انساني ترقيءَ جي ارتقا ۽ اُن ۾ سنڌ جو حصو
انسان جو روپ سروپ ۽ اُن جون طئه ڪيل منزلون ۽ ماڳ، چاڙهيون ۽ چاڙهيڪا ۽ لاهيون ۽ لوڙهون ڏسي عقل چرخ ٿئي ٿو ته ڪائنات جي هِن مرڪزي مظهر ڪيترو نه پنڌ پٽيو ۽ رائو ريليو آهي ۽ ڪٿي به ويٺو ناهي جتي به ويٺو آهي ته مٿانئس واري وري ويئي آهي. انساني سفر جي تاريخ جي اوک ڊوک ڏسي خيال اُن هستي ڏانهن وڃي ٿو جنهن اِها تخليق ڪئي ۽ پنهنجي خيال تي ڪئي ۽ ٻنهي جي تعلق جي اونهائي کي فلاسافرن، شاعرن، عالمن ۽ فنڪارن هر ڪلا ۽ فن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀٽائي سائين ڀُڻ اِنهيءَ سٻنڌ کي سون سريکين سٽن ۾ هن طرح نباهيو آهي:
پڙاڏو سو سڏ، وَرُ وائيءَ جو جي لهين،
هُئا اڳهين گڏ، پر ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيڻ جو سبب به انساني ادراڪ جي حسي ذريعن جي بناوٽ آهي نه ته ٻڌڻ ۾ به ٻه شايد نه محسوس ٿين. جيڪڏهن انسان پنهنجي حواسن کي رندو هڻي سنواري ۽ سُڌاري ته کيس سُپريان جي ڳالهڙي جيڪا هڪ نقطي ۾ سمايل آهي، سا سولي سمجهه ۾ اچي وڃي، جيئن شاهه ڪريم فرمايو آهي:
هِي ڪن گاڏهان وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
سندي سُپريان ڳالهڙي، تني سين سڻيج.
اهڙي طرح اهو سُرساز، تند تار ۽ اندر جو آواز انسان جي اندروني تجسس کي صدين کان گهليو کنيو اچي ۽ انسان شعور، علم ۽ انساني حاصلات ڪائنات جي ڪروڙين روپن ڀري ڪينواسن تي اِهڙا ڪوڪا هنيا آهن، جيڪي ٻي ڪا به مخلوق اُکيڙي ڪڍي نه سگهي آهي. انسان جو اِهو سفر جنهن جو بُنياد خيال جي خوشنما عمارت تي بيٺل آهي ۽ اُن جي شڪل وري تصور جي اظهاري صورت يعني عمل جي ڪارڻ ٿيندي رهي آهي. علم ۽ عمل جي اِها انوکي وٿ ڌرتيءَ جي گولي توڙي سموري ڪائنات ۾ اڻ ڳڻين ۽ جٽادار تبديلين جو سبب بڻي آهي. اهڙي طرح اِن سموري آکاڻيءَ جو وستار وڏو آهي ۽ وقت جي انڌي وانئر ڪافي شين کي پنهنجي ڌنڌ ۾ ڌنڌاٽي ڇڏيو آهي پوءِ به اڻ لکا اُهڃاڻ سهي، پرين جي پنڌ جو پار پتو ٻُڌائين ٿا.
انسان جيڪو جانور ۽ پوءِ ڏاڪا چڙهي سماجي جانور جي پد تي پُهتو، تنهن پٿر مان هٿ ڪهاڙيون گهڙي ٺاهڻ کان وٺي، پٿر تي گسائي باهه ڪڍڻ جهڙو عظم ڪم ڪرڻ کان وٺي، مائيڪرو سافٽ چپ ٺاهڻ تائين انيڪ ميل پٿر انساني شاهراه تي هنيا آهن، ڪير شين کي تصورائي ٿو؟ ڪير اُن تي هينين کي هنڍائي ٿو؟ ڪير ان کي اظهاري ٿو؟ يعني عملي صورت ڏئي ٿو. سڄو عمل هڪڙي دلچسپ ۽ پُر پيچ زنجير آهي.
