مائي مِٺل ۽ زَري
”ماسي! هيءَ نوڪرياڻي آهي يا مريضه؟ عمر ۽ صحت ته ڏسوس. ڪم ته الائي ڇا ڪندي، مورڳو خون نه ڳچيءَ ۾ پوي.“ مون کِلَ روڪيندي چيو.
”امان! هيءَ اوهان جهڙين ڏهن جو مَٽُ آهي. اهي ٻهراڙيءَ جون محنتي عورتون آهن، سندن ظاهري ڏيک تي نه وڃو اوهان وانگر ڪو نه آهن، اوهين ته رڳو هوا تي پيون هلو. سگهه لڀي ڪا نه، رڳو ڏسڻ جون آهيون. هيڪاري هن ڊائٽنگ جي شوق ۾ اوهان ڇوڪرين پاڻ کي حال کان ڪڍي ڇڏيو آهي. اسين اوهان جيڏيون هيوسين ته ڇا ته صحت هوندي هئي. ڇا ته چهري جي رونق هوندي هئي، ڇا ته ڊگها گهاٽا سهڻا وار هوندا هئا، اوهين ته هن عمر ۾ ئي افعالن کان نڪري ويون آهيو.“
ماسيءَ معمول جيان پنهنجي پسنديده موضوع تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو ۽ امي به ها ۾ ها ملائڻ شروع ڪئي، ته اتان کسڪڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت نظر آيم. هو چونديون به ته سچ ئي آهن.
پوءِ ڪجهه دير ۾ نيون نوڪرياڻيون سڄي گهر جو موضوع بنجي ويون. شام تائين اها به خبر پئجي ويئي ته هو سنڌ جي هڪ انتهائي، ڏورانهين علائقي مان هن شهر ۾ ڪمائڻ لاءِ آيون هيون، هو جنهن علائقي مان آيون هيون، اتي جا ماڻهو غربت ۽ افلاس ۾ ڪئين گذاري رهيا هئا، ان ڳالهه جو ثبوت هو پاڻ هيون. سندن حالت ازخود هنن جي غربت جو داستان ٻڌائي رهي هئي ۽ هو جديد شهري زندگيءَ کان ڪيترو اڻ واقف هيون ان جي خبر ان ڳالهه مان ٿي پيئي ته، هو سمجهي رهيون هيون ته هي ڪو ٻيو ملڪ آهي يا شايد سندن زبان ۾ علائقي کي ”ملڪ“ سڏبو آهي، انڪري بار بار هو ”اسان جو ملڪ“ ۽ ”اوهان جو ملڪ“ ڇئي رهيون هيون. سندن سنڌي به بنهه ٻهراڙيءَ واري هئي، جنهن جا ڪيترائي لفاظ اسان کي سمجهه ۾ نٿي آيا. ساڳي طرح اسان جو ڳالهائڻ کين سمجهه ۾ نٿي آيو، ۽ هنن جي ليکي ته اسان سنڌي بدران ڪا ٻي زبان ٿي ڳالهائي.
بحرحال ائين ڪجهه ڏينهن تائين هوءَ پوڙهي، جنهن جو نالو مِٺل هو ۽ ان ڇوڪري، جنهن جو پورو نالو ته زرينه هو پر مِٺل کيس زري سڏيندي هئي، ان ڪري اسين سڀئي پڻ کيس زَري چوندا هئاسين. ٻه ٽي ڏينهن ته هڪ ٻئي جي زبان ۽ الفاظن سمجهڻ ۾ ويا، ۽ کين ڪم ڪار جي روٽين جنهن نموني سان اسان جي گهر جو ڪم هلندو هو، اهو نمونو سمجهائيندي گذري ويا. ائين پندرهن ويهه ڏينهن انهن جي ٽريننگ دوران، گهر جي هر هڪ درد کي ڪافي مٿو ماري ڪرڻ پئي.
”مِٺل! ياد رک کير جا ٿانوَ ٻوڙ رڌڻ واري ديڳڙين سان گڏي، نه رکبا آهن. ٻنهي جي ٿانوَن جا الڳ الڳ خانا ٺهيا پيا آهن. هر شيءَ پنهنجي مخصوص جاءِ تي رک.“
”مِٺل! تون ڪم جي دوران رڌڻي ۾ ڏاڍو ڪچرو ٿي ڪرين، ۽ ها، هر رَڌي پڪي کان پوءِ چلهيون صاف ڪرڻ ۽ رڌڻي جي صفائي ڪرڻ ضروري آهي.“
”مِٺل! هي گيهه جو دَٻو هيڏانهن هوڏانهن ڪري ڇو ٿي رکين! ان کي هميشه ان جي جاءِ تي ئي رکندي ڪر، ۽ مانيون پچائي تَئو چلهه تي ڇڏي نه اُٿي ويندي ڪر، تئي کي کڻي اسٽور ۾ ان جي مخصوص اسٽينڊ تي رک.“
”ماني مِٺل! ايڏا ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃا تائين توکي گيس جو چلهو ٻارڻ ڪونهي آيو، جڏهن به چلهو ٻارڻهو هوند اٿئي رڳو رڙيون ڪري، هڪ هڪ کي سڏي گهر کڻي مٿي تي کڻندي آهين.“
مطلب ته سڄو سڄو ڏينهن اسان کي اها مغز ماري ڪرڻ پوندي هئي ۽ هوءَ هر ڳالهه جي جواب ۾ چندي هئي ”هائو امڙ! هاڻي سمجهان پئي، جلد سِکي وينديس...“
۽ پوءِ واقعي مهيني کن ۾ هوءَ ٻئي ڪافي روان ٿي ويون ۽ ماسيءَ سچ چيو هو ڏسڻ ۾ مِٺل جي حالت رحم جوڳي هئي، پر ڪم جي الاهي هوشيار هئي، هوءَ مانيون پچائيندي هئي، ڪپڙا ڌوئيندي هئي، پوچو لڳائيندي هئي ۽ ٿانوَ ڌوئندي هئي. جڏهن ته زري پڻ هڪ پاسي هن کي ڪم ۾ مدد ڏيندي هئي ته ٻئي پاسي هوءَ به ڪيترائي ننڍا وڏا ڪم ڦڙتيءَ سان ڪندي هئي. هنن جي زندگيءَ جي ڪهاڻي به عجيب هئي. زري کي ڌيءَ ڪري پاليو هئائين کيس رڳو پٽ هئا، سندس پهاڄ کي زري کان سواءِ ٻيا به ٻار هئا. زري تمام جلد سڀني سان هري مري ويئي هئي ۽ منهنجي ڀائٽي جنهن کي ٻار ”آپي“ چوندا آهن، سندس هم عمر هئي اُن سان دوستي ٿي ويئي هيس.
