ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان
رات، سانت ۽ ايڪانت هئي. چوڏهينءَ جو چنڊ ڀت تي پکڙيل وَل پويان جهاتي پائي، ڄڻ مُرڪي رهيو هو، سنڌيا پنهنجي گهر جي ورانڊي ۾ ويٺل هئي. سندس نگاهون ول پٺين چوڏهينءَ جي چنڊ تي کتل هيون ۽ سندس ڊگهن وارن ۽ ڪرسيءَ کان لڙڪيل رئي سان هوا، ڇيڙ ڇاڙ ڪري رهي هئي، پر هوءَ ته ڄڻ دنيا جي هر ڳالهه کان ايستائين جو پنهنجي وجود کان به بيخبر هئي... هوءَ ته رڳو ڀرسان رکيل ڪيسٽ پليئر تي هلندڙ شاهه سائينءَ جي وائي ۽ لڻ فقير جي آواز جي جادوءَ ۾ گم ٿي وئي هئي:
مون ۾ تون موجود! آئون آڳاهين آهيان!
آئون! اَ سونهين آهيان!
اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سجود!
آئون اڳاهين آهيان،
آئون اَ سونهين آهيان!
تيلانَھ، رَسيون بُودَ کي، جيلانھ ٿيون نابود،
آئون اَ ڳاهين آهيان،
آئون اَ سونهين آهيان!
ماڙهن جي موٽڻ جو، صاحبَ هٿ سُجودُ،
آئون اَڳاهين آهيان،
آئون! اَسونهين آهيان!
اِنَ دَر سي ئي اَگهيا، جن وڃايو وجود،
آئون اَڳاهين آهيان!
آئون! اَسونهين آهيان!
وائي ختم ٿي ته سنڌيا پنهنجي محويت مان ڇرڪجي پئي ۽ پوءِ ڪيسٽ پليئر بند ڪري، پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيل ”شاهه جو رسالو“ کولي پَنا اُٿلائيندي وئي. اوچتو سندس نگاهه ”سُر مومل راڻي“ جي هڪ بيت تي اٽڪي بيهي رهي:
ڪالهه گَڏيوسون ڪاپڙي، جهڙو ماهُ مُنيرُ،
فيضُ، فراقُ، فقيرُ، جوڳي جاڳائي ويو.
سنڌيا جي اکين آڏو يڪدم سَرمد جو ڍچهرو اچي ويو ۽ ڪالهوڪي سرمد جي ملاقات ياد اچي ويس... اکين ۾ ڄڻ ڪا شيءِ چُڀڻ لڳي. هن تڪليف مان اکيون بند ڪري ڇڏيون ٿوري دير ته هوءَ ائين ئي اکيون بند ڪري ويٺي رهي، پر اوچتو ئي کيس بند اکين پويان پنهنجي ماضيءَ جون ڪيتريو ئي جهلڪيون نظر اچڻ لڳيون... ماضي!... جنهن کي هن ڪو سينو سمجهي وساري ڇڏيو هو... پر... نه... اها ته سندس ڀُلَ هئي. هن کي ته ڪجهه به نه وسريو هو. سَرمد ته اڃا به سندس روح اندر موجود هو. ڪالهه جڏهن هو ورهين کان پوءِ ملڻ آيو هو، ته سالن جا فاصلا لمحن ۾ ختم ٿي ويا هئا ۽ ... اڄ هن ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ڪتابن واري الماري کولي هئي. ڪيترا سال اڳ هوءَ ڪيتري نه ديوانگيءَ جي حد تائين ڪتابن سان پيار ڪندي هئي. ادب ۽ شاعريءَ سان کيس تمام گهڻو چاهه هوندو هو، پر هاڻي! هاڻي ته هوءَ مڪمل گهرو عورت بڻجي چڪي هئي.. ۽ سندس بيحد شوق سان ورتل ڪتاب رڳو الماريءَ جي زينت بڻجي چڪا هئا. سنڌيا، ڪتابن جي الماريءَ مان ڪيترن ئي سالن بعد سرمد جو کيس تحفي ۾ ڏنل ”شاهه جو رسالو“ ڪڍيو، جنهن جي مٿان هلڪي دز ڄمي وئي هئي. سنڌيا جي اندر پيار جو هڪ اٿاهه جذبو جاڳيو ۽ هن بي اختيار پنهنجي رئي سان رسالي مٿان دز صاف ڪئي ۽ پوءِ ورانڊي ۾ اچي ويٺي هئي. هن ايترن سالن کان پوءِ اڄ شاهه جي رسالي جو مطالعو ڪيو هو.