مين خيال هون ڪسي اور ڪا،
مجهي سوچتا ڪوئي اور هي
ائين خيال جو انساني تصور وارو چشمو ٺوٺ سُڪل سنگلاخ جيلن ۾ به ڦٽي نڪتو آهي ته ريگزارن ۾ به، سڌن سنواٽن ميدانن ۾ به خيال پنهنجا واهڙ وهايا آهن ته ڀٽن جي ڀر ۾ پنهنجا ڪونتل ڪڏايا آهن. اچو ته هڪ نظر وجهون ته انسان ڪهڙو پنڌ ڪيو آهي، ڪيترو پنڌ ڪيو آهي ۽ ڪيئن ڪيو آهي، سنڌ ۾ اُن جو ڪو حصو پتي يا ڪردار به ڪا تهذيب رهي آهي يا وري اسان جي ناميارن عالمن نه ڄاڻ ڪهڙن اثرن هيٺ هر شئي کي سامي ۽ سُميري سري سان ملايو آهي! ڇا موهن جي دڙي جي عورت واري پُتلي جنهن کي ناچڻي سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پاتل کنج اونها اسرار ٿي کولي؟ ڇا ڪنگ پريسٽ جي خط کنيل ڏاڙهي ۽ ڦولدار ويس اُن جي تهذيب يافته هجڻ کي ظاهر نٿو ڪري، . انهي اوک ڊوک لاءِ تاريخ جي ورقن تي نظر وجهڻ ضروري آهي.
40000-60,000 ورهيه اڳ تخليقي ڌماڪو ٿيو جنهن جي نشاني طور غارن ۾ ملندڙ چٽ ۽ پٿر تي اُڪر جا نشان ملن ٿا 14000 کان 6000 ورهيه اڳ انسان کي ٻوٽن ۽ جانورن کي تاتيو ۽ هُن پنهنجي فطرت فتح ڪرڻ واري سگهه جو اظهار ڪيو. 1000 ق م پهريون دفعو مٽيءَ جو استعمال ڪيو ويو. 5500 ق م ۾ لکت جي پهرين صورت هندستان ۾ ملي ٿي. 2900 ق م کانپوءِ گل گاميش جو قصو ملي ٿو جيڪو پهريون تصور اتي رزميو آهي جنهن ۾ به انسان پنهنجي فنا کان بقا ڏانهن وڌڻ واري جنگ لڙندي نظر اچي ٿو. 2100 ق م ۾ پهريون قانوني ضابطو جوڙيو ويو. 2000 ق م ۾ ڦيٿي جي ايجاد ٿي 1200 ق م کان اڳ پهرين الفا-بي جوڙي ويئي. 640 ق م ۾ پئسو رائج ڪيو ويو. 600 ق م پهريون دفعو لاطيني جي لکتي صورت ۾ ثابتي ملي ٿي 585 ق م ۾ ٿيلس سج گرهڻ جي اڳڪٿي ڪئي ۽ ارسطو مطابق اها اُها گهڙي هئي جنهن سائنس ۽ فلسفي کي جنم ڏنو.
538 ق م ٻُڌ گوتم پنهنجي سفر کي شروع ڪيو 507 ق م ۾ اٿينز ۾ جمهوريت کي متعارف ڪرايو ويو 336 ق م کانپوءِ ارسطو دُنيا کي ڪلاسيفاءِ ڪيو. 3 صديءَ ق م جي وچ ڌاري اها تجويز آئي ته ڌرتي سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي. ٻين صدي ق م ۾ چين ۾ ڪاغذ جو واهپو شروع ٿيو. پهرين صديءَ عسيويءَ ۾ چين ۾ Wheelbarrow ايجاد ڪيو ويو. ساڳي وقت پارڪر ۾ پاري ننگر جهڙو نام ڪٺو شهر آباد ٿي چُڪو هو. 80 عيسوي ۾ چين ۾ Compass جو استعمال ڪيو ويو. 242ع کان اڳ اسڪندريه ۾ نئين افلاطونيت وڌي ويجهي. 570ع ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي پئدائش ٿي 633ع ۾ قرآن شريف جي تدوين ٿي. 751ع ۾ ڪاغذ چين مان پنڌ ڪندو مغرب پُهتو 904-906ع دوران پهريون دفعو چين ۾ ڪاوڙ ۾ بارود جو استعمال ڪيو ويو 1087ع ۾ ارينريئس بولوگنا يونيورسٽيءَ ۾ قانون پڙهايو. 