ضرورتِ رشته
(1) 20 ساله، خوبصورت، امريڪن نيشنلٽي رکندڙ، ڪنواري دوشيزه لاءِ رشتو گهرجي. آمريڪا ۾ سيٽل ٿيندڙ توڙي امريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ خواهشمند حضرات خط لکي ڇوڪريءَ جا وڌيڪ ڪوائف ۽ تصوير هيٺين پتي تان گهرائي سگهن ٿا:
مسز فلاڻي... (۽ پوءِ پتو)
(2) ”پي.آئي.اي ۾ملازم 34 ساله نوجوان، فلاڻي فرقي ۽ الاڻي ذات واري کي 30 سالن کان گهٽ، تعليم يافته ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ جو رشتو گهرجي... رابطو ڪريو... (پتو)
(3) ”امريڪن نيشنلٽي هولڊر بزنس مين لاءِ رشتو گهرجي، پاڻ شادي شده اهي، ٽي ٻار آهن، پهرين زلا ۽ بار به گڏ رهندا ڇوڪريءَ جو سيد، تعليم يافته، خوبصورت ۽ غير شادي شده هجڻ ضروري آهي. خط لکو: معرفت...“
(4) ”ڇوڪري يوپي جي (فلاڻي) فرقي جي 35 ساله،پوسٽ گريجوئيٽ، گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ ٽيچر آهي، خوش شڪل آهي. سندس لاءِ ”هم پله“ ڇوڪري جو رشتو گهرجي معرفت: پوسٽ بڪس......“
(5) اسان جي ڌيءَ خوبصورت، 31 ساله، تعليم يافته، ”همه صفت، لاءِ بهترين رشتوڪنواري ڇوڪري جو گهرجي... ڇوڪرِي، ڇوڪري جي مائٽن سان گڏ نه رهندي پر الڳ گهر جي خواهشمند آهي. معرفت:....“
(6) ”اسان جي نياڻي، جنهن جي عمر 22 سال آهي، انگلش ميڊيم ۾ گريجوئيٽ آهي. قد پنج فوٽ ڇهه انچ اٿس. رنگ صاف، تعلق يوپي، رهائش گلشن ۾... سندس لاءِ ڊگهي قد، 26 کان 30 سالن واري ڊاڪٽر، يا انجنيئر، يا سي اي، ايم بي اي، ملٽري ايئر فورس يا سٺي عهدي تي فائز ڇوڪرن جا مائٽ ”رجوع فرمائن“ ايڊريس...“
(7) ”ڌيءَ، (فلاڻي فرقي جي) صوم و صلواة جي پابند، خانه داري ۾ماهر، 27 ساله، ايم.ايس.سي، گجرات بمبئي سان تعلق، تعليم يافته ۽ شريف گهراڻن جا سرپرست يا والدين رابطو قائم ڪن...“
(8) 49 ساله ”ڇوڪرو“، ڪيناڊا جو سٽيزن آهي، هُو ڪنهن ليڊي ڊاڪٽر يا مالدار خود مختيار عورت سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي، رابطوڪريو، پوسٽ بڪس...“
(9) ”اسان کي پنهنجن ٻن پٽن، جن جي عمر 24 سال ۽ 25 سال آهي، گريجوئيٽ آهن، تن لاءِ گرين ڪارڊ هولڊر ڇوڪرين جا رشتا درڪار آهن.