اڄ ڄن اها پراڻي سنڌيا جاڳي پئي هئي. ها، اها سنڌيا جيڪا يونيورسٽيءَ جي اسٽوڊنٽ هئي. تڏهن سرمد، سنڌيا جو ڪلاس فيلو هو. هو کيس ٻين شاگردن کان ڪيڏو نه مختلف لڳندو هو! هو تمام ذهين، سنجيده ۽ بردبار هو. ان وقت هو ايڏو وڏو شاعر نه هو، جيڏو هاڻي هو. تڏهن سندس شاعريءَ جو شروعاتي دؤر هو. تنهن هوندي به ڄڻ هو پوري ڪلاس جي جان هو. اڪثر سڀ ڪلاس فيلوز مڙي، گڏجي کانئس سندس شاعري ٻڌندا هئا. جڏهن سرمد پنهنجي مخصوص ڳنڀير لهجي ۾ لفطن جي موتين جي مالها پوئيندو هو، ته سڀ ڄڻ گم سم ٿي کيس ٻڌندا هئا. ڪلاس جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون کيس پنهنجو آئڊيل سمجهنديون هيون. سنڌيا هلڪي طبيعت واري ۽ خوابن ۾ رهندڙ ڇوڪري نه هئي، پر پوءِ به هوءَ سرمد جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿي هئي. سندس پهرين ڳالهه ٻولهه سرمد سان اسد وسيلي ٿي هئي. اسد! جيڪو سرمد جو تمام ويجهو دوست ۽ ڪلاس جو سڀ کان شرارتي ۽ کلمک ڇوڪرو هو ۽ سنڌيا کي بيحد پسند ڪندو هو. سنڌيا کي به اها ڄاڻ هئي، پر هن کيس ڪڏهن به ان نظر سان نه ڏٺو هو. اڪثر سنڌيا ۽ سرمد جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. گهڻو ڪري اسد به گڏ هوندو هئن.
هن وقت سنڌيا کي ماضيءَ جي بيشمار منظرن مان هڪ منظر ياد آيو. هڪ ڏينهن جڏهن پوائنٽ بس جي انتظار ۾ سنڌيا سان گڏ سرمد ۽ اسد به بيٺل هئا، تڏهن اوچتو اسد چيو هو:
”يار سرمد! لڳي ٿو ته سنڌيا ۽ تون ساڳي متيءَ جي پيداوار آهيو، هِتي هن محترمه کي سنجيدگيءَ جو دورو پيل هوندو آهي ۽ هُتي وري خير سان توهان کي.“
تڏهن سنڌيا اسد کي چيو هول ”سنجيده رهڻ ڪا خراب ڳالهه ته ناهي.“ اسد پنهنجي مخصوص شرارتي انداز ۾ ٻنهي کي ڏٺو هو ۽ پوءِ کِلندي چيو هئائين!
”هائو!... سنجيدگي خراب ڳالهه ته ڪانهي، پر هن عمر ۾ مونکي سنجيده ماڻهو بلڪل به نه وڻندا آهن. سچي! بلڪل ”اداس چِٻرا“ لڳندا آهن مونکي.“
اِها ڳالهه ٻڌي، سنڌيا کي ايڏي ته زور سان کِل آئي هئي. جو پاسي ۾ بيٺل ٻيا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون کيس حيرت مان ڏسڻ لڳا. سرمد جي چهري تي به مُرڪ اچي وئي هئي. پوءِ هن اسد کي چيو هو:
”اسد! شايد توکي خبر ناهي، ته مغربي ملڪن ۾ چبرا عقلمنديءَ جي نشاني هوندا آهن. سائنسدان چون ٿا ته چٻرو سڀني کان عقلمند پکي هوندو آهي.“
”جي جي، بلڪل مونکي خبر آهي، پر مون مغربي چٻري جي ڳالهه ڪو نه ڪئي. منهنجو اشارو مشرقي چٻرن ڏانهن هو.“
اسد به ڄن هار مڃن لاءِ تيار نه هو ۽ پوءِ سنڌيا موضوع کي مٽائڻ لاءِ چيو:
”ڀلا اڄ رڳو چٻرن بابت ئي هفتگو ڪندا ڇا؟“
اسد نهايت مسڪين شڪل ناهي، هڪڙي هٿ سان سنڌيا ڏانهن ۽ ٻئي هٿ سان سرمد ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”ڇا ڪريان ڀلا!... ٻن اداس چٻرن جي وچ ۾ بيٺل اهيان، سو ڀلا دماغ ڪٿان ڪم ڪندو؟!“
اسد جي جواب ۽ ا انداز تي هن ڀيري سڙمد زوردار ٽهڪ ڏنو هو. وري هڪ دفعو پريان بيٺل ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون حيران ٿي هنن ٽنه يکي ڏسڻ لڳا ته سنڌيا کي شرمندي محسوس ٿي ۽ هن پنهنجي کِل روڪڻ لاءِ پنهنجو رئو کڻي وات تي رکي ڇڏيو هو، پريان ايندڙ پوائنٽ کي ڏسي هوءَ تيزي سان اڳتي وڌي هئي. سنڌيا اها ڳالهه ياد ڪري مُرڪي پئي هئي، کيس ته ٻيو به گهڻو ڪجهه ياد اچي رهيو هو هن وقت...
