ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

سنڌ جو تعليمي منظرنامو؛ بگاڙ جا سبب ۽ ان جا حل

سنڌ جو تعليمي منظرنامو؛ بگاڙ جا سبب ۽ ان جا حل

سنڌ جنهن جي ٻوليءَ جي قدامت کي جڏهن ڏسجي ٿو ته محسوس ٿيندو ته اها ڪيتري شاهوڪار ۽ گڻوان آهي، ان جي رس چس کي هرهڪ اڄ به محسوس ڪري سگهجي ٿو. موهن جي دڙي مان لڌل مهرون هن قوم جي قدامت ۽ تعليمي حيثيت ۽ قد ڪاٺ کي ظاهر ڪري ٿي. مهرڳڙه جي قديم آثارن مان لڌل سامان مان پروڙ پوي ٿي ته هتان جي ماڻهن ڪيئن پنهنجو پاڻ کي علم جي اوت سان واڳيو هو ۽ سندن علم جي انهي اوج باقي دنيا کي به جوت ۽ جلا بخشي هئي. هتي جي ماڻهن دنيا م سڀ کان پهريائين جهنگلي شين کي گهريلو بنايو. ڪجهه ٻوٽا گهرن جي زينت بنيا ۽ مال پالڻ جي ڪرت شروع ٿي. انهي وقت باقي دنيا جيئرو جاڳندو جهنگل هئي. جهنگل ۾ منگل مچائڻ وارا سنڌي لوڪ هئا جن جي علميت، صفائي سٿرائي، اڏاوتي ڪاريگري ۽ مهذب پڻو تمام اعلى درجي جو هو جنهن جي شاهدي اڄ به موهن جي دڙي جون کنڊراتي وٿون ڏين ٿيون تنهنڪري سڄ کي ڏيکارڻ لاءِ ڪنهن ٻي ثابتي جي ضرورت ناهي ڇوته سڄ پنهنجو پاڻ وڏي حقيقت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻي جيئن موهن جي دڙي ۾ سڃ وسي ٿي تيئن سنڌي سماج ۾ به ڪاريءَ وارا ڪک لڳا پيا آهن، نه اها تهذيب آهي نه ان تهذيب جا رکوالا، هاڻي موڪريون گهٽيون ٺاهڻ جي بجاءِ ماڻهن پنهنجي گهٽين ۾ غسلخانا ٺاهي گهٽين کي ايئن بند ڪري ڇڏيو آهي جو اتان بيمارن ۽ لاشن کي کڻڻ واري لاري به لنگهي نٿي سگهي. سهپ ائن موڪلائي ويئي آهي جو هرهنڌ ماڻهن جا هڪٻئي جي جهنڊن ۾ هٿ آهن، قرباني، سخاوت، ننگن تان نثار ٿيڻ ته شاه جي شاعريءَ جي خزاني جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ آهن پر انهن املهه وٿن تائين پهچ جي ڪنجي يعني سنڌي ٻولي به اڄ جي پاڻ کي سڌريل سڌريل سمجهندڙ سنڌي طبقي جي ترجيح نه رهي آهي، سندن اولاد جن اسڪولن ۾ پڙهي ٿو اهي اسڪول توڻي ڪاليجون سنڌي ٻوليءَ کي مڙئي گاه گهٽ ٿا وجهن. انهن ادارن ۾ پڙهندڙ ٻار پنهنجي مائرن کي، امان جهڙي مٺڙي ۽ رسيلي لفظ سان پڪارڻ جي بجاءِ ممي سڏين ٿا ۽ مائٽ وري ٻارن کي پٽ يا پٽڙا چئي سڏڻ جي بجاءِ، بيٽا سڏين ٿا. اهو لاڙو اسان جي ذهني غلامي جي شاهوڪاريءَ کي ظاهر ڪري ٿو. انگريزي، اردو، عربي، چيني يا فارسي پڙهڻ تمام سٺي ڳالهه آهي پر سنڌي جي نڙيءَ تي ايئن ننهن ڏيڻ تاريخي ڏوهه آهي جيڪو اسان جي نسلن کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي، ڪنهن ويريءَ کي ڪو وار ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سنڌ جي تعليم جو سلسلي جو سلسلو آمريءَ جي تهذيب، موهن جي دڙي جي سڀيتا، ٻڌ مت جي ٻهڳڻ ۽ پر امن پرچار، راءِ گهراڻي جي شرافت، برهمڻ دور جي حرفت ۽ ڪاريگري، عربن جي پرڏيهي اثر، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور