ڪھاڻيون

واجهائيندي ورهه ٿيا

شگفته شاهه نئين ليکڪا ناهي، ڪافي عرصي کان لکندي پئي اچي. شگفته شاهه سنڌ جي هڪ حساس شاعره آهي جنھن جو هڪ ناول پُڻ لکيل آهي جيڪو شايع ٿي چُڪو آهي. شگفته شاهه، گهرو جهيڙا، شادي جا مسئلا، ڏاج وغيره مطلب ته عورت جي گهر، ڏُک سُک، جيوَن جي هرپھلو تي لکيو آهي. عورت جي حساس جذبن کي چڱي طرح اُجاگر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2628
  • 741
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شگفته شاهه
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book واجهائيندي ورهه ٿيا

فتح

رابيل ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ ۾ داخل ٿي ته ڪا مناسب سيٽ ڳولي ويهڻ لاءِ نظرون گهمائڻ لڳي ته اوچتو آيا مهروءَ تي نظر پيس، جنهن جي ڀرواري سيٽ خالي هئي. هوءَ تيزيءَ سان ڪوچ جي ان آخري حصي ۾ موجود سيٽ ڏانهن وڌي.
”آپا مهرو!“ هن چيو.
”هان!“ آپا مهرو، جيڪا اخبار پڙهڻ ۾ محو هئي، تنهن رابيل جي سڏ تي اخبار تان نظرون هٽائي نظر جي عينڪ جي ٿلهن شيشن مان رابيل ڏانهن نهاريو.
”اسلام عليڪم!“ رابيل چيو.
”وعليڪم اسلام تون ته شايد...“
”آپا، آئون رابيل آهيان.“
”اوهه! ها رابيل! ڪهڙا حال آهن؟ ويهه ويهه هتي.“ آپا مهرو ڀر واري خالي سيٽ ڏانهن اشاروڪيو ته رابيل سيٽ تي ويهي رهي.
”آپا! ايترن سالن کان پوءِ اوهان سان اڄ اوچتو ملي سچ پچ ته ڏاڍي خوسي پيئي ٿئي.“ رابيل جي خوشي سندس ٻهڪندڙ چهري مان ظاهر ٿي رهي هئي.
ڪوچ جو دروازو لاڪ ڪيو ويو ته آهستي آهستي ڪوچ هلڻ لڳي. آپا مهرو سندس ڀر ۾ ڪوچ جي شيشي مٿان لڳل پردو ٿورو هٽايو ۽ ان مان ٻاهر ڏسڻ لڳي، ايستائين جو جڏهن ڪوچ نوابشاهه شهر جون حدون پويان ڇڏي نيشنل هاءِ وري تي ڊوڙڻ لڳي ته آپا مهرو شيشي مٿان پردو ڏيئي ڪجهه دير چپ رهي ۽ پوءِ رابيل کي چيائين:
”رابيل! تون نوابشاهه ۾ اڄ ڪيئن؟“
”آپا! سحر کي نوابشاهه جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ائڊميشن ملي آهي، سو اڄ پهريون ڀيرو آئي هئي، ان ڪري منهنجي دل چيو تهآئون پاڻ کيس پهريون ڀيرو هاسٽل ڇڏي اچان. خوابن جي منزلن ڏانهن ويندڙ مسافرن کي سندن پهرين اسٽيسن تان دُعائن جي سواريءَ ۾ چاڙهي پنهنجن هٿن سان ته موڪل گهرجي نه.“ رابيل چيو ته سندس اکين ۾ هلڪو پاڻيءَ جو پردو نظر آيو.
”اوهه! ته تنهنجي ننڍي ڀيڻ سحر ميڊيڪل ڪاليج ۾ پهچي ويئي. ويري گڊ! رابيل! تون وڏي حوصلي واري ڇوڪري آهين. تو پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي بهتر مستقبل لاءِ وڏي جااکوڙ ڪئي آهي. ڀلا تنهنجن ٻنهي ڀائرن جو ڇا ٿيو؟“
”وڏو ڀاءُ بئنڪ ۾ مئنيجر آهي ۽ شهزاد انٽر سائنس جو امتحان ڏيڻ وارو آهي.“
”۽ تنهنجي پڙهائي ڪيستائين پهتي؟“
”آپا، مان زولاجي ۾ ايم.ايس.سي. ڪرڻ کان پوءِ في الحال ته هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ جاب جوائن ڪئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ليڪچررشپ لاءِ فارم پڻ ڀريو اٿم، الله مالڪ آهي.“
”تمام سٺو“
آپا مهرو ايترو ڳالهائي وري اخبار پڙهڻ شروع ڪئي. رابيل سيٽ جي بيڪ تي مٿو رکي، اکيون بند ڪري پنهنجي بدن کي ڪجهه ڍرو ڪري ڇڏيو ته ڄن ٿڪاوٽ ۾ ڪجهه آرام ملي پيس. سندس ذهن پوئتي ورڻ لڳو.
