فيصلو
”فرسٽ ڪلاس... هونئن به آنٽي اوهان جي ٺاهيل ته هر شي ئي سٺي ٿيندي آهي“ شاني پيار مان صبا کي ڳراٺڙي پائيندي چيو ”بس بس.“ صبا به کيس پيار ڪندي چيو ”خوشامند نه...“ ۽ پوءِ ٻئي کلي پيا، اوچتو امان ڪمري ۾ اندر آئي ۽ چيائين:
صبا!... شاني جو پيءَ کيس وٺڻ آيو آهي ان کان اڳ جو صبا ڪو جواب ڏئي ها شاني گوڙ ڪرڻ شروع ڪيو نه... نه آنٽي... اڄ آئون پپا سان گڏ نه وينديس... اڄ آئون اوهان وٽ رهندس... آئون گهر نه ويندس...
پر آخر ڇو...؟“ صبا پڇيو.
”آنٽي؟ اڄ مون پنهنجي فرينڊ کان تمام سٺا اسٽوري بُڪَ آندا آهن اڄ اوهان مون کي اهي پڙهي ٻڌائجو گهر ۾ ته سڀ جلدي سمهي پوندا آهن... آيا امان به ۽ پپا به... ۽ پپا مونکي ڪهاڻيون به پڙهي نه ٻڌائيندو آهي“... شاني روئڻهار ڪو ٿيندي چيو.
”پر... شاني! اڄ ته توهان پنهنجي پپا کان هتي رهڻ لاءِ اجازت به نه ورتي آهي... ائين ڪريو جو اڄ ته اوهان گهر وڃو سڀاڻي آئون توهان جي پپا کان اجازت وٺي توهان کي هتي وٺي اينديس، صبا کيس سمجهائيندي چيو. ”پر مس...“ شاني معصوميت سان پڇيو ها... پر! مس صبا سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چيو: ”نه صرف اهو سڀاڻي شام جو اسان آئوٽنگ تي به ويندا ۽ آئس ڪريم به کائينداسين.“
هُرا!... شاني خوشي مان رڙ ڪئي ”پوءِ ملايو هٿ“ ما کلندي سندس هٿ پڪڙي سندس هٿ ۾ ڏنو ۽ کيس پيار ڪيائين، امان پوءِ شاني کي وٺي وئي.“
”صبا!... امان آفيس وڃي پئي ڇا؟“ امان رڌڻي مان رڙ ڪندي پڇيو، ”ها امان!...“ صبا جواب ڏنو امان رڌڻي کان ٻاهر ايندي چيو ”رات پاڙي واري وري ڊاڪٽر ساجد جو پيغام کڻي آئي هئي، ٽي چار ڀيرا جواب گهري چڪي آهي پوءِ... آخر ڇا جواب ڏيانس ڪهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟...“
”امان! هينئر ته مونکي دير پئي ٿئي، ان موضوع تي پوءِ ڳالهائينداسين اڄ صبح جو ته اک به دير سان کلي الله ڪري ته ڪا ”سواري به جلد ملي.“ صبا اهو چوندي تڪڙ ۾ پرس کڻندي ٻاهر وڃڻ لڳي، ”صبا!... ڌيءَ نيرن تي ڪرين ها“ ”امان پٺيان رڙ ڪندي چيو ته ”امان... دير ٿي ٿئي... صبا اهو چوندي ٻاهر نڪري آئي هوءَ ڪيتري ئي دير بيٺي رهي پر ڪا به سواري نه مليس اوچتو پري کان هڪ خالي رڪشا ايندي ڏٺائين ته رڙ ڪيائين ”رڪشا رڪشا.“
پر رڪشا وارو بيٺو نه هليو ويو هوءَ ويتر پريشان ٿي وئي، اوچتو ئي سندس ڀر سان ڪار جي بريڪ لڳڻ ۽ بيهڻ جا آواز آيا ته هوءَ ڇرڪي اوڏانهن ڏسڻ لڳي. سندس ڀر ۾ ڊاڪٽر ساجد جي ڪار بيٺل هئي، هن کيس مخاطب ٿيندي پڇيو
”صبا صاحبه!... آفيس وڃڻو اٿوَ؟... اچو آئون ڊراپ ڪري ڇڏيندس“
نه... نه... ساجد صاحب! اوهان تڪليف نه ڪريو ملي ويندي ڪا سواري“ صبا جواب ڏنو:
”تڪليف ڇڏيو ائين وڌيڪ دير ٿي ويندوَ مون کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي.“
ڊاڪٽر ساجد چيو. ”توهان شاني کي اسڪول ڇڏي آيا؟“ صبا چيو ”ها... هينئر هاسپيٽل پيو وڃان توهان کي به ڊراپ ڪندو ويندس اچو... پليز... ساجد ڪار جو دروازو کوليندي چيو. صبا کي به دير ٿي چڪي هئي. ان ڪري هن وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو ۽ پٺين سيٽ تي وڃي ويهي رهي. گاڏي اسٽارٽ ٿي ڊرائيونگ ڪندي اوچتو ڊاڪٽر ساجد کيس مخاطب ڪيو:
”صبا صاحبه!... اوهان کي يقينن منهنجو پيغام ته ملي ويو هوندوَ صبا کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ خاموسي سان دري کان ٻاهران ڏسندي رهي ساجد ڪجهه دير ته سندس ڳالهائڻ جو انتظار ڪيو پر سندس ڪو به جواب نه پائي وري پاڻ ئي پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو:
”صبا صاحبه!... اسين هاڻي عمر جي ان دور ۾ آهيون جنهن ۾ جذبات سان نه پر عقل ۽ بردباريءَ سان فيصلا ڪيا ويندا آهن. اسان جي وچ ۾ روايتي تڪلف نه هئڻ گهرجي ڇو ته اوهان اعليٰ تعليم يافته ۽ سمجهدار آهيو انڪري اڄ آئون اوهان جي گهر شام جو ايندس ته جيئن اسان جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ تفصيل سان ڳالهايون..“
”مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو فيصلو ڪجي....“ صبا پريشان ٿيندي چيو:
”انڪري ئي ته اڄ اوهان وٽ اچي پنهنجو مسئلو سمجهائڻ ٿو چاهيان ته جيئن اوهان کي به پنهنجي زندگيءَ جو اهم فيصلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي...“
”جي!“ هوءَ وڌيڪ ڪجهه به نه چئي سگهي ۽ سندس آفيس اچڻ تائين هو ٻئي خاموش رهيا، صبا ڪار مان لهندي چيو:
”اوهانجي تمام گهڻي مهرباني...“
”آئون تمام اسٽريٽ فارورڊ ماڻهو آهيان، مون کي اهڙن روايتي جملن جي گهرج ڪونهي.“
ٽريفڪ جو گوڙ ڪنن کي ايذائي رهيو هو. صبا جي حالت سخت گرميءَ ۽ ٿَڪَ سبب خراب هئي جو هوءَ ڪيتري ئي دير کان سواري جي انتظار ۾ روڊ ڀرسان فٽ پاٿ تي بيٺل هئي ۽ سوچي رهي هئي ته، ”اڄ ته لڳي ٿو ته قسمت ئي خراب هئي جو صبح جو به ايئن ٿوي ۽ هن وقت به“ ڇو ته کيس پِڪ اينڊ ڊراپ ڏيڻ واري وين ان ڏينهن نه آئي هئي.