ائين پوءِ سنڌيا ۽ سرمد جون ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون. سرمد کيس ڪيترائي بهترين ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ هو انهن تي تبصرو ڪندا هئا. اسد به ڪڏهن بحث ۾ حصو وٺندو هو پر گهڻو ڪري هو چپ رهندو هو ۽ جڏهن بور ٿيندو هو، ته هٿ ٻڌي ٻنهي کي ماٺ ڪرائيندو هو. سرمد جي ساٿ جي ڪري سنڌيا کي به ڪتابن سان بيحد پيار ٿي ويو هو. هوءَ پاڻ ته شاعره يا اديبه نه هئي؛ پر پوءِ به کيس شاعريءَ بابت چڱي ڄاڻ هئي، ائين پرهندي، کِلندي، ڳالهائيندي، بحث ڪندي ڪڏهن سياست تي، ڪڏهن سماج تي، ڪڏهن تعليمي سرشتي تي، ته ڪڏهن وري، ادب تي ڳالهائيندي وقت گذرندو رهيو. سنڌيا کي اڪثر محسوس ٿيندو هو ته سرمد کيس پسند ڪرڻ لڳو هو. جيتوڻيڪ سرمد ڪڏهن به سنڌيا سان محبت جو اظهار نه ڪيو، نه ئي ڪڏهن سندس ڳالهين ۾ ڪو ان ڳالهه جو اشارو هو؛ پر ڪا ڳالهه نه هوندي هئي، سندس نگاهن ۾! ڪا تحرير، جنهن کي هوءَ پڙهندي به سمجهي نه سگهندي هئي. بس! ڪڏهن اوچتو ئي جڏهن هو کيس گهري نظر سان ڏسندو هو، ته سنڌيا جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳندي هئي ۽ چهري تي ڪيترائي انوکا رنگ وکري وي دا هئس، پر ٻئي ئي لمحي سرمد جو چهرو ۽ اکيون ائين بي تاثر ٿي ويندا هئا، ڄن ڪجهه ٿيو ئي نه هو! سنڌيا حيران ٿي هن شخص بابت سوچيندي هئي، ته عجيب شخص آهي! ڪڏهن ته اکين ۾ اٿاهه ساگر پيار جو ته ڪڏهن وري ايڏي اجنبيت جو ڄڻ هو کيس سڃاڻندو ئي نه هجي ۽ ڪڏهن وري ڄن ته سياري جو دريا!
ڪجهه عرصي کان پوءِ سِنڌيا جي جنم ڏيهن تي سرمد کيس ”شاهه جو رسالو“ تحفي ۾ ڏنو هو، تڏهن سنڌيا پهريون ڀيرو ڏينهن رات هڪ ڪري شاهه جي رسالي جو تفصيلي مطالعو ڪيو هو. جنهن بيت يا فلسفي بابت کيس مونجهارو محسوس ٿيندو هو، ته سرمد کيس ان بابت سٺي طرح سمجهاڻي ڏيندو هو. پوءِ ته ڄن ٻنهي کي شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جي فلسفي جو نئون موضوع هٿ اچي ويو هو. ٻنهي جو زوردار بحث هوندو هو ۽ اسد جا وري مٿي تي هٿ!
