سنڌ جي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙيءَ کي اُڪارڻ لاءِ ڪجهه تجويزون
اڄڪلهه تعليم، تعليم ۽ تعليم بحث مٿي بحث لڳو پيو آهي هر سرڪاري ادارو توڙي غير سرڪاري ادارو لئي مان لٺ ڀڃي ڪو نه ڪو ننڍو وڏو پروگرام ڪري، يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ۾ ”ناچ نه ڄاڻڻ“ جي باوجود اڱڻ اُبتو هئڻ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي ته قوم جي تعليم جو اونو صرف اُن اداري کي ئي آهي. اهي معاملا ننڍي سطح کان ويندي قانونسازيءَ جي ايوانن تائين پهتا آهن هر ڪو سنڌ جي تعليم جي سرشتي جي اوڻاين ۽ اڀراين ڳڻائڻ ۾ وسان نه پيو گهٽائي ۽ اُن جي ابتر صورتحال جو عڪس پيش ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه پيو ڇڏي. واقعي صورتحال ايتري خراب آهي به سهي نه ڄاڻ ڪيترا اسڪول بند پيا آهن، ڪيترا ڪاغذن ۾ هلي رهيا آهن پر زميني حقيقون ٻيو ڪُجهه ٻُڌائين ٿيون. نگران عملدارن جي صلاحيت ۽ مقرريءَ جي طريقي ڪار جي جيڪا صورتحال آهي تنهن جو بيان وري ڪيتريون ڪهاڻيون جنم ڏيندو. اُستادن جون تنظيمون، اُنهن جو تعليم جي واڌاري ۾ ڪردار ۽ اُنهن پاران ٿيندڙ احتجاجن جي سببن جا پيرا کڻڻ جي به ضرورت آهي ته نصاب جي نالي ۾ جيڪو ڇپيل مواد ٻارن کي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو تنهن جو ڇيد ڪرڻ ضروري آهي. انهي سڏ جنهن پڙاڏي جي گونج پئدا ڪئي آهي تنهنجو سُر سنگيت ۽ پڙلاءُ ايوانن ۾ به ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو. تازو سنڌ اسيمبليءَ ۾ مهمليءَ جي رٿ بابت بحث جون جيڪي سُرخيون اخبارن جي زينت بنيون آهن سي ڪُجهه هن ريت آهن.
● سنڌ ۾ تعليم تباهه آهي، ٻارن کي پٽيوالا پڙهائي رهيا آهن تعليمي ايمرجنسي لڳايو.
● تعليم جي شعبي مان سياسي مُداخلت ختم ڪئي وڇي، ڀرتيون ميرٽ تي ڪرڻ سان گڏ اُستاد تنظيمن جي سرگرمين ۽ نصاب تي نظرثاني ڪئي وڃي.
● سنڌ ۾ سکڻ جي صلاحيت، نتيجن ۽ انرولمينٽ جي حالت خراب آهي
● اُستادن کي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ چئون ٿا ته اُستاد تنظيمون اُٿي بيهن ٿيون.
● تعليم لاءِ سنڌ فيسٽيول وانگر مهم هلائي وڃي
● گهوسٽ اسڪول وڌن پيا ۽ اُستاد پڙهائڻ بدران گهر ويٺي پگهار کڻن ٿا
● تعليم جي حوالي سان کاهيءَ ۾ هليا ويا آهيون.
● اُستادن جون پگهارون اسيمبلي ميمبرن کان وڌيڪ آهن.
● اُستادن جي ڀرتين ۾ سياسي مداخلت نه هجي.
● سنڌ ۾ مدرسن وڌڻ جو نوٽيس ورتو وڃي خبر ناهي ته اُهي ڇا پيا ڪن
انهي بحثابحثي دوران جيڪا رپورٽ پڻ حوالي طور ڄاڻائي ويئي آهي اُها هڪ غير سرڪاري اداري پاران تازو جاري ڪيل رپورٽ آهي جنهن ۾ ابتر صورتحال جي عڪاسي ٿيل آهي. اُنهي رپورٽ ۾ اختيار ڪيل ڪَلُ پرزن بابت به سوشل ميڊيا ۾ بحث زورن تي آهي ته جنهن رپورٽ جا تحقيقي ذريعا ايترا ڪمزور ۽ ڪمين ڪوتاهين وارا هجن تنهن تي ڪيترو ڀاڙجي؟ سڀئي ڳالهيون ٻوليون، حال احوال بحث مباحثا ۽ تڪرار کيٽا پنهنجي جاءِ تي پر هڪڙي نقطي تي سموريون ڌريون متفق آهن ته تعليم جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي تنهنڪري ته ڪافي جمهوريت پسند ڌريون ”ايمرجنسيءَ“ جي ڳالهه ڪن پيون ڇا سُڀاڻي اُهي ڪنهن ”مارشل لا“ جي ڳالهه ته نه ڪنديون؟ يا ڪنهن جي پڙهايل پٽيءَ کي ورجايو ته نه پيو وڃي؟ انهن سڀني نقطن کي سميٽيندي اچو ته ڏسون آخر ڇا معاملو آهي جو تعليم جو غوراب گهري کڏ ڏانهن گهلبو پيو وڃي.
