روح کي ڇُهندڙ سُرن جي راڻي. . . عابده پروين
راڳ انسان جي ويراڳ جي آبياري ڪندڙ اهڙي املهه ايجاد آهي جنهن کي ڪڏهن عبادت جو درجو به رهيو آهي. راڳ واقعي عبادت آهي ڇاڪاڻ جو اهو روح جي انهن تارن کي ڇيڙي ٿو جن مان انسان جو اصلي روپ نروار ٿئي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي ماڻهو نج صورت ۾ نظراچي ٿو. اسان راڳ کي پنهنجي گهر۾ ٻُڌو. هنڊايو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙو ڪن رس هجي جو ماڻهو ڪنهن سُريلي ساز جي آواز جي راز ۽ رمز جي ڪنهن پائي پئسي کي سمجهي سگهي. بابا سائين غلام محمد جنجهي به ڳائيندا هئا جن پنهنجي والد محمد عثمان کان راڳ جا سبق ورتا هئا. راڳ جي اها رغبت اسان کي به ننڍپڻ کان ئي ريڊيو تي هلندڙ پراڻن هندستاني گانن کان وٺي سنڌي ڪافين ڪلامن کي ٻُڌڻ جي سعادت نصيب ٿيندي رهي آهي جيڪا اڳتي هلي فنڪارن کي روبرو محفلن ۾ ٻُڌوسين. ٻاراتڻ جي هڪڙي يادگيري آهي ته اسين پنهنجي چاچي جي دڪان اڳيان بلورن پئي کيڏياسين تيستائين ريڊئي تي هڪڙو ڪلام هليو ”محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ“. ڪلام دل کي ڇهندڙ هو. آخر۾ ڳائيندڙ جو نالو ۽ شاعر جو نالو ٻُڌايو ويو ته هي آواز هو عابده پروين جو ۽ شاعري هئي منصور ويراڳيءَ جي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اهو روح ڇهندڙ آواز ڪنن ۾ ايئن ٻُري پيو چڻ هاڻي هاڻي ٻڌو هجي. جيئن گهر آيس ته بابا کان اچي پڇيم بابا عابده پروين بابت ڪجهه ٻُڌايو. بابا وراڻيو ”عابده ملڪ جي نامور ڳائڻي آهي جنهنجي آواز جو جادو هر دل کي پنهنجي سحر۾ وڪوڙي ٿو. منهنجي ساڻس ڄامشوري ۾ تازوئي ملاقات ٿي آهي (هي ڳالهه لڳ ڀڳ 35، 36 سال پُراڻي آهي) جتي هوءَ پنهنجي امڙ جو علاج ڪرائڻ آيل هئي “. بابا پنهنجي مامي ڏاڏي اسماعيل جو علاج ڪرائڻ سانگي ڄامشوري ترسيل هو. انهي مختصر ملاقات وري وري خاص عنايت ۾ واڌارو ڪيو پوءِ اسين ۽ بابا گڏجي عابده پروين کي ٻُڌنڌا رهندا هئاسين. جڏهن به ڪو نئون ڪلام ايندو هو ته ان کي پوري يڪسوئي ۽ سانت ۾ ٻُڌي وري تبصرا ڪندا هئاسين. اهڙي طرح عابده پروين جو راڳ اسان جي ڀاڳ ۾ به آيو.
عابده پروين لاڙڪاڻي ۾ اُستاد غلام حيدر جي گهر جنم ورتو. 70 واري ڏهاڪي ۾ سندس ڪُٽنب لڏي مٽياري کي اچي مان ڏنو جتان کان عابده پروين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي نئين ڳائيندڙ طور متعارف ٿي. مرحوم غلام حسين شيخ (سندس ور )جي ڌيان سان هن ڳائڻ جي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو. سنڌي، سرائڪي، پنجابي، اردو شاعري ڳائي اعلى ڪارڪردگي جو صدارتي ايوارڊ، ستاره امتياز ۽ لطيف ايوارڊ ۽ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ ماڻيائين. سندس ڳائڻ جي ناموس پرکنڊين پڌري ٿي. ننڍي کنڊ جا سڀئي ماڻهو کيس آواز مان ئي سُڃاڻن ٿا. دنيا جي به نامور اسٽيج پروگرامن ۾ ڏيکاريل ڪارڪردگيءَ يورپي لوڪن کي به سندس چڳ وڍيو مريد بنائي ڇڏيوآهي. عابده پرين ڪيترن