آپا مهرو، جنهن جو پورو نالو مهرالنساءِ هو، ڪاليج جي زماني ۾ کين باٽني پڙهائيندي هئي. ان وقت هن جي عمر چاليهن کان مٿي هوندي. هوءَ بنهه عام نقشن واري، رنگ جي سانوري ۽ ڪجهه ٿولهه ڏانهن مائل هئي. ٿلهي عينڪ جي شيشن پويان نظر اندر سندس ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون هر قسم جي جذبي کان عاري نظر اينديون هيون. هوءَ بي انتها بدمزاج هوندي هئي ۽ پنهنجن شاگردياڻين سان بيحد سختيءَ سان پيش اچڻ ڪري انهن ۾ انتهائي غير مقبول هوندي هئي. هوءَ جڏهن ڪاوڙ ۾ ايندي هئي ته پوءِ ڀلي استاد هجن يا شاگرد، پٽيوالا هجن يا ڪو ٻيو، سندس زبان جي تيرن کان پاڻ بچائي نه سگهندا هئا پر پوءِ به سڀني کي خبر هيئ ته هن تمام سخت ۽ اڪيلائيءَ جي زندگي گذاري هئي. سندس ماءُ پيءُ هڪ ئي وقت روڊ ايڪسيڊنٽ جي ڪري گذاري ويا هئا، ته ان وقت گهر ۾ هوءَ ئي سمجهه ڀري هئي ۽ سندس ٽي ڀائر اڃان ڪافي ننڍا هئا، ان ڪري هن سخت محنت ۽ جدوجهد سان نه رڳو پڙهائي جاري رکي پر ننڍن ڀائرن جي پرورش پڻ ڪيائين. هن ان سموري جدوجهد ۾ ڇا ڪجهه ڀوڳيو هو، ساڻس ڪهڙا حالات پيش آيا، اهي سڀ ڄاڻندا هئا، ان ڪري ئي سڀ سندس بدمزاجيءَ جي باوجود، همٿ ۽ جاکوڙ ڪري سندس عزت به ڪندا هئا. هوءَ حد درجي جي خوددار ۽ ضدي پڻ هئي. ڀائرن کي پڙهائي لکائي، پنهنجن پيرن تي بيهاريائين ۽ سندن گهر آباد ڪرايائين. جڏهن اهي سندس مدد ڪرڻ ۽ سندس سهارو بنجڻ جي قابل ٿيا ۽ کيس پان وٽ رهائڻ چاهيائون، پر هن انڪار ڪيو. هن شادي به ڪا نه ڪئي. ائين سخت زندگيءَ ۽ اڪيلائيءَ سندس مزاج ۾ پڻ سختي ڀري ڇڏي هئي. کيس درگذر ڪرڻ جي باوجود گهڻا ماڻهو سندس زبان جي ڪاٽ ۽ بدمزاجيءَ جي ڪري کيس ناپسند ڪندا هئا.
هڪ ڀيري، فري پيريئڊ ۾، جڏهن رابيل ڪاريڊور ۾ پيل بينچ تي ويهي ڪجهه لکڻ ۾ مصروف هئي ته آپا مهرو ن سندس اڳيان لنگهي هئي. هوءَ پنهنجي ئي ڌيان ۾ ويٺل هئي، ان ڪري کيس خبر نه پيئي ته هوءَ سندس اڳيان گذري وئي هئي، جو اوچتو ئي آپا مهرو موٽي آئي ۽ کيس تيز لهجي ۾ مخاطب ڪندي چيائين:
”اسٽينڊ اپ!“
رابيل جي هٿ مان جرنل هيٺ ڪري پيو ۽ هوءَ بلڪل پريشان ٿي ويئي.
”جي! ميڊم!“ هن اٿندي ڏڪندي ڏڪندي چيو.