مِٺل ٻڌايو هو ته ڇهن مهينن کان پوءِ سندس پهاڄ جي پٽ جي شادي هئي، ان لاءِ سندس هڪ مائٽياڻي، جيڪا حيدرآباد ۾ رهندي هئي ان جي معرفت هوءَ ڪمائڻ لاءِ شهر آئي هئي ته جيئن پهن مهينن ۾ هوءَ ڪجهه پيسا جمع ڪري، پٽ جي شادي ڪرائي سگهي.
”مائي مِٺل! تنهنجي ساهيڙيءَ جي عمر ڪيتري هوندي؟“ هڪ ڀيري مون پڇيو.
”بس امڙ! ائين کڻي سمجهه ته جيڪر منهنجي ڪا ڌيءَ هجي ها ته ان جيتري هجي ها.“ چيائين.
”توکي تنهنجي ساهيڙيءَ کان ساڙ ڪونه ٿيو هو؟“
”نه امڙ! اسان ۾ الاهي قرب آهي. امڙ اسان وٽ هونءَ به مڙس ٻه ٻه ٽي ٽي شاديون ڪن، پر سڀئي گڏجي رهن هڪڙي گهر ۾.“
”ذري! توکي مزو اچي ٿو هتي.“ مون وري زريءَ کان پڇيو.
”ها، ٿورو ٿورو“
”ٿورو ٿورو ڇو؟“
”نه، هونءَ ته مزو اچي ٿو پر جڏهن امان، ڀينرون ڀائر ۽ ڳوٺ ياد پوندو آهي ته دل ڪندي آهي تهجيڪر پَرَ لڳنم ته اڏامي وڃي ڳوٺ پهچان.“
”ها! ڳوٺ پهچان....“ مائي مِٺل... جيڪا مانيون پچائي رهي هئي، تنهن مٿس ويلڻ اُلاريندي چيو. ”ڳوٺ ۾ کاڌا رکيا آهن تو لئه... شڪر ڪر هتي ڍؤ تي ماني ته ملئي ٿي.“
”هون! وينديس ڳوٺ.... ڪِني مِٺل کِٺل....“ زري کيس چٻرا ڏيني چيڙائيندي چيو.
”ڇو زري؟ مِٺل کي امان ڇو نه چوندي آهين؟“
”ڇو ڀلا مِٺل توکي ڪانه ٿي وڻي؟“
”ٿوري ٿوري“
”ڇو؟“
”مون کي رڳو دڙڪا ٿي ڏي.“
”بيهه ته ڇوري نڀاڳي وات ته ڪيئن ٿي ڪرين“ اهو چوندي مِٺل ويلڻ کڻي سندس ويجهو ويئي ته هوءَ کيس چٻرا ڏيندي، رڌڻي کان ٻاهر ڀڄي ويئي ۽ مون کي کِلَ اچي ويئي.
