روشني
”مائي! نه زيور نه زَٽ... صفا ٻُٽي... ۽ لسا ڦيڦا ڪپڙا!“
”هونهن، ڪجهه هوندس ته پائيندي نه...؟“
”پر لڳي سهڻي پئي ڳالهه ڪجي حق جي.“
اهڙا جملا هن لاءِ نوان نه هئا، ان ڪري هن گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ آخر هڪ ٽيبل جي چوڌاري پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي اطمينان سان سڄي لان جو جائزو وٺڻ لڳي. اهي ئي ساڳيا چهرا، وڏ گهراڻيون عورتون زيورن ۾ جنجهيل، زرق برق ڪپڙا پهريل. الٽرا ماڊل، سِليوليس پاتل، اسٽريڪ ۽ ڊاءِ ٿيل وار. ڳالهائڻ ۾ نخرو. هر پاسي بس دولت جي ڏيکا جا منظر هئا. ساحره کي هڪ سمپل ساڙهي، انتهائي نازڪ سونو سيٽ ۽ ڪجهه نفيس سونيون چوڙيون ٻانهن ۾ هوندي به هوءَ کين ’ويچاري‘ نظر آئي، جڏهن ته اُتي ٻيون شهري عورتون ته موسم جي مناسبت سان لان جي وڳن ۾ به هيون. پر جيئن ته اهي سندن خاندان جون نه هيون، ان لاءِ ڪنهن کي فڪر به نه هو ته اُهي ڪهرا ڪپڙا پائي آيون هيون. هوءَ ڇو ته هميشه کان سمپل رهندي هئي. ان ڪري هن سدائين پنهنجي لاءِ اهڙا ڪمينٽس ٻُڌا هئا. هن لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه نه هئي.
اوچتو ڳائڻ ۽ نچڻ لاءِ ڳوٺان گهرايل شيدياڻين دُهل وڄائي سهرا ڳائڻشروع ڪيا ته ٻه نوجوان ڇوڪريون نچڻ لڳيون. ان سان گڏ دولت جو نماءُ گهور جو روپ ڌاري شروع ٿي ويو. هڪ ٻئي تان گهورون گهوري سَون سَون جا نوٽ ڏنا پئي ويا. اوچتو ڪنهن پاسي کان صدف اُٿي ته ساحره حيران ٿي ڏٺو. هوءَ اڄ به اوتري خوبصورت، سمارٽ ۽ نوجوان پئي لڳي، جيتري شادي کان اڳ هئي... الٽراماڊل بيحد قميتي ۽ نفيس ساڙهي پاتل اهڙي اسٽائيلش، جهڙيون انڊين ڊرامن ۽ فلمن ۾ اڪيٽريسن کي پهريل هونديون آهن. سندس سنگ مرمر جهڙو وجود شاديءَ جي لائٽنگ ۾ جرڪي رهيو هو. نج گولڊ جو هڪ ڳرو سيٽ ۽ ڍڳ سونيون چوڙيون. هڪ ٻانهن ۾ ته ڪڙا ٻيءَ ٻانهن ۾ ڊاءِ ٿيل وار. هن انتهائي غرور مان پنجن پنجن سَون جا نوٽ گهوري نچندڙ شيدياڻين ڏانهن اُڇلائي ڇڏيا، جن کي هو ديوانگيءَ مان ميڙڻ لڳيون.
پنهنجي مائٽياڻي صدف کي ڏسندي ئي کيس اهو وقت ياد آيو جڏهن هوءَ سندس ڪاليج فيلو هئي. هوءَ پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ اسٽائل سبب پوري ڪاليج ۾ مشهور هئي. انٽر ڪندي ئي جڏهن ساحره ٻُڌو ته صدف جي شادي ڪنهن وڏيري سان ٿي رهي آهي، جنهن جي زال ڪجهه وقت اڳ گذاري ويئي هئي ۽ ٻار به وڏا هيس ته هن ماءُ کي چيو هو:
”امي! هوءَ ته اڃان ايڏي يَنگ ۽ ايتري حسين آهي، پوءِ کيس ڪهڙي ضرورت پيئي آهي اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ جي؟“
”امان! ڇوڪرين کي ڇا گهرجي؟ سٺا ڪپڙا، زيور، پئسو... عمر ۽ ٻارن ٻچن سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟“
”آئون ته هن جي جاءِ تي هجان ته ڪڏهن به اهڙي شخص سان شادي نه ڪريان...“
”تنهنجي ته هر ڳالهه ئي نرالي آهي... توکي ڇا چئجي.“ ڀر سان ويٺل ڀيڻس طاهره چيس، جيڪا هٿن پيرن جي ننهن تي هنيل نيل پالش جي سُڪڻ جو انتظار ڪري رهي هئي.
