رُڃَ جا مسافر
ڪافي دير تائين هلڻ کان پوءِ آئون لان ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان. پاسي ۾ پيل ٽيبل تي منهنجي ڊائري ۽ ريڊيو رکيل آهن. آئون ڪنڌ مٿي کڻي آڪاش ۾ نهاريان ٿي. مون کي ان وقت شاهه سائين جي ”سر سارنگ“ جا ڪيترائي بيت ياد پون ٿا. ان خوبصورت موسم ۾ مون تي هڪ عجيب سرشاري جو احساس طاري پيو ٿئي. چؤ پاسي کان آلي مٽيءَ ۽ گلن جي مليل جليل خوشبو ڄڻ سڀئي ”امپورٽڊ پرفيومز“ کي چئلنج ڪري رهي آهي. آئون پاسي ۾ پيل ريڊيو On ڪريان ٿي. مقامي خبرون نشر ٿي رهيون آهن. خاموش فضا ۾ نيوز ڪاسٽر جو آواز گونجي رهيو آهي:
”سنڌ ۾ مسلسل برسات پوڻ سبب ڪيترين ئي پوکن کي نقصان پهتو آهي. ڪچي جا هيٺاهان علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. ڪيتريون ئي ڪچيون جايون ڪري پيون آهن. ماڻهو پنهنجن گهرن کي ڇڏي محفوظ مقامن ڏانهن وڃي رهيا آهن. سرڪار کين...“
آئون ريڊئي جي آواز کي گهٽ ٿي ڪري ڇڏيان. ٿوري دير اڳ وارو سرشاري جو احساس اُداسيءَ ۾ بدلجي ويو آهي. منهنجي ذهن ۾ ان وقت ”سرسارنگ“ جو هڪ بيت هري اچي ٿو:
ڪُڻڪَنِ ڪانڌُ چِتِ ڪَيو، جُهڙ پَسيو جهڄن،
وَرَ ريءَ وانديُنِ آڏيا، پَکا سي مَ پُسَنِ،
اُترُ ڊاهي اُن جا، ته ڪنهن کي ڪارُون ڪَن،
وارثُ وَري تَنِ، اَچي شال اولو ڪَريس.
... اوچتو فون جي گهنتي جو آواز گونجي ٿو. آئون اندر اچي فون جو رسيوَر کڻي ”هيلو“ چوان ٿي. ٻئي پاسان صفيه ڳالهائي رهي آهي: ”هيلو!... مونا، مان آهيان... صفيه.“
”ها صفيه! ڪهڙا حال آهن.“ آئون پڇان ٿي. ”ڀئي سچ ته ڏاڍو مزو پيو اچي. پنهنجو سڄو گروپ پڪنڪ لاءِ وڃي پيو، تون هلين ٿي؟“ صفيه چوي ٿي.
”نه صفيه، منهنجو موڊ ناهي.“ مون کيس بيزاريءَ مان چيو.
”تون صفا بور ڇوڪري آهين، ڀئي نيچر کي انجواءِ ڪرڻ سک.“ صفيه چوي ٿي.
