ڪھاڻيون

واجهائيندي ورهه ٿيا

شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي. شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2628
  • 741
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شگفته شاهه
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واجهائيندي ورهه ٿيا

واجهائيندي ورهه ٿيا...

ڪار کي حيدرآباد جي پر رونق شهر مان ڪڍي ڄامشورو واري رستي ڏانهن رخ رکان ٿو ته من جي وياڪلتا کي ويتر وڌندو محسوس ڪريان ٿو. ذهن مان پريشان ڪندڙ خيالن کي دور ڪرڻ خاطر ڄام شوري جي شام ۾ چؤپاسي پکڙيل ساوڪ ۽ سنڌوءَ جي جل جي نظارن بابت سوچڻ ٿو لڳان ۽ ڪجهه خبر نٿي پويم ته سفر ڪيئن کٽي پيو... ۽ پوءِ... جڏهن ڄامشوري واري پُل پار ڪريانٿو ته پوءِ... خود بخود... الائي ڇو... ڪار جي اسپيڊ آهستي ڪريان ٿو ۽ ڪار کي ساڄي پاسي موڙي ”المنظر“ ڏانهن کڻندو ٿو وڃان. ها... ساڳي موسم اهي، ساڳيو شام جو هي پهر... ۽... منهنجو ذهن وري ماضيءَ ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي. آئون ڪار جو دروازو کولي ”المنظر“ جي لان ۾ پيل ڪرسين مان هڪ تي ويهي ٿو رهان. اتي لان ۾ مون کان سواءِ ٻيا به ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن پوءِ به هر طرف عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت ۽ خاموشي آهي، جنهن کي ڪڏهن جهرڪين جي ”چون چون“، ڪڏهن لان ۾ ويٺل ماڻهن جو هلڪو ڳالهائڻ ۽ ڪڏهن هوٽل جي بيرن جي هٿن ۾ جهليل ٿانوَن جا کڙڪا ۽ ڪڏهن وري... ڄامشوري جي پل تان لنگهندڙ گاڏين جا آواز ٽوڙي رهيا آهن. منهنجي سامهون سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ ڳاڙهي سج جو عڪس چمڪي رهيو آهي. هوٽل جو بيرو منهنجي لاءِ چانهه کڻي ٿو اچي ته آئون ڇرڪ ڀريان ٿو. مون کي ته اها خبر به نه پئي ته ڪيڏي مهل مون کيس چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو هو. چانهه پيئڻ دوران منهنجي ذهن ۾ وري پريشان ڪندڙ خيال اچن پيا ۽ ماضيءَ سان لاڳاپيل ڪجهه تکين مٺين ڳالهين سان ڀرپور يادون ذهن کي وڪوڙڻ لڳن ٿيون ۽ تصور ۾ رباب جو عڪس اڀري اچي ٿو ۽ مونکي ياد اچي ٿو. ها!.. رُباب!... اسان جو خاندان به روايتي سنڌي گهراڻن مان هڪ هو. جيڪي خاندان جيترا وڏا هوندا آهن، اوڏائي وڏا مسئلا ۽ جهڳڙا انهن ۾ جنم وٺندا آهن. اسان جهڙن گهراڻن ۾ گهڻو ڪري، جائيداد يا وري سنڱابنديءَ تان جهيڙا ٿيندا آهن... جتي ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي قسمتن جا فيصلا وڏا ڪندا آهن... پوءِ... ڪڏهن ڪي غلط فيصلا نه صرف ڪنهن هڪ نسل پر ڪيترين نسلن لاءِ نفرتون، پريشانيون ۽ ويڇا ورثي ۾ ڇڏي ويندا آهن. ڪنهن اهڙي ئي فيصلي جي ڪري بابا ۽ چاچا وڏو پاڻ ۾ نه ٺهيا ۽ پوءِ وڏن جي جهيڙي ڪري، اسين سڀ سؤٽ ڪيڏا نه پري ٿي ويا هئاسين... ها!... رُباب!... تون ته منهنجي بيحد پياري پڦيءَ جي ڌيءَ هُئين، ويچاري پڦي!!!.. هن به ڏاڍا ڏک ڏنا هئا. سندس گهروارو خانداني دشمني جي ور چڙهي قتل ٿي ويو ۽ هوءَ ويچاري ان ڏک ۾ ئي بيمار ٿي وئي ۽ ٽي.