”مون ته ان لاءِ پئي چيو، جو صدف الٽراماڊلآهي ۽ هو شخص روايتي وڏيرو آهي، ان ڪري هوءَ Survive نه ڪري سگهندي.“
”منهنجي خيال موجب اسان جي خاندان ۾ به اهڙا ڪيترائي مرد آهن جن جون زالون الٽراماڊل آهن. اهي شهرن ۾ رهن ٿيون ۽ کين هر قسم جي آزادي آهي.“ هن وڌيڪ بحث نه ڪيو هو.
ڪجهه عرصي بعد صدف جي شادي ٿي ويئي. هوءَ شهر ۾ کيس اڪثر ڪار ڊرائيور ڪندي، ته ڪڏهن خاندان جي شادين مرادين ۾ قيمتي ڪپڙن ۽ زيورن ۾ جنجهيل نظر ايندي هئي. روايتي وڏ گهراڻيون کيس رشڪ مان ڏسنديون هيون. ڪجهه عرصي بعد هن کي پُٽ ڄائو ته هن پُٽ جي خوشيءَ ۾ سڄي خاندان جي شاندار دعوت ڪئي. هوءَ فئشن مطابق قيمتي ريشمي ڪم وارو پَڙو ۽ چولي پهري ۽ معمول موجب سونن زيورن سميت سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل هئي. نه فقط اهو، پر جڏهن پنهنجي ساهيڙين سميت اسٽيج تي فلمي گانن تي فلمي انداز ۾ نچڻ لڳي ته سندس سونهن سوڀيا ۽ ادائون ڏسي ڪيترين ويچارين جو ”آهون“ نڪري ويون، جيڪي بي ڊوليون ۽ ڦيڦيون ٿي چڪيون هيون. ساحره ماضي جي سوچن ۾ گم هئي ته ڀر واري ٽيبل تي ويٺل هڪ ’وڏ گهراڻيءَ‘ جي ٻار جي زوردار رڙين ۽ رانڀاٽن تي هن ڇرڪ ڀري حيران ٿي ڏٺو، ماڊرن پرڻيل ڇوڪريءَ پنهنجي سال ڏيڍ جي ٻار کي بيدرديءَ سان ڪڇ ان لاهي ڇڏيو هو. ٻار بيتابيءَ سان هر هر ڏانهس ٿي وڌيو ۽ هن هر ڀيري هٿن سان کيس پري ڪندي پاسي ۾ ويٺل ٻي ڇوڪريءَ کي چيو:
”ڇوري ناڳي الائي ڪيڏانهن ويئي. ننڍڙي کي سنڀالڻ بدران رُلندي ڦِري. هن ته منهنجن ڪپڙن جي ڪريز ئي خراب ڪري ڇڏي آهي. نه ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿو ڏئي نه ويهڻ ٿو ڏئي. او ڇوري بچل... اچين نٿي هيڏانهن يا...! وات پٽيو پيو اٿس دهل تي. شيدي شل نه دُهل ٻُڌن.“
جڏهن ستن اٺن سالن جي هڪ ننڍڙي مزيدار لڳدنڙ شيدياڻي، چمڪڻن ڪپڙن ۽ گهري ڪاري رنگ ۾ نمايان ٿيندڙ اڇين جرڪندڙ اکين سان ويجهو آئي، ته وڏ گهراڻي نُنهن کيس پٺن تي هڪ زوردار دٻ وهائيندي چيو:
”توکي مون ننڍڙي کي سنڀالڻ لاءِ آندو اهي نه. جلدي هن جو فيڊر ٺاهي کڻي اچ ۽ کڻي وڃي کير پيارينس. اُٿي جلدي ڪر، ته ڏاج ته ڏسان ڪهڙو آهي؟“
شيدياڻيون ’وڏ گهراڻين‘ کان زيورن جا سيٽ وٺي کڻي کڻي ڏيکارڻ لڳيون:
”امان! هيءُ سيٽ ٽن لکن جو...“
”واهه... واهه...!“ ٻي شيدياڻي سُر وٺائيندي چيو.