”توهان.... صبا آهيو نه ؟“ اوچتو ڪنهن مرد جو آواز ٻڌي هن نهاريو ته هڪ ڪار سندس آڏو بيٺل ڏٺائين، ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل ماڻهوءَ کي ڏسي کيس شديد جهٽڪو لڳو ۽ سندس زبان مان بي اختيار نِڪتو:
”رضا...!!!“
”پوءِ ته پَڪ ٿي ته توهان صبا ئي آهيو. الاهي وقت کانپوءِ ڏٺو اٿم، ڪجهه بدلجي به ويون آهيو پوءِ به سڃاڻي ويس پر پوءِ به ڪنفرم ڪرڻ ضروري هو....“ هو چوندو ويو.... اهوئي سندس مخصوص زنده دل لهجو ۽ آواز هو... صبا کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو...
”سڀڪجهه پڇي وٺجو پر بيٺي بيٺي نه.... اچو ڪار ۾ ويجهو، آئون توهان کي ڊراپ ڪري ڇڏيندس....“
صبا ڪشمڪش ۾ هئي ته پويان ايندڙ گاڏين جي هارن سبب رضا کي بيچين ڏسي هوءَ خاموشيءَ سان ڪار جو پويون در کولي ويهي رهي ۽ رضا ڪار کي اڳتي وڌايو....
”رضا! هتي ڪيئن اچڻ ٿيو؟“ هن ٿوري دير بعد وري پڇيو ته رضا هڪ نظر آئيني تي وجهي کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيو:
”آفيس جي هڪ ڪم سان آيو آهيان ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ هليو ويندس، هوئين به تنهنجو ظالم شهر مون کي ترسڻ ڪِٿان ڏيندو... هي شهر ته منهنجن خوابن ۽ جذبن جو مدفن آهي.... هتي قدم قدم تي وکريل ماضيءَ جون يادگيريون مونکي سُک سان ويهڻ ڪِٿان ڏينديون...“
سندس جواب ٻڌي هوءَ ڪَنبي وئي ۽ چيائين:
”تون بلڪل به نه بدليو آهين... ساڳيو ضد، ساڳيو جنون... وقت توکي بدلائي نه سگهيو آهي...“
”تنهنجي شادي تنهنجي ڪزن سان ٿي هئي... ڪيئن پيئ گذري زندگي ....؟“
”اها شادي ڪامياب نه وئي....“ صبا چيو ته، هن کي جهٽڪو لڳو...“
”ڇا مطلب.....؟“ هن پڇيو:
”هن مونکي طلاق ڏئي ڇڏي هئي شاديءَ جي ٻن سالن کان پوءِ....“
صبا کيس گهر جو رستو به ٻڌائيندي رهي، هن گاڏي سندس گهر آڏو اچي بيهاري، هن دروازو کوليو ته رضا چوڻ لڳو:
”آئي ايم سوري ٽو هيئر دِس (مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو...)“
”ڊراپ ڪرڻ لاءِ مهرباني...“
هوءَ ڪار مان لٿي.
”هينئر ته آئون تڪڙو آهيان... سڀاڻي شام جو گهر ايندس ۽ امان بابا سان به ملندس...“
”صرف امان سان مِلي سگهندا... بابا جي هڪ سال اڳ وفات ٿي وئي....“
”اوهه آئون ايندس سڀاڻي...“
ڪمري ۾ اونداهه ڇانيل هئي، صبا پنهنجي بيڊ جي سيراندي کي ٽيڪ ڏئي، ويٺل هئي، لڙڪ سندس اکين مان لارون ڪري وهندا رهيا. ان مهل ياسمين سندس ڪمري جو در کولي اندر داخل ٿي ۽ هن ڪمري جي لائٽ آن ڪندي کلندي چيو ”اوه محترمه! هوش ۾ آهيو يا خوابن جي دنيا ۾؟ صبا پنهنجو مٿو مٿي ڪيو سندس وار وکريل هئا ۽ اکيون بيحد ڳاڙهيون هيون، ياسمين يڪدم سندس پاسي ۾ اچي ويٺي ۽ چيائين ”صبا هي ڇا؟ تون روئين پئي؟ خيريت ته آهي نه؟“ وري ياسمين اٿي ۽ ڪيسٽ پليئر بند ڪيائين ۽ چيائين ”آخر آهي ڇا...؟ ڪمرو ۽ تون، ٻئي اجڙيل ڇو آهيو؟“
”ڪا خاڳالهه ڪانهي... بس ائين... ئي“ صبا سڏڪا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.“ خير... ائين ته ڪونهي تو مون کي اچڻ لاءِ نياپو موڪليو هو، آئون ته ان مهل ئي سمجهي ويس ته ڪا پريشان هوندئي“ ياسمين اڃان پنهنجي ڳالهه پوري ئي مس ڪئي هئي ته ڪمري جو دروازو کليو ۽ امان چانهه جي ٽري کڻي اندر آئي ۽ ٽيبل تي رکيائين، چانهه سان گڏ بسڪيٽ ۽ پڪوڙا به هئا اهو ڏسي ياسمين چيو ”ماسي هي ڇا؟ ايڏو تڪلف؟ آئون ڪا ڌاري ته ڪو نه آهيان“ امان ڪهڙو وري تڪلف... ياسمين! ڌيءَ چڱو جو تون هلي آئين مون کي پاڻ تو سان ڪم هو“ امان چيو ”ها ماسي ٻڌايو ياسمين پڇيو ”ڌي! تون ئي ڪجهه صبا کي سمجهاءِ ڊاڪٽر ٽي چار نياپا موڪليا آهن پر هي منهنجي ڳالهه ئي نٿي ٻڌي اها ته سندس قسمت چڱي آهي جو هڪ دفعو وري سندس گهر ٺهڻ جي واهه نڪتي آهي نه ته اڄڪلهه جي دور ۾ ته ڪيتريون ئي پڙهيل ۽ ننڍيون نيٽيون ويٺيون آهن گهرن ۾ سٺا رشتا ملڻ ڪا سولي ڳالهه ڪانهي ۽ ڊاڪٽر ته وري ڏاڍو شريف ۽ فضيلت وارو ماڻهو آهي“ امان چيو ”ماسي... بس آئون اچي وئي آهيان... هاڻي پاڻهي ٿي ڳالهايانس“ ياسمين صبا ڏانهن ڏسندي چيو. ”بس امان... الله ڪا ساڃهه ڏئيس“ اهو چوندي امان ڪمري کان ٻاهر هلي وئي ياسمين ٽري مان هڪ ڪوپ کڻي صبا کي ڏيندي چيو. ”اچي محترمه هاڻي چانهه ته ڀلا پئيو“ صبا کانئس چانهه جو ڪوپ ورتو ۽ پوءِ سنجيدگي سان چيائين ”ڏس صبا... ماسي ڪيڏي نه پريشان آهي تو لاءِ“، ”هونهه پريشان“ صبا جا اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وري لار ڪري وهڻ لڳا ۽ هن سڏڪندي چيو ”منهنجي زندگي به ته امان بابا جي ضد ئي برباد ڪئي هئي.