بيءَ جهڙي بيماري پالي ويئي ۽ نيٺ.. توکي ٽن سالن جي عمر ۾ اڪيلو ڇڏي هميشه لاءِ هن دنيا کان منهن موڙي وئي. تڏهن کان ئي چاچا وڏو توکي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ سڄي ڄمار توکي پنهنجي نياڻين جيان ئي رکيائين ۽ ڪڏهن به تو ۾، فريده ۽ فهميده ۾ ڪو به فرق نه رکيائين. ها!... ياد اٿم!... جڏهن اسان حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا هئاسين ان وقت منهنجي عمر تيرنهن سال هئي ۽ تون مون کان پنج سال ننڍي هُئين ۽ پوءِ... جڏهن اسان جي وڏن ۾ ويڇا پيا ته ان کان پوءِ ڪيترن ئي سالن لاءِ اسان سڀ ڪجهه ٻئي کان ڏور ٿي ويا هئاسين ۽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جو وچ وارو فاصلو اسان لاءِ ڪيئي درجا وڏو بنجي ويو هو... ۽ ائين... ايترن سارن سالن گذرڻ کان پوءِ چاچا وڏي جي پٽ ادا اشفاق جي شاديءَ جا ڏينهن رکيا ته شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چاچا وڏو بابا کي پرچائڻ لاءِ آيو ڇو جو اسان وٽ اهڙن موقعن تي رٺلن کي پرچايو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح... ادا اشفاق جي شاديءَ جي موقعي تي اسان سڀ ايڏي عرصي بعد گڏياسين ته گهڻو ڪجهه ئي بدلجي چڪو هو ۽... تون به...! هوءَ ننڍڙي، شرارتي ڇوڪري ”رُبا“ هاڻي وڏي ۽ سنجيده ڇوڪري ”رُباب“ جو روپ ڌاري چڪي هئي.

تنهنجي ڏکن وقت کان اڳ ئي توکي سنجيده ۽ بردبار بڻائي ڇڏيو هو ۽ تون مون کي خاندان جي ٻين ڇوڪرين کان گهڻو ئي مختلف لڳي هئين. جڏهن سڄي گهر ۾ شاديءَ جو هنگامو هو، سڄو سڄو ڏينهن ڇوڪريون کل چرچا ڪنديون هيون، شاپنگس ٿينديون هيون، هر وقت ميڪ اپ، جيولري، ۽ ڪپڙن جي ميچنگس تي بحثون ٿينديون هيون ۽ شادي جا گيت ڳايا ويندا هئا، تڏهن... تون انهن سڀني ڇوڪرين کان ڪيڏي نه الڳ الڳ رهندي هئين!!!؟؟... گهڻو ڪري پنهنجي ڪمري ۾ هوندي هئنين يا وري لان ۾ ويٺل هوندي هئين ڇو جو، توکي ته صرف ڪتاب پڙهڻ جو شوق هوندو اهو يا وري (Paintings) ٺاهيندي هئين اڪثر آئون توکي محويت سان پينٽنگس (Paintings) ٺاهيندي ڏسندو هو س۽ ان مهل تون ته پنهنجي وجود کان به بيخبر هوندي هئين ۽ منهنجي موجودگيءَ کان پڻ، ڪڏهن وري تون ڪتابن مان خوبصورت Quotations ۽ شعر پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکندي رهندي هئين... ۽... پوءِ!... الاهي ڪيئن تون منهنجي دل جي گهرائين ۾ لهندي وئين... مونکي خود ان ڳالهه تي حيرت ٿي ڇو جو آئون يعني دانيال!... سڄي خاندان مان سڀني کان خوبرو ۽ هينڊسم ڇوڪرو هئس ۽ خاندان توڙي يونيورسٽيءَ جي ڪيترين ئي ڇوڪرين جو آئيڊيل پڻ هوس جنهن ڪري ڏاڍو مغرور ۽ خود سر پڻ هيس. جنهن ۾ گهڻو ڏوهه منهنجو نه پر گهر وارن، خاندان وارن ۽ انهن ڪيترن ئي ٻين جو هو جن تعريفون ڪري، مون کي انتهائي ضدي ۽ مغرور بڻائي ڇڏيو هو. ڇو جو مون کي يقين