”امان هي سيٽ اڍائي لکن جو“
“واهه، واهه...“
”امان، لائون جو هيءُ وڳو خاص ڪراچيءَجي وڏي دڪان تان ورتل....“
”واهه، واهه...“
”آئي ويجهو وڇي ته ڏسان...“ هڪ ٿلهي عورت ٿل ٿل ڪندي اڳتي وڌي.
اهو سڀ ڪجه ڏسندي ساحره کي وحشت ٿيڻ لڳي، پر اهي سڀ ڳالهيون ته امير خاندانن جي شادين مرادين جو لازمي حصو هونديون آهن.
ڏاج ڏيکارڻ کان پوءِ خاندان جون نوجوان ڇوڪريون اسٽيج تي پهتيون. ايڪو سائونڊ تي ڌماڪيدار اندين گانن تي فلمي انداز جي ڊانسن جو ڄڻ مقابلو شروع ٿي ويو. هر ڇوڪري هڪ اَپسرا ٿي لڳي. جن ’وڏ گهراڻين‘ کي پنهنجن پُٽن لاءِ رشتن جي ڳولها هئي اُهي خاص طور تي ’الرٽ‘ تي کين ڏسي رهيون هيون.
”اي ادي! (فلاڻي) ڪنهن جي ڌيءَ آهي؟“
”مڱڻو ٿيل ته نه اٿس؟“ وغيره غيره.
شيدياڻين جو ٽولو پنهنجن دهلن ۽ ڊفلين کي وڄائيندو ساحره جي ڀرسان آيو ته کيس ڏسي سڀ واري واري سان سندس هٿ چُمي کيڪارڻ لڳيون:
”اي جيجان! تون ڪوهه اِتي اڪيلي ويٺي آهين؟“ هڪڙي شيدياڻيءَ سوپاريءَ جي تَڙ کي چاٻو ڏيندي پڇيو.
”آئون آپي طاهره کي پئي ڳولهيان، پر لڳي ٿو ته هوءَ ڪنوار سان گڏ ايندي... توهان جو ڳائڻ وڄائڻ وارو ڪم ڪيئن پيو هلي؟“
”اي ڇڏ کڻي جيجان! هاڻي مڙئي پيا هلون... هي ڏس اسٽيج تي ڇا ته ڊانسون لڳيون پيون آهن، سو هاڻي اسان جي سنڌي نموني کي ڪير ٿو پڇي.“ بي شيدياڻي منهن کي موڙو ڏيندي چيو.
”اوهين به ڊسڪو ڳايو ته ماڻهو خوش ٿين نه؟“ ساحره ائين چوندي پرس مان پئسا ڪڍي کين ڏنا ته سڀني پنهنجا ڪِٽيل ڏند کڻي ڪڍيا.