ٻن طبقن ۾ ورهايل تعليم:
سڄي صوبي ۾ يڪسان تعليمي سرشتو ناهي. ڪيئي تعليمي نظام ڪم ڪري رهيا آهن جن تي مختلف نالا رکيل آهن. ٿُلهي ليکي سمورو سرشتو ٻن حصن ۾ ورهايل آهن هڪ نمونو آهي؛ گهڻي دير کانپوءِ ياد آيل سرڪاري تعليمي ادارن وارو سرشتو جنهن ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جا ٻار داخل ٿيندا آهن ۽ اُنهن جو گراف مخروطي صورت ۾ مصر جو احرام ٺاهي ٿو يعني سال ۾ پرائمري ۾ جيڪي لکين ٻار داخل ٿين ٿا تن مان صرف چند هزار ئي گريجوئيشن مڪمل ڪري نڪرن ٿا ۽ اُنهن مان به اڪثريت بيروزگاريءَ جي بُک ۾ پاهه ٿيندي رهي ٿي. اهڙو تعليمي سرشتو ايئن سمجهو ته هاڻ صرف محڪوم طبقي تائين مخصوص ۽ محدود ٿي چُڪو آهي حڪمران طبقي جو ڪو به ٻار اُن ۾ ورلي داخل ٿي ٿو. اُن سرشتي جو تفصيلي ذڪر وري اُن کي پرائمري، مڊل، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي ڀاڱن ۾ ورهائي الڳ الڳ ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته هر ڀاڱي جا مسئلا الڳ الڳ آهن جن کي ڌيان ۾ رکي حل ڳولهڻ جي ضرورت آهي.
تعليم جو ٻيو سرشتو حاڪم طبقي يا خوشحال طبقي لاءِ مخصوص آهي جنهن ۾ اڪثر ادارا خانگي شعبي پاران قائم ڪيل آهن. اهڙن ادارن جون فيون ايترو ته ڳاٽي ٽوڙ آهن ۽ داخلا ايترو پيچيدي آهي جو هڪ غريب فرد ته پنهنجي ٻار کي اُن ۾ پڙهائڻ جو سوچي به نٿو سگهي. کليل مارڪيٽ ۾ هرهڪ کي اهڙا ادار کولڻ جي بيشڪ اجازت هئڻ گهرجي پر اُن ۾ داخلا هرهڪ لاءِ کُليل هئڻ گهرجي. ڀلي اُن جو بُنياد معياري ٽيسٽ هجي. جيڪڏهن ڪو غريب به اُن ۾ داخل ٿيڻ جو خواهشمند آهي ۽ اهل آهي ته اُن کي داخلا جو پورو حق ڏنو وڃي ۽ اُن جا تعليمي خرچ ڀرڻ ۾ حڪومت والدين جي مدد ڪري. اهڙي طرح ٻئي طبقا جڏهن گڏ پڙهندا تڏهن سماجي ميل ميلاپ وڌندو ۽ سماجي تفريق ۽ اڻ برابري ختم ٿيندي. سرڪاري ادارن کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ تجويز اها به آهي ته اُتان جا بااثر ماڻهو سياستدان ۽ بيروڪريٽ پنهنجي ٻارن کي اُنهن ادارن ۾ داخل ڪرائين جيئن اُنهن ادارن تي سندن مالڪي به رهي ته اُنهن ادارن جي موثر نگراني به ٿئي.