مِٺل هونءَ ته سڄو ڏينهن زري کي دڙڪا ڏيندي هئي، پر هن کان سواءِ کيس مانيءَ جو گرهه به نه ڳڙڪندو هو. زريءَ کي بک به نه هوندي هئي ته کيس زوري کارائيندي چوندي هئي. ”ڇوري جيسين هتي آهين کائي ڍؤ ڪر. پنهنجي ملڪ هلي وري بکون ڪاٽڻيون اَٿئي.“
مِٺل کي اسان جا نالا وٺڻ به نٿي آيا، ان ڪري هوءَ منهنجي وڏي ڀيڻ، جيڪا ڊاڪٽر آهي، ان کي ”ڊاڪٽرياڻي“ چوندي هئي ۽ مون کي ”ماسترياڻي“ مون کي الائي ڇو لفظ ”ماسترياڻي“ کان چِڙ ٿيندي هئي، ڇو ته آءٌ هڪ انگلش ميڊيم اسڪول ۾ انگلش پڙهائيندڙ ٽيچر ميڊم، ۽ مس ٻڌڻ جي عادي هيس... امي کي هوءَ جيجي وڏي سڏيندي هئي ۽ ڀاڀيءَ کي ڪنوار، زري جيئن ته فطري طرح ذهين ۽ گهٽ عمر جي هئي، ان ڪري شهري الفاظ ۽ ڳالهيون جلد سکي ويئي. هوءَ منهنجين ڀيڻن کي ”آپا“ چوندي هئي ۽ مون کي ”آپا مِس“ چوندي هئي. امي، زريءَ کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي، هوءَ پنهنجي مِٺڙي لهجي ۾ بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪري سڀ کان گهڻو کيس موهي ويئي هئي. زريءَ کي منهنجي ڀائٽي جا ڪيئي ”فيسني“ جوڙا پائڻ لاءِ ڏنا ويا. امي جڏهن به ڪيڏانهن ويندي هئي ته کيس به وٺي ويندي هئي، هوءَ کيس بازار وٺي ويندي هئي ته جڏهن منهنجن ڀائٽن ۽ ڀائٽي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، رانديڪا ۽ ٻيو سامان آڻيندي هئي، اتي کيس به چوڙيون وغيره وٺي ڏيندي هئي، بَڪَل، هار، ايرنگس جيڪي هوءَ اسان کي خوشيءَ ۾ اچي ڏيکاريندي هئي... ٻارن ۽ اسانجي ڪري هوءَ به کيس ”امي“ چوڻ لڳي. سندس ايتري ”Value“ ڏسي اڪثر مِٺل چودني هئي، ”جيجيءَ ته زريءَ کي مَٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي. ڇوريءَ جو مغز ڦري ويو آهي.“
هڪ ڀيري امي هڪ شاديءَ ۾ وڃي رهي هئي، منهنجي ڀائٽي به ويئي پئي ته زري به ضد ڪري بيهي رهي ته مٺل ڇڙٻ ڏيندي چيس: ”ڇوري! تون ڪا بيبين جهڙي آهين جو شاديءَ تي ويندينءَ.“
امي کيس منهنجي ڀائٽيءَ جا اڳي جا پيل ڪپڙا شادي لاءِ پائڻ لاءِ ڏنا. ٿوري دير کان پوءِ هوءَ بروڪيٽ جو پاجامون ۽ چمڪيلي قميص پائي اچي بيٺي.
”آپا مِس! آئون ڪيئن پئي لڳان.“ هن منهنجي ڪمري ۾ اچي مون ڏانهن گهٽ ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني ۾ پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڏسندي پڇيو ته مون ڪم ڪندي هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ پوءِ چيو:
”فرسٽ ڪلاس“
”اهو فرسٽ ڪلاس ڇا هي؟“
”مطلب ته تمام سٺو.“
”اڃا ته آپا مِس اميءَ، جيڪي مون کي چوڙيون ڏنيون آهن اهي پائينديس ڪنن ۾ واليون وجهنديس، ۽ ها آپيءَ (منهنجي ڀائٽي) مون کي سُرخي ۽ سينڊل به ڏنو آهي... ها سرخي هڻنديس ۽ سينڊل پائينديس.“
” نه زريءَ تو جيتريون ڇوڪريون سُرخي ڪو نه هڻنديون آهن. ڏس آپي به نه ٿي هڻي“
”ڇو؟“ هن ضد ڪندي چيو.
”تو جيتريون ڇوڪريون هونءَ ئي سٺيون لڳنديون آهن.“ چيومانس ته ٿوري دير هن وري آئيني اڳيان ڪجهه پوز هنيا ۽ پوءِ ڪمري مان نڪري ويئي، ۽ آئون لکڻ ۾ مصروف ٿي ويس. اڃا پندرهن منٽ مَس گذريا هئا ته هوءَ وري مون وٽ آئي، پر عجيب حُليي ۾. اکين جي اندر گهٽ ۽ ٻاهران گهڻو ڪجل جو ليپ هوس، اها ئي حالت لپ اسٽڪ جي هئي، جيڪا چپن تي گهٽ پر کاڏيءَ ۽ واڇن تي گهڻي هئي. ۽ کيس وڏيءَ کڙيءَ وارو سينڊل پاتل هو، جنهن سان هوءَ آٿڙندي ڪرندي پاڻ کي ۽ رَئي کي سنڀاليندي عجيب منظر پيش ڪري رهي هئي. سندس حليو ڏسندي مون کي کِلَ اچي ويئي. بلڪل ڪارٽون لڳي رهي هئي.
”زري هي ڇا ڪري آئي آهين؟ وڃ وڃي منهن ڌوئي اچ.“ مون کِلَ ضبط ڪندي کيس دڙڪا ڏنا. پهرين ته هن انڪار ڪيو پوءِ منهنجي گهڻي چوڻ تي نيٺ چيائين:
”ڀلا هن تنهنجي ڪمري واري باٿ روم ۾ وڃان منهن ڌوئڻ؟“
”ها، ها... اتي ئي وڃ“ چيم، هوءَ باٿ روم ڏانهن وڌندي ٿورو ترسي ۽ پوءِ چيائين.
”آپا مِس! ڏس مٺلکي اڃا تائين باٿ روم چوڻ به ڪونهي ايندو. هوءَ اڃا به هو ڪِنو ڪِنو اکر چوندي آهي. مان تڪڙو سکي ويم نه؟“
”ها“ مون مختصر جواب ڏنو. هوءَ باٿ روم ۾ ويئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ منهن ڌوئي واپس موٽي ته ڪجهه ماڻهپي ۾ نظر آئي. هوءَ هڪ ڀيرو وري ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني تي نظرِ عنايت ڪندي، مون ڏانهن وڌي ۽ هٿ ۾ پڪڙيل سندس ميري ڦڻي مون ڏانهن وڌائيندي چيو، ”هان وٺ! منهنجو چانڊورو ته ٺاهه.“
”ڇا!!!؟؟“ منهنجن فرشتن کي به خبر ڪو نه هئي ته ”چانڊورو“ ڇا بلا هئي.
