امن جي تلاش ۾
سموري فضا، توپن جي گولن، بندوقن ۽ رائفلن جي گولين ۽ بمن جي ڌمڪان سان گونججي وئي. آسمان تائين ويندڙ ۽ ڪِرندڙ ميزائلن جا خوفائتا آواز اچڻ لڳا. هوا ۾ فقط بارود جو هڳاءُ محسوس ٿيڻ لڳو. هر پاسي باهه ۽ دونهون پکڙجي ويو. مون کي ڄڻ پنهنجو ساهه گهٽجندي محسوسو ٿيو ۽ ۽ اڃان آئون پنهنجي وجود کي سنڀالڻ ۾ ئي پوري هيس ته اوچتو پري کان هڪ وڏو قافلو ايندي نظر آيو. هو سڀئي روئي رهيا هئا. رڙيون ڪري رهيا هئا، مختلف هٿيارن جي ٺڪائن ۽ ڌماڪن جي پس منظر ۾، انهن انسانن جون آسمان کي چيريندڙ آهون ۽ دانهون ڪنن کي ڦاڙڻ لڳيون. جڏهن انهن بيوس انسانن جو قافلو ان ٽڪريءَ هيٺان لٿو، جنهن تي آئون بيٺل هيس ته انهن جي حالت ڏسي خوف ۽ شديد ڏک کان منهنجي حالت عجيب ٿيڻ لڳي.
مون ڏٺو ته اڳيان ڪجهه ماڻهو هڪ کليل تابوت ۾ ڪو لاشو ڪلهن تي کڻي وڃي رهيا هئا ۽ انهن جي پٺيان بي شمار انسان، جن ۾ مرد، عورتون، ٻار، ٻڍا مطلب ته هر عمر جا انسان وڃي رهيا هئا، جن جي عجيب حالت هئي. سڀئي زخمي هئا. ڪيترن جا عضوا بدن کان ڌار هئا. ڪيترن جون شڪليون غم، تڪليف ۽ زخمن جي ڪري ڪاراٽجي ويون هيون. سندن حالت ايتري قدر ڀوائتي ۽ دل ڏکوئيندڙ هئي جو بي اختيار منهنجين اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا. سندن آهه و زاريون ۽ اوڇنگارون ٻڌي ڪنن جا پڙدا ٿي ڦاٽا.
”اُف خدايا! هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هي ڪهڙو اسرار آهي. هي لٽيل ۽ درندگيءَ جي ور چڙهيل قافلو ڪٿان آيو اهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو اهي ۽ هي ڪنهن جو لاش کنيو ٿا وڃن ۽ پنهنجون تڪليفون ۽ زخم وساري اهي هن لاءِ ڇو ماتم ڪري رهيا آهن!!؟؟“ مون سوچيو.
ان قافلي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي زخمن سان ايڏا چور هئا، جو هلڻ جي قابل به نه هئا. هو ڪڏهن هليا ٿي، آٿڙيا ٿي، ڪريا ٿي ۽ وري به گهلجڻ واري نموني اڳيان وڌيا ٿي.
مون ڏٺو ته ان قافلي ۾ دنيا جي هر مذهب، هر قوم، هر زبان ۽ هر علائقي جا ماڻهو شامل هئا. ڳورا به هئا ته ڪارا به. يورپي به هئا ته ايشيائي به. افرقي به هئا ته امريڪي به. ڪڏهن هڪ نسل جو ڪو ماڻهو ڪري ٿي پيو ته ٻئي نسل واري اڳتي وڌي کيس سهارو ڏيئي بيهاريو ۽ هلايو ٿي. ڪڏهن هڪ مذهب جي انسان، ٻي مذهب واري جي زخم تي مرهم ٿي رکيا. ڪڏهن وري هڪ زبان واري ٻي کي حوصلو ٿي ڏنو ته ڪڏهن وري هڪ رنگ واري انسان ٻي رنگ واري انسان جي تڪليف تي ڳوڙها ٿي ڳاڙيا.