کان وٺي موجوده دور تائين پکڙيل آهي. انهي سموري تاريخي پس منظر ۾ نظر ايندو ته سنڌ جي تعليم ڌارين جي هٿن ۾ اچڻ وقت سدائين نقصان کاڌو آهي. ڏيهي عالمن جيڪا وڄا ونڊي ورڇي آهي تنهن ماڻهن جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. باقي سنڌ جي تاريخ سان جن به ڌارين هٿ چراند ڪئي آهي تن کي علم ۽ ڏاهپ وارا صرف ڌاريا نظر آيا آهن. ڏيهي ماڻهن کي ڄٽ ۽ ڪارا سڏيو ويو آهي. ويد ته سنڌي عالمن لکيا هئا پر انهن ويدن جا ليکڪ وري آرين کي چيو ويو آهي. آريا ته هئا ئي ڪانه پوءِ انهن ويد ڪيئن لکيا. مقامي علم ۽ تاريخ کي ڌوڙ ڪرڻ خاطر نوان نظريا گهڙي، آرين جهڙي عنقا مخلوق کي تاريخ جو حصو بنايو ويو. انهي سموري شاندار ماضيءَ جي باوجود، اڄ سونهاري سنڌ جيڪو ڏيک ڏيئي رهي آهي تنهن ۾ موهن جي دڙي جي مهذبپڻي جو ڪٿي نالو نشان به نظر نٿو اچي.
سنڌ ۾ تعليمي ادارن جي قدامت کي ڏسجي ٿو ته ان ۾ موهن جي دڙي جي اسٽوپا سان ملحق رهائشي ڪوارٽر ۽ جين مت وارن جو گوڙي وارو ڏهرو رهائشي تعليمي ادارن جو مثال پيش ڪن ٿا. برهمڻن به پاٺشالائون قائم ڪيون، وديالا اڏايا جن ۾ سڀني بنيادي علمن جي تعليم ڏني ويندي هئي. مندر سندن تعليمي سرگرمين جو محور هوندو هو جتي مذهبي ڄاڻ سان گڏو گڏ سماجي علم پڻ پڙهايا ويندا هئا. اهڙيطرح عربن جي دور کان مدرسن جي شروعات ٿي ۽ ٽالپرن جي واريءَ تائين اهي مدرسا ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا جن ۾ قرآن، صرف ۽ نحو، منطق، تفسير جو علم، نجوم، ابجد، جفر ۽ رمل جهڙا علم پڙهايا ويندا هئا. ٽالپر راڄ کانپوءِ، گوراشاهي قائم ٿي جن جديد تعليم کي جيئن سموري اُپکنڊ ۾ رائج ڪيو تيئن سنڌ ۾ 1845 ع ۾، ڪليڪٽر پريڊي، چرچ مشن اسڪول قائم ڪيو. پهرين سنڌي ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، نارائڻ جڳنناٿ ويديه جي نالي تي به اسڪول قائم ٿيو جيڪو اڄ به اين. جي. وي اسڪول جي نالي سان آهي. 1858ع ۾ حيدرآباد ۾ پهريون هاءِ اسڪول قائم ٿيو جيڪو اڳتي هلي نورمحمد هاءِ اسڪول جي نالي سان نامڪاريو ويو. 1859ع ۾ ڪراچي ۾ سينٽ پئٽرڪ ۽ سينٽ جوزف نالي سان اسڪول کليا. 1853ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ جو پهريون پرائمري اسڪول کوليو ويو. 1855ع ۾ نوشهري ۾ مڪتب، 1858ع ۾ سکر ميونسپالٽي مڊل اسڪول، 1876ع ۾ لاڙڪاڻو ميونسپالٽي مڊل اسڪول، جيڪب آباد جو مڊل اسڪول ۽ ٺٽي ۾ 1866ع ۾ مڊل اسڪول کوليا ويا. 19 صديءَ جي آخر ۾ خانگي اسڪول به کلڻ شروع ٿيا. 1862ع ۾ حيدرآباد ۾ چرچ مشن اسڪول کليو جيڪو اڳتي هلي ٻن اسڪولن سينٽ بونا وينچر بوائز هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميري گرلس هاءِ اسڪولن ۾ تبديل ٿيو. 1885ع ۾ هيرانند اڪيڊمي کولي ويئي جيڪا هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي نالي سان