سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ۽ اشتياق انصاري جي تحقيق
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جهڙي املهه ڪتاب تي ويچار ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين ضروري آهي ته تاريخ، سنڌ جي تاريخ ۽ اشتياق انصاريءَ جي تحقيق تي نظر وڌي وڃي جيئن ڪتاب جي اڀياس جو حقي حق ادا ٿي سگهي.
تاريخ، جنهن کي تواريخ، اتهاس يا هسٽري سڏيو وڃي ٿو. انهي لفظ جو مطلب سڀني زبانن ۾ لڳ ڀڳ هڪجهڙو آهي، جنهن جو مطلب آهي ماضي جي واقعات جو تٿ يا تاريخ وار احوال، مختلف واقعن ۽ وقوعن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ۽ سبب. تاريخ هڪ اهڙو فن آهي جنهن وسيلي قومن جي مزاج، طاقت، ڀئو، وهمن، گمانن، سخاوتن، ويڙهاند، رسڻ پرچڻ، زير ڪرڻ ۽ زبر ٿيڻ جي منظر ڪشي ڪئي ويندي آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته تاريخ قومن کي ماضيءَ جي تصوير ڏيکاري، مستقبل بابت جاکوڙڻ جو دڳ ڏيکاريندڙ علم آهي. تاريخ لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اها بادشاهن جي احوال تي آڌارڪ هوندي آهي ۽ تاريخ صرف بادشاهن ۽ وڏن مانهن جي ٿئي ٿي. انهيءَ مان نظر اچي ٿو ته تاريخ جي تصور جي ڪيئن ٽوڙ مروڙ ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو تاريخ جو صرف هڪ پاسو آهي جڏهن ته باقي اڻ ڇهيل حصو وڏو آهي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي يعني اڀري طبقي جي به ڪا تاريخ ٿيندي آهي. تاريخ سياست جو بُنياد آهي ۽ سياست معاشري جو وڏي ۾ وڏو ادارو آهي جيڪو باقي ادارن تي حاوي آهي ۽ سمورا ادارا ان جي پيروي ڪن ٿا. تاريخ جو شعور قومن جي زندگيءَ ۾ رڱ ڀري ٿو ۽ روح وجهي ٿو. تاريخ جو شعور مُرده قومن کي زنده بڻائي ڇڏي ٿو ۽ بيمار قومون چاق چڱيون ڀليون ٿي پونديون آ هن.
تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي وڌندي رهندي آهي ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪميت تي سوار ٿي ڪونتل ڪڏائيندي رهندي آهي، جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصور ئي ناهي. تنهنڪري شاه سائين جي هي هدايت هنيين سان هنڊائڻي پوندي؛
ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽيين،
هلندي هوت پنهون ڏي، ڀئو مڙئي ڀيل،
اُٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.
تنهنڪري هر قوم کي تاريخ جو شعور رکڻو پوندو نه ته واري وري ويندي ۽ اُها قوم پنههنجو وجود به برقرار نه رکي سگهندي.