفان کي روڪي رهي هئي. سندس اکين ۾ ڄڻ ته برسات جمع ٿي وئي هئي. ٻاهرين برسات کان به تيز برسات... ۽ احتشام خوفزده هو ته جيڪڏهن اها برسات اکين جا بند ٽوڙي، ٻاهر نڪري آئي ته ان جي سيلاب ۾ سندس وجود لڙهي ويندو. هو ته سندس الميي تي کيس تسلي به نه ڏئي سگهيو نه ئي هُو کيس ان آڙاهه ۾ ڪرڻ کان ڪنهن نموني بچائي سگهيو ٿي. ڇو جو هو ته پاڻ بي وس ۽ زندگيءَ جي دردن جي صليب تي چڙهيل فرد هو ۽... پوءِ مريم اٿي بيٺي ته احتشام ڇرڪجي پيو.
مريم ٽيبلتان اسٽيٿو اسڪوپ ۽ ڪرسيءَ تان پنهنجو اڇو گائون کنيو ۽ وڃڻ لڳي. ويندي ويندي هن وري مڙي احتشام ڏانهن ڏٺو. ان مهل مريم جي اکين ۾ سوين طوفان ۽ لڙڪ کيس نظر آيا ۽ ڪيتريون التجائون، آهون، حسرتون هيون سندس اکين اندر. احتشام جي دل چاهيو ته هو کيس روڪي دنيا جون سڀ مجبوريون، رسمون ۽ رڪاوٽون پار ڪري کيس ڪٿي دور سکن جي ديس ۾ وٺي وڃي پر ٻئي لمحي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ان مهل پنهنجي بزدلي ۽ مجبوريءَ تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ کيس پاڻ کان ئي نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. هوءَ... جيڪا سندس چاهت هئي، زندگي هئي... هن کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو... هو سندس جهوليءَ ۾ ڪا به خوشي وجهي نه سگهيو. هن پاڻ کي ان ويل مجرم سمجهيو ۽ هوءَ، جيڪا مريم جيان معصوم هئي وري ڪڏهن به کيس نظر نه آئي. ان ڏينهن کان پوءِ هوءَ وري ڪاليج نه ائي ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد احتشام سندس شاديءَ جي خبر ٻڌي. هن جي پڙهائي اڌ ۾ ئي رهجي وئي. فائنل ايئر جا امتحان ٿي ويا. احتشام ڊاڪٽر بنجي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن پنهنجي ذاتي ڪلينڪ به کولي ورتي. سندس ڀيڻ جي شادي ٿي وئي ۽ کيس ان جي بَدي ۾ شادي ڪرڻي پئي. هو پنهنجي زال نوريءَ کي شهر وٺي آيو. زندگي سادگيءَ سان گذري رهي هئي. نوري رواجي زالن جيان سندس سڀ ڪم ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته احتشام سوچڻ لڳندو هو ته هيءَ عورت آهي يا روبوٽ؟!!“ هوءَ کيس وقت تي ماني ڏيندي هئي. ڪپڙا ڌوئي ڏيندي هئي. سندس چيل هر ڪم کي حڪم سمجهي پورو ڪندي هئي. تنهن کانسواءِ سموري گهر جو ڪم سڄو ڏينهن مشين جيان ڪندي رهندي هئي؛ پر... ڪڏهن... جڏهن احتشام ڏينهن رات ڪم ڪرڻ کان پوءِ ۽ زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ ٿڪجي پوندو هو، سندس دل ۽ دماغ وياڪل ٿي پوندا هئا يا وري ٻين جي مسيحائي ڪندي ڪندي جڏهن سندس ئي روح زخمي ٿي پوندو هو، ته ان مهل هُو چاهيندو هو ته ڳالهائي... ڪنهن کي پنهنجي پريشانيون... پنهنجا مسئلا ٻڌائي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي، جيڪو کيس سمجهندو هجي. پر اهڙو ڪو به ماڻهو نه هو. پوءِ هو بنان مقصد جي سڙڪن تي گهمندو هو. چَرين جيان هَر چهري کي گهوريندو هو ۽ باوجود سوچن ۽ يادن تي پهرن جي، هُو مريم کي ياد ڪندو هو ۽ مريم ته ڪيڏا سال اڳ وڏي ديوارن واري حويليءَ اندر پنهنجي سمورن آدرشن، ارمانن ۽ خوابن جي قبر ۾ دفن ٿي چڪي هئي. پر... احتشام کيس اڃا به وساري نه سگهيو هو.
احتشام ڪيتري ئي دير کان پارڪ جي بينچ تي ويهي اهي سڀ ڳالهيون ياد ڪري رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن خيالن جا سلسلا ختم ٿيا ته هو ڄڻ ڇرڪجي پيو ۽ پوءِ کيس احساس ٿيو ته رات ٿي وئي هئي ۽ ان وقت پارڪ خالي ٿي چڪو هو. هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ بينچ تان اٿيو. پنهنجن وکريل وارن کي درست ڪري ۽ آهستي آهستي قدم کڻندو پنهنجي گهر ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن وڌڻ لڳو... جتي ڌنڌ ڇانيل هئي.


(ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان شر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)