هڪ دفعو ائين ئي ٿيو هو، جڏهن سنڌيا، سرمد ۽ اسد گڏ ويٺل هئا ۽ وري سنڌيا ۽ سرمد ۾ بحث ڇري پيو هو. شروعات ”تصوف“ کان ٿي هئي. ڳالهه ”حقيقي عشق“ کان ٿيندي ”مجازي عشق“ تائين پهتي هئي. سنڌيا ۽ سرمد وڏي زور شور سان ڳالهائي رهيا هئا ۽ اسد کين خاموشيءَ سان ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو به وچ وچ ۾ جواب ڏئي رهيو هو. بحث جڏهن عروج تي پهتو، تڏهن سرمد چيو هو:
”شاهه سائينءَ جي عشق جي فلسفي موجب سچي محبت اها آهي، جنهن ۾ طلب ناهي. ڇو جو مطلوب جي ملي وڃڻ سان طالب جو سفر اتي ئي اچي پويو ٿي ٿو وڃي. جڏهن ته عشق ۾ جمود اچڻ ئي نه گهرجي؛ ان ڪري طالب کي هميشه طالب ئي رهڻ گهرجي؛ بي ڳالهه ته اهو به ضروري ناهي ته طالب هر وقت پنهنجي عشق جو اظهار به ڪندو رهي... نه ئي اهو ضروري آهي، ته هو ماڻهن ۾ ان جو چرچو ڪندو رهي... محبت ته هوئين به لفظن ۾ اظهار جي محتاج نه هوندي آهي. عشق هڪ راز آهي... جنهن ۾ تڙپ ته آهي، پر تڙپڻ جي باوجود ان جو راز ڪنهن کي به نه ڏجي... اها الڳ ڳالهه اهي، ته جنهن کي چاهجي ٿو، اهو ڪو گهڻي دير ان ڳالهه کان بيخبر رهي نٿو سگهي. جيڪڏهن زبان خاموش آهي ته به اکيون پرينءَ تائين پيغام رسائين ٿيون. شاهه سائينءَ جو اهو فلسفو هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿو:
سِڪَ سِڪائي سِڪ، سِڪَ نه آهي سُٿري،
لِڪَ لِڪوٽيءَ لِڪ، ته کَرَنِ خَبرَ نه ٿئي.
سنڌيا جواب ڏنو: ”پر... شاهه سائينءَ اڳتي ائين به ته چيو آهي:
خبر ٿي کرن کي، نه مونکي ڪندا ڪوهُ؟
صُورت سُپيريان جي، ڏٺي ڪونهي ڏوههُ،
لوري لَڳمُ لوهُ، جنهين رَتُ رُئاريو.
ڇو جو شاهه صاحب جي خيال موجب، عاشقن کي ڪنهن به ڳالهه جي پرواه نه هوندي آهي ۽ وري چوي ٿو ته:
کَرُ کاريندو سي، مانو جن پريتڻو،
جوش جلايا جي، ماري تن ماتُ ڪيو.
”پر سائين!“ سرمد چيو ”شاهه سائينءَ وري هن ڳالهه تي به ته زور ڏنو آهي ته:
نِهائينءَ کان نينهن، سکُ منهنجا سُپرين!
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نِڪري.
ان تي سنڌيا وري چيو: ”پر... اها ڳالهه به ته ڏاڍي مشڪل آهي، جو شاهه سائينءَ وري هيءَ ڳالهه به ڪئي آهي:
عاشق ڀانئي ائين، ته آئون سِڪ ڪنهن کي نه سلان،
وِچِ رهندي ڪيئن؟ وَهَنِ اکيون ورڄي هِنئون.
سرمد ان جي جاوب ۾ چيو: ”بهرحال مون وٽ ته عشق جو مفهوم هي آهي ته:
آئون ڏورينءَ، شالَ مَ لَهنء! تَنَ مَ مِلين تُون!
لَنئون لَنئون منجهان مون لوچ تنهنجي نه لهي.
ڇو ته شاهه سائينءَ جو خيال آهي ته:
جيڪي فِراقان، سو وِصالان نه ٿئي،
اچي اوطاقان، مونکي پرين پري ڪيو.
اسد جيڪو ايتري دير کان ٻنهي جو بحث ٻڌي رهيو هو، تنهن کان هاڻي برداشت نه ٿي سگهيو. هن هٿ ٻڌي کين چيو: ”خدا جي واسطي سنڌيا! سرمد!... يار بند ڪريو هي بحث، منهنجو ته مٿو ئي ڦري ويو آهي. آئون ته چوان ٿو ته جنهن کي چاهجي، ان کي ضرور حاصل ڪجي. پوءِ ڀلي ته ڪير به سَڙي مون کي شاهه صاحب جا تمام گهٽ بيت ياد آهن، پر هي بيت ڏاڍو مزو ڏيندو اٿم:
اَلا! کَرَ جِيئن، مدي جنين مَن ۾،
اسان ۽ پرين جون، اُميدون پَسنِ،
تهان پوءِ مَرَنِ، سَڙي انهيءَ سُورَ ۾.