(10) ”26 ساله، ٿورو ٿلهو ڇوڪرو، غير ملڪي پر مسلمان آهي ۽ ميڊيڪل اسٽوڊنٽ آهي ان لاءِ پاڪستاني ڪناوري يا بيوه يا خلع يافته يا طلاق يافته، نوڪري نه ڪندڙ يا گهٽ آمدني واري ليڊي ڊاڪٽر يا فارماسسٽ، يا ڊينٽسٽ جو رشتو گهرجي...“
(11) ”ڇوڪري، ڪنواري، 33 ساله، تعلق يوپي سان، بي ايڊ، گورنمينٽ ٽيچر گريڊ 16 ۾ آهي، سندس ذاتي پلاٽ آهي، امورَ خانه داري ۾ ماهر آهي، ان لاءِ معزز گهراڻي جي ”سرڪاري ملازم“ جو رشتو گهرجي...“
(12) ”اسان کي پنهنجي ڌيءَ جنهن جي عمر 27 سلا آهي، قد پنج فوٽ آهي، تعليم پي.ايڇ.ڊي برٽش نيشنل يونيورسٽي ۾بحيثيت ريسرچ فيلو لاءِ رشتي جي ضرورت آهي...“
(13) ”مقامي ريڪروٽنگ ۽ ٽريول ايجنسيز جي اونر جي 18 ساله، ڪنواري ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ لاءِ فوري رشتو گهرجي. ڇوڪري کي رهائش ۽ ڪاروبار لاءِ پندرهن لکن جي سپورٽ ڪري سگهجي ٿي...“
(14) ”هڪ يتيم، حَسين، 19 ساله دوشيزه، جنهن جو والد صاحب هڪ حادثي ۾ انتقال ڪري ويو آهي، ڇوڪريءَ کي پڻ ان حادثي ۾ دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ويسر جي عادت ٿي وئي آهي. هن جو ڀاءُ ڇوڪريءَ جي يڪدم شادي ڪرڻ ٿو چاهي؛ ڇو ته پاڻ امريڪا پيو وڃي. ڇوڪريءَ جي نالي تي ٽيڪسٽائل مِل اهي ۽ رهائش پڻ آهي. ڇوڪري کي ڪاروبار ۾ اڌ حصو به ڏنو ويندو ۽ کيس ٽيڪسٽائل مل جو انتظام ۽ حساب ڪتاب به سنڀالڻو پوندو...“
(15) ”تلاش آهي هڪ آمريڪن شهريت رکندڙ / گرين ڪارڊ هولڊر، خوبصورت، تعليم يافته دوشيزه جي. هي اشتهار هڪ ڀيڻ پاران پنهنجي ”خوبرو“، ”ڳوري چٽي“ 28 ساله ڀاءُ لاءِ آهي جنهن جي مشهور امريڪن، يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ۾ ماسٽر ڊگري وٺڻ کان پوءِ ڊبل ايم.ايس انڊسٽريل مينيجمينٽ ۾ داخلا آهي ۽ اڄڪلهه مختصر موڪل تي پاڪستان آيل آهي، جنهن لاءِ ”فوري“ رشتو گهرجي...“
”مار!... هتي ته قصو ئي عجيب آهي“...
شهباز خان ايترو پڙهي بيساخته رڙ ڪئي ته ڀيڻس بختاور جيڪا وراندي ۾ ويهي ڪپڙا سبي رهي هئي سا ڊوڙندي وٽس آئي ۽ سهڪندي چيائين:
”ڇا آهي ادا!... خير ته آهي نه...؟“
”اڙي...! ايڪ سي بڙهه ڪر ايڪ آهي...“ شهباز خان بي خيالي ۾ چيو پوءِ اوچتو ئي کيس احساس ٿيو سو يڪدم چيائين:
”ڪجهه ڪونهي ادي!... مڙئي اخبار جون خبرون پڙهي پيو حيرت ۾ پوان... خير آهي... خير آهي“
”اڙي ادا!... تو ته مورڳو هنيون کڻي ڪڍيو هو منهنجو. الائي ڇو ڏڪي ويس... ڪالهه ٻچڙو شهمير به ڪراچي ويل آهي ۽ ويو به آهي ان مُئي ماري... ڇا نالو اٿس اها ڳاڙهي لين... ائي ايرڪنڊيشن بس...؟“
”ڳاڙهي لين نه ادي... بلو لائينز... بلو لائينز...“
شهباز کلندي چيو:
”ائي ها!... اها ئي... ساڳي ڳالهه آهي... اڳ ۾ ته ٻڌو هوسين ته اهي بسون ڏاڍيون سٺيون آهن، آهستي هلن ۽ ڊرائيور ايڏو ڌيان سان هلائين جو مسافرن کي لوڏو به ڪونه اچي، پر هاڻي ته اهي ڇوريون بَسون هر ٻئي ٽئين ڏينهن هڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿيون... بچي شل شهمير پهچي ته سک جو ساهه کڻان...“ بختاور اهو چوندي وري وڃي ورانڊي ۾ سبڻ جي ڪم کي لڳي.