“ ”اهو سڀ ته ٺيڪ آهي پر هاڻي جيڪو ٿيو سو ته ٿي پر هاڻي اڳتي لاءِ سوچي سمجهي قدم کڻڻو اٿئي ڊاڪٽر ساجد لاءِ ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟“ ياسمين پڇيو؟ ”ڪجهه به نه“ صبا مختصر جواب ڏنو. هوءَ پاڻ تي ڪنٽرول ڪري چڪي هئي، ”ڇو ڇا شاني سان پيار نه اٿئي؟“ ياسمين چيو صبا ڄڻ ڪنهن خواب مان جاڳي پئي ”شاني ته منهنجي جان آهي،“ منهنجي زندگي آهي، ”پوءِ شاني کي رڳو تون ئي سڳي ماءُ جهڙو پيار ڏئي ٿي سگهين هن معصوم جي زندگي جي اهم فيصلي جي ڏور تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي.“ ياسمين کيس سمجهائيندي چيو، ”آئون اها ڳالهه سمجهان ٿي اڄ ساجد صاحب ان ئي سلسلي ۾ مون سان ڳالهائڻ اچي رهيو آهي.“ صبا ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو ”صبا ياسمين“ چيو سچ پچ ته ادا ساجد بهترين انسان آهي ۽ هن کي به شاني جي مستقبل جي ڳڻتي آهي نه ته سندس لاءِ ٻي ڪنهن به ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪانهي هاڻي مهرباني ڪري هن سان اڄ سٺي نموني ڳالهائجان ۽ پوءِ جلدي ڪو فيصلو به ڪري وٺجان“ ”هون“ صبا هلڪي آواز ۾ چيو ”بس؟“ ياسمين کلندي چيو ڳالهه به ايتري هئي نه ان لاءِ ايڏي پريشان هُئين؟ ۽ ايڏو روڄ راڙو“
نه صبا تڪڙ ۾ سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو. ”اها ته ٻي ڳالهه آهي“ ”ڇا مطلب؟ اها وري ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ ياسمين حيران ٿيندي پڇيو. ”ياسمين... هو... هو... اڄ“ صبا اٽڪندي اٽڪندي چيو ۽ ڳالهه ڇڏي ڏني. ”ها... ها صبا ڇا ٿيو اڄ؟“ ياسمين بيچين ٿيندي پڇيو اڄ... ”اڄ رضا مليو هو.“، ”اڄ؟ ڪئين هو؟“ ياسمين پڇيو صبا جي چهري تي غم جا پاڇا گهرا ٿي ويا. هن خلا ۾ گهوريندي بيحد اداس لهجي ۾ چيو. الاهي هوجلدي ۾ هو انڪري گهڻو نه ڳالهائي سگهيا سين پر کيس ڏسي اڄ وري ڄڻ منهنجو ماضي موٽي آيو آهي. ياسمين امان ۽ بابا جي ضد منهنجي زندگي برباد ڪري ڇڏي. هنن مون کي پنهنجي خانداني روايتن تي قربان ڪري ڇڏيو.” ياسمين صبا جو ڏک چڱي طرح ڄاتو ٿي هو نه صرف يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران سندس ڪلاس فيلو هئي پر سندس بيحد پياري ساهيڙي به هئي ۽ هو ٻئي هڪ ٻئي جي ڏکن سکن جو ساٿي پڻ هيون، هن صبا کي چيو صبا ڪجهه ڏوهه ته تنهنجو به هو تون ايڏي تعليم يافته ۽ ماڊرن هئڻ جي باوجود به ٿروي همت ڪري بغاوت نه ڪري سگهئين تون ڪنهن غلط ڪم لاءِ ته بغاوت نه ڪرين ها پر اهو تنهنجو قانوني ۽ شرعي حق هو. رضا ته تو سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ تيار هو همٿ ته تون هاري ويٺئين ۽ رضا سان شادي کان انڪار ڪري پنهنجي اڻ سڌريل مائٽ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئين آخر ڇو؟“
”ياسمين“ صبا ڄڻ ڏکن جي پاتال مان ڳالهائيندي چيو ان وقت آئون مجبور هيس ڇو جو ان مهل منهنجي سامهون صرف منهنجي پنهنجي ذات نه پر منهنجي ننڍي ڀينرن جو مستقبل پڻ هو ۽ انهن جو مستقبل مون سان وابسته هو انڪري منهنجو اهڙو ڪو به فيصلو انهن جون زندگيون تباهه ڪري ٿي سگهيو، توکي ته خبر آهي ته اسان جو ڪو به ڀاءُ نه هو ان ڪري بابا اسان ڀينرن تي گهڻي توجهه ڏني ۽ خانداني رسمون ٽوڙي اسان کي يونيورسٽي تائين پڙهايو ۽ هر قسم جي آزادي به ڏني پوءِ ڀلا آئون ان آزادي جو غلط استعمال ڪيئن ڪريان ها. ”حيرت جي ڳاله آهي، ياسمين چيو تنهنجن مائٽن توهان کي هوئين ته ايڏي آزادي ڏني پوءِ زندگي جي سڀ کان وڏي فيصلي ڪرڻ لاءِ آزادي ڇو نه ڏني؟“ اها ئي ته ڏک جي ڳالهه آهي ياسمين صبا چيو ”ان معاملي ۾ منهنجا مائٽ به روايتي مائٽ بڻجي ويا رضا خاندان کان ٻاهر جو ۽ ٻي ذات جو ماڻهو هو ۽ ان وقت امان بابا جي سامهون رڳو ذات پات ۽ خانداني روايتون هيون ۽ ياسمين جيڪڏهن ان وقت آئون بغات ڪريان ها ته ڏوهي مون کان وڌيڪ منهنجي تعليم ۽ آزادي کي سمجهيو وڃي ها جيڪي بابا خانداني روايتن کي ٽوڙي مون کي ڏنيون هيون ۽ پوءِ منهنجي ڏوهه جي سزا منهنجون ننڍيون ڀوڳين ها ۽ هميشه لاءِ علم ۽ آزادي جهڙين نعمتن کان محروم ٿي وڃن ها. پر پوءِ شادي کان پوءِ جڏهن منهنجي هٿ ۾ طلاق نامون ڏئي معصوم ٻار سميت گهر موٽايو ويو ته امان ۽ بابا جون اکيون کليون ۽ پوءِ هنن خانداني رسم رواج ختم ڪري منهنجي ننڍي ڀينرن جون شاديون خاندان جي اهڙن ڇوڪرن سان ڪرڻ بدران سٺن پڙهيل ۽ خاندان کان ٻاهر جي ڇوڪرن سان ڪيون ۽ اڄ اهي سڀ پنهنجن گهرن ۾ خوش آهن بس انهي ڳالهه جي ئي ته خوشي اٿم ته منهنجي ڏنل قرباني سجائي وئي ۽ منهنجي ڀينرن جا گهر برباد ٿيڻ کان بچي ويا.“