هوندو هو ته آئون جنهن به ڇوڪريءَ کي چاهيان ته وڏيءَ آسانيءَ سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪري سگهان ٿو ۽ اهو پڻ يقين هئم ته جڏهن آئون توسان دل جو حال اوريندس ته تون پاڻ کي خوشنصيب ڇوڪريءَ، سمجهندين ۽ پوءِ... ان ڏينهن جڏهن ادا اشفاق جي مينديءَ جي رسم ٿي رهي هئي، گهر ۾ هر پاسي هنگامو هو، خوشيون هيون، ڇوڪريون هٿن ۾ مينديءَ جون پليٽون کڻي ڳائڻ، نچڻ ۽ هنگامن ڪرڻ جو مقابلو ڪري رهيون هيون ته ان وقت به تون هلڪي سائي رنگ جي هلڪي ڀرت وارن ڪپڙن ۾ خاموشيءَ سان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي کين شرارتون ڪندي ڏسي مُرڪي رهي هئين ۽ آئون پنهنجون نظرون توکان پري ڪري نه سگهيو هئس ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن مون موقعو ڏسي توکي پنهنجي دل جي ڪيفيت ٻڌائي هئي. مون کي ناهي خبر ته ان وقت تنهنجي دل جي ڪهڙي ڪيفيت هئي. ان کان ٻئي ڏينهن جي شام به مون کي ڪڏهن وسري نٿي سگهي... ها رُباب! ياد پوي پئي هينئر مون کي اها شام جڏهن ادا اشفاق جي شاديءَ جو ڏينهن هو، سڀ ڇوڪريون ميڪ اپ، ڪپڙن ۽ زيورن جي ميچنگ ۾ ئي ڦاٿل هيون، سڀ مکين جيان آئيني اڳيان خاندان جي ڇوڪرن چواڻي پاڻ کي ”راڳو هڻڻ“ ۾ مصروف هيون تون سڀني کان ئي پهرين تيار ٿي ڪمري کان ٻاهر نڪتئين ته آئون ٻاهر ويندي ويندي اوچتو توکي ڏسي بيهي رهيس. توکي هلڪا گلابي ڪپڙا پاتل هئا. ان تي ننڍا سونا جهومڪ ۽ هلڪو ميڪ اپ توکي تمام گهڻو حسن بخشي رهيا هئا. اوچتو ٽيليفون جي رنگ وڳي ۽ تون پنهنجو وڏو رئو ۽ خوبصورت کليل ڪارن وارن کي ٺيڪ ڪندي ٽيليفون ڏانهن وڌي رسيوَر کنيو، تنهنجي ڪنهن ڪلاس فيلو جو فون هو جيڪا ڄام شوري ڪالوني ۾ رهندي هئي. سندس ڪار ۾ اوچتو خرابي ٿي پئي هئي. جنهن ڪري هن چاهيو پئي ته تون کيس پنهنجي ڪار ۾ وٺڻ وڃي، ان وقت ادا اشفاق ۽ بيا سڀئي ڇوڪرا ٻاهر ويل هئا ۽ تون پريشان هئين ته تنهنجي ڪلاس فيصلو ڪيئن اچي سگهندي...!! تڏهن چاچيءَ مونکي چيو هو ته آئون توکي ڄام شوري وٺي وڃان... اهو ٻڌي منهنجي دل جا ڪنول ته ٽڙي پيا هئا پر تون پريشان ٿي وئي هئين پر چاچيءَ جو چوڻ ٽاري نه سگهي هئين، ان ڪري مون سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي هئين.
... ۽ پوءِ... ڄام شوري واري پل پار ڪرڻ کان پوءِ مون اوچتو ئي ڪار کي ساڄي پاسي موڙيو هو ۽ پوءِ ”المنظر“ جي سامهون ڪار بيهاري هوٽل جي ويٽر کي ٻن Cokes آڻڻ جو آرڊر ڏنو ته تون پريشان ٿي وئي هُئين ۽ مون کان تو اتي ترسڻ جو سبب پڇيو ته مون شرارت منجهان تو ڏانهن ڏسي چيو هو:

”شام جو هي پهر، نانءُ اسان جي ڪريو.“
اهو ٻڌي تون ويتر پريشان ٿي وئين ۽ تنهنجو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
... ۽ پوءِ... توکي روئڻهارڪو ٿيندي ڏسي آئون سنجيده ٿي ويس ۽ مون توکي ٻڌايو ته مونکي تو سان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون هيون ان ڪري ٿوري دير هتي ترسيو هئس.
