ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

پنهنجي پاران: پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن. . . . !!

سکڻ جي سُک جو جن مزو ماڻيو هوندو تن کي ئي ان مزي جي سواد جي سمڪ هوندي. سکڻ اهڙو عمل آهي جيڪو سموري زندگي جاري رهي ٿو. ڇاڪاڻ ته انساني حياتيءَ جي ابتدا سکڻ جي عمل سان ٿي آهي. روح کي به جسم ۾ داخل ٿيڻ سيکاريو ويو ته وري جسم کي روح سنڀالڻ لائق بنايو ويو. سکڻ جي انهي ابتدائي عمل مان ئي اڳتي هلي ڪائنات ۾ پڙهڻ جي پچار ٿيڻي هئي ۽ آدم کي اها سوکڙي نالن جي صورت ۾ عطا ٿي جنهن کي سکڻ جي سونهاري حڪمت عمليءَ سان هو سکندو رهي ٿو. اهو عمل ازل کان جاري آهي تا ابد جاري رهندو. اهائي ارتقا آهي. اهائي اوسر آهي. اها ئي ترقي آهي. سکڻ جي سُتي مان پرت جي پڪ پيئندي، اسان ساجن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ساجن کي سُڃاڻڻ جو اهو پنٿ ۽ پنڌ پرت جو پيچرو آهي جيڪو ماڻهن سان پيار جي ”پاٺ“ کي پڪو ڪرائي ٿو. سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ سان نينهن جو اهو ناتو نج سندن محبت تي ٻڌل آهي جنهن جي هيڪائي هيڪ کي ڪنهن به ٻيائي جو ٻک ناهي. سنڌ جنهن جو تصور به نرالو آهي، سنڌ جيڪا ڪنهن دور ۾ سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا هئي جنهن جون هن وقت به 2500 کان وڌيڪ سائيٽس ملن ٿيون. دنيا جي شايد ئي ڪا تهذيب هجي جنهن جا ايترا تاريخي ماڳ مڪان هجن. سنڌ جو هڪڙو تصور ”ثقافتي سنڌ“ جو تصور آهي جنهن جي پکيڙ به ڪافي وسيع آهي. سمورن ڪلاسيڪي شاعرن ان سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڀٽائي سائين ته ان کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳائي وڄائي نروار ڪيوآهي. سنڌ ميرن جي دور تائين ڪهڙي صورت اختيار ڪئي هئي ۽ چارلس نيپيئر جي چڙهائي وقت جيڪا سنڌ جي صورتحال نروار ٿي هئي ۽ ليڪو نڪتو هو. ان بابت به سڀني کي سُڌ آهي. سنڌ ۾ سونهن، سٻاجهائي، سخا ۽ سورويرتا به ججهي رهي آهي ته سنڌ پنهنجي ڇاتيءَ تي تاريخ جا ڪيئي ڪُوپ ۽ ڪُروپ به ڏٺا آهن. سنڌ ۾ ڪيئي ڦورو۽ لٽيرا ايندا رهيا آهن ۽ سنڌ جي وسيلن توڙي ماڻهن کي لُٽيندا رهيا آهن. انهن مان ڌارين جي اڪثريت جي باوجود پنهنجا به ان ڦرلٽ جا سهوليتڪاري رهيا آهن. ان ڦرلٽ ۽ ظلم ڪيئي نوان نوان ظلم اٻوجهه ۽ سادن سٻاجهن تي ڪيرايا. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. تاريخ وٽ ليکي چوکي جي پنهنجي جدول آهي. سنڌ سڀني سورن، ستمن، دوکن ۽ دولابن باوجود پنهنجو وجود قائم رکيو آهي، اها ئي پنهنجي پر ۾ وڏي ڳالهه آهي. مهين جي دڙي وارن آڳاٽن آثارن کان موجوده دور تائين ڪيئي واريون آيون ۽ وارو وڄائي تاريخ جي تهه خانن ۾ گم ٿي ويون. ان سموريءَ ڳڻ ڳوت لاءِ ڪيئي دفتر گهرجن ڇوته اها املهه ڪهاڻي طويل به آهي ته المناڪ به آهي، جنهن اڳيان يوناني ديومالاجي ”هيلن آف ٽراءِ“ هڪڙي ننڍڙي آکاڻي آهي. سنڌي ديومالاجي قصي ” دودي چنيسر“ جي ڳاهن واري ڳالهه تي جيڪڏهن فلم ٺاهي وڃي ته يوناني ڪهاڻيءَ واري فلم کي مقابلي ۾ مات ڏيندي. اهي سڀئي ڳالهيون ان ڳالهه جي ڳنڍ کولين ٿيون ته سنڌ سمورين آزمائشن مان گذرڻ باوجود پنهنجي وجود کي باقي رکيو آهي، اها بقا انساني دل ۾ هڪڙي دُعا کي مٺي پاڻيءَ جي چشمي جيان اڀاري ٿي ته سنڌ شال آباد هجي. ڪڏهن به سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي. سينڌ عزت، حرمت ۽ ست جو اهڙو اهڃاڻ آهي جنهن جي حفاظت به ڪبي آهي ته ان جي سلامتيءَ لاءِ دعا گهربي آهي. سينڌ جا وار جهلي جيڪو وچن ڪبو آهي ان وچن کي ڪڏهن به نه ٽوڙبو آهي، جيڪو واعدو ڪيو ويندو آهي ان واعدي کي هرحال ۾ پاڻي ڏبو آهي ۽ قول پاڙبو آهي. اهڙو واعدو عورت ئي ڪري سگهندي آهي جنهن وٽ سينڌ آهي مرد اهڙي واعدي جي نعمت کان محروم آهي ڇو ته وٽس سينڌ ناهي. ” سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ جي عنوان سان سندم پورهيو توهان جي هٿن ۾ آهي. هن کان اڳ گذريل ڪجهه مهينن ۾ پنهنجي پڙهندڙن کي ٽن ڪتابن 1. ”ساڌ ڪهاوڻ ڪٺن هي“ (تصوف)، 2. ”ٿر کي ڀانيون ٿوڪ (ٿر شناسي)“ ۽ 3. ”ڪارونجهر تي باهڙي (اياز شناسي)“ جي صورت ۾ پنهنجو پورهيو ارپيم. اميد ته پسند آيو هوندو. وري سنڌ شناسي بابت لکڻين جو هي مجموعو حاضر آهي. ڪا وڏي دعوى ناهي. بس محبت مان ڪيل رنڍا روڙ آهي. چت ۾ چائت رکي اسان سنهو ڪتڻ سکيو ئي ناهي. اسان جي اندر۾ ساجن جي سار ۽ سنڀار هر ويلي هردم هڪي آهي. سڄڻ جو چِت ۾ چڻڪڻ گهنڊيءَ جي لار وانگيان آهي ۽ اها سارئي زندگيءَ جي لار آهي. زندگيءَ جي گهنڊي سار جي لار کانسواءِ بي معنى ۽ بيساهي آهي. سنڌ ي ماڻهو سڀني لاهن چاڙهن ۽ ويساه گهاتين جي باوجود هرڪنهن کي اڻ ميو ۽ اٿاهه پيار ڏنو آهي ڇوته هو پنهنجي سرشت ۾ عاشق مزاج آهي، تڏهن ته کين ”بازار جي ڀيڙ“ به ليکو چوکو سيکاري نه سگهي آهي. اهڙن ماڻهن جي من جي پاتال تائين پهچڻ ڏکيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ جي سماجي تحرڪ کي اڃا تائين پورو سمجهيو ئي نه ويو آهي. جيڪو به کين محبت مان سڏي ٿو ته اهي سهڻيءَ جيان آڌيءَ جو ڪاهي ڪُنن ۾ به گهڙي پوندا آهن . سندن دل جي وسعت کي ڪيرئي ڪڇي نه سگهيو آهي. اها ڪڇ ويئٽ هرڪنهن جي وس جي ڳالهه به ناهي. ڀٽائي به سنڌ سُڪار جي دعا گهري هئي ته شيخ اياز به سندس دعائي تسلسل کي نباهيندي هن ريت چئي ڏنو ؛