سنڌيا ۽ سرمد کلڻ لڳا ۽ ائين اهو بحث ختم ٿيو هو.
ڏينهن گذرندا رهيا... وقت اڳتي سِرڪندو رهيو، سِنڌيا کي ته يقين هو، ته سرمد کيس چاهي ٿو؛ پر سَرمد جي ازلي خاموشيءَ کيس منجهائي وڌو هو. ڪڏهن ڪڏهن وري، کيس ائين محسوس ٿيندو هو، ته هوءَ دوکي ۾ هئي. سرمد کي سندس ذات سان ڪا دلچسپي ڪانهي، ائين... هوءَ يقين ۽ بي يقيني جي ڪيفيت ۾ منجهندي رهي، هُو به ته عجيب پراسرار شخص هو. سمنڊ جيان گهرو!
۽ پوءِ جڏهن سندن پڙهائي پوري ٿي، ته سڀ ڪلاس فيلو هڪٻئي کان موڪلائي، پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽڻ لڳا، تڏهن سنڌيا جي شديد خواهش ٿيندي هئي، ته موڪلائڻ کان اڳ هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو رويو ته هن تي واضح ڪري. هو محبت جو اعتراف ڪري، بيشڪ هو کيس پنهنجو نه بنائي، پر پيار ۽ اعتماد جو احساس ته کيس ڏئي وڃي. ائين هوءَ تا عمر اهو سوچي مطمئن رهندي، ته هن جنهن کي چاهيو هو، هُو به سندس لاءِ پيار جو جذبو رکندڙ هو...
هوءَ چاهيندي هئي، ته سرمد ڪجهه چوي، پر سرمد! جي لبن تي اهڙو ڪو اقرار نه هو. جڏهن اسد سنڌيا سان شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي، ته هن سرمد کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو هو. هن سوچيو هو، ته يقيناً اها ڳالهه ٻڌي سندس بند زبان جو تالو ٽٽي پوندو، پر اها ڳالهه ٻڌي به سرمد جو چهرو بي تاثر رهيو ۽ هن چيو هو ته:
”اها ته تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اسد شرارتي ضرور آهي، پر ذميدار به آهي هُو يقيناً اوهان کي خوش رکندو ۽ هونئن به هو توهان کي بيحد پسند ڪندو آهي.“
”پر... اها ڳالهه اوهان ڪيئن ٿا چئي سگهو!!؟“ سنڌيا حيران ٿيندي پڇيو.
”مونکي ڪافي عرصي کان ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي“ سرمد چيو. ”هو منهنجو دوست به اهي آئون کيس چڱي طرح ڄاڻان ٿو. آئون اوهان کي اڳواٽ ئي نئين زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ تي مبارڪباد ٿو ڏيان ۽ بيشمار دعائون به!“
سنڌيا ان مهل ڇِرڪي پئي هئي، ڇو جو سندس ذهن ۾ اوچتو هڪ خيال ايو هو، ته ڪٿي ائين ته نه هو سرمد پنهنجي چاهت جو اظهار ان ڪري نه ڪيو هو، جو هوءَ سندس دوست جي پسند هئي، کيس ياد آيو ته سرمد سان ته سندس تعارف به اسد ئي ڪرايو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسد تعارف ڪرائڻ کان اڳ ئي کيس اهو سڀڪجهه ٻڌائي ڇڏيو هجي؛ پر سنڌيا کي يقين هو، سرمد کي اها به ڄاڻ هوندي، ته هوءَ اسد کي سٺي ڇوڪري جي حيثيت