گول بلڊنگ جي ويجهو قائم دائم آهي. 1897 ع ۾ قائم ڪيل نووديالا اسڪول ماڊل اسڪول جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي. انهي عرصي دوران پروفيشنل ادارا. . . . تپيداري سکيا جو ڪاليج، ميڊيڪل اسڪول ۽ انجنيئرنگ اسڪول کوليا ويا. حيدرآباد ۾ استادن جي سکيا لاءِ سکيا ڪاليج قائم ڪيا ويا. حسن علي آفندي محمدن ايسوسيئشن جي سرپرستيءَ هيٺ 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام کوليو. 1947 ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج قائم ٿي. سيد الهندي شاه 1903 ع ۾ نوشهري ۾ مدرسو هاءِ اسڪول قائم ڪيو ۽ خيرپور رياست جي وزيرسدار ابراهيم 1906 ع ۾ خيرپور ۾ مڊل اسڪول کوليو. خانبهادر ميرغلام محمد خان ٽالپر ٽنڊي باگي ۾ پهرين جنوري 1920 ع تي لارينس مدرسو اسڪول کوليو. اهڙيطرح پارسي ڪميونٽي پڻ سنڌ جي تعليمي ترقي ۾ هٿ ونڊايو ۽ اسڪول کوليا. نادرشا عيدلجي ڊنشا جي نالي تي اين اي ڊي ڪاليج کوليو ويو، جيڪو اڳتي هلي يونيورسٽي ٿيو. ڪاليجي تعليم جي ابتدا هندن ڪئي ۽ پهريون ڪاليج ڊي جي (ڏيارام جيٺمل) ڪاليج جي نالي سان 1883ع ۾کليو. ٻيو ڪاليج ڊي جي (ڏيارام گدومل) نيشنل ڪاليج جي نالي سان 1917 ع ۾ کليو ۽ ٽيون ڪاليج شڪارپور ۾ 1936ع ۾ سي اينڊ ايس (چيلاسنگهه اينڊ سيتلداس ) ڪاليج جي نالي سان کليو جنهن مان شيخ اياز جهڙي مشهور سنڌي شاعر به تعليم حاصل ڪئي. سنڌ ميڊيڪل اسڪول1945ع ۾ ڪاليج ۾ تبديل ٿيو ۽ 1946 ع ۾ اهو ڪراچي منتقل ڪري مٿس سنڌ جي انگريز گورنر جي نالي پويان ڊو ميڊيڪل ڪاليج نالو رکيو ويو. سنڌ جا سمورا هاءِ اسڪول توڻي مڊل اسڪول بمبئي يونيورسٽيءَ سان ڳنڍيل هوندا هئا ۽ اتان جو امتحان اهڙو ڏکيو هوندو هو جو ڪي وير وريام ان چاڙهيءَ مان چڙهندا هئا، انهي امتحان جي وڏي دهشت ۽ هاڪ هوندي هئي. 3اپريل 1947ع تي سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ قائم ڪري محترم اي بي حليم کي ان جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. 9 اپريل 1951ع تي سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي مان ڪڍي حيدرآباد آڻي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي انجو وائيس چانسيلر مقرر ڪيو ويو. هاڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا ڪئمپس کوليا پيا وڃن پر ڪراچي ڏانهن ڪنهنجو به ڌيان نٿو وڃي ۽ ايئن سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي شهر هڪٻئي لاءِ سڪي ويا آهن. 1947ع ۾ سڪرنڊ ۾ پهريون زرعي ڪاليج کوليو جيڪو اڳتي هلي زرعي يونيورسٽي ٿيو ۽ ٽنڊي ڄام ۾ موجود آهي. گوراشاهي دوران سنڌي ٻوليءَ به ترقي ڪئي ڇاڪاڻ ته بارٽل فريئر جي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي رسماالخط جوڙيو ويو. سنڌي ۾ ترجما ڪيا ويا جنهن سان ڪافي ادبي اوسر ٿي. انهيءَ سموريءَ ترقيءَ ۾ اسانجي سنڌي اڳواڻن جو تمام اهم ڪردارآهي. انهن ۾ حسن علي آفندي، ديوان ڏيا رام جيٺمل، ساڌو هيرانند، ديوان نولراءِ، راءِ بهادر تاراچند، سيد الهندو شاه، ديوان ڪوڙومل، شمس الدين بلبل، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، بئريسٽر غلام محمد ڀرڳڙي، ديوان ڏيارام گدومل، سيٺ هرچندراءِ وشنداس، مرزا قليچ بيگ، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي، نورالدين احمد غلام علي نانا، علامه آءِ آءِ قاضي، عثمان علي انصاري، آغا تاج محمد، غلام حسين جعفري، غلام اصغر ونڊير، سيد غلام مصطفى شاه، جان محمد عباسي ٻورڙي وارو، سچل جنجهي جهڙن جونجهارن جو اڻٿڪ ڪوششون آهن جن سنڌ جي ماڻهو کي جديد تعليم جي زيور سان سينگاريو. ايئن سنڌ جي تعليم جو اهو سفينو سولائيءَ سان سير جا ڪٺن سير ڪندو پئي آيو، بي سرو سامانيءَ جي باوجود مسڪين ماڻهو به پنهنجي ٻارن کي محنت مزدوري ڪري تعليم ڏياري رهيا هئا. جيئن وقت گذرندو ويو تيئن اها ٻيڙي آهستي آهستي سير جي ويرن جي ورچڙهي ۽ لوڏا کائڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته جيئن ناقص ناکئا ايندا ويا تيئن لهرن جي لوڏن ٻيڙي کي لوڏڻ جي ڪئي جيڪا هاڻي لڏندي لمندي ٻڏڻ طرف روان دوان آهي. تعليم جو معيار گهٽجي ويو، غريب جي تعليم امير جي تعليم کان الڳ ٿي ويئي، اسڪول وڏندا ويا، علم گهٽجندو ويو، صاحب وڌندا ويا، شاگرد گهٽجندا ويا، ڊگريون ورهائجن پيون، نوڪريون وڪامجن پيون، غريب پيڙهجي پيڙهجي به پنهنجي ٻار کي مشڪل سان پڙهائي ٿو. پيلن اسڪولن کي گهوسٽ اسڪولن جو نالو ملي چڪو آهي، استاد گوسڙوءَ جهڙي گٿي لفظ سان نوازيو ويو آهي. انهي صورتحال سماج جي هڪ اهم اداري جي خراب حالت ڪري رکي آهي. مختلف ادران جا سروي شايع ٿيندا رهن ٿا جن کي ڏسي لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن ڇو ته انهن ۾ جيڪا صورتحال نظر ٿي اچي اها انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. زميني حالتون ان کان به وڌيڪ خراب آهن. مثال طور؛ اثر جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 3کان 5 سالن جي عمر وارا اسڪول کان ٻاهر ٻار 61. 2 سيڪڙو، 6کان 16 سال وارا 32 سيڪڙو ٻار آهن. يا وري قومي تعليمي پاليسي 2009 مطابق اسڪول کان ٻاهر 100 ٻارن مان 31 پرائمري تعليم مڪمل نٿا ڪن. باقي 69 مان 11 مڊل اسڪول تعليم مڪمل نٿا ڪن، باقي بچيل 58 مان 9 ثانوي تعليم نٿا پوري ڪن. اهڙيطرح 100 مان 49 مئٽرڪ پاس ڪن ٿا. انهي ڏس ۾ ڇوڪرين بابت انگ اکر وڌيڪ مايوس ڪن آهن. اثر جي رپورٽ مطابق اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي سلسلي ۾ نوشهري فيروز ضلعي ۾ سڀکان گهٽ ٻار اسڪول کان ٻاهر (20. 4 سيڪڙو) آهن ۽ اهو تعداد سڀکان وڌيڪ (50 سيڪڙو) ڪشمور ضلعي ۾ آهي. اهڙي طرح نظر ايندو ته تعليم جي انهي تنزل جا ڪيئي ڪارڻ آهن.