”صفيه...!“ آئون بيحد اداسيءَ مان کيس چوان ٿي: ”اسين ٽريفڪ جي گوڙ، آلوده فضا، پڪن روڊن ۽ بند گهٽين وچ ۾ رهندڙ شهري ماڻهو نيچر کان تمام پري ٿي ويا آهيون. اسين Decorated ڊرائنگ روم ۾ بتي ٻاري ڪافيءَ جو ڪپ هٿ ۾ کڻي برسات کي بند ڪمري جي دريءَ مان ڏسي ڊسڪو ميوزڪ ٻڌندا آهيون ۽ پنهنجو پاڻ کي فطرت جا وڏا شيدائي سمجهندا آهيون پر... هتي رهندڙ ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ“ وارا ماڻهو نيچر انجواءِ نه ڪري سگهندا آهن ڇو جو بک جو مسئلو ۽ ٻيون انيڪ پريشانيون کين فرصت ئي نه ڏينديون آهن جو هو پنهنجي چوڌاري ڦهليل وسيع ماحول جا مزا ماڻين.“
”اوهه... مونا...“ صفيه ڪاوڙ ۽ بيزاريءَ مان چوي ٿي: ”توکي ته الائي ڇا ٿي ويو آهي. تنهنجا فلسفا منهنجي ته سمجهه ۾ نه ايندا آهن. تو جهڙا ماڻهو پنهنجن خيالن ۽ اصولن جي ڪري زندگيءَ جي رنگينين کان هميشه محروم ئي رهندا آهن. آخر تون محض هڪ شخص خاطر پنهنجو پاڻ کي ايڏو تباهه ڇو پئي ڪرين؟“ عديل ته هينئر پنهنجي دنيا ۾ مگن آهي، پر تون اڃان به سندس يادون ميڙي رهي آهين... آخر آصف ۾ ڪهڙي خرابي آهي!؟ هو توکي بيحد پسند ٿو ڪري پوءِ... هن جو ساٿ ڇو نٿي قبول ڪرين؟؟... دل جي دنيا صرف عديل تي ته ختم نه ٿي وئي آهي“
”صفيه!“ آئون کيس چوان ٿي ”مون جهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي دل جي دنيا ته هڪ ئي ماڻهو تي ختم هوندي آهي. شاهه سائين جو هي بيت ته ٻڌو هوندئي:
”دل جو دلبر هڪڙو، گهڻا تان نه ڪجن،
دل ڏجي تنهن هڪ کي توڙي سؤ سڌون ڪن،
سي چِلوِلا چئجن، جي دَر دَر لائين دوستي.“
”مونا!... مان ته توکي سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پئي آهيان“ صفيه بيزاريءَ مان چيو. ”تون ڄاڻ ۽ تنهنجو فلسفو ڄاڻي... مان ته وڃان پئي... خدا حافظ.“
آئون به صفيه کي ”خدا حافظ“ چئي وري لان ۾ اچان ٿي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان. اوچتو هلڪي آواز ۾ هلندڙ ريڊئي تان ڪو آلاپ ٻُڌي آئون ان جو آواز وڌايان ٿي ته رحمان مغل جو پرسوز آواز غم جو آلاپ بنجي ماحول ۾ پکڙجي ٿو:
”تنهنجي ياد جي وري آ وِيرَ،
لڳي رهي آ ٿڌڙي ٿير.“
اهو آلاپ آئون ٻڌي بيچين ٿيڻ لڳان ٿي. پنهنجي وجود اندر گهٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس اڀرندي محسوس ٿئي ٿو ۽ آئون ان پرسوز گيت جي لفظن کي لنوائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي پر ڪنن ۾ وري هي الفاظ گونجن ٿا:
”ڪيئن وساري سگهندس توکي،
من تي تنهنجي ئي تصوير.“
مون کان وڌيڪ برداشت نٿو ٿي سگهي. من جي اندر دُک جو جام ڀرجڻ کان پوءِ ڇلڪڻ لاءِ آتو ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري ريڊيو بند ٿي ڪري ڇڏيان پر دل ڏاڍي اداس ٿي ويئ آهي ۽ پوءِ... گهڻي بيچيني محسوس ڪري وري ڪرسيءَ تان اٿان ٿي ۽ هلڻ لڳان ٿي. هلندي ڦرندي آئون گلن سان ڀريل وَلين جي سامهون اچي بيهي ٿي رهان. ٿوري دير اڳ تيز برسات ۽ طوفان جي ڪري ڪيترائي گُل ڇڻي هيٺ ڍير جي صورت ۾ پيا آهن ۽ ڪومائجي رهيا آهن. الائي ڇو... پن ڇڻ جي موسم ۾ وڻن مان خشڪ هوا سان ڪرندڙ پيلا پن ۽ مينهن طوفان ۾ ڇڻيل گل مون تي عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندا آهن. آئون واپس اچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي رهان... اُتان آئون وري ڪومائل گلن کي ڏسان ٿي ۽ پوءِ ٽيبل تان ڊائري کڻي ان مان اهو ورق سامهون رکان ٿي جنهن تي مون ”رابرٽ هيرڪ (Robert Herrick) جي نرگس جي گلن بابت لکيل نظم ‘To daffodils’ نوٽ ڪيو هو. آئون اهو نظم پڙهڻ لڳان ٿي:
خوبصورت نرگسي گُل!