... ۽ پوءِ... مون سنجيدگي سان تو سان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون هيون ۽ پنهنجي دل کولي تنهنجي آڏو رکي هئي ۽ محبت جا سمورا جذبا توکي ارپي ڇڏيا هئا ۽... تون... اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي ڪيڏي نه پريشان ٿي وئي هئين...!!؟؟ ۽ منهنجي نظرن ۽ جذبن جي تپش کان بچڻ خاطر دريءَ کان ٻاهر ئي ڏسندي رهئين. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه تي تنهنجي ڳلن تي پڻ تنهنجن گلابي ڪپڙن جو عڪس اڀري ٿي آيو... ۽ تنهنجي خوبصورت ڪارين، ڪجلين اکين ۾ حيرانگيءَ جا سَوين رنگ جرڪي رهيا هئا... ۽ پوءِ... جڏهن مون توکان جيون ڀر ساٿ ڏيڻ لاءِ وچن وٺڻ چاهيو ته ڪنهن نادروني ڪيفيت ڪري، تنهنجو چهرو پيلو پئجي ويو هو... ۽ تو منهنجي ڪنهن به ڳالهه جي ۽ جذبي جي موٽ نه ڏني هئي ۽ هلڻ جي التجا ڪئي هئي. اهو ٻڌي آئون چپ ٿي ويو هئس. مونکي ان مهل ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پنهنجي تذليل محسوس ٿي ۽ پوءِ... مون ڪار کي ڄامشوري ڪالوني واري رستي ڏانهن ڪيو پوءِ اتي پهچڻ ۽ واپسيءَ جي سفر دوران مون خاموشي اختيار ڪئي هئي. پر... رُباب!... ها!... بيشڪ تون چاهين ته سڄي عمر سڄي دنيا کان، پاڻ کان... مون کان... اها ڳالهه لڪائين پر... ان شام مون تنهنجي اکين ۾ خوبصورت جوت جاڳندي ۽ ڳلن تي ڳاڙها گلاب ٽڙندي ڏٺا هئا.
پوءِ ادا اشفاق جي شاديءَ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان واپس ڪراچي هليا وياسين پر پوءِ به اسان جو اوهان وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان سڄي عرصي دوران بي شڪ تو زبان سان ته ڪڏهن به محبت جو اقرار نه ڪيو پر تنهنجون خوبصورت ۽ اسرارن سان ڀرپور اکيون ڪيئي راز پڌرا ڪنديون هيون ۽ آئون اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي ڏاڍو خوش ٿيندو هوس پر... پوءِ به منهنجي اندر موجود هٺيلو، مغرور ۽ اتاولو شخص چاهيندو هو ته تون زبان سان پڻ منهنجي اڳيان پنهنجي دل هارائڻ جو اقرار ڪرين ڇو جو آئون ان معاملي ۾ بيحد ضدي ۽ انا پرست ماڻهو ٿي پيس. مون چاهيو ٿي ته تون پنهنجي زبان سان مون سان زندگي ڀر ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪرين... پر تون ته هميشه جيان اداس، خاموش ۽ پراسرار بڻي رهئين... ۽ آخر... ان ڳالهه مون کي چيڙائي وڌو ۽ آئون پنهنجي ضدي طبيعت ۽ انا پرستيءَ تي اڙيو رهيس ته جيستائين تون پنهنجي زبان سان پيار جو اعتراف نه ڪندئين ايستائين آئون امان بابا کي توهان جي گهر تنهنجي سڱ وٺڻ لاءِ نه موڪليندس... اهو منهنجو فيصلو هو. ائين ڪجهه سال لنگهي ويا... ۽ اسان جي وچ ۾ خاموش محبت سان گڏوگڏ خاموش جنگ به هلندي رهي پر ٻنهي معاملن ۾ هار مڃڻ لاءِ نه آئون تيا رهُيس ۽ نه وري تون...!!