ئي اڳ ڳايل ڪلامن کي پنهنجي نرالي رنگ ۾ ڳائي ٻيهر مقبول بنائي ڇڏيو آهي. ڪيتريون ئي نيون ڌنون ۽ طرزون متعارف ڪرائي، سنڌي موسيقي کي انتهائي نرالا ۽ نوان دڳ ڏيکاري ڇڏيا آهن. عابده جي راڳداري ۽ گلوڪاريءَ کي موسيقيءَ جا استاد الائي ڪيئن پرکيندا هوندا، تنهن بابت پاڻ ڄٽ ڇا ڄاڻون. اسان ته هن کي وجداني ڪيفيت ۾ ڳائيندي ٻُڌو آهي جنهن کي بيان نٿو ڪري سگهجي، محسوس ڪري سگهجي ٿو ته راڳ ڇا آهي ؟ اهو روح کي ڪيئن ريبي ٿو؟ راڳ ويراڳ ڪيئن آهي؟ راڳ ننڍي کنڊ جي مڻيادار وٿ آهي جنهن ۾ تان سين ۽ بيجو بانورا جهڙن استادن جو رت ست شامل آهي ته حضرت امير خسرو جهڙن خاص ماڻهن جي محنت شامل آهي. وري انهي راڳ مالا ۾ راجستاني رنگ هڪڙو نرالو انگ آهي. سمورو ننڍو کنڊ انهي روح ريبيندڙ ورثي سان ٽمتار آهي. اسان عابده پروين کي ان جي وجداني ڪيفيت ۾ صوفياڻا ڪلام ڳائيندي ٻُڌو ته محسوس ٿئي ٿو روح ڇا آهي؟ روح ريلو ڪيئن کائي ٿو؟ ماڻهوءَ جو من دنيا جي مٺاڻ ڏانهن ڪيئن لڙي ٿو؟ اسان کي عابده جي ڳايل سڀني صوفياڻن ڪلامن کي ٻُڌي تصوف ۽ عشق محبت جون نت نراليون معنائون سمجهه ۾ آيون جيڪي ٻي صورت ۾ ممڪن نه هيون تنهنڪري اسين سندس فن جي انهي روحاني گيرائي ۽ گهرائي جا پرستارآهيون. ”يارڪو هم ني جابجا ديکا“ ”سکي رو سنائو صاحب ڪيسا هي“، سُڻ بابت بره دي ڪيهي“، ”نالي الک جي“، ” گهنڊ کول ويکائو“، ”جب سي توني مجهي ديوانا بنا رکا هي“، ”ڪيئن سرچايان توکي“، ”من گهري مشتاق سان جيئري جدايون ڪيم ڪر“ ۽ ”تيري عشق نچايا“ جهڙا ڪلام روح جا چوڏهن طبقا روشن ڪري ٿا ڇڏين ۽ دل ۾ پيار جا نت نوان رنگ منور ٿين ٿا. باهو سائين جي ٻول ۾؛
دل دريا، سمندر ڏونگي ڪوڻ دليان ديان جاڻي هو
وڄئي ٻيڙي، وچئي جهيڙي، وچئي ونجهه مهاڻي هو
چودان طبق دلان دي اندر تنبو وانگر تاڻي هو
انهي کانسواءِ ٻين سڀني ڪلامن ۾ هن جيڪو روح ڦوڪيو آهي تنهن ڪلامن جي لفظن کي حيات جاودان بخشي ڇڏي آهي. سڀئي ڀلوڙ ڪلام آهن پر مونکي سندس ڳايل ٻه ڪلام سڀني کان وڌيڪ وڻن ٿا جن کي ٻُڌي جيڪي محسوس ٿئي ٿو آچون بيان ڪرڻ کان به قاصر آهيان ڇاڪاڻ ته منهنجو علم ناقص آهي، روح جا رنگ پورڻتا وارو مظهر آهن جن جو بيان ڏکيرو ڪم آهي. اهي ڪلام آهن هڪڙو مولانا عبدالغفور مفتون همايوني جو ڪلام ؛ ”تنهنجي ذلف جي بند ڪمند وڌا زندان هزارين مان نه رڳو“ ۽ ٻيو سائين ذهين شاه تاجي صاحب جو ٻول ” تو ني ديوانا بنايا تو مين ديوانا بنا، اب مجهي هوش ڪي دنيا مين تماشا نه بنا“. اهي ٻئي ڪلام اهڙا آهن جو ماڻهوءَ جي روح کي ريبي وحدت جي وسيع واديءَ ڏانهن وٺي ٿا وڃن. انهن ٻولن ۾ به سچ ڀريل آهي ته محترمه عابده پروين ان کي ڳائي اڃا وڌيڪ موثر بنائي ڇڏيو آهي. محترمه عابده پروين جي انهي اثرانگيز ڳائڻ پويان اوليائن، بُزرگن ۽ سندس مداحن جو دعائون آهن جو هوءَ مقبوليت جي انهي مهان پد تي آهي. اسان جي دُعا آهي ته شال سدائين سلامت هجي ۽ روح جي وسيع واديءَ جي ولهارن کي متحرڪ ۽ منور ڪرڻ جا سندس ٻهڳڻ سُر گونجندارهن. . آمين