ڏک ٿيندو آهي اسنا کي اهو ڏسي
توهين ڪومائجي وڃو ٿا ايترو جلد!!!
اڃان ته سورج، پرهه ڦٽيءَ جو
پنهنجي منجهند کي پهتو ئي ناهي
ترسو... ترسو...
ايستائين جو ڏينهن تڪڙو گذري وڃي
پر شام جي گيت لاءِ
۽ گڏ عبادت ڪرڻ لاءِ
۽ گڏ عبادت ڪرڻ لاءِ
توهان سان گڏ هلنداسين اسان ڀي
اسان وٽ به توهان جيان ئي
گهٽ وقت آهي ترسڻ لاءِ
بهار جي موسم اسان لاءِ به مختصر
پر اسان جي اوسر تڏهن به تڪڙي
فقط لڙندڙ زندگي لاءِ
تو هان وانگر ۽ هر شيءِ وانگر
اسان به مري ويندا آهيون
جيئن جيئن وقت گذرندو آهي
ختم ڪري ڇڏيندو اهي
اسان کي...
گرميءَ جي برسات جيان
پرهه ڦٽيءَ جي ماڪ جيان!
آئون ڊائري بند ڪري ٽيبل تي رکي ٿي ڇڏيان ۽ پوءِ آڪاش ڏانهن نهاريندي نهاريندي پوئين وقت ۾ پهچي ٿي وڃان. اڄ وري موون کي اهي ڏينهن ياد پيا اچن. جڏهن آئون ائين ئي برسات جي گهميل ۽ خوشبوءِ سان واسيل شامن ۾ ”شاهه جي رسالي“ مان سر آسا پڙهندي هُيس. الائي ڇو اڃا به جڏهن ”شاهه جو رسالو“ کوليندي آهيان ته ”سر آسا“ تي ئي بيهي رهندي آهيان ۽ ٻيا سُر ئي پڙهڻ وسري ويندا آهن ڇو جو ان سُر ۾ نينهن جي نازڪ ناتي ۽ ڪومل جذبن جو ذڪر آهي ۽ خاص ڪري اکين جي مختلف ڪيفيتن جو ذڪر آهي ۽ مونکي اڄ به اهو موضوع ڏاڍو وڻندو آهي.
عديل!... توکي الائي ياد هوندو يا نه... هڪ دفعو مون توکي چيو هو ته جيڪڏهن آئون مصور هجان ها ته منهنجي مصوري جو موضوع صرف ”اکيون“ هجن ها. آئون اکين جي هر ڪيفيت کي الڳ الڳ چٽيان ها جن جي مٿان انهن بابت مختلف سرا ڏنل هجن ها جيئن... خوبصورت اکيون... ڏکاريون اکيون... مرڪندڙ اکيون... آليون اکيون... حيران اکيون... خوفزده اکيون... آس ونديون اکيون... اڃايل اکيون... ڏکايل اکيون... روئيندڙ اکيون... ۽... ۽ ٻيون انيڪ تاثر رکندڙ اکيون.
... پوءِ الائي ڪيئن ”سر آسا“ پڙهندي پڙهندي منهنجي پنهنجي دل به نينهن جي نازڪ ناتي ۽ ڪومل جذبن کان آشنا ٿي وئي ۽ پوءِ جڏهن مون دل جي آئيني ۾ پنهنجي اکين کي غور سان ڏٺو ته خبر پئي هيم ته منهنجون اکيون به انهن سڀن ڪيفيتن کان روشناس ٿي چڪيون جن جو ذڪر ”سر آسا“ ۾ آهي ۽ منهنجي اکني ۾ به هڪ صورت سمائجي وئي هئي... تنهنجي صورت... پوءِ بي اختيار مون چيو هو:
اکين ۾ ٿي ويههُ، ته آئون واري ڍَڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيههُ، آئون نه پَسان ڪي ٻيو.