1. سٺي حڪمرانيءَ جي کوٽ سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. جنهن ڪري بهترين نگراني ۽ ترت پڇاڻي جهڙا ڪم انتظامي عملدارن جي ترجيح نه رهيا آهن. نااهل ۽ بدعنوان ماڻهو تعليم جي انتظامڪاريءَ ۾ اچي وڃن ٿا يا آندا وڃن ٿا، جن ۾ نه صلاحيت هوندي آهي نه سندن نيت ٺيڪ هوندي آهي. تعليم سان شوق ۽ گهڻگهرائي ءَ جي بجاءِ سندن دل جو لاڙو دمڙيءَ ڏانهن وڌيڪ هوندو آهي، سڄو ڏينهن پئسن ڪمائڻ جي ڪرت جو ڪم جاري هوندو آهي ۽ ويچاري تعليم وچ ۾ بي ڌيانيءَ جو شڪار ٿي پيئي، مڙئي رڙهندي ۽ رينگندي آهي.
2. تعليم لاءِ اڻ پورو بجيٽ رکڻ به تعليمي ابتريءَ جو سبب آهي. قرض لاءِ اسين قرض کڻندا ۽ رکندا آهيون پر تعليم جي سڌاري واڌاري لاءِ ڪي خاطر خواه رقمون رکيون نٿيون وڃن. رکيل اڻپورو پئسو بدعنوان واڳن جي ور چڙهي ٿو وڃي. نتيجي ۾ قوم جي هڪ وڏي طبقي جي تعليم اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ٿي. متاثر طبقي ۾ ۾ غريب ۽ وچولو طبقو آهن.
3. تعليمي نظام مختلف ڀاڱن ۾ ورهائجي چڪو آهي، ڪٿي پيلا سرڪاري اسڪول آهن، ڪٿي گهڻ خرچا خانگي اسڪول آهن، ڪٿي غير ملڪي امدادن تي هلندڙ مدرسا آهن ته ڪٿي وري ٻئي ڪنهن نمونِي جا اسڪول آهن. ٿلهي ليکي نظر ايندو ته هتي تعليمي خدمت ٻن ڌارائن ۾ ورهايل آهي. هڪڙي غريب طبقي جي تعليم ۽ ٻي سرنديءَ وارن جي تعليم، هڪڙي حاڪم طبقي جي تعليم، ٻي محڪوم طبقي جي تعليم. مطلب ته انهي امتيازي رخ غريب ماڻهوءَ کي غلط پيغام ڏنو آهي. ٻيو ته اڳي ڳوٺ جي وڏيري يا ڊپٽي ڪمشنر جو پٽ به انهي اسڪول ۾ پڙهندو هو جنهن ۾ هاري، پورهيت جو پٽ به تعليم پرائيندو هو. انهي ۾ مقتدر طبقي جا ماڻهو سرڪاري اسڪولن تي نظر رکندا هئا. اها نگراني ماڻهن کي ڀاڱي ايندي هئي، سندن اولاد معياري تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندو هو. هاڻي سرنديءَ وارن جو سرڪاري تعليمي سرشتي ۾ ڪجهه نه اچي، نه وڃي تنهنڪري اهي ادارا ننڌڻڪا لڳن ٿا.
4. تعليم کي ماڻهن نوڪريءَ جو ذريعو سمجهيو آهي تنهڪري تعليم جو ڪاج محدو د ٿيو آهي. مارڪيٽ ۾ نوڪرين جو آسانيءَ سان نه ملڻ ماڻهن کي مايوس ڪري ٿو ۽ اهڙيطرح ڪسي موٽ ملڻ جي ڪري غريب طبقو ٻا ر کي نٿو پڙهائي، ڇاڪاڻ ته جيڪو خرچ تعليم تي اچي ٿو اهو کيس آسانيءَ سان ميسر ناهي، قرض کڻي پڙهائڻ جو جوکم کڻڻ کان ماڻهو لنوائين ٿا ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ تعليم نوڪريءَ جو ذريعو آهي.