”اُف منهنجا الله!... هي اڇ راز آهي ته اڄ، جتي دنيا جي هر خطي جو انسان ڪڏهن مذهب جي بنياد تي، ڪڏهن قوميت، رنگ، نسل يا زبان جي حوالي سان فقط ”مان مان“ ڪندو وتي، اتي هن قافلي جو هر ماڻهو اهي سڀئي ويڇا وساري ٻئي جي درد ۾ شريڪ آهي. آخر هي ڪهڙي عظيم هستيءَ جو لاش آهي، جنهن جا پوئلڳ هڪ مالها جي موتين جيان هڪ لڙي ۾ پوئجي گڏ گڏ هلن ٿا ۽ هڪٻئي جا درد آشنا آهن.“ مون وري سوچيو.
اڃا آئون انهن ئي پُورن ۾ بيٺل هيس ته مون وري هڪ ٻيو حيرت انگيز منظر ڏٺو. باهه ۽ دونهين سان ڀريل بارود جي هڳاءُ واري فضا، بمن جي ڌماڪن، توپن جي گولن، ميزائلن جي ڦاٽڻ ۽ بندوقن ۽ رائفلن جي ٺڪائن سنا گڏ قافلي جي آهه زاري ڪندڙ ماڻهن جي گوڙ ۽ انهن جي رحم جوڳي حالت واري منظر ۾ هڪ نئين ڳالهه جو اضافو ٿيو. مون ڏٺو ته آسمان تي پري کان ايندڙ ڪيترائي اڇا پکي ظاهر ٿيا، جڏهن اهي قافلي مٿان گذرندا اڳتي اڏامڻ لڳا ته انهن مان پڻ هر هڪ پکي زخمي حالت ۾ هو.سندن اڇا بدن ۽ پَرَ به خون جي ڌَٻن سان ڀريل هئا. انهن مان ڪجهه پکين جي چهنبن ۾ زيتون جون ٽاريون هيون ته ڪجهه پکين جون چهنبون زخمي هيون، جنهن سبب شايد انهن جون زيتون جون ٽاريون ڪٿي ڪري پيون هيون! هو پرواز ڪندي ڪندي زخمي هئڻ ڪري، ڪيڏيءَ مهل ڪريا ٿي ته وري ڪيڏيءَ مهل اٿي اڏاڻا ٿي، ۽ پوءِ انهن گڏجي، اڳتي وڃي ان کليل تابوت ۾ پيل لاش مٿان ڇانوَ ڪري ان کي رڻ پٽ جي نٽهڻ اُس کان بچايو ٿي.
اهو منظر ڏسي آئون حيران ٿي ويس، ۽ ٽڪريءَ تان ڊوڙندي هيٺ لهڻ لڳيس. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو، پيرن ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا، ۽ پگهر سان سمورو جسم پُسي ويو، پر پوءِ به آئون وڌندي رهيس، ڊوڙندي رهيس ۽ ان قافلي جي اڳيان اڳيان ان طرح هلندي رهيس ۽ منهنجو منهن تابوت کي کڻي ايندڙ انسان ڏانهن هو ۽ آئون پٺيرا قدم کڻندي ٿي ويس.
”مهرباني ڪري ٿورو ترسو ۽ منهنجي ڳالهه ٻڌو.“ مون سهڪندي سهڪندي چيو.
”توکي جيڪو چوڻو آهي سو چئو، پر هلندي هلندي، ڇو ته اسان هڪ لمحو به ترسي نٿا سگهون. اسان کي بيهڻو ناهي، تابوت کڻندڙ ماڻهن مان هڪ چيو.
”اوهان ڪٿان سفر شروع ڪيو آهي ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ مون پڇيو.
”اسان جو سفر ازل کان شروع ٿيو، ۽ ابد تائين جاري رهندو.“ ساڳي شخص جواب ڏنو.