ياسمين خاموشي سان صبا جي ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ کيس سمجهائيندي چيائين ”ڏس صبا! جيڪو ڪجهه به ٿي چڪو آهي، ان کي وسارڻ جي ڪوشش ڪر هاڻي ته رضا جو به مڱڻو ٿي چڪو آهي. سندس مائٽن کيس نيٺ وڏي مشڪل سان مڃائي ورتو نه ته هن ته شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر هاڻي جلد ئي سندس شادي به ٿيڻ واري آهي وقت جي ڦيري هاڻي سوچن جا لاڙا ڦيرايا به آهن، اڳ ۾ مائٽن جو ڪيل غلط فيصلو تون ڀوڳي چڪي آهين پر هان فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي، تون باشعور ۽ تعليم يافته آهين، آئون سمجهان ٿي ته تون ادا ساجد جي حق ۾ فيصلو ڪري سمجهداري جو ثبوت ڏيندئين“ ياسمين ڪيري ئي دير کيس سمجهائيندي رهي ۽ مختلف طريقن سان کيس کلائيندي به رهي ۽ پوءِ صبا جو موڊ به صحيح ٿي ويو ۽ سندس چهري جي رونق ڪجهه ڪجهه موٽي آئي پوءِ کانئس موڪلائڻ وقت کيس وري سمجهائيندي چيائين. ”صبا هاڻي پاڻ کي بلڪل نارمل ڪر ڪجهه ئي دير ۾ ادا ساجد ايندو ان ڪري پاڻ کي ٺيڪ ڪر ۽ سٺي طرح تيار ٿي ويهه ۽ ها ادا ساجد سان سٺي نموني ڳالهائجان آئون وري اينديس ٺيڪ آهي نه“
”ها سائين جيئن سرڪار جو حڪم“ صبا اهو چئي زور سان ٽهڪ ڏنو ته ياسمين کي پنهنجي ڪنن ۾ ڄڻ جلترنگ وڄندي محسوس ٿيو. هن صبا جي مرڪندڙ چهري کي ڏسي بي اختيار چيو“ شل سدائين ائين مرڪندي رهين.“
”ساجد صاحب!... چاءِ وٺو...“ صبا ٽري مان چانهن جو ڪوپ کڻي ڊاڪتر ساجد ڏانهن وڌائيندي چيو. ”مهرباني!“ ساجد کانئس چاءِ جو ڪوپ وٺندي چيو. ”هي بسڪٽ به ته کڻو نه“ صبا بسڪيٽن جي پليٽ به ڏانهس وڌائيندي چيو ته ساجد سندس شڪريو ادا ڪندي پليٽ مان هڪ بسڪيٽ کنيو. ڪجهه دير خاموشي رهي ۽ هو ٻئي سان چاءِ پيئڻ لڳا. ساجد پنهنجي خيالن ۾ گم هو. صبا اڄ پهريون ڀيرو سندس سامهون ايڏي دير ويٺي هئي ۽ ساڻس ڳالهايو هو. ائين کڻي چئجي ته هن پهريون ڀيرو کيس چڱي طرح ڏٺو هو. سندس عمر ڇٽيهه سال هئي ۽ هو سوبر ۽ سٺي سخصيت جو مالڪ هو ۽ سندس اخلاق ۽ سٺي گفتگو پڻ صبا تي سٺو تاثر ڇڏيو هو.
”صبا صاحبه! شانيءَ کي سنڀالي اوهان سچ پچ ته منهنجي ۽ شانيءَ جي مٿان وڏو احسان ڪيو آهي.“ ساجد صبا کي چيو ته صبا ڄڻ پنهنجي خيالن جي دنيا مان نڪري آئي ۽ چيائين:
”ساجد صاحب! احسان وري ڇا جو؟ شانيءَ جي ماءُ منهنجي بيحد پياري ساهيڙي هيئ ۽ پاڙي واري پڻ سندس اوچتي وڇوڙي جو مون کي به ايڏو ئي ڏک پهتو اهي، جيڏو اوهان کي آهي... ۽ شانيءَ جي وجود ته مون کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو آهي. پنهنجي مامتا جي سِڪ شانيءَ جي پيار مان ته پوري ڪندي آهيان“ صبا اهو چوندي اداس ٿي وئي ۽ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين:
”اڄ جيڪڏهن منهنجو جِمي زنده هجي ها ته شانيءَ جيڏو ئي هجي ها.“
”اوهان جي ان جذبي جو قدر ڪندي ئي ته مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته اوهان کي شاديءَ جي دخواست ڏيان.“
ايترو چئي ساجد ڪجهه گهڙين لاءِ ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ ٻيهر ڳالهه جو سلسلو جوڙيائين:
”اوهان کي خبر آهي ته منهنجو سواءِ پنهنجي هڪ شادي شده وڏي ڀيڻ جي ٻيو ڪير به ڪونهي. هوءَ منهنجي ماءُ جيان به اهي، ان ڪري هوءَ مون کي شانيءَ خاطر ٻي شادي ڪرڻ لاءِ ڏاڍو زور رکي رهي آهي. مون کي ته صرف شانيءَ جو خيال آهي نه ته اديءَ ته الاهي ڪيتريون ڇوڪريون ڏسي ورتيون آهن پر...“
”پر...! اهو ته... اوهان چاهيو ٿا ته هڪ طلاق يافته عورت... جيڪا اسان جي سماج ۾ هڪ ٺڪرايل عورت جيان هوندي اهي، ان مٿان احسان ڪريو. ائين نه...!؟“ صبا ڪاوڙ مان هڪدم ڪرسيءَ تان ٿي بيهندي چيو ته ساجد پريشان ٿيندي چيو:
”صبا صاحبه! يقين ڪريو ته مون ڪڏهن ائين سوچيو به ناهي. احسان ته توهان جو منهنجي مٿان ٿيندو جيڪڏهن توهان اسان جو ساٿ قبول ڪندا. آئون ان ڪري به پريشان آهيان ته منهنجو ٽرانسفر ڪراچيءَ ۾ ٿي ويو آهي ۽ هفتي اندر مون کي اتي شفٽ ٿيڻو آهي.“
”ته... ڇا... اوهان هليا ويندا؟ معنيٰ شاني به هليو ويندو؟... نه... نه... هو ته منهنجي زندگي آهي.“ صبا بيچين ٿيندي چيو ۽ ڪرسيءَ تي ساڻي ٿي ڪرڻ واري انداز ۾ ويهي رهي.
”اها ئي ڳالهه آئون توهان کي سمجهائڻ پيو چاهيان“ ساجد ڳنڀير لهجي ۾ چيو.