5. تعليم جي سرشتي ۾ نصاب جي وڏي اهميت آهي. حالتن سان مطابقت نه کائيندڙ، انتهائي پراڻو نصاب به تعليم جي ڪسي ٿيڻ جو هڪ سبب آهي. نصاب متوازن ۽ عصري تقاضائن پٽاندر هئڻ گهرجي. نصاب ۾ زندگي گهارڻ جي گُرن ۽ فني تعليم تي گهٽ ڌيان هجڻ به تعليم کي نامناسب بنائي ٿو.
6. سکيا، ترقي ۽ جائزي جو ڪو جوڳو انتظام نه هجڻ به تعليمي ڪم کي هاڃو رسائي ٿو. استاد توڻي انتظامڪاري عملي جي موثر ڪارڪردگي لاءِ سکيا، ترت ۽ وقت سر ترقي ۽ جامع جائزو ضروري آهي. انهن شين جي کوٽ اسانجي تعليمي سرشتي کي بي اثر بنائي ڇڏيو آهي.
7. سڀکان اهم ۽ مکيه نقطو اهو آهي ته تعليم ڏانهن جن جو رجحان ئي ناهي اهي تعليم جا سرگرم ۽ اهم ڪارڪن بنيا ويٺا آهن، جيڪي ٻيءَ ڪنهن نوڪريءَ ۾ نٿا کپن اهي استاد جي جاءِ اچي والارين ٿا ۽ پنهجي قوم جي ٻچن تي ڳرو هٿ رکن ٿا. پڙهائڻ جي بجاءِ گاڏين تي ڪنڊيڪٽري ڪن ٿا، ڳوٺن جي پٽيلي ڪن ٿا، پوليس جي ڇاڙتي جو ڪم ڪن ٿا، بس صرف نٿا ڪن ته هڪئي ڪم نٿا ڪن اهو آهي پڙهائڻ جو ڪم.
8. ڳوٺاڻن پاران هن ڪم ۾ گهٽ دلچسپي وٺڻ به تعليم کاتي کي نقصان رسائي ٿو. ڳوٺاڻو هيڊ ماستر سان گڏ اسڪول جي انتظامڪاري ڪاميٽي جو صدر آهي، پر هو هيڊ ماستر سان گڏجي انهن پئسن کي تين وال ڪرڻ جي ڪڌي ڪم ۾ نظر اچي ٿو. جيڪڏهن ڳوٺاڻو ٿورو به ايماندار ٿي سرگرم ٿي پوي ته ڪافي بهتري۽ جي گنجائش آهي.
9. اسڪول کولڻ ۾ تعليمي ضرورت جي ترجيحات کي مد نظر رکڻ جي بجاءِ سياسي لاڙي کي مدنظر رکڻ تعليم کي وڏو نقصان پهچايو آهي. اسڪول کولڻ، اسڪول منتقل ڪرڻ، اسڪولن جون عمارتون اڏائڻ انتهائي اهم ڪم آهن جن جو اثر سموري تعليمي نظام تي ٿئي ٿو. انهي سموري رٿابنديءَ جو بنياد نج اهليت ۽ تعليمي ترجيح هئڻ گهرجي.
10. تعليمي سٽاءَ ۾ سمعي بصري، ڊجيٽل شين جي مددگار شين جو استعمال نه هجڻ يا گهٽ هجڻ، جنهنڪري موجوده نسل جو ٻار گهڻو ڪجهه ڀوڳي ٿو. هن وقت جو ٻار تمام گهڻي سجاڳيءَ وارو ٻار آهي، کيس انهي سطح تي تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن زماني جو هو ٻار آهي.