1094/1117ع دوران آڪسفورڊ ۾ اُستادن کي نالا ڏنا ويا. تيرهين صديءَ جي آخر ۾ چوڏهين صديءَ جي اوائل ۾ اٽليءَ ۾ سرمايي واد ۽ بئنڪاري جو بُنياد پيو. چوڏهين صديءَ عيسوي جي اوائل ۾ يورپ ۾ يونيورسٽين جي ججهائي ٿي. چوڏهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ کاتا بندين ۾ ٻٽي داخلا جو واهپو ٿيو. 1403ع ۾ ڪوريا ۾ هڪ هنڌان پئي هنڌ کڄي سگهندڙ ٽائيپ جو استعمال ڪيو ويو. 1440ع ۾ ڇپائي ايجاد ٿي پهريون ڀيرو 1560ع ڪنهن ڇاپيل نقشي ۾ آمريڪا کي ڏيکاريو ويو 1517ع ۾ مارٽن لوٿر پنهنجا 95 اُصول/نظريا وٽن برگ چرچ جي دروازي تي ميخن سان هنيا. سُڌاري جي تحريڪ شروع ٿي. 1519ع ۾ ميگلان پئسفڪ مهاساگر ڏانهن ويندڙ ڏاکڻيون رستو دريافت ڪيو ۽ سندس ٻيلي Sebastian delcano ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر لڳايو. 1525ع ۾ Anabaptist جي سرواڻيءَ ۾ جرمنيءَ ۾ هارين جو انقلاب برپا ٿيو. 1543 ۾ مشهور سائنسدان ڪوپرنيڪس آسماني جسمن جي چُرپر ۾ انساني جسم جي جوڙجڪ متعلق ڪم ڪيو 1605ع فرانس بئڪن علم جي اڳڀرائيءَ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. وليم شيڪسپيئر شاهه ايليا ۽ مئڪبيٿ ڊراما تخليق ڪيا ته سروانٽيز جڳ مشهور ناول Don Quixote جو پهريون باب سرجيو. 1619ع ۾ مشهور فلسفي Descartes شڪ جي اهميت جو نظريو تصورايو ۽ جسم۽ ذهن جي ٻٽي هجڻ جو تصور پيش ڪيو 1625ع کانپوءِ ۽ ناول ادب جي صنف طور اُڀريو 1669ع ۾ پهريون دفعو پنڊيهڻن fossils کي زنده شين جي باقيات طور مڃتا ڏني ويئي 1670ع ۾ اسپينوزا Tractus theologico politicus جهڙو دستاويز ڏنو 1675ع کان 1683ع ڌاري مشهور سائنسدان Van Leeuvenhock پروٽوزوئا، اسپر ميٽوزوئا ۽ بئڪٽريا کي دريافت ڪيو. ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اخبارون عام جام ٿيون، رسالا جاري ٿيا، راڳداريءَ جا سُنگ هال وڌيا، عوامي پهلوءَ کي هٿي ملي ۽ اُن جو اُڀار ٿيو. چين ۾ ممنوع ڪتابن جي اگهوتري شايع ڪئي ويئي 1721ع ۾ ڊربي ۾ پهرين فيڪٽري قائم ٿي 1729ع ۾ بجليءَ کي فاصلو طئه ڪري ٻئي هنڌ پهچايو ويو 1750ع ۾ آمريڪا ۾ عظيم جاڳرتا ٿي ۽ 1760ع ۾ صنعتي انقلاب جي شروعات ٿي 1789ع ۾ وڏو ڦيرو آيو ۽ فرانسيسي انقلاب ظهور پذير ٿيو، ماڻهوءَ جي حقن جو فرانس ۾ پڌرنامو جاري ٿيو 1790ع ۾ پهريون دفعو ”وچئين طبقي“ جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو. ارڙهين صديءَ جي آخر ۾ انجيل جي مواد تي تنقيد جي شروعات ٿي ۽ ڌرتي بابت هڪٻئي جا ساٿي نظريا Vulcanism ۽ Neptunism نظر عام تي آيا 1805 ۾ بيٿوون جهڙي نامور موسيقار پنهنجي سيمفني ترتيب ڏني. 1816ع ۾ پهريون ڀيرو ٽيليگراف ڪم ڪرڻ شروع ڪيو 1831ع ۾ برٽش ايسوسي ايشن فارائڊوانسمينٽ آف سائنس جوڙي ويئي 1833ع کان پوءِPsychosis ۽ Psychiatric جا اصطلاح استعمال ڪيا ويا 1838ع ۾ مشهور ماهر عمرانيات ڪومٽ sociology جو اصطلاح جوڙيو ۽ Paleontologyجو اصطلاح پڻ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو 1840ع ۾ لوئي آگاسي برفافي