بختاور شهباز خان جي اڪيلي ڀيڻ هئي. خانداني روايتن، جهيڙن ۽ اجائي، وهمي ڳالهين سبب پڻس سندس شادي نه ڪرائي هئي. هينئر ته ويچاري عمر ۾ به الاهي مٿي چڙهي وئي هئي. سندس ته شادي ڪا نه ٿي هئي پر سڄي عمر شهباز خان جي ٻارن کي پاليندي نپائيندي گذري هيس. اصل ساهه هئس شهباز جي ٻارن ۾ بيمارين ۾ ماءُ کان وڌيڪ هن اوجاڳا ڪيا هئا. خدمتون ڪيون هيون. شهباز جا اچر پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ”مومل“ هئي هونئن ته سڀني ٻارن کي هوءَ ڀائيندي هئي پر ”مومل“ ۾ ته اصل ساهه هوس. شهباز خان پنهنجي ٻارن جي پڙهائي خاطر هميشه لاءِ شهر ۾ رهيو هو ۽ بختاور به هنن سان گڏ هئي. شهباز خان جي زال ۽ ڀيڻس بختاور ڳوٺاڻي ڇوڪرين جيان سنڌي پنج درجا پڙهيل هيون.
ايترو عرصو شهر ۾ رهڻ ڪري سندس زال توڙي ڀيڻ ڪپڙي گندي توڙي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ گهڻو ئي ”شهري“ بڻجي ويون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن کان ٻڌل ڪجهه انگريزي لفظ ٻڌي معنيٰ سميت ياد ڪري، اهي به ڳالهائينديون هيون. پوءِ جيڪر صحيح ڳالهائينديون هيون ته خير نه ته هڪ جو ٻيو ڪري وينديون هيون ته ٻارن جا ٽهڪڙا پيا پوندا هئا.
هر شيءِ سان گڏ ”ڇورو“ يا ”ڇوري“ چوڻ بختاور جو تڪيه ڪلام هوندو هو پوءِ اڪثر هوءَ اهڙا جملا ڳالهائيندي نظر ايندي هئي:
”ائي!... مونکي ته ڇورا گوگڙو ڏاڍا ٿا وڻن. ڀائيان جيڪر روز گهرائي کانوان...“
”ائي! اڄ وري هي ڇوريون ڀينديون آهيون آهن. مائي هاڻي ته کائي کائي ڪڪ ٿي پيا آهيون...“
ائين ”ڇوريون پليٽون“، ”ڇوروگلاس“، ”ڇوري ڪرسي ٽيبل ۽ انيڪ شيون ائين نوازبيون هيون شهمير، مهراڻ سرواڻ ۽ مومل پڻ سندس نقل ڪري ”ڇوري چاءِ“، ”ڇورو خط“ وغيره چوندا هئا.
ها... سو ذڪر پئي هليو شهباز خان جو”ضرورتِ رشته“ جي ڪالمن ۾پڙهڻ جو بختاور جي وڃڻکان پوءِ شهباز وري چور نظرن سان هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو۽ وري پڙهڻ لڳو ۽ پوءِ پڙهڻ کان پوءِ سمورن رشتن جي ”خريد“ ۽ ”فروخت“ وارا اشتهار ڳڻڻ لڳو جن جو انگ چاليهن کان مٿي ٿي ويو. انهن کان سواءِ مختلف ”شادي ڪمپنين پاران پڻ ڪجهه اهڙا اشتهار ڏنل هئا:
”ٽيليفون تي فري رجسٽريشن ۽ اعليٰ رشتن لاءِ سهولتون موجود معرفت مسز فلاڻي... ميرج بيورو...“
”مقدس فرض جي ادائگي لاءِ والدين پٽن / ڌيئرن جي معياري ۽ اعليٰ رشتن لاءِ اچن...“
”مار!... ماڻهو ته الائي ڇو دلچسپ ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ايڏا پئسا خرچ ڪري ڪتاب وٺندا آهن... هنن کي ته اخبارن جا اهڙا صفحا پڙهڻ گهرجن... نيون نيون ڪهاڻيون ۽ دلچسپي پڻ ملي ويندن.“
شهباز خان اخبار ويڙهي ٽيبل تي رکي ۽ پوءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو. سندس ذهن ۾ ان وقت انيڪ سوال گونجي رهيا هئا.