ڪجهه عرصي کان پوءِ بابا ۽ امان مون کي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳا ۽ سندن خواهش هئي ته ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ ويڇا ختم ڪرڻ جو سڀ کان بهترين طريقو اهو ئي هو ته آئون چاچا وڏي جي ڌيءَ فريده سان شادي ڪريان... ان وقت به مون کي يقين هو ته جيڪڏهن آئون فريده سان شادي ڪرڻ بدران توسان شادي ڪرن چاهيان ها ته به نه بابا کي اعتراض ٿئي ها ۽ نه ئي چاچا کي ڇو جو تون انهن ٻنهي ڀائرن جي بيحد پياري ۽ اڪيلي ڀيڻ جي نشاني هُئين پر...! ان وقت ته مون تي هڪ عجيب جنون سوار هو ۽ مون پنهنجي انا ۽ ضد جي تسڪين خاطر توکي هر طرح سان ڏکوئي بدلو وٺڻ ٿي چاهيو ان ڪري مون فريده سان شادي ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ پوءِ... مڱڻي کان شادي واري عرصي دوران آئون هر طرح سان توکي ڏکائيندو ۽ ساڙيندو رهيس پر...!! تو ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تي شڪوه شڪايت نه ڪئي ۽ خاموشيءَ سان سڀڪجهه سهي وٺندي هئين... پر...! جڏهن تنهنجو چهرو اداسيءَ مان ڪومائجي ويندو هو ته مون کي وڌيڪ خوشي ۽ تسڪين ملندي هئي. ائين تون اڳي کان به گهڻو اداس، خاموش ۽ الڳ الڳ رهڻ لڳئين... ۽ پوءِ منهنجي ۽ فريده جي به شادي ٿي وئي ۽ مون توهان وٽ اچڻ تقريباً ڇڏي ڏنو پر شادي کان پوءِ به منهنجي انا ۽ اندر جو ضدي ماڻهو مطمئن ٿي نه سگهيو. ائين لڳندو هئم ته آئون سڀ ڪجهه هارائي چڪو هئس. پر اهو سڀڪجهه ته مون پاڻ پنهنجن ئي هٿن سان ڪيو هو... ۽ پوءِ... ڪالهه جڏهن هڪ ڪم سان حيدرآباد آيس ۽ گهر آيس ته گهر ۾ توکان سواءِ ڪير به نه هو. سڀ ڪنهن دعوت تي ويل هئا ۽... تون!!! شايد بيمار هئين. ڪيڏي نه بدلجي وئي آهين هاڻي!!!؟؟... رُبابُ!... تنهنجي خوبصورت اکين جي اها جوت ڪيڏانهن هلي وئي آهي، جنهن کي ڏسي ”اياز“ جون هي سِٽون ذهن تي تري اينديون هيون.
”نيٺا نيڻ پرينءَ جا، جيئن رڻ ۾ رات ٺري،
ڪوئي ڪيئن ڪري.“
... ڪيڏو نه ظالم آهيان آئون!!!... مون توکي ڪيڏو نه ستايو آهي!!!... ڪالهه به ته مون توتي پنهنجي سموري ڪاوڙ لاٿي. ڪيڏا طنز ڪيم!!!... مذاق اڏايم ۽ تنهنجن ڦٽن کي اکيڙيم!!... ۽ تون!!!... پهرين ته هميشه جيان خاموسيءَ سان چپن تي هڪ اداس مرڪ پکيڙي سڀ ڪجهه ٻڌندي رهئين.. پر پوءِ... آهستي آهستي تنهنجي اکين جي سنڌوءَ اٿل کاڌي ۽... جڏهن مهراڻ موج ڪئ ۽ اکين جا سمورا بند ٽوڙي ٻاهر نڪري آيو ته مون کي ان ويل ڏاڍي خوشي ۽ سڪون محسوس ٿيو ڇو جو... مون ته هميشه توکي پاڻ آڏو هارائيندي ڏسڻ ٿي چاهيو.
اڄ... ٿوري دير اڳ ۾ جڏهن آئون ڪراچي وڃڻ لاءِ گهران نڪري ڪار ۾ اچي ويٺس ته ان مهل تون به گهر مان نڪري آئي هئين. تنهنجي هٿن ۾ هڪ پيڪيٽ هو جيڪو تو مون ڏانهن وڌايو ۽ پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان واپس موٽي وئي هئين.