”شاني به اوهان کان سواءِ رهي نه سگهندو ۽ سڳي ماءُ جهڙو پيار فقط توهان ئي کيس ڏئي سگهو ٿيون ۽ سچ پچ ته اسين ٽيئي هڪٻئي جي ضرورت آهيون. مون کي شانيءَ جي سٺي مستقبل سان گڏوگڏ هڪ سٺي جيون ساٿيءَ جي به ضرورت آهي ۽ هن معاشري ۾ Survive ڪرڻ لاءِ توهان کي به هڪ گهر جي ضرورت آهي ۽ شان يکي اسان ٻنهي جي پيار ۽ توجه جي ضرورت آهي، ان ڪري ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ چڱي طرح سوچي وٺو.“
”مون کي ڪجهه وقت ڏيو سوچڻ لاءِ“ صبا پريشان ٿيندي چيو. ”پوءِ... آئون هلان ٿو“ ساجد اٿندي چيو ته صبا به اٿي بيٺي، تڏهن سجاد ويندي ويندي چيو: ”هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ آئون فون ڪري توهان کان جواب وٺندس. خدا حافظ.!“
”خدا حافظ!“ چوندي هوءَ پوءِ ڪيتري ئي دير تائين سوچن ۾ گم ڊرائنگ روم ۾ ويٺي رهي.
صبا پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ڪتاب پڙهي رهي هئي پر سندس ذهن ڪتاب ۾ محو ٿيڻ بجاءِ مختلف خيالن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. سندس ذهن ۾ بار بار شانيءَ جا سڏڪا ٿي گونجيا ته هن هر هر ڪنڌ ورائي پلنگ تي ستل شانيءَ ڏانهن هاريو پئي ۽ سندس معصوم مُک کي تڪيندي هوءَ بار بار سندس لاءِ سوچي رهي هئي. اڄ شاني اسڪول مان سڌو صبا جي گهر آيو هو ۽ جڏهن آفس مان موٽندي گهر ۾ صبا قدم ئي مس رکيو ته شاني ڊوڙندو کيس چنبڙي ويو ۽ سڏڪندي چوڻ لڳو.
”آنٽي!... آنٽي!... توهان مون کي ڇڏي ته نه ويندا؟“
”ڪير ٿو چوي ته آئون توهان کي ڇڏي ويندس؟“ صبا کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
”آنٽي! پپا چوي ٿو ته اسين هاڻي ڪراچي وينداسين. توهان به اسان سان گڏ هلندا نه؟“
”آئون؟!...“ صبا ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي.
”جيڪڏهن توهان نه هلندا ته آئون به ڪو نه ويندس. آئون هتي توهان وٽ رهندس.“
شاني روئڻ لڳو. هو بيحد حساس ٻار هو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي روئي پوندو هو. صبا کيس وٺي پنهنجي ڪمري ۾ آئي ۽ ڪيتري ئي دير کيس پرچائيندي رهي ۽ کيس ماني کارائي. پوءِ جڏهن هو ٿڪجي سمهي پيو ته هوءَ به هڪ ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳي پر سندس ذهن ۾ هڪ ئي سوال گونجي رهيو هو ته کيس ڪهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي؟... ۽ پوءِ... نيٺ هوءَ هڪ فيصلي تي پهچي وئي ۽ پوءِ مرڪي شانيءَ جي ويجهو آئي ۽ سندس پيشنايءَ کي چميائين ۽ سندس وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيائين.
”منهنجا ٻچڙا! آئون مامتا جو ڇانورو بنجي سدائين تو ساڻ رهندس.“
ڊرائنگ روم جي صفائي ڪري صبا پڙدا سيٽ ڪري رهي هئي ته کيس امان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”صبا!... امان هي ڏس ته ڪير آيو آهي؟!“ صبا ڪنڌ ورائي ڏنو ته سندس سمورو وجود اندران ڄڻ ڌٻي ويو. امان سان گڏ رضا بيٺل هو. صبا حيران ٿي امان ڏانهن ڏسندي سوچيو، ”ڇا هيءَ اها ئي امان اهي جيڪا ڪنهن وقت رضا جو ذڪر به ٻڌڻ پسند نه ڪندي هئي ۽ هن وقت هوءَ ڪيڏي نه بدلجي چڪيآهي!“
”ويهه بابا!... هتي ويهه“ امان رضا کي صوفي تي ويهاريندي چيو ته رضا صبا ڏانهن ڏسندي چيو: ”ها امان! لڳي ٿو ته مون کي پاڻ ئي ويهڻو پوندو. صبا ته ويهڻ لاءِ نه چوندي.“
”آئي ايم سوري! توهان ويهو پليز.“ صبا شرمسار ٿيندي چيو.
”توهان ويهي ڳالهايو آئون چاءِ جو بندوبست ڪريان.“ اهو چوندي امان ڊرائنگ روم مان هلي وئي تڏهن صبا رضا جي سامهون پيل صوفي تي ويهي رهي. سندس دل جي عجيب ڪيفيت هئي. ڪنهن زماني ۾ سندس خوابن جو محور فقط رضا هوندو هو ۽ اڄ جڏهن هو آمهون سامهون هئا ته سندن وچ ۾ سالن جي جدائي هئي.
”ڪيئن آهين صبا؟“ رضا پڇيو ته صبا يادن جي حصار مان نڪري آئي.
”ٺيڪ آهيان، توهان ڪيڏي مهل آيا؟“ صبا چيو ته کيس پنهنجو ئي آواز اونهي کوهه مان ايندي محسوس ٿيو.
”ڪافي دير ٿي وئي آهي.“ رضا چيو. ”اڇا!؟... مون کي ته خبر به نه هئي.“ صبا حيران ٿيندي چيو.