”هي سڀ انسان ڪير آهن ۽ انهن جي اها حالت ڪنهن ڪئي آهي؟“
”هي سڀئي اهي انسان آهن، جيڪي ازل کان اڄ تائين پاڻ جهڙن انسانن جي ظلم، وحشت ۽ بربريت جو شڪار ٿيا آهن. هنن ۾ ڪيترائي اهڙا ڪمزور انسان آهن، جن طاقتور انسانن هٿان ظلم برداشت ڪيا آهن.“
”هي لاشو ڪنهنجو آهي؟ ۽ هي پکي ڪهڙا آهن؟“
”هي انسانيت جو لاشو آهي ۽ هي پکي امن جا يغامبر آهن.“
”اوهان سڀ ڪيڏانهن وڃي رهياآهيو؟“
”امن جي تلاش ۾.“
”اهو ڪٿي ملندو؟“
”اها خبر هجي ها ته ڇا اسان هن حالت ۾ برپٽ بيابان ڀٽڪون ها؟“
”پوءِ هي لاش دفن ڇو نٿا ڪريو، ڪيستائين ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻي هلندا رهندا؟“
”اهو انسانيت جو لاشو آهي، ان کي دفن ڪيون جو مطلب ته اها هميشه لاءِ دنيا مان ختم ٿي مٽيءَ هيٺ دٻج وڃي!؟“
”ازل کان ابد تائين اسان جي هن سفر دوران ئي جڏهن هن جو طبيب اسان کي ملندو آهي ته اهو ان جي دوا دارون ڪري هن کي چڱو ڀلو ڪندو آهي ۽ ائين اهو لاش ڪڏهن ڪڏهن ٻيو ٻيو جنم وٺي زنده ٿيندو اهي ته اها هستي يعني: انسانيت ئي اسان جي اڳواڻ بنجي ويندي آهي. پوءِ فضا ۾ گونجندڙ اهي سڀئي ڀيانڪ آواز ختم ٿي ويندا آهن. اسان سڀني جا زخم رجي ويندا آهن. تڪليفون گهٽجي وينديون آهن. اسان جن چهرن جا نقش ۽ جسم ٻيهر اصلي حالت ڏانهن ورڻ لڳندا آهن. اهو سڀڪجهه تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن هن لاش کي ٻيهر حياتي ڏيندڙ ويڄ ملندو.“
”اهو ويڄ ۽ ماهر حڪيم آخر ڪير آهي؟“
”امن.“
”ان کي آخر ڪٿي ڳوليندا...!؟“
”خبر ناهي، پر اسان کي ڳولڻو آهي. مري ويل انسانيت کي ٻيهر حياتي ڏيڻي آهي. ازل کان ابد تائين اها تلاش جاري آهي. هلڻو آهي... بس، هلڻو آهي...“
آئون هڪ پاسي ٿي وڃان ٿي. بي انت انسانن جو قافلو وڃي پيو. منهنجي اڳيان، جن جا پير پٿون آهن. ڪنڊن سان زخمي آهي. هو روئن پيا رڙهن پيا... اُڀ ڏاريندڙ آهون... دانهون... هٿيارن جا ڪَنن کي ڦاڙيندڙ آواز... رت سان وهنتل انسان! چچرجي ويل جسم ۽ چهرا... زخمي پکي... انسانيت جي لاش مٿان زخمي پرن سان ڇانوَ ڪندڙ امن جا پيغامبر!
اُف خدايا! آئون ڪنن ۾ آڱريون وجهي ٿي ڇڏيان، ۽ اکيون بند ڪري ٿي ڇڏيان، ڇو ته اهو منظر ۽ ڀيانڪ آواز منهنجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان ٻاهر آهن ۽ پوءِ... بي اختيار آئون به اُڀ ڦاڙ آواز ۾ رڙيون ڪرڻ لڳان ٿي. روئان ٿي... منهنجين بند اکين مان ڳوڙها وَهي منهنجي منهن کي آلو ڪن پيا...
”الله اڪر... الله اڪبر...“ ان آواز تي ٻيا سڀ آواز ختم ٿي وڃن ٿا.
آئون ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي ويٺيس. منهنجيون نظرون سامهون دريءَ کان ٻاهران گهري نيري ۽ ڳاڙهي آسمان مان آهستي آهستي اڀرندڙ سج تي پيون، ۽ ڪنن ۾ پريان ايندڙ ڪوئل جي مٺڙي ڪوڪ ۽ جهرڪين جا موهيندڙ آواز پيا ته ڪلمو ڀريم، ۽ پوءِ اوچتو مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو چهرو اکين مان مسلسل لڙڪن وهڻ ڪري آلو ٿي ويو هو. مون لڙڪ اگهيا ۽ پوءِ فجر جي نماز پڙهي سجدي ۾ ڪري بي اختيار دل جي گهراين سان دُعا ڪندي چيم: ”اي منهنجا پروردگار! امن جي پانڌيئڙن جي پارت اٿئي!“