”او... اهڙو انڊورو جهڙو آپي ٺاهيندي آهي.“
مون اندازي سان سمجهيو ته چانڊورو مطلب ته پوني ٽيل، پر آئون وري به سندس ميرن چيڙهه لڳل مختصر ۽ بي ترتيب وارن کي ڏسي پريشان ٿي ويس ته آخر انهن جي پوني ٽيل ڪيئن ٿي ٺهي سگهي؟
”نه زري! مون کان ڪو نه ٺهندو، وڃي ننڍي آپا کي چئه.“ مون جند ڇڏائڻ خاطر چيو ته هوءَ مايوس ٿي ويئي هلي ۽ وري ڏهه منٽ کن ترسي مون وٽ آئي ۽ فخريه لهجي ۾ چيائين، ”ڏس منهنجو چانڊورو.“
مون هن ڏانهن ڏٺو، سندس وارن جون پاسي کان چڳون لڙڪي منهن تي پيون پئي، هن پٺ ڏني ته مون کي کِل اچي ويئي. ٻه ٽي وارن جون مختصر پڇڙيون بَڪَل جي مدد سان ويڙهيون پيون هيون. مون دل ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ کي داد ڏنو ته هن ڪهڙي نه مهارت سان انهن ننڍڙن وارن کي ربربينڊ جي قيد ۾ جڪڙي، ڪلپ ان مٿان فِڪس ڪيو هو.
”زري... هينئر ته شادي کائي اچ، پر مهرباني ڪري سڀاڻي وهنجي سهنجي ماڻهو ٿجانءِ. خاص ڪري مٿو ته ڌوئي صاف ڪجانءِ وارن جي حالت ڏٺي اٿئي.“ چيومانس.
”ها! سڀاڻي وهنجندم. مان کي آپا ننڍي شيمپو ڏنو آهي، ۽ ان سان وارن ڌوئڻ جو نمونو به ٻڌايو آهي.“
مون کي حيرت ٿي ته هن کي يڪدم ”شيمپو“ نالو ياد ٿي ويو هو. ائين هوءَ ان رات تيار ٿي شاديءَ تي ويئي، انهن ئي ڏينهن رمضان اوري عيد به آئي، ته عيد جي رات هوءَ اميءَ سان گڏجي بازار ويئي ۽ آرٽيفيشل جيولري، چوڙيون، بَڪَل ۽ ميندي وٺي آئي ۽ عيد جي سڄي ڏينهن تي هوءَ ساڳي ريت وڏي کڙيءَ وارو سينڊل پائي آٿڙندي ٿڙندي رهي ۽ بار بار ڦٽي ويل چانڊورو ٺهرائيندي رهي. شام جو هوءَ ۽ مِٺل، نوڪر سنا گڏجي راڻي باغ گهمڻ ويون.
هاڻي ڪجهه مِٺل جو احوال به ٿي وڃي... هوءَ به گهٽ ”فلم“ نه هئي. کيس مون، منهنجين ڀيڻن ۽ ڀاڀيءَ الاهي سارا ڪپڙا پائڻ لاءِ ڏنا، پر هوءَ رڳو ساڳيا ٻه جوڙا پائيندي هئي جن کي ڌوئي ڌوئي رنگ ئي ڦٽائي ڇڏيائين. هڪ ڀيرو چيومانس، ”مائي مٺل! توکي مون ۽ ٻين ايترا ڪپڙا ڏنا آهن سي پائين ڇو نٿي؟ هي ڪپڙا هت صفا خراب ٿي ويا اٿئي؟“
”ائي امڙ! مان پوڙهي زال سٺا لٽا پائي ڇا ڪنديس، اهي سڀ لٽا ته مون ساهيڙي لاءِ سنڀالي رکيا آهن، هوءَ ننڍي نيٽي آهي ان کي کپن.“
”پوءِ ڇا هي، تون اسان وٽ ڇهن مهينن لاءِ آئي آهين، جڏهن پنهنجي ملڪ ويندينءَ ته توکي تنهنجي ساهيڙيءَ ۽ ان جي ڌيئرن لاءِ ٻيا ڪپڙا ڏينداسين.“
کيس اهو چوڻ جي باوجود به مون ڏٺو ته هن اهي ساڳيا ٻه جوڙا ٿي پاتا... انهن ڏينهن ۾ هڪڙو قلفيءَ وارو روز اسان جي پاڙي ۾ ايندو هو ته منهنجن ڀائٽين سان گڏ زري به بابا کان پيسا وٺي روز قلفي وٺي کائيندي هئي ۽ ڪڏهن آئون مٺل کي به قلفي کائيندي ڏسندي هيس. هڪ ڀيري منهنجي ڀيڻ مٿي ۾ ميندي وڌي ته مٺل به وارن کي رنڱڻ لاءِ هن کان ميندي ورتي، ۽ پوءِ ٿوري دير کان پوءِ منهنجي ڀيڻ کلندي کلندي مون ڏانهن آئي ۽ چيائين:
”ٽي.وي. لائونج ۾ وڃي هڪڙو دلسچپ منظر ڏس.“
”آخر آهي ڇا؟“ حيران ٿيندي پڇيم.