... ۽ هاڻي... جڏهن ڄام شوري جي ڳاڙهي شام آهستي آهستي گهري سرمئي سانجهه ۾ مَٽجي پئي ته آئون به آهستي آهستي ماضيءَ جي يادن کان موٽ کائي زمان حال ۾ اچان ٿو ته مونکي هن وقت تنهنجي ڏنل پيڪيٽ جو خيال اچي ٿو ۽ آئون اٿي ڪار تائين اچان ٿو ۽ ڪار جي سيٽ تان اهو پيڪيٽ کڻان ٿو ۽ کوليان ٿو ته هڪ خوبصورت پينٽنگ (Painting) تي نظر پوي ٿي... تنهنجي ئي ٺاهيل پينٽنگ آهي، جنهن ۾ شام جي سرمئي سمي ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هٿ هٿ ۾ ڏئي پنهنجي گهر ڏانهن وڌي رهيا آهن ۽ ڪنڊ ۾ وکريل پيلن پتن درميان کوکلي وڻ هيٺان هڪ اداس ناري هنن ٻنهي کي حسرت مان ڏسي رهي آهي. Painting سان گڏ هڪ لفافو به آهي. آئون پينٽنگ ڪار ۾ ئي رکي آهستي آهستي هلندو دريا جيڪناري لڳل ريلنگ جي ڀرسان اچي بيهان ٿو ۽ جهڪي پاڻيءَ ۾ ڏسڻ لڳان ٿو... ڪجهه دير کان پوءِ خيالن مان ڇرڪي پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل لفافو کوليان ٿو. تنهنجو خط آهي هن ۾. آئون خط کولي پڙهان ٿو. تو مون کي مخاطب ڪندي لکيو:
دانيال! سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڪيئن مخاطب ڪريان. مائٽ جي حيثيت سان يا وري ان اڻ ڄاتل ٻنڌڻ جي حوالي سان جنهن ۾ تو مون کي ڪيتري ئي عرصي کان جڪڙي رکيو آهي. ها!... دانيال!... خبر اٿم ته ناراض آهين، مون کان ڇو جو منهنجي رويي جي ڪري تنهنجي انا ۽ چاهت مجروح ٿي آهي، جو مون اڄ تائين ان جذبي جو اقرار نه ڪيو آهي. جيڪو تو ٻڌڻ ٿي چاهيو. مون ته سمجهيو هو ته آئون سڄي عمر اهو راز سانڍي رکنديس ۽ تون آخر ڪار مايوس ٿي منهنجي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڏيندين ۽ مون کي پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏيندين. پر مون کي خبر نه هئي ته تون ايڏو ضدي نڪرندين ۽ تنهنجي اندر جو هٺيلو ۽ خوددار ماڻهو پنهنجي اها بي عزتي سڄي عمر وساري نه سگهندو ۽ توکي تا عمر ان احساس جي ڪري سڪون ملي نه سگهندو. اهو ڏسي اڄ اهو سڀڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته جيئن توکي به ڪجهه سڪون ملي ۽ منهنجي دل تان پڻ بار هلڪو ٿئي.
دانيال!... آئون ڪيئن اظاهر ڪريان ها ان جذبي جو ڇو جو... اسان جي گهرن جي ڇوڪرين کي پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جو حق نه ڏنو ويندو آهي. نه صرف ڇوڪرين کي پر اڪثر ڇوڪرن جي زندگين جا فيصلا پڻ مائٽ ئي ڪندا آهن. اسان وٽ اولاد کي ڪڏهن پيار ته ڪڏهن وري مائٽاڻي حقن جي ”بليڪ ميلنگ“ سان پنهنجي مرضيءَ مطابق هلاوي ويندو آهي.
ياد اٿئي دانيال...!!... ادا اشفاق جي شاديءَ جي موقعي لاءِ تنهنجي بابا کي تنهنجو چاچا وڏو يعني ماما وڏو پرچائڻ آيو هو... تو کي پر اها خبر نه آهي ته انهن ۾ ڪهڙي شرط تي ٺاهه ٿيو هو. ها!... مونکي اها خبر آهي... انهن شرطن ۾ ٻنين جي معاملي کان سواءِ هڪ شرط اهو به رکيو ويو هو ته فريده جو سڱ توکي ڏنو ويندو... پوءِ...! تون ئي ٻڌائي ته اهو سڀڪجهه ڄاڻندي به آئون پوءِ پيار جي واٽ تي اڳتي قدم ڪيئن ٿي وڌائي سگهيس...!!؟؟؟ هونئن به ماما وڏي جا مون تي گهڻا ئي احسان آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هنن مون کي فريده ۽ فهميده جيان ئي ڀانئيو... پوءِ اهو ئي ته موقعو هو ته آئون سندن احسانن عيوض کين به ڪجهه خوشيون ڏيان ها...