”ها! امان ٻاهر لان ۾ ملي وئي سو ساڻس دعا سلام ڪيم ۽ حال احوال ورتم.“
ايترو چئي رضا ٿورو ترسيو. سندس چهري تي اداس تاثر اڀري آيو ۽ پوءِ وري ڳالهه جي تند جوڙيائين. ”تنهنجيحالتن جي ڄاڻ ملي ۽ بابا ۽ جميءَ جي وڇوڙي بابت خبر پئي. صبا! ڪڏهن سوچيو به نه هو ته زندگيءَ جي ان موڙ تي ٻيهر ملدناسين.“ صبا جي چهري تي ڏک جا بادل ڇانئجي ويا ۽ ٻيئ ماٺ ٿي ويا. سانت کي وري رضا جي آواز ٽوڙيو: ”صبا! هو... لان ۾ راند ڪندڙ ٻارڙو ڪير آهي؟“
”اهو منهنجو جِمي آهي.“ صبا بي اختيار انتهائي پيار مان چيو ته رضا حيران ٿيندي چيو:
”پر... امان ته ٻڌايو ته جمي ته...“
”دراصل هي منهنجي بيحد پياري ساهيڙيءَ جو پٽ آهي پاسي ۾ ئي سندس گهر آهي. منهنجي جميءَ جي گذارڻ وقت شانيءَ جي عمر به ساڳي هئي. سو جميءَ جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي دل وندرائڻ ۽ مامتا جي تسڪين خاطر شانيءَ جي ماءُ هن کي مون وٽ موڪليندي هئي. تڏهن مون کي ڪافي سهارو مليو. پوءِ هو گهڻو وقت مون وٽ رهڻ لڳو. پوءِ گذريل سال هوءَ هڪ روڊ ايڪسيڊينٽ ۾ گذاري وئي ته هي معصوم اڪيلو ٿي ويو، پر جيئن ته مون سان گهڻو هِريل هو ان ڪري مون کيس ڪافي حد تائين سنڀالي ورتو. هاڻي ته مون سان ايڏو هِري ويو آهي، جو اسڪول مان اچڻ کان پوءِ مون وٽ ئي هوندو آهي ۽ رات جو پيءُ کيس گهر وٺي ويندو آهي پر ڪڏهن ته رات جو به نه ويندو اهي ۽ ضد ڪندو آهي ته پاڻ وٽ ئي رهاڻي ڇڏيندي آهيانس ۽ هتان ئي اسڪول موڪليندي آهيان. مون لاءِ ته هو جمي آهي ۽ هن لاءِ آئون سندس ماءُ آهيان.“
”اوهه!... ويچارو معصوم ٻار!... ڪيڏو نه پيارو آهي.“ رضا چيو ته صبا ماحول جي اداسيءَ کي مٽائڻ خاطر رضا کان پڇيو:
”خير!... توهان ٻڌايو ته توهان ڪيئن آهيو؟ ڪجهه پنهنجو حال احوال ڏيو.“
”آئون ٺيڪ آهيان. سالن بعد تنهنجي سامهون آيو آهيان ته ماضيءَ جون دل ۾ سانڍيل ڪيئي شڪايتون ياد اچي ويون آهن.تون هڪدم مون کان ائين پري هلي وئي هئي ڄڻ اجنبي بنجي وئنين فون تي ڳالهائڻ کان انڪار ڪئي. ڪنهن خط جو جواب نه ڏنئي، ملڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيئي... آخر... ڇو؟!“
”رضا!... ڪهڙي منهن سان توهان سان ملان ها؟ يا ڳالهايان ها؟ آئون سدائين ائين سمجهندي هيس ته جهڙي نموني منهنجي گهر وارن مون کي هر قسم جي آزادي ڏني ساڳئي نموني منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اهم فصلي لاءِ به مون کي آزادي هوندي. ان ڪري ئي مون ڪيئي خواب ڏسي ورتا. جيڪڏهن مون کي ٿورو به اهو احساس ٿي وڃي ها ته مون کي پنهنجي زندگيءَ جي ساٿي چونڊڻ جو حق نه ملندو ته يقين ڪر ته محبت جي ميدان ۾ آئون ايڏو اڳتي نه وڌان ها. پر... مون توهان سان پيار ڪري نه فقط پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو پر توهان جي به ڏوهاري بڻس.“
”صبا! تون ته اجايو دل هاري ويٺئين. ٿورو حوصلو ته ڪرين ها. اسان شادي ڪري ڇڏيون ها ته پوءِ وقت سان گڏ سڀڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي ها. مائٽ ڪيترو ناراض رهن ها؟ نيٺ هو به ان فيصلي کي قبول ڪري. وٺن ها.“
”نه رضا! توکي منهنجي مجبوريءَ جي خبر نه هئي آئون ته هڪ اهڙي پکيءَ مثل هيس جنهن جا پَرَ ڪٽي پوءِ کلئي ميدان ۾ ڇڏيو ويو هجي ۽ هو مورک ان کي پنهنجي آزادي مجهندو هجي. هو خوشيءَ سان هر پاسي هلي... ڊوڙي... پر جڏهن هن اڏامڻ چاهيو تڏهن احساس ٿيس ته کانئس اڏامڻ جو حق کسڻ کانپوءِ ئي کيس کليل ميدان ۾ ڇڏيو ويو هو. سندس پَرَ ته ڪٽيل هئا.“ اهو سڀڪجهه چوندي صبا جي اکين مان ڳوڙها لڙي آيا جن کي اگهندي هن وري چيو: ”مون کي معاف ڪري ڇڏيو رضا!... ۽... وساري ڇڏيو ته اسان جي وچ ۾ ڪڏهن ڪو ناتو به هو.“
”صبا! ائين ڪئين ٿو ٿي سگهي!؟ منهنجي لاءِ اهو ناممڪن آهي.“ رضا جذباتي ٿيندي چيو:
”... ۽ هي هاڻي مون سان ايڏو تڪلف ڇو؟ تو ته اڳ ۾ ڪڏهن به مون سان ”توهان“ چئي نه ڳالهايو هو پوءِ هاڻي ائين ڇو؟!“
”رضا! ان وقت ۾ ۽ هن وقت ۾ تمام گهڻو فرق اچي چڪو آهي. هاڻي اسان جو راهون الڳ آهن ۽ وچ ۾ سالن جا فاصلا ۽ جدائي اهن.“ اهو چوندي صبا صوفي تان اٿي بيٺي ته رضا به صوفي تان اٿيو ۽ عين سندس سامهون بيهي سندس اکين ۾ نهاريندي چيو: ”... ۽... جيڪڏهن آئون فاصلا ۽ جدائي ختم ڪرڻ چاهيان ته؟!“
”ڇا مطلب؟!“ صبا حيران ٿي پڇيو.