سان پسند ڪندي هئي ۽ ڪنهن کي سٺو سمجهڻ ۽ چاهڻ ۾ به ته فرق هوندو آهي! جيڪڏهن هو محض پنهنجي دوست خاطر قرباني ڏئي رهيو آهي، ته به اها ڳالهه واضح ته ڪري. هو هن تي اعتماد ته ڪري. کيس زندگيءَ جي ٻه واٽي تي ته نه بيهاري! سنڌيا کي خبر هئي ته سرمد جهڙي گهري ماڻهوءَ کان سندس اندر جو حال وٺڻ ڏاڍو ڏکيو هو. نيٺ هوءَ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺي؛ پر موڪلائڻ کان اڳ هڪ ڀيرو وري هن جي اکين ۾ آس جو ڪرڻو چمڪيو:
”سرمد! آئون وڃان پئي. خبر ناهي هاڻي اسان ڪڏهن اهڙي آزاديءَ سان ملي به سگهون، يا نه! خبر انهي، هاڻي، ملون به يا نه! يا وري ملون به، ته ڪنهن ٻيءَ حيثيت سان. هي ڪجهه لمحا ئي هاڻي اسان جي مُٺ ۾ آهن. مِتان انهن کي ضائع ڪري، سڄي عمر پڇتايون، جيڪڏهن ڪا ڳالهه، ڪو پيغام پهچائڻ چاهيو ٿا، ته چئي وٺو.“
سرمد جو چهرو اوچتو ئي اوچتو ڳاڙهو ٿي ويو. هن سنڌيا ڏانهن ڏٺو سندس نگاهن ۾ اٿاهه پيار جو ساگر هو. سنڌيا کيس ڏسندي رهي. سندس ڪن صرف ڪجهه لفظ ٻڌڻ جا منتظر رهيا. هن پهريون ڀيرو سرمد کي ايڏو جذباتي ٿيندي ڏٺو هو... سنڌيا سوچيو هو ته محٻت جي مهراڻ مٿان ڪيترا ڊيم اڏيا؟ نيٺ ته پيار جون ڇوليون سمورا ڊيم ٽوڙي اجهو ڪي ٻاهر نڪتيون ۽ پياسين سماعتن کي سيراب ڪنديون؛ پر اوچتو سرمد پنهنجي هٿن جي مُٺين کي زور سان ڀڪوڙيو هو ۽ پوءِ هميشه وانگر سرمد جو چهرو هر قسم جي تاثرن کان عاري ٿي ويو ۽ سندس اکين ۾ اجنبيت هئي ۽ پوءِ هن چيو هو ته:
”نه سنڌيا!... مونکي ڪجهه به چوڻو ناهي“
تڏهن سنڌيا کي يقين ٿي ويو هو، ته هوءَ پاڻ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ هئي. جيڪو ڪجهه هن محسوس ڪيو هو، اهو محض سندس وهم هو. ٻيو ڪجهه به نه! ڇو جو جيڪو انسان ڪنهن کي اچهي، سو پنهنجي پرينءَ کي اظهار جي هڪ جملي جي سوغات به نه ڏي؛ اهو ممڪن ئي نه هو!
۽ پوءِ سنڌيا ۽ اسد جي شادي ٿي وئي. اسد سنڌيا کي بيحد چاهيندو هو. سندس ننڍي ننڍي تڪليف تي پريشان ٿي ويندو هو؛ سنڌيا به شاديءَ کان پوءِ بلڪل گهرو ڇوڪري ٿي وئي هئي... سندس زندگيءَ جو محور هاڻي فقط سندس گهر هو ۽ هوءَ سرمد کي ڪو سپنو سمجهي، وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ڪيترائي سال لنگهي ويا. سنڌيا ٻن پيارن ٻارڙن جي ماءُ بڻجي چڪي هئي، هاڻي هوءَ فقط پيار ڪندڙ ماءُ ۽ زال هئي. سندس ڪل ڪائنات ئي اسد ۽ ٻار هئا ۽ شايد هوءَ سرمد کي وساري چڪي هئي، هاڻي ته هو تمام مشهور شاعر ٿي چڪو هو. اڪثر هوءَ رسالن ۾ سندس متعلق خبرون ۽ سندس تخليقون پڙهندي هئي.