پوءِ اُهي پاڻ ۾ ويهي گهور جو ليکو چوکو ڪرڻ لڳيون ته ساحره وري ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويئي. جڏهن صدف جي سندس عمر کان ٻيڻي شخص سان شادي پيئ ٿي ته طاهره ان جو پاسو کنيو، پر جڏهن هن گهر وارن کي ٻڌايو ته هوءَ هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي جيڪو شادي شده هو ته سڄي گهر ۾ ٻائيتال مچي ويو. سڀني کان گهڻو گوڙ ته طاهره مچايو:
”توکي هڪ شادي شده شخص مليو آهي، ٻيو ڪو دنيا ۾ ڪونهي رهيو؟“
”صدف جي شادي به ته ٻارن ٻچن وارن سان ٿي تڏهن ته هن جي ڀَر ورتي هُيئي.“
”هن جي زال گذاري چڪي هئي. تون ڇا ڪنهن جي پهاڄ وڃي ٿيندينءَ؟“
”اسان جي خاندان ۾ ڪيترن ئي رئيسن جون ٻه ٻه زالون آهن، اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪانهي. ٻي ڳالهه ته پهاڄ جو تصور ڪٿي ٻئي هنڌ هوندو، مسلمان مردن کي هڪ ئي وقت چئن زالن رکڻ جي اجازت آهي.“
”صدف جنهن سان شادي ڪئي ان جو سوشل اسٽيٽس به ته ڏس! تون جنهن سان شادي ڪرڻ چاهين ٿي، هُن وٽ آهي ئي ڇا سواءِ نوڪرءَ جي؟“
”آئون خود به ليڪچررر آهيان ۽ توکي خبر آهي ته مون زندگيءَ ۾ ڪڏهن به قيمتي ڪپڙا ۽ زيور ه پاتا آهن، جڏهن ته اسين افورڊ ڪري سگهون ٿا پوءِ به اهي شيون منهنجي لاءِ اهم ڪونهن، ته شاديءَ بعد افورڊ نه ڪري سگهيس ته مڙئي خير آهي. جيڪڏهن آئون به ڪنهن وڏيري سان شادي ڪريان جيڪو شادي شده هجي ته ٺيڪ، باقي مخالفت ان ڪري جو هُو هڪ پوري ساري فيملي سان تعلق ٿو رکي، پر بُکيو ڀينگيو ته نه آهي.“
”سوچي وٺ ساحره، هڪ ٻيءَ عورت جو وجود برداشت ڪري سگهندين؟ عورت ڪڏهن نه چاهيندي آهي ته سندس مڙس جي زندگيءَ ۾ شيئر ڪرڻ واري ڪا ٻي عورت هجي.“
”مون کي يقين آهي ته سجاد اهڙو ماڻهو نه آهي جيڪو اسان ٻنهي مان ڪنهن سان ناانصافي ڪندو، نه ئي آئون روايتي زالن وانگر ڪنديس. باقي رهي ڳالهه عورت جي ٻيءَ عورت کي نه برداشت ڪرڻ واري، ته ڇا توهان کي خبر ناهي ته صدف جو گهر وارو ۽ معاف ڪجو خود توهان جو گهر وارو، ٻين عورتن ۾ اِنوالو رهيا آهن؟“
”مرد اهڙا هوندا آهن. ٻاهر جيڪو کپين وڃي ڪن، وڃي ڌوڙ پائين، پر گهر ۾ ته ٻيءَ کي نٿا آڻين.“
”واهه آپي واهه! اسان جي عورتن جي اُن سوچ ئي ته ٻيڙو ٻوڙيو آهي. ٻي شادي ڪرڻ تي زالون واويلا مچايو ڇڏين، يعني شرعي ڪم لاءِ گهوڙا گهوڙا، باقي گناهه ڪرڻ جي مڪمل اجازت آهي... ۽ سجاد گناهه نه پيو ڪري بلڪه گناهه کان بچڻ لاءِ ٻي شادي پيو ڪري.“
طاهره لاجواب ٿي ويئي. نيٺ سڀني کي سندس فيصلو مڃڻو پيو. شاديءَ بعد واقعي سجاد ٻنهي سان سُٺو پئي نباهيو. سندس پهرين گهر واري به تعليم يافته هئي ۽ سندس هڪ نياڻي هئي. شروع ۾ ته هن به ٿورو رد عمل ڏيکاريو پر پوءِ ٻيئي پاڻ ۾ ائين ٺهي ويون جو ڄڻ گهريون ساهيڙيون هجن. ساحره کي پُٽ ڄائو ته کانئس وڌيڪ هوءَ هن کي سنڀاليندي هئي ۽ نياڻي وري ساحره سان گهڻي هِري وئي. هن وقت به هوءَ پنهنجو پُٽ هن جي حوالي ڪري آئي هئي. کيس پنهنجي فيصلي تي ڪو به پڇتاءُ نه هو، بلڪه هوءَ پنهنجي گهرو زندگيءَ مان خوش ۽ مطمئن هئي.