”تنهنجي حالتن بابت ڄاڻڻ کان پوءِ مون ڪجهه ئي دير اڳ هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي.“
”ڪهڙو فيصلو؟!“
”صبا!“ رضا سندس ڪلهن کي نرميءَ سان پڪڙيندي بيحد ڏکاري لهجي ۾ چيو: ”هڪڙو وقت هو جڏهن اسان زندگيءَ جي سفر ۾ همسفر بنجڻ چاهيو هو پر راهه ۾ رڪاوٽون هيون. پر... هاڻي ته اسان جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ ڪانهي هاڻي ته اسين شادي ڪري ٿا سگهون.“
”ڇا...!؟؟؟!“ صبا جو سڄو وجود ڌُٻي ويو ڄڻ زلزلو اچي ويو هجي: ”هي... هي توهان ڇا پيا چئو؟!“
”ان ۾ ايڏي حيرت جي ڪهري ڳالهه آهي؟“ رضا جي گرفت سندس ڪلهن تي مضبوط ٿيڻ لڳي ته هن وحشت مان پاڻ ڇڏائي پري ٿيندي چيو: ”پر... توهان جو ته مڱڻو ٿي چڪوآهي ۽ هاڻي ته شادي به ٿيڻ واري آهي.“
صبا لرزندي صوفي جو سهارو وٺي ويهي رهي ته رضا سندس آڏو قالين تي گوڏن ڀر ويهندي چيو: ”صبا منهنيج زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪا به ڇوڪري تنهنجي ڪميءَ کي پورو نٿي ڪري سگهي.“
سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هن جذباتي ٿيندي چيو: ”منهنجي حياتيءَ جو خال فقط تون ئي ڀري سگهين ٿي. مون ته شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر جيئن ته آئون پنهنجي ماءُ پيءُ جو هڪ ئي پٽ آهيان ان لاءِ هنن مون کي ايڏو مجبور ڪيو جو ڪجهه وقت اڳ سندن چوڻ ۽ سندن پسند تي ئي اهو مڱڻو ڪيو هو ۽ منهنجي ذري ماتر به جذباتي وابستگي ڪونهي. جيڪڏهن تون منهنجي جيون ۾ هميشه لاءِ ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪرين ته آئون اهو مڱڻو ٽوري سگهان ٿو. مون کي يقين آهي ته منهنجا مائٽ منهنجي خوشيءَ خاطر ائين ڪرڻ کان انڪار نه ڪندا. هوئين به صرف مڱڻو ئي ٿيو آهي... شادي ته ڪانه ٿي آهي.“
”رضا! هي توهان چا پيا چئو؟ اهي رشتا ايڏا عام رواجي ته نه هوندا آهن جو هڪ جهٽڪي سان ٽوڙي ڇڏجن.“
”پر... تو سان به ته ائين ئي ٿيو هو. شادي جهڙو مضبوط ٻڌڻ هڪ جهٽڪي سان ٽٽي سگهي ٿو ته مڱڻو ڇو نٿو ٽٽي سگهي.“ رضا هٺيلي لهجي ۾ چيو ته صبا، جيڪا هاڻي گهڻي حد تائين پاڻ کي سنڀالي چڪي هئي، مضبوط لهجي ۾چيو:
”منهنجو نصيب مون سان، هڪ بي قصور ڇوڪري ڇو منهنجي نصيب جي سزا ڀوڳي، هر ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪردار هوندو اهي ڇا تون پاڻ کي ان شخص سان Compare ڪري سگهين ٿو جنهن مون کي بنا ڏوهه جي طلاق ڏني. شاهه سائينءَ جو هي بيت ته ٻڌو هوندئي.
چڱا ڪن چڱايون، مَٺايون مَٺَن،
سو وڙ سيئي ڪن، جو وڙ جُڙي جن سين.“
پر رضا ته ڄڻ ڪجهه ٻڌي ئي نه رهيو هو. هن پنهنجي هٺ تي قائم رهندي چيو: ”صبا! تون منهنجو مسئلو نٿي سمجهين. صرف تون ئي ته آهين جيڪا مون کي مايوسين جي اونداهه مان ڪڍي سگهين ٿي. تو کان بنا منهنجو جيوَن مڪمل نٿو ٿي سگهي. تون... تون منهنجي اها منزل آهين جنهن جي تلاش ۾ مون ايڏا سال گهاري ڇڏيا.“
صبا نگاهون کڻي رضا ڏانهن ڏٺو ته هوءَ سڄي ساري ڏَڪي وئي، رضا جون اکيون ۽ چهرو بيحد ڳاڙهو هو ۽ هن وقت وري هو کيس ٻارهن سال اڳ وارو ضدي، جذباتي ۽ جنوني رضا لڳو. صبا جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو. هن ٻنهي هٿن سان پنهنجو مٿو پڪڙيندي چيو:
”اف خدايا!... هي سڀ ڇا پيو ٿئي؟ مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان؟!“ رضا کيس تسلي ڏيندي چيو: ”صبا! پليز رليڪس ٿي. پنهنجو پاڻ کي ايڏو پريشان نه ڪر. ٻن ڏينهن کان پوءِ مون کي واپس وڃڻو اهي. ايستائين تون چڱي طرح سوچي وٺ. وڃڻ کان اڳ آئون فون ڪندس. جيڪڏهن تون منهنجو ساٿ قبوليندئين ته آئون گهر پهچي سڀ معاملو ٺيڪ ڪري ڇڏيندس. چڱو! پنهنجو خيال رکجانءِ.“ اهو چوندي رضا اٿي هليو ويو پر صبا کي هر پاسي سندس نگاهون نظر ٿي آيون، جن ۾ حسرتون هيون، آسون ۽ التجائون هيون.
ياسمين جيئن ئي ڪمري جو دروازو کوليو ته ڇرڪي پئي. ڪمري ۾ اونداهه هئي ۽ اونداهي ڪمري ۾ صبا جا سڏڪا گونجي رهيا هئا. ياسمين هڪدم لائٽ کولي ۽ صبا جي ڀرسان ايندي چيائين:
”صبا! هي پنهنجي ڪهڙي، حالت کڻي بنائي اٿئي؟“
”ياسمين! مون کي لڳي ٿو ته آئون چَري ٿي وينديس.“ صبا سڏڪندي چوندي رهي: ”هيءَ زندگي آخر مون کان ايڏا امتحان ڇو ٿي وٺي؟“
”ڇا ٿيو آهي؟“
اهو چوندي ياسمين صبا جي ڀرسان پلنگ تي اچي ويٺي. سندس لڙڪ اگهيائين ۽ سندس پيشانيءَ تان وار هٽائي هڪ پاسي ڪيائين. تڏهن صبا کيس رضا سان ٿيل ملاقات جو سمورو احوال ٻڌايو ته ياسمين به سوچ ۾ ٻڏي وئي. صبا وري کيس چيو:
”ياسمين! تون ئي ٻڌاءِ ته ڪهڙو فيصلو ڪريان؟ هڪ پاسي شاني آهي ته ٻئي پاسي رضا آئون هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهيان. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي واٽ تي هلان؟“
ياسمين کيس غور سان ڏسندي پڇيو:
”هڪ ڳالهه ته ٻڌائي صبا! ڇا تون اڃان به رضا کي ايڏو چاهين ٿين؟“ صبا خلا ۾ گهوريندي چيو: ” رضا سان ته مون پنهنجو پاڻ کان به گهڻو پيار ڪيو آهي. آئون کيس زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي وساري نٿي سگهان. نه ئي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي هن جيتري حيثيت ڏئي ٿي سگهان.“
”پوءِ ڀلا پريشان چو آهين؟ تون رضا جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏ. هاڻي ته ماسيءَ کي به تنهنجي ڪنهن فيصلي تي اعتراض نه ٿيندو.“
”پر... ياسمين! پوءِ هن معصوم ڇوڪريءَ جو ڇا ٿيندو جيڪا رضا جي مڱ آهي. هن جو ڪهڙو ڏوهه آهي. جنهن جي کيس سزا ملي؟ اڳ ۾ مون رضا سان شادي ڪرڻ کان انڪري انڪار ڪيو هو ته منهنجي ننڍي ڀينرن جو مستقبل منهنجي اکين آڏو اچي ويندو هو. هاڻي هوءَ ڇوڪري، جيڪا رضا جي مڱ آهي، جنهن جي نالي جي به مون کي خبر ڪونهي نه ئي، مون کيس ڏٺو آهي، مون کي پنهنجي ڀيڻ جي روپ ۾ نظر اچي رهي آهي. پوءِ آئون هن جي زندگي برباد ڪري پاڻ خوشيون ڪيئن ٿي ماڻي سگهان؟ ٻي ڳالهه ته هاڻي آئون پاڻ کي رضا جي قابل نٿي سمجهان. ٻئي پاسي شانيءَ جي محبت آهي. آئون هن کانسواءِ به رهي نه سگهنديس.“
”پوءِ ڀلا... ادا ساجد جو ساٿ قبوليندئين؟“
”مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي. آئون ته ڄڻ ماضيءَ ۽ مستقبل وچ ۾ منجهي پئي آهيان. هڪ پاسي رضا آهي جيڪو منهنجو حسين ماضي آهي ۽ ڪڏهن مون کيس جيون ۾ همسفر بنائڻ جا خواب ڏٺا هئا. ٻئي پاسي شاني آهي جنهن سان مون پنهنجو مستقبل وابسته ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.“
ياسمين سندس ذهني ڪشمڪش سمجهي رهي هئي، ان ڪري سمجهائيندي چيائين:
”ڏس صبا! هن وقت تون شديد ذهني ۽ جذباتي ڪشمڪش مان گذري رهي آهين. تنهنجي دل ۽ دماغ وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي. فيصلو توکي ئي ڪرڻو اهي ته دل جي ڳالهه مڃجي يا دماغ جي پر جيڪو به فيصلو ڪرين، سوچي سمجهي ڪجانءِ.“ هوءَ پوءِ کيس ڪيتري ئي دير تسلي ڏيندي رهي. هڪ فيصلي ڪرڻ تي همٿائڻ لڳي.