”اوهان کي ايترو احساس به هاڻي نه رهيو آهي ته استاد جو وڌيڪ نه سهي پر ڪجهه ته احترام ڪجي. هاڻي اوهان استاد جي لاءِ احترام ۾ اٿي بيهڻ به پسند نٿيون ڪريو! حد ٿي وئي آهي! اسان به ته اوهان جيتريون هونديون هيوسين. اسان نه فقط انهن استادن جو احترام ڪنديون هيوسين جيڪي اسان کي پڙهائيندا هئا، پر جيڪي نه پڙهائيندا هئا انهن کي به پري کان ايندي ڏسي اصل اٿي بيهنديون هيوسين، پوءِ چون ٿا ته اڄڪلهه استاد ٻارن کي سٺي طرح نٿا پڙهائين. اڙي! شاگرد به سندن عزت ته ڪري ته پوءِ ئي سندن به دل چوي نه. پر اڄڪلهه جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ته پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن؟ استاد ته سندن جهڙا نوڪر هجن. عزت ڪرڻ ته ڄاڻن ئي ڪو نه.“
”آپا! مون کي خبر نه پيئي ته اوهان وڃو پيا.“
”فيشن جي، گهمڻ جي، فلمن ۽ ٽي وي ڊرامن جي خبر پوي ٿي، باقي ٻي ڪنهن ڳالهه جي خبر نٿي پوي. شرم نٿو اچي اوهان ڇوڪرين کي! ٻڏي مرو.“ آپا مهرو اڃان به الائي ڇا ڪجهه چوندي رواني ٿي ويئي.
”هونهه! شاگرد عزت نٿا ڪن، ڪيئن ڪندا؟ عزت ڪبي ڪانهي، پر ڪرائبي آهي. استاد به گهٽ ۾ گهٽ سٺي زبان ته استعمال ڪري. استاد ائين ڳالهائيندا ته شاگرد به اهوئي ڪجهه سکندا نه!“ ڪا شاگردياڻي، جيڪا آپا مهروءَ کان اڳي ئي سڙي ويٺي هئي، اهو چوندي گذري ويئي ۽ رابيل جيڪا اڳي ئي بدحواس ٿي چڪي هئي، پنهنجا ڪتاب ۽ پَٽ تي پيل جرنل کڻي بينچ تي ٻيهر ويهي رهي ۽ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر بي عزتيءَ جي احساس ڪري سندس دل ڀرجي آئي. هوءَ لڙڪ اکين ۾ روڪي ڪم ڪرڻ لڳي. ان ڏينهن کيس آپا مهرو زهر سمان لڳي هئي ۽ هن دل ۾ سوچيو هو ته ”جيڪڏهن هن ڏکن سان ڀريل زندگي گذاري آهي ته ان جو مطلب هو به ڪونهي ته هوءَ انهن ڏکن ۽ محرومين جو حساب هر ماڻهو کان وٺندي رهي.“
انهن ئي ڏينهن ۾ رابيل جي زندگيءَ ۾ به ڪي اهڙيون تبديليون آيون جو هوءَ صفا پريشان ٿي ويئي. سندس سڄي گهر جو چرخو سندس پيءُ جي ڪمائيءَتي هلي رهيو هو، جيڪو سٺي پوسٽ تي هو، جو اوچتو هڪ ڏينهن آفيس ۾ ڪم ڪندي کيس دل جو دورو پيو. دل جي دوري مان ته هو بچي ويو هو پر پوءِ اهو ايڏو بيمار ۽ بددل ٿي ويو جو وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيائين. ان مهل هن کانسواءِ ٻيو ڪير به گهر سنڀالڻ جي قابل نه هو. رابيل کان وڏو هڪ ڀاءُ هو جيڪو ايم. ڪام ڪري رهيو هو ۽ رابيل پاڻ اڃان ڪاليج ۾ پڙهي رهي هئي. ٻه ننڍا ڀاءُ ڀيڻ اڃان اسڪول ۾ پڙهي رهيا هئا ته سندن پيءُ جي بيماريءَ ۽ رٽائرمينٽ ڪري گهر جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. سندس ماءُ زيور وڪڻي، گهر جون ضرورتون پوريون ڪري رهي هئي. رابيل گهر جي حالتن ڪري ايڏي ته پريشان ٿي جو نه ته پڙهائيءَ ڏانهن توجهه ڏئي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن کان مدد وٺي ٿي سگهي. ائين آهستي آهستي هوءَ صفا خاموش رهڻ لڳي ۽ پنهنجي ساهيڙين کان پڻ پري رهڻ لڳي ۽ جڏهن به کيس فري پيريئڊ ملندو هو يا رسيس ٿيندي هئ ته هوءَ لائبرري هلي ويندي هئي ۽ ڪتابن جي انبار ۾ هوءَ به ڪو ڪتاب کولي زوري ڌيان ان ڏانهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. پر اڪثر کيس ناڪامي ٿيندي هئي. هڪ دفعي جڏهن لئبرريءَ جي ڪنڊ واري پاسي ٻيو ڪير به نه هو، هوءَ هڪ ڪتاب کولي ڪاپيءَ تي نوٽس وٺي رهي هئي ته اوچتو ئي وري سندس دل ڀرجي آئي ۽ هوءَ ڪتاب ۽ ڪاپي بند ڪري ٻيئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهي ۽ باوجود روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي به لڙڪ سندس اکين مان لڙي آيا ته آپا مهرو جيڪا ڪجهه پرڀرو ڪتابن جي ريڪ وٽ بيٺل هئي ۽ ڪجهه دير کان يڪو سندس حرڪتون ڏسندي رهي هئي، هن وٽ آئي هئي ۽ چيائين:
”ڇوڪري! آخر تو سان مسئلو ڇا آهي؟“
بس، آپا مهروءَ جو ايترو ئي چوڻ هو ته هوءَ اصل اڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. آپا مهرو، جيڪا بدمزاج ۽ چڙ چڙي هئي، اها ئي آپا مهرو ان وقت بلڪل بدلجي ويئي. هن کيس ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو:
”رليڪس! پٽ! ائين ڪبو آهي ڇا، ايڏي وڏي ڇوڪري ائين روئيندي آهي ڇا؟ مونکي ٻڌاءِ، ڇا ٿيو آهي؟“ تڏهن ربالي کيس سموري ڳالهه ٻڌائي هئي.