ها!... مون کي خبر آهي ته جيڪڏهن تون فريده جي بدران منهنجو سڱ گهرين ها ته به ماما وڏو انڪار نه ڪري ها. پر... دانيال!... مون نٿي چاهيو ته آئون وچ ۾ اچان ڇو جو منهنجي وڏي کان وڏي اها ئي خواهش هئي ته تنهنجي بابا ۽ چاچا وڏي جي وچ ۾ ٻيو به اهڙو مضبوط رشتو جڙي وڃي جو اسان جو هي خاندان ٻيهر وکري نه سگهي. هونئن به فريده منهنجي سڳي ڀيڻ جيان آهي ۽ سندس خوشيون مونکي پنهنجي خوشين کان وڌيڪ عزيز آهن. باقي جيڪڏهن منهنجي محبت جي اظهار ڪرڻ سان تنهنجي انا جي تسڪين ٿي سگهي ٿي ته اڄ آئون اهو اعتراف ڪريان ٿي ته پيار جي خوبصورت جذبي کان مون کي پهرين ڀيرو توئي آشنا ڪيو ۽ شايد... منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ ٻيو ڪو به شخص منهنجي دل جي تارُن کي ڇيڙي محٻت جو اهڙو ڪو گيت ٻيهر منهنجي من مان اڀاري نه سگهي ڇو جو منهنجي من اندر تي ته شاهه سائين جو هي بيت اڳ ۾ ئي اڪريل آهي.
سِڪَ تنهنجي سُپرين! جيئن تَران تيئن تارِ،
تون ئي رهيو رُوحَ ۾، تون ئي اَکنئيان ٻار،
پرين! تنهنجي پار، مون واجهائيندي وَرِههَ ٿيا.
... اوهه!!!... رُباب!... هي سڀ ڪجهه ڇا ٿي ويو آهي...؟؟!!!... هي مون ڇا ڪيو؟؟!!!.. ها!... شايد اڄ کان پوءِ منهنجي اندر وارو اتاولو،انا پرست ۽ ضدي ماڻهو هميشه لاءِ ماٺ ٿي وڃي ۽ شايد منهنجي دل کي به اطمينان ملي وڃي ڇو جو منهنجي دل ۽ روح مٿان جيڪو بار هو اهو هلڪو ٿي ويو آهي... پر مون کي لڳي ٿو ته آئون محبت جي بازي کٽي به هارائي ويو آهيان ۽ تون... محبت جي بازي هارائي به کٽي وئي آهين.
... آئون پنهنجن خيالن ۾ ئي گم رهان ٿو ته اوچتو تيز هوا جو جهوٽو منهنجن هٿن مان تنهنجو خط کسي سنڌوءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ٿو ۽ مهراڻ جون ڇوليون اتاوليون ٿي ڪاغذ جي هن پرزي کي وڪوڙي ڪٿي دور... دور کڻي هلنديون پيون وڃن. آئون ٿڪل ٿڪل قدمن سان واپس ڪار ۾ اچي ويهان ٿو.
... ۽ هينئر!... جڏهن آئون ڪار ڊوڙائيندو ڄامشوري جي حدن مان نڪري حيدرآباد شهر کي پوئتي ڇڏي ڪراچيءَ ڏانهن وڌندو پيو وڃان ته هن مهل ذري گهٽ رات جي اوندهه ڇانئجي چڪي آهي. آئون هن وقت ٿڌين هوائن جي جهوٽن دوران سوچيندو پيو وڃان ته:
”رُباب!... تنهنجي پيار جو واحد اقرار سنڌوءَ جي ڇولين جي حوالي ٿي ويو آهي. شايد!... ان ڪري جو تنهنجو پوتر پيار، مهراڻ جي پوتر پاڻيءَ جي ئي تلاش ۾ هو ۽ ... مهراڻ جي موجن ۾ ملي هميشه لاءِ امر ٿي ويندو. ڇو جو... ڀلا سچي پيار جي ڇولين ۽ سنڌوءَ جي ڇولين کي به ڪوئي مات ڪري سگهيو آهي...!!؟؟...“


(ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)