ها... عديل! تون ئي ته هئين جنهن منهنجي اکني کي نئين جوت ڏني هئي، نوان خواب ڏنا هئا ۽ دل کي نئين انداز سان ڌڙڻ سيکاريو ۽ پوءِ آئون آئون ايڏو ته اڳتي وڌي ويس محبتن جي راهن ۾ جو پوءِ تو کانسواءِ منهنجي اکين ڪنهن کي به ڏسڻ نٿي چاهيو ۽ پوءِ ئي شاهه سائين جي هن بيت جي پروڙ پئي هئم:
اکين کي آهين، عَجَبَ جيهُون عادَتُون،
سُورَ پَرائي ساٿَ جا، وڃَيو وِهائين،
اُتي لَنؤ لائين، جِتِ حاجَتَ ناههِ هَٿيارَ جي.
پر... مونکي خبر نه هئي ته جنهن خاموشيءَ سان تو منهنجي دل جي دنيا کي آباد ڪيو هو ان ئي خاموشيءَ سان منهنجا سمورا خواب ڇِني منهنجي دل جي دنيا کي ايڏو برباد ڪري ويندين جو سڄي عمر به آئون وري ان کي اڳي جيان آباد نه ڪري سگهنديس. تون ته اڄ مونکي وساري ويٺو آهين... الاهي ڪٿي آهين، ڪهڙي دنيا ۾... پر جيڪڏهن ٿورو وقت ملئي ته اچي ڏجسنا ته آئون اڄ به پنهنجي جهوليءَ ۾ ڪجهه اڻ پورا سپنا ۽ تنهنجون انيڪ يادون کڻي ويٺي آهيان ۽ منهنجون اکيون اڄ به ان ماڳ ڏانهن واجهائين پيون، جتي تون ڇڏي ويو هُئين:
اتي ئي آهين، جتي اوهان ڇڏيون،
اکيون عبداللطيف چَئي، ماڳُ نه مَٽائين،
جي ٻي دَرَ واجهائين ته ڪَڍي ڪانگن کي ڏيان.
عديل!... اڄ به چانڊوڪي راتين ۾ آئون تنهنجون يادون دهرايان پئي ۽ ڪڏهن اونداهي راتين ۾ آسمان تي انيڪ ٽڙيل پکڙيل تارن کي ڏسي تنهنجي ماڳ جو پتو لڳائيندي آهيان:
هُن تاري، هن هنڌ، هُتِ منهنجا سُپرين،
سڄڻ ماکيءَ مَنڌِ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهن.
ڪڏهن وري تنهنجا پَنڌَ پڇائي آسمان تي ٽڙيل پکڙيل تارن مان ان رُخ جو تارو ڳولهي ان کي چتائي ڏسندي آهيان ۽ چوندي آهيان:
توڏانهن گهڻو نِهاريان تارا! تِلاهِين،
سَڄَڻُ جيڏاهين، تون تيڏاهين اُڀرين.
... ڪڏهن وري لاکڻي لطيف جيان چنڊ کي توڏانهن پيغامبر ڪري موڪليندي آهيان...
ناسيندي نِهارَ، پهرينءَ ڪَج پرينءَ ڏي،
آئون جي ڏَيَنءَ سَنيها، چئج چَنڊَ! اَپارَ،
ساجَنَ! سڀ ڄامرَ، اکيون اوهان جي آسري.
عديل!... تون ته مونکي رڃ جي اهڙي رڻ ۾ ڇڏي ويو آهين، جتي تون ته نه آهين. رڳوتنهنجو پاڇو آهي ۽ آئون ان پاڇي پٺيان ڊوڙان پئي... ۽ ياد اٿم ته هڪ دفعي جڏهن آئون ڊوڙندي ڊوڙندي پنهنجي پيرن کي زخمي ڪري چُڪي هيس ته ٿڪجي بي حال ٿي ڪري پئي هُيس ۽ سڏڪڻ لڳي هُيس...