”بس! تون پاڻ وڃي ڏس... اها ڳالهه ٻڌائڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان تعلق ٿي رکي.“
تڏهن مون کي به تجسس ٿيو ۽ ٽي.وي. لائونج ۾ ويس ته اتي جيڪو منظر ڏٺم، تنهن تي مون کي به کِل روڪڻ مشڪل لڳي. مٺل ٻارن جي ويهڻ جي بنهه ننڍڙي پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي فِڪس ٿي Statue بَني وات ڦاڙي ٽي.وي. ڏسي رهي هئي. پهريون ڀيرو سندس رَئو مٿي تي هئڻ بجاءِ ڳچيءَ ۾ ويڙهيل ڏٺومانس. هوءَ سڄي مٿي کي مينديءَ ٿڦي ويٺي هئي ۽ سندس ميندي ۾ لڦيل وارن جا ٻه وانگوڙا ٺهيا پيا هئا. هڪڙو وانگوڙو هڪڙي ڪَنَ جي مٿان ۽ ان وقت هوءَ بالڪل ٻڪريءَ جو ٻچو يعني ”ميمني“ لڳي رهي هئي. بس پوءِ ته اها ڳالهه پوري گهر ۾ پکڙجي ويئي ۽ هر ڪوئي واري واري سان ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ٽي.وي. لائونج مان گذري کيس حيرت مان ڏٺو. سندس اڇا وار هاڻي تيز ڳاڙها ٿي ويا. ان ڪري هاڻي هوءَ بالڪل ڪا پلاسٽڪ جي گڏي ٿي لڳي.
ٻئي ڏينهن مون ٽي.ويءَ. لائونج ۾ ڪالهه جهڙو هڪڙو منظر ڏٺو. هوءَ ٻارن جي وچ ۾ ساڳي ننڍڙي پلاسٽڪ واري ڪرسيءَ تي فڪس ٿي ويٺي هئي ۽ بارن جيان قلفي چَٽي رهي هئي.
هوءَ جڏهن ٻه مانيون پچائڻ ويهندي هئي ته چلهه جي ايڏو ويجهو ويهندي هئي جو مون کي ڊپ لڳندو هو ته ڪٿي مورڳو سندس چولي يا گنديءَ جو پلاند باهه سان نه لڳي... مون کيس ڪيترائي ڀيرا چيو هو، ”مائي مِٺل! چلهه کان ٿورو پري ٿي ويهندي ڪر... سَڙي نه پوين.“
”ائي بيبي! قسمت ۾ سَڙي مرڻ لکيل هوندو ته سڙنديس پوءِ پاڻ کي بچائي مان ڇا ڪريان.“ هوءَ سدائين اهو ئي جواب ڏيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ اسان جي پاڙي جو ڊرينيج سسٽم خراب هئڻ ڪري خراب پاڻي رستن تي جمع ٿي ويو هو ۽ مڇرن جو آزار مچي ويو هو. رات جو ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ جي باوجود به مڇر پَٽي رکندا هئا. هڪ رات آئون ڪم سان ٽي.وي. لائونجمان گذريس. جتي مٺل ۽ زري سمهنديون هيون، ته مون ڏٺو ته هو مڇرن جي چڪن پوڻ ڪري بيچين ٿي رهيون هيون... تڏهن مون کي مٿن رحم اچي ويو ۽ هڪڙو ڪوائل ٻاري ٽي.وي. لائونج ۾ به رکيم. صبح جو مِٺل مون کي ڏسندي چيو، ”ماسترياڻي! رب ڪندو ته جُڙي رهندينءَ... موليٰ روزي ۾ برڪت ڏيندئي... رات مڇر داني رکي ڏنئي ته سک جي ننڊ ڪئيسون نه ته روز ته مڇر سمهڻ ئي ڪو نه ڏيندا اهن... بي بي الله قسمت موچاري ڪندئي... شل ڪوسو واءُ نه لڳئي...“
ان مهل ته دعائون ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي پر پوءِ خبر پئي ته آئون ته مورڳو هڪ دفعو هنن سان همدردي ڪري ڦاسي وئي هيس... هوءَ هاڻي روز سمهڻ مهل منهنجو مٿو کائيندي هئي:
”ماسترياڻي!“ الله خوش رکندئي... امڙ مڇر داني ته ٻاري ڏي...“
هاڻي روز روز آئون ڪٿان کين ڪوئال وٺي ٻاري ڏيان... سوڪڏهن ته ٻاري ڏيندي هئي سان ۽ جڏهن کين ڪوائل ٻاري نه ڏيندي هيس ۽ پوءِ سمهڻ جي تياري ۾ لڳي ويندي هيس ته مٺل زبان سان ته ڪجهه نه چوندي هئي بس اکين ۾ التجائون ڪندي مون ڏانهن ڏسندي هئي... ۽ جڏهن آئون سندس نظرن کي لنوائي بستري تي ليٽي پوندي هيس ته ڪوائل يا ميٽ ٻارڻ جي باوجود مڇرن جا خوفناڪ چَڪَ ڄڻ انجيڪشن پيا هڻندا هئا. تڏهن منهنجي ننڊ اهو سوچي ڦِٽي پوندي هيئ ته جڏهن ڪوائل جي باوجود هتي مڇرن جي ايڏي ”يلغار“ آهي ته ٽي.وي. لائونج ۾ ستل مٺل ۽ زريءَ ڪهڙي حالت ۾ هونديون...!؟ بس پوءِ ڄڻ سک ڦٽي پوندو هئم ۽ ڪاوڙ به لڳندي هئم ته ڄڻ مون سندس ٺيڪو کڻي رکيو هو پوءِ چپن ۾ ڪاوڙ ۾ بُٽ بُٽ ڪندي اٿندي هيس ۽ ڪو ڪوائل هٿ ڪري هنن کي رکي ڏيندي هيس ته مٺل جي وات مان دعائون نڪرنديون رهنديون هيون:
”ربّ جڙيو رکئي.“
”شل سدائين سکي رهين.“
”پنجتن پاڪ جو سايو هوندئي.“
”موليٰ روزي ۾ برڪت ڏيندئي...“
۽ ائين پوءِ آئون روز کين ڪوائل ٻاري ڏيندي هيس ته منهنجا ڪَنَ خود بخود دعائن لاءِ منتظر ٿي ويندا هئا... ۽ آئون جيستائين ڪوائل ٻاري رهي هوندي هيس سندس وات مان دعائون نڪرنديون رهنديون هيون.