دور جي نشاندهي ڪئي 1848ع ۾ يورپ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انقلابي تبديليون آيون ۽ رابرٽ اوون ڏيکاريو ته سڀني ڪرنگهيدار جانورن جو ڍانچو هڪجهڙو آهي 1856ع ۾ اوائلي يا جهنگلي انسان Neanderthal انسان جي ڪيپراٽي جرمنيءَ ۾ لڌي ويئي 1859ع ۾ حياتياتي سائنس جي دُنيا ۾ وڏو انقلاب آيو ۽ چارلس ڊارون Origin of Species ۾ ارتقا جو نظريو ڏيئي دُنيا جي شعور جي ٽين اک کولي ڇڏي ته انسان ڪيئن ارتقا جا مرحلا طئه ڪيا آهن انهيءَ نظريئي جديديت جي تصور جو پايو وڏو ۽ انساني ذهن جي اکين تي جڙهيل کوپا لاهي اُڇلايا انهيءَ جي رد عمل ۾ 1864ع، 1879ع، 1893ع ۽ 1899ع جديديت، انجيل تي تنقيد ۽ سائنس خلاف پاپائي فرمان جاري ڪيا ويا 1874ع ۾ ڪيمبرج۾ ڪيوينڊش ليباريٽري کولي ويئي 1885ع ۾ پاسچر ڇتي ڪتي جي چڪ لاءِ ويڪسين ايجاد ڪئي 1897ع ۾ طبيعات جي بُنيادي ذرڙي اليڪٽران جي دريافت ٿي. 1899-1900ع سگهنڊ فرائڊ پنهنجي نفسيات وارن نظرين سان سامهون اچي ٿو ۽ ”خوابن جي تشريح“ ذريعي نفسياتي ڇيد جو بُنياد پيو. اهڙي طرح يورپ ۽ ايشيا ۾ ٿيندڙ انهن اڳڀرائين انساني خيال کي اڳتي اندو ۽ اُن کانپوءِ خيال جي ڪافي ترقي ٿي پينسلين جهڙي اينٽي بائيوٽڪ دوا ايجاد ٿي. ڪمپيوٽر جي دُنيا ۾ انقلاب آيو ۽ لهر ترقي ڪندي دُنيا ۾ ڪميونيڪشن جو اهڙو انقلاب آڻي ڇڏيو جو دُنيا ڳوٺ بڻجي ويئي آهي ۽ دُنيا انهي تصور واري سفر سان گڏوگڏ تاريخ جي ميدان ۾به سفر ڪيو آهي جنهن ڌرتي جي تختي تي سنڌ ماٿريءَ اسيريا، بابل ۽ سُمير جهڙيون تهذيبون اُڀريون. تاريخ کي سمجهڻ لاءِ وري ماهرن اُن کي تاريخ کان اڳ واري جُڳ ۽ پوءِ تاريخ جي مختلف دورن ۾ ورهايو آهي جيئن شروعاتي هٿ ڪهاڙين وارو اوائلي پٿر وارو دور Eolithic يا اُن کانپوءِ ۽ جُڳاندر پٿري دور يا Paleolithic Epoch جيڪو 5 هزار کان 10 هزار ق م جو زمانو آهي ان زماني جا پٿر، هڏن ۽ سڱن مان ٺاهيل اوزار شڪاري قومن جي ڄُگاندر جهونن ڪُورن (Caves) مان لڌا ويا آهن. تنهن کانپوءِ پٿر جو نئون جڳ Neolithic Epoch اچي ٿو جنهن ۾ انساني تهذيب جلد ترقي ڪئي. مصر جي حاڪم گهرائڻ جي انجنيئرنگ جي ڪارنامن يعني اهرامن کي ڏسجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي، اهڙي طرح موهن جي دڙي جي بيمثالي اڏاوت جي تهذيبي ڏيک ويک به اُن کي دُنيا تهذيبن ۾ مٿي ۽ مانائتو ڪري بيهاري ٿو. انسان جي انهيءَ سفر جي قلمبنديءَ ۾ جيڪا رُنگ رهجي وڃي ٿي اُها آهي ته اڪثر ليکڪن تهذيبن جو مرڪز دجله ۽ فرات جي دوآيي يا Mesopotamia کي ڄاڻايو آهي ۽ اُر جي شهر کي قديم شهر ڪري ڪوٺيو آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو حضرت ابراهيم جي جنم ڀومي آهي. نامور تاريخدان آرنلڊ ٽوائن بي ”تاريخ جي مطالعي“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ ماٿري جا رهواسي ئي پهريان