۽ پوءِ... سڏڪندي سڏڪندي اوچتو مونکي محسوس ٿيو هو ته ان رڃ ۾ رڳو آئون اڪيلي نه سڏڪي رهي هُيس پر ڪو ٻيو به مونسان گڏ سڏڪي رهيو هو... ۽ پوءِ... مون تي اهو انڪشاف ٿيو هو ته جنهن رڃ ۾آئون تنهنجي پاڇي پويان ڊوڙندي رهي آهيان. ان ساڳي رڃ ۾ آصف منهنجي پاڇي پويان ڊوڙي رهيو آهي. اڄ مون کيس چيو هو:
”آصف! تون ته زبيده کي پسند ڪندو هُئين ۽ هوءَ ته اڃان به تنهنجي آس ۾ ڳوٺ ۾ تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي“ ”پر... مونکي ته هاڻي اتي موٽي وڃڻو ئي ناهي“ آصف چيو هو.
”پر... ڇو؟“
”مونا!“ آصف بيحد دکي لهجي ۾ چيو هو: ”هڪڙو وقت هو جڏهن آئون ڳوٺ ۾ رهندو هوس. اتي مون زبيده کي چاهيو هو... مون ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿي پر سندس مائٽن منهنجي غربت جي ڪري مون کي سنڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ... آئون شهر هليو آيس هاڻي آئون سٺي نوڪري ڪري رهيو آهيان ۽ هاڻي مونکي زبيده جو سنڱ ملي سگهي ٿو پر... هاڻي آئون ساڻس شادي نه ڪندس.“
”پر...ڇو!!؟؟...“ مون بيچيني مان پڇيو هو.
”ڇو جو... هتي اچڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته دنيا تمام وڏي آهي، رڳو زبيده تائين محدود ناهي ۽... پوءِ... تو سان ملڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته منهنجي منزل تو تائين اچي ٿي پهچي“ هن بيحد ڳنڀيرتا مان چيو هو.
اهو ٻڌي آئون وڌيڪ دکي ٿي ويس ۽ مون کي احساس ٿيو ته ان ڳالهه جي جواب ۾ آئون جيڪو ڪجهه به کيس چونديس اها ڳالهه کيس وڌيڪ دکي ڪري ڇڏيندي پر پوءِ به مون کيس دوکي ۾ رکڻ نه ٿي چاهيو. ان ڪري نه چاهيندي به کيس چيو هيم: ”آصف!... تنهنجا منهنجا رستا الڳ آهن... اهو تون به چڱيءَ ريت ڄاڻين ٿو ۽ جيڪو ڪجهه تون منهنجي لاءِ محسوس ڪرين ٿو آئون ڪڏهن به تنهنجي لاءِ اهو ڪجهه محسوس نٿي ڪري سگهان.“
”مون کي خبر آهي مونا!... مان ڄاڻان ٿو...“ مون سندس آواز دک جي پاتال مان ايندي محسوس ڪيو هو: ”پر... آئون توکان موٽ ته ڪو نه ٿو گهران.... باقي پاڻ کي توکي چاهڻ کان روڪي به نٿو سگهان ۽... منهنجو اهو حق تون مونکان کسي نٿي سگهين“
”ڇو ٿو پاڻ کي برباد ڪرين!!؟؟...“ مون کيس سمجهائيندي چيو هو: ”موتي وڃ اتي... جتي مون جهڙي ئي ڪا ڇوڪري اکين ۾ لڙڪ سجائي، ٽٽل دل ۽ اڻ پورا سپنا کڻي اڃان به ڪنهن آس تي زندگيءَ جي اونداهين راتين ۾ تنهنجي موٽي اچڻ واري راهه تي ڏيئا ٻاريندي هوندي... باقي آئون ته تولاءِ ڄڻ رڃ جو پاڇو آهيان ۽ ڀلا رڃ جا پاڇا به ڪنهن کي هٿ ايندا آهن...!!؟؟“
”مونا!... مون کي ان رڃ ۾ ئي ڀٽڪڻ ڏي ڇو جو رڃ جي ان سفر ۾ موٽڻ جي ڪا واٽ ناهي هوندي... ان ڪري هاڻي مان اڳتي ته وڌي سگهان ٿو باقي پوئتي مونکي ناهي ورڻو“ آصف جي لهجي ۾ سندس فطرت جو هٺ نمايان نظر اچي رهيو هو.