هڪ صبح جو آئون جيئن ئي تيار ٿي اسڪول لاءِ رواني ٿي رهي هيس ته مِٺل منهنجن هلڪن گلابي ڪپڙن کي ڏسي چيو:
”ماسترياڻي! سچ ٿي چوائين ته اهو جوڙو توکي ڏاڍو ٺهندو آهي... ۽ گلابي رنگ جيترو مون توتي ٺهندي ڏٺو آهي اهڙو ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ڏٺم...“
صبح صبح جو اهي رمارڪس ٻڌي منهنجو موڊ انتهائي، خوشگوار ٿي ويو. پر شام جو منهنجي خوشفهمي ختم ٿي وئي جڏهن امي، ڀاڀي ۽ ڀيڻن ٻڌايو ته مِٺل سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ واري واري تي هر ڪنهن کي اهي رمارڪس ڏئي چڪي هئي.
ٻئي ڏينهن آئون اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم ته زري منهنجي ڪمري ۾ موجود هئي ۽ حسبِ عادت ڊريسنگ ٽيبل جي آئيني اڳيان بيٺل هئي.
”زري تون هتي ڇا پئي ڪرين؟“ پڇيومانس.
”آپا مِس! تنهنجي ڪمري جا سڀ سامان دڳ تي پکڙيا پيا هئا... اهي دڳ تان هٽائي هتان ٻهاري ۽ پوچو ڏنو اٿم... پٽ سٺو پيو لڳي نه؟“ هن چيو.
”وڏي مهرباني منهنجا ٽپڙ ”دڳَ“ تان هٽائڻ لاءِ... پر هي سامان ته ڇنڊيو ڪو نه اٿئي... ڏس مٽي لڳي پئي آهي.“
”مان کي پُچُ ڏي ته ڇنڊي وٺان.“
”پُچُ...!؟؟ اهو ڇاهي؟“
پوءِ هن مون کي ڏاڍي مشڪل سان سمجهاوي ته هوءَ سامان ڇنڊن جي ڪپڙي کي ”پُچ“ چئي رهي هئي. مون کيس ڪپڙو ڏنو ته ٿوري دير کان پوءِ هن وري چيو:
”مس!... هاڻي ڏس...“
”ها!...“
”فسٽ ڪلاس آهي نه...“
”بلڪل فرسٽ ڪلاس...“ هوءَ جڏهن به منهنجي ڪمري جي صفائي ڪندي هئي ته جيستائين منهنجي واتان ”فرسٽ ڪلاس“ نه ٻڌندي هئي اتان ڪا نه ويندي هئي ۽ ”فرسٽ ڪلاس“ ٻڌند يئي هن جي چهري تي خوشيءَ جي لهر اچي ويندي هئي.
”مِس! مون کي اهڙو ڇلو ڏي نه جهڙو توکي پاتل آ“ هن منهنجي آڱر ۾ پيل شيشي جي رنگين ڇلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته مون کيس اهڙو هڪڙو ڇلو ڏنو ته هوءَ خوشيءَ مان ڇلو آڱر ۾ وجهي هلي وئي.
ان ئي رات آئون رڌڻي وٽان لنگهي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هيس ته مون هڪڙو دلچسپ منظر ڏٺو... مٺل ۽ زري رڌڻي ۾ ماني کائي رهيون هيون. مٺل ماني کائيندي کائيندي وقت به وقت زري کي دڙڪا ڏيڻ سان گڏ دُٻن، ڌَڪن ۽ چنبن سان به ”مستفيد“ ڪري رهي هئي ۽مون کيس چوندي ٻڌو:
”ڇوري گهٽ کاءُ... هتي اچي هاڻي گهڻو کائڻ لڳي آهين... ائين ڍو تي کائڻ جي عادت وجهي ڇڏيندينءَ ته ڳوٺ هلين ته ايتري ماني نه ملندئي نه...“
الائي ڇو ان جملي مون کي اداس ڪري ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن آئون پنهنجي ڪمري ۾ سِلائي، ڪرڻ ۾ مصروف هيس ته هو ٻئي به اتي اچي ويٺيون.
”ائي، ماسترياڻي! ڪيڏا ملوڪ لٽا آهن... سڀاڻي اشڪول پائي ويندينءَ...“
مٺل مشين تي رکيلڪپڙي کي هٿ لڳائيندي چيو.
”آئون به اميءَ کي چونديس ته مون کي اهڙا وٺي ڏي.“ زري چيو.
”ماٺ ڪر نڀاڳي... اهڙا ڪپڙا ٿي پائي... تون ڪا بيبين جهڙي آن...؟“ مٺل ڌڪ اُلاريندي چيس.