ڇوڪرين جو تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ:
نياڻين جي تعليم سماج لاءِ تمام ضروري آهي پر نياڻين کي پڙهائڻ ۾ جيڪي اُهنج ۽ ايذاءِ درپيش آهن تن جي ڪري ڇوڪرين جو وڏو تعداد تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته اُن کانپوءِ سندن لاءِ تعليم جاري رکڻ مشڪل هوندو آهي. پرائمري تائين گڏيل تعليم بهتر نموني ۽ مڊل تائين سُٺي نموني هلي ٿي پر ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي ۽ اعليٰ تعليم ۾ وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ڇوڪريون بلوغت ۾ پير پائين ٿيون ته والدين کي وڌيڪ خيال رکڻو پوي ٿو ۽ ڏورانهن ڳوٺن ۾ تعليمي سهولتون ناهن ته ٻئي طرف وڏن شهرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي سهوليت به موجود آهي پر رهائش وڏو مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل موجود ناهن باقي هرهڪ گهراڻو ڇوڪرين پڙهائڻ لاءِ لڏي شهر اچي رهائش اختيار نٿو ڪري سگهي ڇو ته اُن لاءِ اهو مالي طور نا ممڪن آهي ۽ ڪو به اهڙو سهائتاڪاري Support سرشتو ناهي جو اُن کي مدد ڏئي جيئن هُو پنهنجي ٻار کي پڙهائي سگهي.
نصاب:
نصاب پڻ عصري تقاضائن مطابق اهڙن بُنيادن تي ٺهيل هُجي جو اهو ارتقائي ڏاڪڻ وسيلي وڌندو ويجهندو ۽ سُڌرندو رهي. ايئن نه هجي جو نصاب مُدي خارج هجي يا ڪافي عرصو گذرڻ باوجود اُن تي نظر ثاني نه ڪئي ويئي هجي يا وقت، حالتن ۽ علائقي سان مطابقت رکندڙ نه هجي هڪڙو جامع قسم جو نصاف حقيقي تعليمي ماهر ٺاهين ٿا جيڪي پنهنجي قومي ضرورتن سان اُسنيت رکندا هجن ۽ وڃن نباهه ڪن نه ئي اهڙا فرد جيڪي سفارش يا رشوت ڪلچر وسيلي اڳتي وڌن. اُن سان گڏوگڏ نصاب ۾ توازن پڻ رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪِي ڌريون نصاب کي مڪمل مسلمان ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن تي ڪي ڌريون وري لادينيت جولبادو پهرائڻ جا سانباها ڪري رهيون آهن. اهڙين ٻنهي انتهائن کان هٽي ڪري اسان کي پنهنجي قومي، عصري ۽ مقامي ضرورتن ۽ گهرجن جو خيال رکيو وڃي. اسان کي ڪنهن کان به Dictation وٺڻ جي ضرورت ناهي اسان جنهن معاشري ۾ رهون پيا ۽ اسان کي ڪيڏانهن وڌڻو آهي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جون گهرجون ڇا آهن اُنهن تي غور ڪندي جامع پر مختصر نصاب جوڙيو وڃي جيڪو وقت به وقت نئون پُڻ ڪندو رهجي.
تعليمي ادارا، اُنهن جو عمارتون ۽ سازسامان:
تعليمي ادار جوڙڻ خصوصن اعليٰ تعليمي ادارا جوڙڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ جي رٿابندي ذهن ۾ رکڻ گهرجي تعليمي ادارن جي جوڙجڪ ۽ محل وقوع تي به ڌيان ڏنو وڃي ۽ اُن لاءِ گهربل سمورو سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي جيئن تعليم حاصل ڪندڙ ۽ تعليم ڏيندڙن لاءِ سهوليت پئدا ٿئي.
اجايون عمارتون يا سياسي خوشامد تحت عمارتون نه تعمير ڪيون وڃن سڀني عمارتن جو رڪارڊ جديد سائنسي طريقي GIS وسيلي دستاويز بند ڪيو وڃي جيئن هرهڪ واسطيدار نگران ڌُر جي اُن اداري تائين سولي پهچ هجي.