”پريشانيءَ جي ڳالهه ضرور آهي، پر رابيل! بابا! جيڪڏهن ائين دل لاهي ويهندينءَ ته پوءِ مسئلا ڪيئن جل ٿيندا؟ توکيته خوش ٿيڻ گهرجي ته الله سائين تنهنجي پيءُ کي نئين حياتي بخشي آهي. ڀلي جيڪڏهن هو ڪمائي ڪرڻ جهڙو ناهي رهيو، پر پوءِ به اوهان لاءِ ڏڍ ته آهي، ڇپر ڇانوَ ته آهي. ماءُ پيءُ ٻيو ڪجهه ڪرڻ جي قابل به نه رهن، پر پوءِ به آسرو ته هوندا آهن. اولاد لاءِ دُعا جو دَرُ هوندا آهن. مون کان پُڇ ته ماءُ پيءُ بنا مون پاڻ کي ڪيڏو اڪيلو ۽ بي سهارا سمجهيو هو. تون ته خوش قسمت آهين ته سندن سايو تنهنجي مٿان آهي ۽ تون چاهين ته تون پنهنجي گهر کي سهارو ڏيئي سگهين ٿي ۽ تون اڪيلي به ڪانه آهين. تو سان گڏ ته تنهنجو وڏو ڀاءُ به اهي. پاڻ کي سنڀال ۽ ائين نه لاهه.“
آپا مهرو پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص سان چيو ته رابيل حيران ٿي کيس ڏٺو ته ڇا اها ساڳي آپا مهرو هئي. اکڙ ۽ جهيڙاڪ!
۽ پوءِ، ان ڏينهن کان پوءِ آپا مهرو ته رابيل لاءِ ڄڻ ڇپر ڇانوَ بنجي ويئي. هن کيس قدم قدم تي حوصلو ڏنو، پيار ڏنو ۽ پڙهائيءَ ۾ پڻ هر قسم جي مدد ڪئي هئي ۽ سڀ کان وڏو احساسن اهو ته هن سندس وڏي ڀاءُ ارشد کي ڪجهه چئو چوا ڪرائي هڪ پرائيويٽ اداري ۾ پارٽ ٽائيم جاب وٺرائي ڏني هئي. پڻ رابيل کي به ٻه ٽي ٽيوشنس وٺرائي ڏنيون. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي گهر جي خرچ ۽ پيءُ جي بيماريءَ جي علاج کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿيا هئا. پر ان دور کان وٺي رابيل جي سڄي شخصيت ۾ ئي ڄڻ تبديلي اچي ويئي هئي. هوءَ حد کان وڌيڪ سنجيده ۽ خاموش هرڻ لڳي هئي. حالتن کيس وقت کان اڳ ئي الاهي وڏو ڪري ڇڏيو هو. هوءَ فري پيريئڊ ۾ گهڻو ڪري لئبرريءَ ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ يا ته ڪورس جي ڪتابن پڙهڻ ۾ لڳل هوندي هئي يا وري ٻيا ڪتاب هٿ ۾ هوندا هئس. انهن ئي ڏينهن کان کيس ادب پڙهڻ جو پڻ چاهه وڌي ويو هو. کيس جڏهن به آپا مهرو ڪتاب پڙهندي ڏسندي هيئ ته چوندي هئي:
”ڇوڪري! ايڏا ڪتاب نه پڙهندي ڪر.اجايو ٿي پنهنجو مٿو خراب ڪرين. هونءَ به ڇوڪريون ڪيڏا به اُٺ ڪتابن جا ڇو نه پڙهي وٺن، کين ڪرڻو تهاهو ئي ٿانو ٻُهاري آهي. مڙس جي خدمت ڪرڻ ۽ ٻار پالڻا آهن ۽ هي ادبي ڪتاب ته مرڳو ئي چَٽ ڪري ڇڏيندءِ.“
”نه آپا! ڪتاب ته شعور ڏيندا آهن، ۽ شعور وري جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندو آهي.“ هوءَ کلي چوندي هئي.