ماڻهو هئا جن ٻوٽن ۽ جانورن کي گهيرو ٿيو بنايو ۽ اها پهرين وڏي سائنسي وک هئي. اُن کانسواءِ سنڌو ماٿر جا جيڪي ماڳ مڪان مليا آهن سي بقول محترم عطا محمد ڀنڀري جي 13 ملين ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن جيڪي سُميري ڊيلٽائي خطي کان ستوڻا وڏا آهن ۽ دجله فرات هر هڪ نديءَ ۾ وهندڙ پاڻي لڳ ڀڳ روهڙي ڪئنال جيترو آهي. محقق عطا محمد ڀنڀري جي لفظن ۾، “ڪُجهه سنڌي مُهرون” اُر “شهر مان پُڻ لڏيون ويون آهن. ” “سنڌو ماٿر جا ماڻهو جا نشان اُر شهر ۾ حضرت ابراهيم جي جنم (1800-1700) ق م کان اڳ ملن ٿا. سنڌ ماٿر جي ماڻهن نه رڳو وڻج واپار جو ڪم شروع ڪيو پر اُن کي وڌايو ۽ Dockyards ايجاد ڪيو ۽ وٽ تراڙا ۽ ماپا متعارف ڪرايا. ڦيٿو ايجاد ڪيو ۽ ڍڳي گاڏي جي صورت ۾ پهرين لاري متعارف ڪرائي. سڀ کان وڏو ڪم جيڪو سنڌو ماٿرجي ماڻهن ڪيو سو سندن جوڙيل لکت آهي جيڪا دُنيا جي قديم ترين لکت چئي سگهجي ٿي. آمريءَ جي کوٽائي دوران اُن لکت جا اُهڃاڻ مليا هئا (3800-3000 ق م) ۽ ائين عطا محمد ڀنڀري مطابق اُنهي لکت ٻي هزاري ق م جي وچ ڌاري سامي ٻوليون ڳالهائيندڙن کي الف بي ريت رسم لاءِ هڪڙو بُنيادي ڍانچو مُهيا ڪيو هو. جڏهن سميري ۽ سامي تهذيبن جي ماڻهن ۾ وار لاهڻ جو رواج ئي نه هو تڏهن به سنڌ ماٿري جو ڪنگ پريسٽ وارو مجسمو مهذب هجڻ کي ظاهر ڪري ٿو، جنهنجي سيرب ايئن ٿيل آهي جهڙي ريت موجوده وقت جي ماڻهوءَ جي سنوارت ٺهيل هوندي آهي.
تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌو ماٿرجي تهذيب جنهن جا بُنيادي گڻ. . . . . وڻج واپار، تهذيبي ترقي ۽ علم هُئا. . . . . . . . سا دُنيا جي جڳاندر جهوني تهذيب آهي، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب اُنهن سڀني ماڳن مڪانن تائين ڦهليل هئي جيڪي هاڻي کوٽائي ۾ ظاهر ٿي چُڪا آهن ۽ مڃجي چُڪا آهن ته اُهي سنڌو تهذيب جو تسلسل آهن. نه ئي سنڌو تهذيب اُن ٽڪري جي تهذيب آهي جيڪو گوري غاصب چارلس نيپيئر نروار ڪري انتظاميا ليڪو ڪڍيو هو. تهذيبي طور انهي شاهوڪار تهذيب جي وارثن کي گهرجي ته اُهي پنهنجي وڃاڻل ورثي يعني وڻج واپار، تهذيبي ترقي ۽ علم جي ميدان ۾ ترقي ڏانهن وک وڌائين ۽ دُنيا کي پنهنجي علم ۽ عمل وسيلي ثابت ڪري ڏيکارين تي آهي دُنيا جي قدم ۽ شاهوڪار تهذيب جا وارث آهن ۽ جديد دور ۾ به ڪا تهذيبي سرواڻي ۽ اڳڀرائي جي دُنيا کي ضرورت آهي ته سندن علم ۽ عمل اُن لاءِ موجود آهي؟ اهو ئي سنڌي ماڻهن لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ ان چئلينج کي للڪار سمجهي کڻڻ ۽ نباهڻ لاءِ نوجوان طبقي کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ جهالت جي سمورن ادارن، ريتن رسمن کي ڊاهي ڍير ڪري، علم ۽ ساجهه واري پنهنجي نئين واٽ جوڙئي پوندي جنهن ۾ شعور جي لاٽ روشن ڪرڻي پوندي جيئن هر هڪ اُن روشنيءَ مان فيضياب ٿي سگهي.