شام جا پاڇا گهرا ٿي رهيا هئا. صبا پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر بيٺل وڻن مان پن ڇڻ جا پيلا پتا ڪرندي ڏسي رهي هئي. هن وقت هوءَ خود به خزان رسيدا لڳي رهي هئي. کيس پيلي رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ۽ سندس ڊگها ڪارا وار وکريل هئا. سندس اندر ان مهل ڏاڍي آند مان متل هئي. هوءَ دري وٽان هٽي ٿورو پرڀرو پيل صوفي تي ويهي رهي. سندس دل ۽ دماغ ۾ جنگ متل هئي ۽ سندس سوچون ڀٽڪي رهيون هيون.
”اف خدايا! اڄ آئون زندگيءَ جي ڪهڙي نه اذيت ناڪ موڙ تي بيٺل آهيان. جڏهن ٻارنهن تيرنهن سال اڳ مون ۽ رضا جيون ساٿي بنجڻ چاهيو هو، ڪاش! ان مهل ڪا رڪاوٽ نه هجي ها. ڪاش! هو هاڻي ٻيهر مون سان نه ملي ها! ڪاش! جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي اهو ائين نه ٿئي ها!...“
اوچتو کيس ڄڻ هوش اچي ويو ۽ هن وري سوچيو. ”مونکي ائين نه سوچڻ گهرجي ڇو ته هاڻي آئون ڏهه ٻارنهن سال اڳ واري جذباتي ڇوڪري ناهيان پر ميچئور عورت آهيان ۽ ماءُ به آهيان ان ڪري ڪو به جذباتي فيصلو نه ڪرڻ گهرجي.“
دل ۽ دماغ جي ان جنگ ۾ دماغ نيٺ ته سوڀ ماڻي ۽ هوءَ هڪ فيصلي تي پهچي وئي. ان مهل ڀرسان سائيڊ ٽيبل تي پيل فون جي گهنٽي وڳي ته سندس دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هن رسيوَر کڻي ”هيلو“ چيو ته ٻئي پاسان ڊاڪٽر ساجد جو آواز آيو.
”صبا صاحبه! آئون ساجد ٿو ڳالهايان. اُميد آهي ته اوهان ڪنهن فيصلي تي پهچي ويون هونديون. مون کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪريو.“ صبا اعتماد سان جواب ڏنو:
”ساجد صاحب! آئون شانيءَ کي زندگيءَ جي تپندڙ صحرا ۾ اڪيلو ڇڏڻ نٿي چاهيان پر مامتا جو ڇانورو بنجي ساڻس گڏ رهڻ ٿي چاهيان.“
”اوهه صبا صاحبه!...“ ساجد جو خوشي ۽ اطمينان ڀريو آواز آيو:
”ان جو مطلب ته اوهان کي اسان جو ساٿ قبول آهي، توهان جو اهو فيصلو شانيءَ جو مستقبل سنواري ڇڏيندو. ٿينڪ يو I am really grateful to you صبا رسيور رکيو ته سندس اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا. هن سوچيو.
”اوهه... رضا! مون کي معاف ڪري ڇڏجان. اسين زندگيءَ ۾ ٻيهر وڇڙي رهيا آهيون. وري منهنجي پيرن ۾ پيل زنجيرن مون کي پنهنجي ذات لاءِ سوچڻ نه ڏنو. وري مون ٻين خاطر پنهنجن ارمانن جو خون ڪيو آهي. آئون توکي وري ڏکوئي رهي آهيان... مون کي معاف ڪجان.“
ان مهل وري ٽيليفون جي گهنٽي لڳي ته هن سڏڪندڙ آواز ۾ ”هيلو“ چيو ٻئي پاسان آواز آيو.
”هيلو!... صبا... آئون رضا پيو ڳالهايان. آئون ٿوري دير ۾ هتان وڃڻ وارو آهيان. پوءِ ٻڌائي ته ڪهڙو فيصلو ڪيئي؟“
صبا جا هٿ ڏڪڻ لڳا. هن ڪو به جواب نه ڏنو. ٻئي پاسان رضا چوندو رهيو.
”صبا!... ٻڌين پئي نه؟... پليز مون کي جواب ڏي... هيلو!... صبا! ٻڌين پئي؟ پليز جواب ڏي، نه...“
صبا ڏڪندڙ آواز ۾ چيو:
”سوري!... رانگ نمبر...“
هن ڏڪندڙ هٿن سان فون رکي ڇڏيو ۽ صوفي تان اٿي دريءَ جي ڀرسان اچي بيٺي لڙڪ سندس اکين مان لارون ڪندا وهندا رهيا. هڪ ڀيرو وري فون جي گهنٽي وڄڻ لڳي پر صبا ٽليفون کڻڻ بجاءِ ”ڀرسان پيل ريڊيو آنڪري ڇڏيو ۽ ٻاهر اونداهه ۾ گهوريندي رهي. سندس لڙڪ وهندا رهيا... فون جي گهنٽي وڄندي رهي ۽ اوچتو ئي ريڊيو تان نشر ٿيندڙ اداس ٻول گهنٽي جي آواز تي ڇانئجي ويا:
”تو وڇوڙي ڇڏيا ڪيئي،
اي زمانا!
هائي زمانا!...“
(ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيل ڊرامو)