ڪڏهن وري آپا مهرو سندس سنجيدگيءَ ۽ خاموسيءَ تان کيس ٽوڪيندي هئي: ”ڇوڪري! ايڏو خاموش ۽ سنجيده نه رهندي ڪر، نه ته چَري ٿي پوندينءِ. اسان کي ڏس. ايڏو ڪجهه سَٺو آهي، پر پوءِ به کلون ٿا، ڳالهايون ٿا ۽ تو ايڏي ننڍي عمر ۾ ئي پاڻ کي ائين ڪري ڇڏيو آهي! ڪجهه ڳالهاءِ، ڳالهاءِ، هيءَ خاموشي پاڳل ڪري ڇڏيندءِ.“
ائين وقت گذرندو ويو. رابيل ڪاليج ڇڏي يونيورسٽي پهچي ويئي، پر پوءِ به هوءَ آپا مهروءَ سان ملڻ ڪاليج ضرور ويندي هئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ رابيل کي خبر پيئي ته آپا مهرو پنهنجو ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي هلي ويئي هئي. ان کان پوءِ سندس ملاقات سالن تائين هن سان نه ٿي سگهي هئي ۽ هينئر کيس هوءَ اوچتو ڪوچ ۾ ملي هئي. کيس احساس ئي نه ٿيو ته ڪيترو وقت گذري ويو! ڪوچ تيزيءَ سان حيدرآباد ڏانهن ڊوڙي رهي هئي.
”رابيل! ڪافي پيئندينءَ؟“ اوچتو آپا مهروءَ کيس مخاطب ڪيو ته هوءَ پنهنجن پُورن مان نڪري آئي ۽ هاڪار ڪيائين ته آپا مهرو ٿرماس مان ڪافي ڪڍي هڪ مگ کيس ڏنو ۽ ٻئي ۾ پاڻ پيئڻ لڳي.
”آپا، اوهان جو نوابشاهه اچڻ ڪيئن ٿيو؟“ رابيل پڇيو.
”اسان جا ڪي پري جا مائٽ هتي رهن ٿا،سو انهن جي هڪ شاديءَ جي دعوت اٽينڊ ڪرڻ آئي هيس ۽ هاڻي حيدرآباد ۾ پنهنجي هڪ پراڻي ڪليگ ڏانهن پيئي وڃان. رات اتي ترسندس ۽ صبح جو ڪراچي هلي وينديس.“
”آپا، اوهان ته حيدرآباد ۾ سيٽ هئا، پوءِ اوچتو ڪراچي ڇو ويا؟“
”بسِ رابيل! اڪيلائي عذاب بنجي ويئي هئي. ڀائرن ۽ ڀاڄاين جي در تي وڃڻ مون کي سٺو نه لڳو، سو ڪراچيءَ ۾ منهنجي هڪ تمام پياري ۽ پراڻي وقت کان ساٿ ڏيندڙ ساهيڙي رهي ٿي. سندس گهر وارو گذارو ويو ته هوءَ اڪيلي ٿي ويئي. هڪ پٽ اٿس، جيڪو انگريزياڻي پرڻجي ولايت وسائي وڃي ويهي رهيو، سو آئون هن وٽ هلي ويس ۽ اتي اسان ٻنهي گڏجي ريڊي ميڊ گارمينٽس جو دڪان کوليو آهي. ائين هڪ پاسي اسين ٻئي هڪٻئي جي اڪيلائيءَ جو سهارو بنجي پياسين ته ٻئي اپسي جيئڻ جو آسرو پڻ ڪري ورتوسون. ڪنهن جا محتاج ته ڪو نه آهيون.“
”آپا! سچ پچ ته اوهان وڏي حوصلي واريون آهيو. آئون پاڻ به جڏهن به همٿ هارڻ لڳندي هيس ته هميشه اوهان جو مثال منهنجي اکين آڏو ايندو هو ته مون کي به حوصلو ملي پوندو هو.“ رابيل چيو ۽ پوءِ هوڪيتري ئي دير ڳالهائينديون رهيون؛ هر موضوع تي، پراڻين ڳالهين تي، ايستائين جو سندن سفر جو ڪافي حصو کٽي چڪو هو ۽ هو حيدرآباد جي ويجهو پهچي ويا هئا ته آپا مهرو کانئس پڇيو:
”ڀلاشادي ڪڏهن ٿي ڪرين؟ ڪو رشتو آيو اٿئي يا نه، نه ته منهنجي نظر ۾ آهن ڪجهه گهر.“
”آپا، منهنجو مڱڻو ٿي چڪو آهي ۽ هو شاديءَ لاءِ پڻ تڪڙ ڪن پيا، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اڃان منهنجي مٿان الاهي ذميواريون آهن. آئون ته مورڳو سوچيان ٿي ته شادي ڪنديس ئي نه.“
”نه، نه! خبردار جو ائين سوچيو اٿئي! ربايل! ڪو به رشتو، ڪو به ماڻهو ڪنهن جو ناهي. جن ڀائرن ۽ ڀيڻ جي لاءِ تون ايڏي قرباني ڏئين پئي، اهي ته اڳتي هلي پنهنجن پنهنجن گهرن جا ٿيندا. پوءِ يا ته سڄي عمر ڀاڄاين جي خدمت ڪندي ۽ انهن جا ٻار پالي گذري ويندءِ يا جيڪڏهن اڪيلي رهئين ته اڪيلائيءَ جو عذاب ماري رکندئي. مون کان پڇ ته اڪيلائي ڇا هوندي آهي.“ آپا مهرو چيو.
”آپا! اوهان پاڻ سوچيو. منهنجو وڏو ڀاءُ شاديءَ وارو آهي.سندس ٻار ٻچا آهن ۽ خرچ گهڻا اٿس، پوءِ به هو اسان کي سپورٽ ڪري پيو. پر اڃان سحر کي ڊاڪٽر بنجڻ لاءِ وقت ۽ خرچ کپي ٿو ۽ شهزاد ته اڃان انٽر به ڪانهي ڪئي. پوءِ آئون شادي ڪري کين ائين ڪيئن ڇڏي هلي وڃان.“
”ڇو، ڇا تنهنجي مڱيندي کي تنهنجي حالتن جي خبر ڪانهي؟“
”آپا! هن کي سڀڪجهه خبر آهي ۽ هن ته اهو به چيو آهي ته شاديءَ کان پوءِ هو به مون سان گڏجي منهنجي ذميوارين ۾ منهنجو هٿ وانڊائيندو پر...“
”پر وَر ڪجهه به ڪونهي، ڇوڪري! ياد رک، گذري ويل وقت موٽي ناهي ايندو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن تنهنجي عمر ۾ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻيا سڀ ڪم ٿيندا رهندا. انشاء الله تنهنجا ننڍا ڀاءُ پنهنجي منزل ماڻيندا. تون شادي کان پوءِ به هنن جو ساٿ ڏئي سگهندينءَ ۽ تنهنجو ڀاءُ ارشد به سمجهه وارو ۽ ذميوار ماڻهو آهي. هو به پنهنجو فرض نڀائي پيو. بس تون شاديءَ لاءِ يڪدم ها ڪر ۽ وڌيڪ دير نه ڪجانءِ ۽ ها! مون کي شاديءَ ۾ نه سڏايئه ته اصل جهيڙو ٿيندو.“
”آپا! ڇا اوهان شاديءَ کي ايڏو ئي ضروري سمجهو ٿا؟“
”بلڪل! ڇو ته اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا، اتي اڪيلي عورت جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. قدمقدم تي آزمائشون آهن، کيس ڪنهن پل به سک نصيب ڪونهي.“ آپا ائين چوندي ڪجهه اداس ٿي ويئي.