انهي زوال پذيري ۽ تنزل لا ءِ ڪجهه حل تجويز ڪجن ٿا جن تي عمل ڪرڻ سان اسان جو تعليمي سرشتو ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو. اهي حل هي آهن؛

1. تعليم جي نگراني، نظرداري ۽ رهنمائي واري سيٽ اپ کي ٻيهر ڏسندي، بهتر حڪمراني واري دستور کي اپنايو وڃي. سمورو انتظامي ڍانچو اهل ۽ اورچ فردن تي مشتمل هجي جيڪي ڪنهن به اوڻائي، غلط ڪم، بدعنواني کي بخش نه ڪن. سندن پهرين ترجيح تعليم هجي. سياسي وابستگي جي اثر کان جيڪڏهن بچڻ ممڪن نه هجي ته گهٽ ۾ گهٽ اهليت کي مدنظر رکيو وڃي. تعليم جي ڪاروهنوار ۾ ڪابه سياسي مداخلت ۽ رعايت نه هجڻ گهرجي. فرض شناس، ايماندار ۽ محنتي ماڻهن کي شاباس ڏيئي همٿايو وڃي، انهن جي ترقي ۽ اوسر کي يقيني بنايو وڃي.
2. تعليم لاءِ مناسب بجيٽ رکي وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول کي پڻ عملي جامو پارائيندي تعليم لاءِ جوڳي خرچ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن ڪم لاءِ قرض کڻڻ به ڪو ميهڻو ناهي.
3. سموري عوام کي تعليم جا هڪجهڙا موقعا ميسر هئڻ گهرجن، تعليمي سرشتو امير ۽ غريب جي وچ ۾ ورهايل نه هئڻ گهرجي، اهو هرهڪ شهري کي هڪجهڙا موقعا ڏئي. سماج ۾ موجود مختلف پس منظر رکندڙ طبقن جو اولاد گڏجي پڙهڻ گهرجي جيئن سماجي ميل ميلاپ وڌي ۽ معاشرو هاڪاري رُخ ۾ وڌي. غريب طبقي جو ڪو ٻار اعلى طبقي جي اسڪولن ۾ داخلا جو اهل هجي ته سرڪار انجو خرچ برداشت ڪري.
4. تعليم رڳو نوڪريءَ لاءِ آهي، ان احساس کي معاشري مان ختم ڪرڻ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي.
5. نصاب عصري تقاضائن سان مناسبت رکندڙ هجي. سماج جي سڀني طبقن جي هر پهلوءَ کي مد نظر رکي نصاب تيار ڪرايو وڃي.
6. استادن ۽ انتظاميا لاءِ سٺي سکيا جو جوڳو انتظام هئڻ گهرجي.
7. تعليم کاتي ۾ رڳو انهن کي کنيو وڃي جن جو تعليم ڏانهن رجحان هجي ۽ شوق سان ڪم ڪار ڪن ڇو ته تعليم صرف نوڪري نه پر خدمت پڻ آهي.
8. ڳوٺاڻن کي گهرجي ته اهي تعليم جي ڪم کي پنهنجو سمجهن ۽ ان ۾ ڪردار ادا ڪندي هر قسم جي بدعنواني ۽ غلطڪاريءَ کي روڪين. اڪيلي سرڪار جي وس ۾ ناهي ته اها عوام جي ساٿ ۽ سهڪار کانسواءِ ڪم ڪري. . ڇا اڄ اسان وٽ حسن علي آفندي، سيد الهندي شاه، ديوان ڏيارام جهڙا مخير ۽ گهڻگهرا فرد ناهن جو اهي اهڙا ادارا وري قائم ڪري سگهن؟ اڄ جي سمورن سرند ي وارن کان هي سماج ان قرباني جي تقاضا ڪري ٿو.
9. اسڪول نج تعليمي ضررتن ۽ ترجيحات جي مدنظر قائم ڪيا وڃن.
10. هن دور جي وڌيڪ جاڳرتا رکندڙ ٻار کي جديد سمعي بصري ۽ ڊجيٽل ساز سامان سان تعليم ڏني وڃي. تعليم سان گڏوگڏ تربيت جو به خيال رکيو وڃي جيئن اهي سٺا پروفيشنل ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪارائتا ۽ ذميوار شهري پڻ ٿين.