سوال
”مون واري مائي ته اڄ ٽن ڏينهن کان پوءِ شڪل ڏيکاري آهي، آئون به موڪلن جا پئسا ڪٽي پگهار ڏيندي سانس.“
ڊاڪٽرياڻي صاحبه پنهنجون نيون ٺهرائي پاتل سونيون چوڙيون کنکنائيندي چيو ته جيئن بار بار اهي نظر اچن.
”اسان جي اديب الاهي ڇو چو آهي؟“
هنن کيس اوچتو مخاطب ڪندي چيو ته هوءَ... جيڪا پري... ڪمري کان ٻاهر ويڪري ورانڊي ۾ نوڪرياڻي کي ڏاڍي تڪليف سان جهڪي فرش تي پوچو هڻندي ڏسي رهي هئي، ڇو ته هوءَ ماءُ بنجڻ واري هئي. سندس چهري تي وکريل درد جون ريکائون ظاهر ڪري رهيون هيون. ته هوءَ سُورَ جون سَٽون سهي رهي هئي... هن پنهنجي اعليٰ تعليم يافته فرينڊز ڏانهن متوجه ٿي، هڪ گهرو ساهه کڻي چيو:
”اسين سڀ سرڪاري ادارن ۾ ڪم ٿيون ڪريون، اسان کي ڪيتريون (Casual) لِيوِز (leaves) ملن ٿيون هڪ سال ۾؟“
”پنجويهه موڪلون“ هنن گڏجي چيو.
”معنيٰ پگهار ڪٽڻ کانسواءِ اسان کي سال ۾ پنجويهه اتفاقي ضرورتن جي پوئواريءَ لاءِ موڪلون ملن ٿيون. تنهن کانسواءِ مهيني ۾ چار ڏينهن يعني آچر جو موڪلون سال ۾ ٻيون عيد براد ۽ قومي ڏينهن وغيره جون. انهن کانسواءِ ميڊيڪل بنيادن تي الڳ موڪلون، عمره حج ڪرڻ جون ان کانسواءِ... جيڪڏهن Casual leaves تي به ڊيلي ويجز (Daily wages) وارو قانون لاڳو ڪري اسان جي پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ته؟“
”اهو ته ظلم ٿيندو“ ڊاڪٽرياڻي يڪدم چيو.
”سالياڻي انڪريمينٽ (increment) يعني هر سال وڌندڙ پگهار روڪي وڃي ته؟“
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي اهو ته اسان جو حق آهي“ ليڪچرر جلدي چيو.
”پوءِ... اسين به گهرن ۾ پورهيو ڪندڙن... خاص طور تي عورتن کي ساڳيا حق ڇو نٿيون ڏيون. هوءَ ويچاري حال کان بيحال آهي. ميٽرنٽي لِيوِ (maternity leave) تي ته نٿي وڃي سگهي پر ٽي ڏينهن موڪل به نٿي ڪري سگهي؟ نوڪر آچر جي ڏينهن به موڪل نه ڪن ته سندن اهي چار موڪلون ته توهان وٽ هونئن به قرض آهن، جيڪي هو گڏي ڪري ٿا سگهن ۽ ... ها... ڇا اسين کين سالياني انڪريمينٽ ڏيندا آهيون؟“
جواب ۾ فقط خاموشي هئي.