ڀيڻ
”هون“
”مون کي سڀني لوڪ داستانن مان سهڻي ميهار جي داستان عجيب لڳندي آهي“
”ڇو“
ڏس نه، هسڻي شادي شده هئي ۽ هڪ شادي شده عورت جو اهڙو ڪردار معاشرتي ۽ شرعي لحاظ سان به غلط آهي.
”چري! هي ته عشق جا اسرار آهن ۽ چون ٿا ته اهي جيڪي به داستانون هيون انهن داستانن جي ماڻهن جو عشق عام ماڻهو وارو عشق ٿورو ئي هو ۽ ڪي ته چون ٿا ته اهو سڀ ڪجهه حڪمِ الاهيءَ سان ٿيو هو. انهيءَ ڪري سهڻي به اهڙي ته بيوس ٿي پئي هئي جو پوءِ کيس شريعت، معاشري ۽ ڪنهن به ڳالهه جي پرواهه نه رهي بقول ڀٽائي:
عقل، مَت، شرمُ ٽيئي نينهن نِهوڙيا،
”آئون اڃا به مطمعين نه تي آهيان.“
”ڀي تون پاڻ سوچ آڌي رات جو وِڄن جي چمڪاٽ، برسات ۽ مئي متي مهراڻ ۾ ڪا عام عورت ته گهڙي ڏيکاري، خدا انهن انسانن جي اندر عشق جي اهڙي باهه ٻاري جو سڀ ڪجهه ڏسندي به انڌا ٿي پيا ۽ انهن جيڪو به ڪجهه به ڪيو اِهو خدا انهن جي تقديرن ۾ لکي ڇڏيو هو. بقول ڀٽائي:
”ڪاري رات، ڪَچو گهڙو اُڻٽيهه اونداهي،
چَنڊ نالو ناههِ ڪو، درياه ڌڙ لائي،
ساهڙ ڪارڻ سُهڻي، آڌي تي آئي،
اِي ڪَم اِلاهي نات ڪُنن ۾ ڪير گهڙي؟“
”اڃان ٻي ڪا دليل؟“
”ها...! مون ڪٿي پڙهيو هو يا ٻڌو هو ته جڏهن خدا کي انسان کي ٺاهڻ جو خيال آيو ته پهريائين تمام انسانن جا روح وجود ۾ آندائين ۽ پوءِ انهن روحن مان ڪن ماڻهن جا روح اتي ئي پاڻ ۾ مليا ۽ اتي هڪ ٻئي کي چاهيو. جيئن ته تڏهن اتي ڪا ذات، پات مذهب يا قومون نه هيون ته انهن جي چاهت انهن سڀني ڳالهين کان آجي ۽ پاڪ هئي ڇو جو اهي روحن جون روحن سان چاهتون هيون، ۽ پوءِ انهن روحن کي انسان جي خاڪي بت ۾ وجهي جڏهن دنيا ۾ موڪليو ويو ته سندن مذهب، ذات پات ۽ قومون قبيلا الڳ ٿي ويا، پر پوءِ دنيا ۾ جڏهن اُهي انسان هڪٻئي سامهون ٿيا ته سندن اندر اها ئي شناسائي، محبت ۽ چاهت جاڳي پئي ۽ کين محسوس ٿيو ته هو هڪ ٻئي کي ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. پوءِ جن جي جذبي ۾ سچائي هئي اُهي عشق جي انهيءَ مقام تي پهچي ويا. جتي ذات، پات، مذهب ۽ معاشرتي قدرون پٺيان رهجي ويون پر اهو ڪم رڳو سچن عاشقن جو ڪم هو عام ماڻهن جو نه. البت چيو ويندو آهي ته اڃان به ڪي انسان دنيا ۾ هڪ ٻئي کي ڳولي لهندا آهن. جن جا روح پاڻ ۾ ملي چڪا آهن. ان ڳالهه جا دليل شاهه سائين جي بيتن ۾ به ملن ٿا جيئن:
نَڪا ڪُن فَيَڪون، هُئي، ٿڪو لِڱُ لَحَمُ،
بنيو هو نه بُتَ ۾، اڃان ڪِي آدَمُ،
مون توهين سين سڱُ، اُها ساڃاءِ سپرين!
”ها! هاڻي آئون قائل ٿي ويس.“
”پَڪ؟“
”پَڪَ“
”۽ مون کي به پڪ آهي ته اسان جا روح به اڳ ملي چڪا آهن ۽ اسان کي به خدا هڪ ٻئي لاءِ پيدا ڪيو اهي. اسان ضرور ملنداسين.“
”يوسف!“
”هون.“
”ڇا ڳالهه آهي منهن ڳاڙهو لڳو پيو اٿئي ڪاوڙ مان؟“
”هن... ڳالهه ئي اهڙي آهي.“
”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”اڄ اوچتو منهنجي ڀيڻ کي ڏٺم سندس ڪلاس فيلو سان گڏ ويٺي هئي.“
”پوءِ؟“
”پوءِ هن ڇوڪري کي وڃي گريبان کان پڪڙي ٻه ٽي جهٽڪا ڏنا مانس ۽ چيومانس ته آئنده وري هن کي منهنجي ڀيڻ سان نه ڏسان.“
”پوءِ هن ڪجهه نه چيو؟“
”چيائين ته هو ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪن ٿا ۽ شادي ڪرڻ چاهين ٿا.“
”اها ته عام ڳالهه آهي ته تنهنجي ڀيڻ به کيس پسند ڪري ٿي ته پوءِ ڀلي شادي ڪن.“
”هوءَ ڪير ٿي ٿئي پسند ۽ ناپسند ڪرڻ واري! اڃان اسان ويٺا آهيون فيصلو ڪرڻ وارا سندس قمت جو.“
”پر... يوسف! تو ته ڪالهه چيو هو ته قسمت جا فيصلا ته خدا آسمان تي ئي ڪري ڇڏيندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هنن جي چاهت به خدا جو فيصلو هجي. تو چيو هو نه...؟“
”اُها ٻي ڳالهه آهي.“
”۽... تو اهو به چيو هو جن جا روح آسمان تي مليل هوندا آهن سي هڪ ٻئي کي ڳولي لهندا آهن جيئن اسين... ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو به ائين هجن...!“
”پر مون کي ڇوڪرين جو ايڏي آزاديءَ سان غير ڇوڪرن سان ملڻ جلڻ ۽ ڳالهائڻ پسند ڪونهي.“
”پر هو... هڪڙي ڪلاس ۾ پڙهن ٿا سو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي؟ ۽... اسين به ته هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، بحث ٿا ڪريون ۽ آئون به ڇوڪري آهيان...“
”اها ٻي ڳالهه آهي.“
”پوءِ هوءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
”هو ڀيڻ جو معاملو آهي. پر... تون اٿي ڪيڏانهن پئي وڃي؟“
”گهر.“
”ڇو؟“
”... ۽ وري تون مون سان ملڻ جي ڪوشش به نه ڪج.“
”ڇو... ڇو؟“
”... ڇو... جو... آئون به ڪنهن جي ڀيڻ آهيان.“