آصف جي وڃڻ کان پوءِ مون کي وري تنهنجي ياد اچي وئي آهي ۽ عديل!... آئون سوچيان پئي ته تو جهڙا ۽ آصف جهڙا ماڻهو، مون جهڙين ۽ زبيده جهڙين ڇوڪرين جا سپنا ٽوڙي ”خوب کان خوب تر“ جي تلاش ۾ هليا ويندا آهن، ۽... پوءِ... جڏهن ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪي پوندؤ تڏهن احساس ٿيندَوَ ته جنهن پيار ۽ سونهن جي جستجو ۾ توهان ڀٽڪندا رهيا آهيو. انهن کي ته توهان پاڻ ئي پٺتي ڇڏي آيا هئا... ۽ پوءِ... جيڪڏهن اوهين موٽي به اچو ته شايد اتي ڪجهه به باقي نه هجي.
مُورکَ مامَ نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪَن،
سي ڪيئن پِرين پَسَن، ڪَٽَرَ جن اَکيُن ۾.
منهنجي دل وري اداس ٿيڻ لڳي ٿي... آئون پاسي ۾ ٽيبل تي پيل ڊائري کڻان ٿي ۽ ان جي هڪ ورق تي تحرير ڪرڻ لڳان ٿي:
”اسان جي چؤپاسي ننڍا ننڍا ڏيئا ٻري اسان جي زندگين کي جوت ڏيندا آهن... پر پوءِ به اسان انهن جي جوت تي ڌيان ڏيڻ بدران پريان... تمام پريان... اوندهه ۾ ٽِم ٽِم ڪندڙ روشنين لاءِ واجهائيندا آهيون ۽ انهن جي تلاش ۾ نڪري پوندا آهيون ۽ هلندائي رهندا آهيون... پر اهي روشنيون ته اڃا به اسان کان اوتريون ئي پري هونديون آهن... ۽ پوءِ اهو فاصلو نه کٽندڙ سفر کان پوءِ به گهٽ ناهي ٿيندو. تڏهن اسين پوئتي ورڻ چاهيندا آهيون ته خبر پوندي آهي ته اهي ننڍا ننڍا ڏيئا جيڪي پاڻ کي جَرڪائي اسان لاءِ روشني پکيڙي رهيا هئا. اهي به پري... تمام پري رهجي ويا آهن ۽ مايوسين جي اوندهه ۾ ڪٿي گم ٿي ويا آهن... ان وقت اسان کي احساس ٿيندو آهي ته هاڻي اسان جي چوڌاري ٻاٽ اوندهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به باقي نه رهيو آهي.“
آئون ڊائري بند ڪري ٽيبل تي رکان ٿي ۽ بي خياليءَ ۾ ريڊيو آن ڪريان ٿي. ان وقت عابده پروين جو پرسوز آواز هوا ۾ وکرڻ لڳي ٿو ۽ شاهه سائين جي ”وائي“ منهنجي اندر وري طوفان برپا ڪري ٿي ۽ نيٺ اهو طوفان اکين ۾ اچي بيهي ٿو ۽ لڙڪن جو روپ وٺي اکين وسيلي آزاد ٿئي ٿو ۽ ان وائي جي هڪ هڪ لفظ سان گڏ منهنجي اکين جي آلاڻ پڻ لڙڪ بڻجي فضا ۾ پکڙجي ٿي:
دَرَدَ مئيءَ جي جا دارُون،
وو! موٽ، سٻاجها سُپرين!
مُون لڳيوُن، مون وِسهو،
مُحَبَتَ جون ماروُن،
وو! موٽُ، سٻاجها سُپرين!
مائٽَ نِئان مُون سين گهڻا،
ڪُسڻ ڪيا ڪارُون،
وو! موٽُ، سٻاجها سُپرين!
سُکن مون سين ڪين ڪيو،
سُورَن لَڌيُمِ سارُون،
وو! مُوٽَ، سٻاجها سُپرين!
مُنهنجون شهرَ ڀنڀورَ ۾،
پَلَپل پَوَن پَچارُون،
وو! موٽِ، سٻاجها سُپرين!
اَديُون! عبداللطيفُ چئي،
لڳيم تَنَ اَندَر تارُون،
وو! موٽ، سٻاجها سُپرين!
(ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)