نه جهانگي جهڄن ڪنهن به جهوري هتي،
نه سانگي ڪنهن کي به سُنگي ڏين
سدا مامتا جي رکين لاج تون
سدا چڻنگ ٻارين وساڻل چلهن
ڳڀي لاءِ ڳولا کُٽي ديس جي
نه لولالُڇائن نه لوليون لُڇن
جڏهن رات ٿئي ننڊ جي گود ۾
سڄو وقت ماروستابا سمهن
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن
لکڻ پڙهڻ جي ڪرت کي ڏسجي ٿو ته هر ماڻهو جيڪي ڄاڻي ٿو اهو ان کي ٻين تائين پهچائڻ فرض آهي. منتقليءَ جي اهڙي عمل ۾ نوجوان طبقي جو ساٿ ڀلي ڳالهه آهي. نوجوان قوم جو مستقبل آهن ۽ جنهن قوم جي نوجوانن ۾ سماجي جاڳرتا هجي ته اها قوم يقينن سڀاڳ واري آهي. سنڌ جو نوجوان به جاڳرتا جي ميدان ۾ تمام اڳتي آهي تنهنڪري سنڌ جو آئندو به روشن آهي. منهنجي لکڻين کي پڙهندڙن جي اڪثريت به نوجوانن جي آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته جنهن به نوجوان ۾ ڪلاجي چڻنگ نظراچي ان کي مناسب واٽ ڏيکارجي، همٿائجي جيئن اسان جو نوجوان به اتساهه حاصل ڪري ۽ ساهس ساهي ۽ اڳتي وڌي. منهنجي ڪتابن تي به ٻه اکر منهنجي انتهائي ويجهي، همروح ۽ سنڌ جي باشعور نوجوان ڪهاڻيڪار مير منصور مڱرئي لکيا آهن جيڪي مون لاءِ موتين کان گهٽ ناهن. منهنجي لکتن تي منهنجي پياري شاعر ۽ ليکڪ پٽ منظور احمد به هڪ نظر وڌي آهي. عقيل عباس سومري جي گوهر شناسي ۽ قدردانيءَ جو به معترف ٿيڻ ضروري آهي جنهن سنڌيا پبليڪيشن پاران منهنجي لکتن کي مان ڏيندي، سندم چوٿون ڪتاب ”سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي“ ڇپائڻ جو ڪم پنهنجي ذمي کنيو ۽ ڪتاب توهان جي هٿن تائين پهچايو. سندس وڏا وڙ. . . سڀ کان وڌيڪ پڙهندڙن جا لک لائق جن محبت واري موٽ ڏيندي، سندم لکڻين کي مان ڏنو. ڀٽائي جي سنڌ سڪار واري دعا ۽ اياز جي ڀٽ وسڻ واري دعا سان، اميد ته هي پورهيو به قبول پوندو.

وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا
ڀلي ديس پرديس سارا وسن
اسان سنڌ وارن ازل کان ”اياز“!
ڪنهن لاءِ مدي سمائي نه من


[b] نوراحمد جنجهي
[/b] مٺي، ٿرپارڪر
سنڌ