ٿوري دير کان پوءِ مون سبيل قميص پائي آئيني ۾ جائزو ورتو ته زري کلي چوڻ لڳي...
”ائي... جهڙا لَٻڙَ...“
” لَٻَڙ ڇا؟!!“ منهنجو وات ڦاٽي ويو (اها خبر پوءِ پئي هئي ته زري هر ان قميص کي لَٻَڙ چوندي هئي جيڪا ويڪري ۽ ڊگهي هوندي هئي)
”سُٺا ڪو نه آهن ڪپڙا...؟“
”نَڪو... لَٻَڙَ...“
”ڇوري ڪو اچي مغز خراب ٿيو اٿئي... بيبيءَ سان ائين ڳالهائبو آهي؟!“ مِٺل وري ڇڙٻ ڏنيس.
ائين پوءِ آئون جڏهن به پنهنجي ڪمري ۾ سلائي ۾ مصروف هوندي هيس ته زري به اچي مون وٽ ويهي رهندي هئي.
”مِس! مون کي ٽڪريون ڏي ته آئون ۽ آپي گڏين جا ڪپڙا سِبون.“ هوءَ چوندي هئي.
”چڱو! تون هتي ويهه آئون جيڪي به ننڍا ننڍا ٽڪرا ڪپڙي مان ڪَٽي اڇلايان سي ميڙيندي اچجانءِ...“ تڏهن هوءَ ائين ئي ڪندي هئي... ۽ ائين اتي ويٺي هوءَ دنيا جهان جا قصا ڪندي هئي.
”آپا مِس! آئون مٿي ۾ شيمپو وجهي وهنجي آئي آهيان... منهنجا وار هاڻي صاف آهن نه؟“
”ها! فرسٽ ڪلاس...“
”مِس، مون اها شيمپوءَ جي بوتل لِڪائي رکي اهي... پنهنجي ڳوٺ وڃي ڀيڻ کي ڏينديس.“
ائين هوءَ ڳوٺ جون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندي هئي.
”زري! اڳ ۾ ته تو چيو هو ته توکي هتي ايڏو مزو ڪو نه ٿو اچي. ڳوٺ ياد پوي ٿو... پوءِ هاڻي ته توکي هتي الاهي ڏينهن ٿي ويا آهن پوءِ مزو اچي ٿو يا اڃان به ڳوٺ ياد اچي ٿو...“
”نه... هاڻي هِتي مزو اچي ٿو... سڀ مون کي الاهي ڀائين ٿا... سائين وڏو، امي، ڊاڪٽرياڻي، جيجي ڪنوار... تون... آپي... ننڍي آپا... سڀ... پر آئون هڪڙو ڀيرو ڳوٺ وڃان پوءِ وري اينديس...“ چيائين
”ڀلا تون ڳوٺ وڃي اتي ڇا ٻڌائيندينءَ؟“ پڇيم.
”آئون اتي امان کي ڀيڻن کي ۽ ٻين سڀن کي ٻڌائينديس ته جتي اسين رهندا هئاسون نه... اتي جون بيبيون ڏاڍيون سٺيون هيون... مون کي ڍءُ تي ماني ڏينديون هيون سٺا سٺا لَٽا ڏينديون هيون پائڻ لاءِ ۽ مون کي ڏاڍو ڀائينديون هيون.“
”هل... ڪُوڙي...“ مون کيس ڇيڙڻ خاطر چيو.
”مان بي بيءَ سان ڪوڙ هڻندم!؟... بي بيءَ سان ڪوڙ هڻان ته زبان نه سڙي وڃنم...“
ائين هوءَ مون سان ڪيترائي قصا ڪندي هئي ۽ اڪثر ابتا سبتا سوال ڪري ۽ الاهي ساريون ڳالهيون ڪري ڪڏهن منهنجو مٿو کائي ويندي هئي.
”مِس! آئون توکي گانو ٻڌايان...!؟“
”ها ٻڌائي!“ مون سِلائي ڪندي ڪندي چيو.
ائين پوءِ هوءَ مون کي سندن ڳوٺ ۾ ڳائجندڙ عجيب عجيب گانا ٻڌائيندي هئي ۽ اڪثر ڳائيندي ڳائيندي اٿي نچڻ به شروع ڪري ڇڏيندي هئي... ته منهنجي لاءِ کِل روڪڻ مشڪل ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ سوچيندي هيس ته هاڻِ سِلائي ڪريان يا هيءَ ”فلم“ ڏسان... هڪ ڀيري هن مون کي چيو:
”آپا مِس! اڄ ائون توکي هڪڙو سهرو ٿي ٻڌايان.“
”ها ٻڌاءِ“
هوءَ وري جهومي جهومي ڳائڻ لڳي...
”مٿي ۾ سُور آ
پيئڻ ضرور آ
ادا... مون کي چاءِ آڻي ڏي...“
”هي سهرو آهي...!؟“ مون ڪم اڌ ۾ ڇڏي کيس چيو.
”ها مِس! ڳوٺ ۾ اسين اهو سهرو چونديون آهيون... ۽ هاڻي هي ٻيو سهرو ٿي ٻڌايان...“
هوءَ اٿي بيٺي ۽ پوءِ نچندي نچندي هڪڙو ٻيو گيت ڳائڻ لڳي جنهن جا الفاظ ته هينئر مون کي ياد نٿا پون پر ان ۾ وڏيري جي فضول خرچيءَ جو ذڪر هو. پوءِ آئون اڪثر هن کان ”مٿي ۾ سور آهي“ واري گاني جي فرمائش ڪندي هيس ۽ کيس ڪڏهن پنهنجي لاءِ چاءِ آڻي ڏيڻ لاءِ ائين چوندي هيس:
”مٿي ۾ سُور آهي
پيئڻ ضرور آهي.