”آپا! پوءِ اوهان پاڻ شادي ڇو نه ڪئي؟“ رابيل ڊڄندي ڊڄندي کانئس اهو سوال پڇيو، جيڪو سالن کان سندس ذهن ۾ اٽڪيل هو، پر هوءَ ڪڏهن به ڊپ کان آپا مهروءَ کان پڇي نه سگهي هئي. آپا مهرو پهرين ته ڪجهه دير خاموش رهي. ڪوچ حيدرآباد جي حدن جي ويجهو ٿيندي پئي ويئي. آپا مهرو دريءَ جي مٿان پردو سرڪائي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه دير ٻاهر ڏسندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي رابيل ڏانهن متوجهه ٿي: ”رابيل! مون کي خبر آهي ته آئون انتهائي سادي شڪل جي عورت آهيان. جڏهن آئون نوجوان هيس ته منهنجي لاءِ ڪجهه مائٽيون آيون. جيئن ته گهر ۾ ڪو وڏو نه هو، ان ڪري، ان معاملي ۾ مون کي پاڻ منهن ڏيڻو پيو هو. هڪ ڀيري هڪ مرد مون کي ڏسي مون کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ائين ٿيو ته منهنجي اندر ۾ ڪاشيءِ ڄڻ ڀڄندي ڀُرندي محسوس ٿي! مون کي ائين محسوس ٿيو ته شايد آئون مڪمل عورت ڪو نه آهيان.“ آپا مهرو ايترو چئي چُپ ٿي ويئي ۽ رابيل ڌيان سان سندس ڳالهه ٻڌندي رهي. آپا مهرو وري ڳالهايو: ”رابيل! هي مرد عورت جي روح کي، هن جي نادر کي نه ڏسندا آهن. هنن جي لاءِ عورت فقط رنگ ۽ ورپ حسن ۽ جسم جو نالو آهي. هواهو نه ڏسندا آهن ته هوءَ مامتا به آهي، هوءَ پيار جي طالب ۽ پيار ڏيندڙ هستي به آهي. سو، جڏهن ٻن مردن مون کي ٺڪرايو ته منهنجي عورتپڻي کي الاهي ٺيس پهتي. منهنجي عزت نفس مجروح ڪئي وئي ۽ مون کي محسوس ٿيو ته آئون مڪمل عورت ڪو نه آهيان. پوءِ مون اهو سوچيو ته اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن مون پاڻ کي ايڏو ڪمزور ۽ ضرورت مند محسوس ڪيو جو سهارا ڳولهڻ لڳي هيس. بس پوءِ مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو اهو خول لاهي ڦٽو ڪيو ۽ فيصلو ڪيم ته هاڻي آئون شادي نه ڪنديس.“
”پر آپا! سڀ ماڻهو ته هڪجهڙا ڪو نه هوندا آهن، نڪوئي سڀ مرد عورت جي ظاهري حسن تي ئي مرندڙ هوندا آهن.“ رابيل چيو:
”ها پٽ! مان ڄاڻان ٿي. ٿي سگهي ٿو ته مون کي سٺا ماڻهو ه ملي پون ها ۽ منهنجي شادي به ٿي وڃي ها، پر رابيل! منهنجي دل ان مهل ٽوڙي ويئي ۽ منهنجي عزت نفس انمهل مجروح ڪئيويئي، جنهن وهيءَ ۾ ڇوڪرين جون دليون شيشي کان به وڌيڪ نازڪ هودنيون آهن ۽ سندن خواب انڊلٺ جي رنگن کان به سهڻا هوندا آهن. بس، پوءِ پنهنجي خوابن جي سهڻن رنگنمٿان ڪارنهن ڦرندي ڏٺم ۽ دل جو شيشو چور ٿيل ڏٺم ته آئون ڪمزوريءَ ۽ هيڻائپ جون حدون ٽپي آزاد ٿي ويس. مون پنهنجي عورتپڻي جي نفي ڪئي ۽ پوءِ مون پاڻ کي عورت نه سمجهيو، پر مرد بنجي حالتن کي منهن ڏنو. وقت ۽ حالتن مون کي بدمزاج ۽ چڙ چڙو بنائي ڇڏيو ۽ منهنجو اعتماد ماڻهپي تان عام طرح ۽ مردن کان خاص ڪري کڄي ويو. منهنجي رويي جي ڪري ماڻهو منهنجو نالو ٻُڌندي ئي ڪنن تي هٿ رکندا هئا، پر رابيل! ائين نه ڪريان ها ته هن معاشري ۾ جي نه سگهان ها، ڇو ته هتي ڪمزور ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق کسي قدم قدم تي مشڪلاتون کڙيون ڪيون وينديون آهن.“
”پر آپا! پاڻ کي ايڏو پٿر ته نه بنايو ها. ٿي سگهي ٿو ته ڪو به سٺو ماڻهو اوهان کي اوهان جي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪري وٺا ها.“ رابيل چيو.
”مليو هو هڪ شخص، جنهن ۾ مون کي منهنجي خوبين ۽ خامين سميت قبول ڪرڻ جو حوصلو هو. واقعي هڪ سٺو انسان هو ۽ ان مون کي پروپوز ڪيو هو ۽مون کي خبر هئي ته اهو منهنجي شادي ٿيڻ جو آخري موقعو هو، ڇو جو اهو منهنجي زندگي ۽ عمر جو اهودور هو جنهن کان پوءِ مون جهڙي معمولي شڪل جي عورت لاءِ هونءَ به موقعو نه هوندو آهي.“
”پوءِ؟“ رابيل تجسس مان پڇيو.