اوچتو ڪنوار جي اچڻ جو گوڙ شور ٿيو ته ساحره پنهنجن خيالن مان نڪري آئي ۽ شيدياڻيون دهل ۽ ڊفليون کڻي اسٽيج ڏانهن ڀڳيون ته جيئن موقعي مهل جا سَهرا ڳائن. ڪنوار قيمتي ڪپڙن ۽ زيورن ۾ آسمان تان لٿل ڪا پري ٿي لڳي ٿوري دير بعد طاهره وٽس آئي.
”تون اِتي پري ۽ اڪيلي ويٺي آهين ۽ حسب معمول توکي اهي ئي سادا سودا ڪپڙا ۽ زيورن بنا...! جڏهن ته مون توکي فون ڪري تاڪيد ڪئي هئي ته مون تان منهنجا ساهرا نه کلائجانءِ... سٺا ڪپڙا پائي اچجانءِ ۽ جيڪڏهن تو وٽ زيور نه هئا ته مون کان...“
”بس آپي بس“، ساحره جو موڊ آف ٿي ويو. ”پر مونکي انهن شين سان هميشه کان دلچسپي نه رهي آهي. آئون ته اهڙي ئي رهنديس. جي شاديءَ ۾ نه اچان ها تڏهن به توهان ناراض ٿيو ها. باقي جيڪڏهن منهنجي ڪري توهان جي ساهرن ۾ توهان جي بي عزتي ٿي ٿئي ته يا ته توهان اڳتي سڏجو نه، يا ته وري آئون نه اينديس.“
”چري آهين ڇا؟“ ظاهره پيار ڪندي چيس:
”اهي ته خانداني روايتون آهن، ڇا ڪجي؟ چڱو تون منهنجي ڳالهين کي دل ۾ نه ڪجانءِ. الله توکي پنهنجي گهر ۾ آباد رکي“ ائين چوندي هوءَ اسٽيج ڏانهن هلي ويئي. هاڻي رات گهڻي ٿي چڪي هئي. مايون ۽ ٻار بُک ۾ پاهه ٿي رهيا هئا. ٻارن ته بک ۽ ننڊ سبب مائرن جو ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. خبر پيئي ته مردن ۾ ماني لڳي چڪي هئي.
هن سوچيو: ”هن سماج جو سرشتو ڪڏهن بدلبو؟ ٻار هميشه مائرن سان گڏ هوندا آهن، ۽ ننڊ ۽ بُک جا ڪچا هوندا آهن، ان ڪري اصولن ته ماني اڳ ۾ عورتن ۾ هلڻ گهرجي يا، پوءِ هڪ ئي وقت ٻنهي پاسي شروع ٿيڻ گهرجي. پر ائين ٿيندو نه آهي، ۽ پوءِ اڪثر مرد ماني کائڻ بعد زالن تي تڪڙو نڪرڻ لاءِ ڏمربا آهن. اُهي ويچاريون تڪڙ ۾ ماني کاڌي نه کاڌي ڪري نڪرنديون آهن ۽ پوءِ ٻيا ته هليا ويندا آهن، پر خاندان وارن کي رسمن لاءِ آڌيءَ رات تائين ويهڻو هوندو اهي. جيڪي جاب ڪرڻ واريون هونديون آهن. اُهي پريشان، ته صبح جو سوير ٻار ڪيئن اُٿندا ۽ هو ڪيئن جاب تي وينديون. آخر ڪڏهن اهي فضول روايتون ختم ٿينديون؟“
”گهوٽ اچي ويو...“ گوڙ ٻڌي هن اسٽيج ڏانهن ڏٺو ته کيس ڄڻ ڪرنٽ لڳو. ڪنوار جيڪڏهن Positive فوٽو هئي ته موصوف Negative سندس ماءُ ۽ ڀيڻيون مٿس نوٽ گهوري رهيون هيون. پوءِ فوٽو ۽ مووي سيشن هليو. ان دوران ماني لڳي، ته نه ڪنهن کي ڪنوار ياد رهي ۽ نه گهوٽ. سڀ مانيءَ تي ائين اچي ڪِريا ڄڻ آخري ماني هجين زندگيءَ جي.
“Oh teacher, you are looking gorgeous” اوچتو سندس اسٽوڊنٽ ڇوڪرين کيس ڏسي گهيري ورتو.