زري مون کي چاءِ آڻي ڏي...“
هونئن ته مِٺل ۽ زري اسان وٽ ڪم ڪرڻ جو ڇهن مهينن جو ”ڪانٽريڪٽ“ ڪيو هو پر اهڙي ريت اڃان اڍائي مهينا مَس گذريا ته سندن ڳوٺان ماڻهو آيو جنهن کين نياپو ڏنو ته هو ٻئي جلد ڳوٺ پهچن ڇو ته مِٺل جي پهاڄ سخت بيمار هئي... بس پوءِ ته اهو ٻڌي ٻنهي کي ڄڻ کائڻ پيئڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ زهر ٿي آيو... يڪدم ٽپڙ ٽاڙي جمع ڪري اميءَ کي چيائون:
”جيجي سائينءَ کي چئو ته اسان کي جيپ ۾ مائٽياڻيءَ جي گهر ڇڏي اچي ته گڏجي ڳوٺ وڃون.“ هو ٻئي هر گاڏيءَ، ڪار کان وٺي ٽرڪ تائين کي ”جيپ“ چونديون هيون... ۽ پوءِ وڃڻ مهل جڏهن هو سڀني سان موڪلائڻ لڳيون ته ٻنهي جي اکين ۾ ڳوڙها هئا مِٺل چيو:
”امڙ! اهو ڇورو ئي نڀاڳو آهي... اڃا ڄائو هو ته مامو مري ويس هينئر شاديءَ جا ڏينهن رکيا اٿس ته ماڻهنس کٽ تي پئجي وئي.“
”مائي مِٺل!... ڪير به ڪنهن جي ڀاڳ سان نٿو جِئي مري پر هرڪو پنهنجو نصيب کڻي ٿو اچي ۽ پنهنجي وقت تي دنيا ۾اچي ٿو ۽ دنيا مان وڃي ٿو.“ مون چيو.
”ها!... جيجي... بروبر ائين ته آهي... چڱو امڙ سڀني کان موڪلاڻي... اوهان بيبين اسان کي الاهي سک ڏنا... اسان کي ڪا تڪليف ڪا نه ٿيڻ ڏني... کاڌو پيتو ۽ ڪپڙو لَٽو... اجهو ڏنو... بس! امڙ دعا ڪجو ته زريءَ جي ماءُ چڱي ڀلي ٿئي... ائي ڪير هينئر اتي ڪندس... آئون ئي وڃي ڏسندي مانس ٻيو ڪير ڪندس... امڙ! ننڍي نيٽي آهي شل الله حياتي ڏيس... ٻچي جي شادي ڏسي... امڙ کاڌو پيتو ۽ چئو چوايو بشڪ (بخش) ڪجو...“
”هنن عورتن جي زندگي ڏس... پنهنجي پهاڄ لاءِ ائين پئي آندي ماندي ٿئي ڄڻ بيحد پيارو رشتو هجيس... شهري عورت ته ”پهاڄ“ لفظ کان ئي ڇرڪندي آهي... هتي جي عورت ڪڏهن به ٻي عورت کي قبول ناهي ڪندي...“ منهنجي وڏي ڀيڻ چيو.
”ظاهر آهي... هي جنهن ماحول ۾ رهن ٿيون اتي تقريباً هر مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري ٿو سو هنن لاءِ ته اها ڳالهه ڄڻ نارمل ۽ نيچرل آهي يا شايد هو ان کي قسمت ۾ لکيل سمجهي آرام سان قبول ڪري وٺنديون آهن...“ مون چيو.
... ۽... ائين هو ٻئي پنهنجي ”مُلڪ“ واپس هليون ويون... هنن واعدو ڪيو هو ته زريءَ جي ماءُ ٺيڪ ٿيندي ته هو واپس اسان وٽ موٽي اينديون ڇو ته کين اسان جو گهر ۽ گهر وارا الاهي سٺا لڳا هئا... ان ڪري هنن جي دل اسان سان لڳي وئي هئي... پر الاهي وقت گذري ويو آهي هو ڪو نه موٽيون آهن... خبر ناهي ڇا ٿيو...؟ زريءَ جي ماءُ الائي ٺيڪ ٿي الائي نه... سندس پُٽ جي شادي ٿي الائي نه... خبر ڪونهي ته زري کي شهري اکر ۽ شهري فيشن به ياد هوندا الائي نه... پر اڪثر اسان کي سندن ڳالهيون ياد اينديون آهن ۽ ڪڏهن اسان به مذاق ۾ ”پوني ٽيل“ کي ”چانڊورو“ چونديون آهيون... گاڏيءَ کي ”جيپ“ چونديون آهيون ۽ ويڪرن ڪپڙن کي لَٻَڙ چونديون آهيون. اڪثر منهنجي ڪنن ۾ مٺل جون دعائون گونجنديون آهن ۽ زريءَ سلائي ڪرڻ دوران تصور ۾ جهومندي ڳائيندي ۽ نچندي نظر ايندي اٿم... ۽ سندس آواز ڪنن ۾ گونجندو اٿم:
”مٿي ۾ سُور آهي
پيئڻ ضرور آهي
ادا! مون کي چاءِ آڻي ڏي...“