”مون کيس انڪار ڪري ڇڏيو. انجي باوجود ته هو منهنجي زندگيءَ ۾ ايندڙ پهريون ۽ آخري مرد هو جيڪو مون کي سٺو لڳو هو.“ آپا مهروءَ ايترو چيو ته ڪوچ هڪڙي جهٽڪي سان بيهي رهي. هو حيدرآباد پهچي چڪا هئا. آپا مهرو ۽ رابيل ڪوچ کان ٻاهر آيون ۽ روڊ ڏانهن وڃڻ لڳيون. رابيل کي اڻ تڻ ٿيڻ لڳي ته هو آپا مهروءَ کان پوري ڳالهه پڇي.
”آپا مهرو! اوهان آخر ڇو انڪار ڪيو ان شخص سان شادي ڪرڻ کان، جنهن کي اوهان خود به چاهيو هو رابيل روڊ جي ڪناري هلندي هلندي پڇيو.
”پنهنجي اندر جي عورت کي، جيڪا مري چڪي هئي يا وري ماري ويئي هئي، هن کي ٻيهر حياتي بخشڻ لاءِ.“
”ڇا مطلب؟“
”رابيل! مون توکي ٻڌايو هو ته جڏهن ٻن مردن هڪ عورت کي گهٽ سمجهي ٺُڪرايو هو ته هن جو عورتپڻو ۽ عزت نفس مجروح ٿيا هئا.“ ايترو چئي آپا مهرو پري کان ايندڙ هڪ رڪشا کي هٿ ڏنو.
”مون ٻڌايو ته مون پنهنجي مٿان هيڻائپ جو خول لاهي ڦٽو ڪيو هو. هاڻي مون وٽ ٻه رستا هئا: يا ته ان شخص سان شادي ڪري وري ٻيهر پنهنجي اندر جي ان عورت کي زنده ڪريان ها جيڪا ڪمزور هئي ۽ کيس ڪنهن مرد جو سهارو کپيو ٿي يا ته ان عورت ي زنده ڪريان، جيڪا پنهنجي ڀرپور عورتپڻي سان نروار ٿئي ها ۽ پاڻ کي اڻپوري عورت سمجهڻ بجاءِ ايڏي ڀرپور ۽ مڪمل عورت سمجهي جو هڪ مرد جي محبت کي ٿڏو هڻي ٺڪرائي سگهي ٿي.“ رڪشا ويجهي ايندي ٿي ويئي.
”رابيل! مون هُن شخص کي ٺڪرائي ان عورت جو بدلو ورتو، جنهن کي ٻن مردن ٺڪرايو هو. سندس انا کي مجروح ڪيو ويو هو.ها، مون جنهن سان محبت ڪئي ان کي ئي ٺڪرايو. ان ڪري جو ائين ڪرڻ سان هڪ عورت مڪمل عورت بنجي ويئي ۽ سندس انا ۽ عزت نفس کيس موٽي ملي. سندس اندر جي مري ويل عورت ٻيهر زنده ٿي ويئي، پر ڪمزوري يا هيڻائپ جي خول ۾ ويڙهيل عورت نه، پر هوءَ هاڻي مڪمل ۽ ڀرپور عورت هئي، جنهن لاءِ ڪنهن مرد کي ٺڪرائڻ ڪا وڏي ڳالهه نه هئي. ها اها ئي هن جي فتح هئي. ها رابيل! محض هڪ عورت جي فتح لاءِ.“ ائين چئي هوءَ رڪشا ۾ ويهي رهي ۽ رابيل ڏانهن هٿ لوڏيندي هوءَ رڪشا جي دونهن ۽ گوڙ سميت آهستي آهستي هن جي نظرن کان غائب ٿيندي ويئي، پر سندس اکين مان لڙيل اهي لڙڪ اتي روڊ تي بيٺي رابيل کي ڪيتري ئي دير اکين آڏا ڦرندا رهيا؛ جيڪي سدائين بي تاثر رهنديون هيون پر ان مهل انهن ۾ اهو تاثر ۽ درد هو، جنهن کي فقط ڪا عورت ئي ڏسي ٿي سگهي ۽ محسوس ڪري ٿي سگهي. رابيل پوءِ آهستي آهستي هلندي پنهنجي ماڳ ڏانهن ويجهي ٿيندي ويئي. هوءَ وڌندي رهي.