”ٿينڪس!“ هن مُرڪي چيو ۽ سوچيو ته اندر جو حسن ته اهڙا ئي ماڻهو ڏسي سگهن ٿا. هوءَ قميتي ڪپڙن ۽ زيورن بنا به پنهنجن شاگردن لاءِ خوبصورت هئي.
ماني کائي هرڪو روانو ٿيڻ لڳو ته هوءَ به طاهره کان موڪلائي لان جي دروازي کان نڪتي ۽ سجاد کي موبائل تي ميسيج ڪري ٻُڌايائين ته هوءَ نڪري پيئي ته جيئن هو به مرداڻي شامياني مان نڪري اچي. اڃان هن دروازو پار ئي مس ڪيو ته اوچتو اونداهه ٿي ويئي. هن سمجهيو ته لائيٽ هلي ويئي آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته فقط دروازي کان وڍي روڊ تائين جي فاصلي وارا بلب شايد ڪنهن تار وغيره نڪرڻ سبب اُجهامي ويا آهن. ساحره ٿورو گهٻرائجي ويئي، ڇو ته اچ وڃ نه هئڻ برابر هئي. هن کي سجاد نظر نه آيو ته اڳتي وڌندي هوءَ اهڙيءَ جاءِ تي پهتي جتي مرداڻي پاسي واري قنات ۾ ٿوري وِٿي هئي. هوءَ پاڻ ته اونداهه ۾ هئي سو کيس اُن وٿيءَ مان ڪير ڏسي نه پئي سگهيو. هن سجاد کي ڏسڻ لاءِ وٿيءَ مان جهاتي پاتي ته اندريون منظر ڏسي پنڊ پهڻ ٿي ويئي. تيز روشنين جي شيڊ ۾ ڪجهه ڊانسرز ڊانس ڪري رهيون هيون، ۽ مرد مٿن سَون سَون جا نوٽ گهوري رهيا هئا ۽ پوءِ صدف جي گهرواري هڪ ڊانسر کي پنج سَو جو نوٽ ڏيکاري ويجهو سڏيو. هوءَ نوٽ وٺڻ لاءِ سندس ويجهو ويئي ته هن جهٽ ۾ کيس هٿ کان پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيو... سڀ مرد ٽهڪ ڏيڻ لڳا. ڊانسر به کِلندي پئسا وٺي آئي ۽ پوءِ ته ڄڻ اهو سلسلو شروع ٿي ويو.
ساحره کي اهو منظر ڏسي بي انتها وحشت ۽ ڪراهت محسوس ٿي. هن ٿورو اڳتي وڌي موبائل تي ڪال ڪري ذري گهٽ روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو:
”سجاد، سجاد، تون ڪٿي آهين؟ مونکي هن اونداهي کان ڊپ پيو ٿئي.“
”آئون ته تنهنجو ميسيج ملندي ئي روڊ تي بيٺل آهيان. تون ڏسڻ ۾ نه پئي اچين. چڱو ترس، آئون اڳتي اچان ٿو.“
هوءَ گهرا گهرا ساهه کڻڻ لڳي. اوچتو موبائل جي روشنيءَ ۾ سجاد وٽس پهتو ۽ سندس هٿ پڪڙي کيس اونداه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ وٺي آيو، ته سندس پيلو پئجي ويل چهرو ۽ اکين ۾ آلاڻ ڏسي پريشان ٿي پڇيائين: ”ڇا ٿيو ساحره!“
”اونداه کان ڊڄي ويس.“
”ڇو... هاڻي ته ٺيڪ آهين نه؟“
”ها!... تو جو اونداهيءَ مان ڇڪي روشنيءَ ۾ آندو آهي.“
”اوهه! اونداهه کان ڊڄي وئينءَ.“
هن مضبوطيءَ سان سندس هٿ پڪڙي روڊ ڏانهن وڌندي چيو: ”آئون توکي ڪڏهن به اونداه ۾ بيهڻ ۽ خوفزده ٿيڻ نه ڏيندس، توکي هميشه روشنيءَ ڏانهن وٺي ايندس. اهو منهنجو تو سان واعدو آهي.“