ڇا هي رشتن بابت جيڪو ڪجهه لکيل هوندو آهي اهو سچ هوندو آهي؟ ڇا اهي رشتا ٿيندا به آهن؟
ڇا اهو محض ڪاروبار يا ماڻهن کي ڦاسائڻ جو چڪر آهي؟ ڇا مائٽ پنهنجي اولاد کي سوڌي سنواري خوشيءَ سان ”مارڪيٽ“ ۾ رکندا آهن؟
ڇا ان مهل انهن وٽ شرم يا غيرت نالي جي ڪا شيءِ ڪا نه هوندي آهي؟
اوچتو ئي اوچتو، شهباز جي ذهن ۾ هڪ اهڙو خيال آيو هڪ لمحي لاءِ جو کيس پنهنجي پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ بجليءَ جي لهر ڊوڙندي محسوس ٿي هن سوچيو ته:
”جيڪڏهن ڪو وقت اهڙو به اچي وڃي جو اسان جون اخبارون پڻ اهڙن اشتهاري صفحن سان ڪاراٽجي وڃن... نه ته... خدا نه ڪري... الله نه ڪري... اڃا اسان ۾ غيرت آهي.“
”ها! اها غيرت آهي جو ڇوڪرين کي ”بختاور“ وانگر سڄي عمر گهرن ۾ ويهاري فقط ڀائرن جا ٻار پالڻ لاءِ ”آيا“ ڪري رکجي يا وري مومل جهڙي پياري ۽ سٻاجهي ڇوڪرين جا رشتا ڪڏهن انا پرستي، ڪڏهن خانداني جهڳڙن، ڪڏهن ”اسٽئنڊرڊ“ جي هيٺ مٿاهين، ڪڏهن شڪل صورت جو بهانو ته ڪڏهن وري ذات پات جي اجائي فرق جي وهمن سبب سندن عمر ويهي برباد ڪبي آهي!! اندر مان آواز آيس ته شهباز بي اختيار سامهون رڌڻي ۾ ماءُ سان رڌ پچاءُ ۾ هٿ ونڊائيندڙ مومل ڏانهن ڏٺو... هوءَ جيڪا تعليم يافته هئي. سهڻي سٻاجهي سُگهڙ هئي... هن لاءِ پندرهن سالن جي عمر کان وٺي ڪيڏيون مائٽيون آيون هيون، پر ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن سندس زال کي سدائين اعتراض هوندو هو ”نه نه!... ٻي ذات ۾ ته ڇوڪريءَ کي پرڻائڻ جو ته سوچي به نٿو سگهجي...“
”ڇوڪروته شڪل جو سٺو ئي ڪونهي... اسان جي نياڻي ته مومل آهي!
”باقي ته سڀ ٺيڪ آهي پر ڇوڪري وٽ نوڪري ته وڏي هئڻ گهرجي.
”نه نه!... مائي ڇوڪرو گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ”اسٽئنڊرد“ جهڙي خاندان جو ته هجي... نه ته ماڻهو ڇا چوندا...؟“
... ۽ ائين مومل پندرهن کان اٺاويهه سالن کي پهچي وئي. ڪيترائي سڱ ٺڪرايا ويا. خاندان وارن سان مختلف جهڳڙن ۽ اجائي اناپرستي ڪري هو اڳ ۾ ئي راضي نه هئا ۽ پوءِ نيٺ هڪ وقت اهڙو به آيو جو رشتا اچڻ ئي بند ٿي ويا... پوءِ ته ڪجهه وقت کان پوءِ شهباز خان ۽ سندس زال کي اچي فڪرن ورايو هو ۽ کين پنهنجي ڪيترين ئي غلطين جو پڻ احساس ٿيو هو.