۽ پوءِ ڪيتري ئي وقت کان پوءِ سرمد ٻه ڏينهن اڳي سندس شهر ۾ آيو هو. سندس شاعريءَ جي مجموعي جي مهورت هئي. سنڌيا ۽ اسد کي به ان تقريب جو ڪارڊ مليو هو، پر اسد آفيس جي ڪم سان شهر کان ٻاهر ويل هو ۽ سنڌيا کي گهر ۽ ٻارن جي ذميداريءَ کان فرصت نه ملي سگهي، جو هوءَ وڃي ها، ۽ پوءِ ڪالهه شام ئي سرمد سندس گهر آيو هو. ايترن سالن بعد هوءَ کيس اوچتو سامهون ڏسي حيران ٿي وئي هئي ۽ سندس دل ڄڻ قابوءَ ۾ نه هئي. کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته هوءَ ڇا ڳالهائي ۽ ڪيئن ڳالهائي ۽ سرمد!... صوفي تي سندس ٻنهي ٻارن جي وچ ۾ ويٺل هو. هو هنن کي ڪيڏو پيار ڪري رهيو هو ۽ ڳالهائي رهيو هو. هن ايڏو جلدي ٻنهي سان دوستي به ڪري ورتي هئي. پوءِ سنڌيا کي ڏسي، هو احترام ڌمان اُٿي بيٺو هو. ڪيترو وقت گذريو... لمحا هئا يا صديون هيون... سنڌيا کي ڪجهه خبر نه پئي. پوءِ سرمد مخاطب ڪري ڄڻ سوچن جي دنيا مان ڪڍي ورتو هو:
”سنڌيا! توهان خوش ته آهيو نه؟“
”ها!...“ سنڌيا خبر ناهي ڪيئن جواب ڏنو: ”آئون بلڪل خوش آهيان!...“ اسد واقعي منهنجو بهترين جيون ساٿي ثابت ٿيو آهي.“
”اسد آهي ڪٿي؟؟“ سرمد پڇيو.
”هُو آفيس جي ڪم سان اسلامآباد ويل آهي.“ سنڌيا جواب ڏنو. هوءَ هاڻي ڪافي حد تائين پاڻ تي قابو پائي چڪي هئي.
”اهه!...“ سرمد چيو ”چڱو پوءِ آئون هلان ٿو. ايڏن سالن بعد آيس اوهان جي گهر، پر اسد سان ملاقات ٿي نه سگهي. اچي ته کيس ٻڌائي ڇڏجو ۽ ها! هي منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب جي ڪاپي آهي، توهان جي ۽ اسد جي لاءِ“
سنڌيا کانئس ڪتاب ورتو، خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب جو عنوان هو ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان.“ سنڌيا ڪتاب کوليو پهرين صفحي تي ارپنا هئي:
”منهنجي پهرين ۽آخري محبت جي نانءُ،
جنهن کي مون وڃائي، پوءِ ماڻيو.“
سنڌيا اهو پڙهڻ کان پوءِ سرمد ڏانهن نهاريو هو. هو کيس ئي ڏسي رهيو هو ۽ پوءِ چيو هئائين:
”سنڌو! مون توکي وڃايو ته ناهي. تون ته اڄ به منهنجي روح اندر موجود آهين ۽ يقين ڪر، ته مون کي اڄ به پنهنجي فيصلي تي ڪو پڇتاءُ ناهي، ڇو ته اڃا به منهنجو هن بيت ۾ ويساهه آهي.
”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان، شالَ مَ ملان هوتَ،
من اندر جا لوچَ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.“
هو هليو ويو هو ۽ سنڌيا ته کيس روڪي به نه سگهي. هوءَ ته ڪجهه به نه چئي سگهي. ڪالهه سرمد کيس پهريون ڀيرو ”سنڌيا“ نه پر ”سِنڌُو“ چيو هو ۽ ”توهان“ بدران ”تون“ ڪري مخاطب ڪيو هو. سنڌيا ڪيترا سال اڳ اهو اقرار ٻڌڻ چاهيو هو ۽ ڪالهه جڏهن اهو وقت آيو هو ته هوءَ اهو ٻڌي، ڄڻ گم سم ٿي وئي هئي. ڪيڏيون شڪايتون هيون، ڪيڏا شڪوه هئا؛ کيس سرمد کان!! جيڪي ڪيترن سالن کان هوءَ من ۾ سانڍيندي آئي هئي،پر ڪالهه هوءَ ڪجهه به ته نه چئي سگهي هئي. کيس ڏک رڳو ان ڳالهه جو هو، ته سَرمد ايڏا سال اڳ اهو اقرار ڇو نه ڪيو هو. جڏهن هن اهو ٻڌڻ چاهيو هو ۽ هاڻي جڏهن هوءَ پنهنجي گهر جي ننڍڙي جنت ۾ پرسڪون زندگي گذاري رهي هئي، ته سَرمد هڪ ڀيرو وري سندس سڪون کسي ورتو هو. هن ته سمجهيو هو ته هوءَ سرمد کي وساري چڪي هئي، پر اها سندس ڀُلَ هئي، هو ته اڄ به سندس روح اندر موجود هو. سنڌيا ته پنهنجي محبت جي سفر جي پڄاڻي ڪري ويٺي هئي، پر ان سفر جي ته شروعات ئي در حقيقت هاڻي کان ٿي رهي هئي.