... ٻن ٽن سالن جي وقفي کان پوءِ وري هڪ ڇوڪري پاران پيغام آيو هو... باقي ته سڀ ڳالهيون ٺيڪ هيون پر ڇوڪرو ٻي ذات جو هو. اتي وري شهباز سوچ ۾ پئجي ويو هو ۽ سندس زال ذات تي ڪو به اعتراض نه ڪيو هو بس ماٺ ٿي وئي هئي. سڀاڻي ڇوڪري جا مائٽ آخري جواب وٺڻ لاءِ اچڻا هئا...
هينئر شهباز خان سوچ ۾ پئجي ويو هو. الائي ڇو اخبار ۾ رشتن جي ”وڪامجڻ“ جا اشتهار پڙهي سندس اندر ڄڻ زلزلو اچي ويو هو... کيس الائي ڇو ائين محسوس ٿي رهيو هو ته انهن بيشمار اشتهارن جي وچ ۾ هڪ اشتهار ٻيو به هو:
”اسان جي ڌيءَ مومل، خوبصورت، تعليم يافته...“
”نه نه... موليٰ نه ڪري... رب نه ڪري“... شهباز سڄو سارو ڏڪي ويو هو.
... ۽ پوءِ شام جوهو سندس زال ۽ ڀيڻ سان گڏجي مومل لاءِ آيل سڱ بابت ڳالهائي رهيا هئا.
”سچ پچ ته هاڻي مونکي ته ذات تي به اعتراض ڪونهي...“ شهباز جي زال اهو چئي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو هو.
”آئون خود انهيءَ سوچ جو آهيان پر شهمير ماءُ سچ ته رڳو ماڻهن جي ڳالهين ٺاهڻ جو ڊپ ٿئي ٿو. ان ڪري اسان جهڙا ماڻهو ان وقت جو انتظار ڪندا آهن، ته اسان جهڙن ماڻهن مان اهڙو وڏو قدم پهريائين ٻيو ڪير کڻي، ته اسان به ان ٺهيل نئين گس تي هلون پر پاڻ اهو ”پهريون“ قدم کڻڻ کان ڊڄون ٿا ان ڪري نه، جو اسين ان ڪم کي غلط ٿا سمجهون پر اسين ڊنل انسان آهيون... خوف ٿا کائون...“
”واهه ادا!... اسان جهڙا ماڻهو عام ناسانن کان ته خوف ٿا کائين ۽ سندن غلط ۽ اجاين ڪوڙين رسمن کي ته چهٽا پيا هوندا آهيون باقي الله کان خوف نه کائيندا آهيون ۽ الله جي قانونن ۽ شريعت جي ڀڃڪڙي ڪندي ذرو به نه هٻڪندا آهيون“... بختاور چيو هو.
شهباز خان کي ان مهل بختاور جون اکيون ڪنهن صحرا جيان لڳي رهيون هيون، جنهن ۾ سرابن پٺيان ڀٽڪندڙ سندس سڄي عمر جا خواب ساڻا ٿي مري سندس اکين ۾ رهجي ويا هئا... ۽ پوءِ هن پوري اعتماد سان سڀني گهر وارن سان گڏجي شهمير، مهراڻ ۽ سرواڻ کي مضبوط سهارو بڻائي ٻئي ڏينهن مومل جو سڱ منظور ڪيو هو... گهر ۾ هر پاسي سَرهائي پکڙجي وئي... سڀ پڌريءَ جي رسم پوري ڪرڻ ۾ لڳي ويا... بختاور ته ڪڏهن مومل تان صدقو پئي ٿي، ته ڪڏهن وري هي رڙيون ڪندي نظر ٿي آئي:
”ائي مون ڇوريون سوپاريون الائي ڪٿي رکيون هاڻي ته ڏسان ئي ڪو نه ٿي...“
۽ ”ڇورين سوپارين“ تي گهڙي گهڙي سڀني ٽهڪڙا ٿي گونجيا.