تيز هوا ج جهوٽو لڳو ته سنڌيا جي هٿ ۾ جهليل ”شاهه جي رسالي“ جا پَنا زور سان ڦڙ ڦڙ ڪرڻ لڳا، ته سنڌيا ڇرڪجي اکيون کوليون. اکيون کولڻ سان ئي سندس بند اکين پويان جمع ٿيل لڙڪ لار ڪري وهڻ لڳا. اوچتو سنڌيا جي نظر ”سر سامونڊيءَ“ جي ان وائيءَ تي پئي، جنهن کي تيز هوا جي جهوٽن کولي نروار ڪيو هو. هن لڙڪ ڀنل اکين سان اها وائي پڙهي:
آيل! ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اَپليو نه رهي،
ويو وڻجارو اوهري، مون کي چاڙهي چيئين،
منهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
سامونڊين جي سڱ کي، رُئان راتو ڏينهن،
منهنجو نينهن اَپَليو نه رهي!
گُوندر مٿان جِندڙي، وَريا وَليُن جيئن،
منهنجو نينهن اَپليو نه رهي.
مادَرِ! پائي مُنڊيون، وڃان هاريءَ سيئن،
منهنجو نينهن اَپليو نه رهي!
سنڌيا ”شاهه جو رسالو“ بند ڪري ڇڏيو. سندس اکين مان لڙڪ ڪرندا رهيا. خبر ناهي کيس ڪيتري دير گذري وئي؛ پر اوچتو سندس ”ٻارڙي“ جي روئڻ جي آوازکيس سمورن خيالن مان ڇرڪائي وڌو. هوءَ تيزيءَ سان ڪمري ڏانهن ڊوڙي ڪمري ۾ پهچي هوءَ پلنگ تي سُتل معصوم ”سِپيءَ“ جي پاسي کان اچي ويٺي. هوءَ معصوم ته گهري ننڊ ۾ هئي ۽ شايد ڪو سپنو ڏسي روئي پئي ئي. سِنڌيا اٿاهه پيار مان ”سپيءَ“ کي ڏٺو ۽ پوءِ جهڪي هن ننڍڙي ”مهراڻ“ کي ڏٺو سندس مامتا جو جذبو پوري شدت سان اُڀري ايو ۽ هن ”مهراڻ“ جي پيشانيءَ کي به چميو. پوءِ سنڌيا جي نظر پلنگ جي پاسي کان رکيل اسد جي تصوير تي پئي. اسد جي چهري تي زندگيءَ سان ڀرپور مُرڪ هئي. سنڌيا به تصوير کي ڏسي مُرڪي پئي ۽ پوءِ پنهنجي منهن چيائين:
”سرمد! منهنجي روح اندر تنهنجو ديرو سهي، پر هينئر منهنجي زندگي ۽ وجود منهنجن معصوم ٻارن ۽ اسد جي امانت آهي. شايد تو الاهي دير ڪري ڇڏي آهي. آئون نٿي چاهيان ته تنهنجي چاهت نروار ڪري، پنهنجي فرضن کان غافل ٿي وڃان، آئون سڀ جذبا پنهنجي روح جي اندر ئي دفن ڪري ڇڏيندس. مون توسان دل جي گهراين سان پيار ڪيو هو ۽ هاڻي به اٿم؛ پر سرمد جيئن تو ڪيو هو، هاڻي اهو سڀڪجهه مون کي ڪرڻو آهي...
جيستائين آئون زنده آهيان تون مون کان پيار جو اقرار ٻڌي نه سگهندين. ڇو جو ائين ڪري، آئون اسد ۽ پنهنجن ٻارڙن جي مجرم ٿيڻ نٿي چاهيان ”ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان“ اهو فلسفو رڳو تون ئي نڀائي نٿو سگهين، پر آئون به نڀائي سگهان ٿي.
”سنڌيا اٿي ۽ ”شاهه جو رسالو“ کڻي الماريءَ ۾ بند ڪري تالو ڏئي ڇڏيائين. بلڪل ائين ڄڻ سرمد جي پيار کي هميشه لاءِ روح اندر بند ڪري تالو لڳائي ڇڏيو هئائين.
(ريڊيو حيدرآباد ۽ خيرپور تان نشر ٿيل گيتن ڀري ڪهاڻي)