پڙهائيندڙ ۽ انتظامي عملو:
پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملو ٻئي اهليت جي معيار تي کنيا وڃن ۽ اُنهن جي وقت به وقت ضروري تربيت ڪرائي وڇي ۽ سندن ترقي ڪارڪردگيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪئي وڃي نه ئي سال ڳڻندي ته فلاڻو 15 سال هڪڙي گريڊ ۾ رهيو آهي هاڻ سندس گريڊ بدلايو ويندو. پڙهائيندڙ عملي کي واسطيدار مضمون ۾ اپڊيٽ رکڻ لاءِ سکيا جو جوڳو انتظام هئڻ گهرجي پوءِ به ڪير نه پڙهائي ته اُن تي سخت قدم کنيو وڃي. انتظامي ۽ نگران عملي جو به اهليت ۽ تربيت يافته هئڻ ضروري آهي ۽ سفارش تي نااهل ۽ ننڍي گريڊ وارن کي نه مقرر ڪيو وڃي ۽ انتظامي عملي جي به ضرورت مطابق سکيا ڪرائڻ گهرجي. جيڪو به منتظم يا نگران نااهلي جو مظاهرو ڪري اُن تي ترت قدم کنيو وڃي سمورن ملازمن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀني ادارن سميت تعليمي ادارن ۾ بائيو ميٽرڪ سرشتو لاڳو ڪيو وڃي. هيڊ معلمن، پرنسپالن، اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ آفيسرن، ڊسٽرڪٽ آفيسرن، ڊائريڪٽرن ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کان وٺي سيڪريٽريٽ تائين سمورن عملدارن جي چُرپر کي درجي وار ڄاڻ هيٺ رکڻ لاءِ اهڙي SIM متعارف ڪرائي وڃي جنهن وسيلي هرهڪ مٿيون آفيسر يا نگران پنهنجي ماتحت جي سرڪاري چُرپر کان باخبر هُجي. سمورو کاتو پاڻ ۾ انٽرنيٽ وسيلي ڳنڍيل هئڻ گهرجي جنهن کي سهوليت مطابق ڊائريڪٽوريٽ يا ريجن سطح تي يا wing سطح تي clusters ۾ ورهائي منظم ڪري سگهجي ٿو اُن سان هرهڪ سموري ترقياتي يا انتظامي عمل کان واقف هوندو ته پوءِ نگراني ۽ احتساب جو عمل به بهتر ٿيندو تعليم کاتي اُن جي شروعات ڪندي بدلين مقررين جا نوٽيفڪيشن ويب سائيٽ تي رکڻ شروع ڪيا آهن جيڪو سُٺو سئوڻ آهي.
اُستاد تنظيمون:
اُستاد تنظيمن جو ڪردار به واقعي بحث جوڳو آهي ۽ اُنهن جي سموري ڪم ڪار کي ڇنڊي ڇاڻي سگهجي ٿو. در حقيقت اُستاد تنظيمن ٺهڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿئي ٿي يا اُهي تنظيمون تحريڪون ڇو ٿيون هلائين يا اُنهن تنظيمن جو ڪردار محض پريشر گروپ وارو ڇو آهي، اهي اهڙا سوال آهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اُستاد طبقي جي ملازمتي ڍانچي کي ڪا با ضابطه شڪل هوندي يا ڪو فارمولا طئه هوندو جنهن مطابق ترقيءَ جو اهڙو عمل جاري رهندو ته پوءِ تنظيمون به پريشر گروپ مان تبديل ٿي تعليم سُڌارڪ ڏانهن وڌنديون ڇاڪاڻ ته پوءِ اُهو سندن مٿان اهڙي ذميواري ٿي پوندي جنهن کان اُهي ڪن لاٽار نٿيون ڪري سگهن.
اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽيون:
اهي درحقيقت راڄن جي ڪردار کي تعليمي ڪم ۾ سرگرم ڪرڻ لاءِ وجود ۾ آيون جيئن پڙهندڙ ٻارن جا والدين اُن عمل ۾ شامل ٿي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن پر اُهي ڪاميٽيون پئرنٽ ٽيچرس ايسوسي ايشن مان ورڻ مٽائي جڏهن اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽيون ٿي پيون ۽ ٻه ٽي ڏوڪڙ اچڻ شروع ٿيا ته اُستادن ۽ ڳوٺاڻن (جيڪي گهڻو ڪري اُستادن جا مٽ مائٽ يا رشتيدار هوندا آهن) گڏجي انهن پئسن مان ڏاٺ ڪوسي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڪثر هنڌن تي اسڪولن جي ترقيءَ جو ڪم اڌ ۾ رهجندو رهجي ويو. ڳوٺاڻن پاران تعليم جي سفر ۾ ڪردار نباهڻ جا سنڌ ۾ روشن مثال آهن. اڪثريت ڳوٺاڻا هرهنڌ صرف ۽ صرف ٻار پڙهائڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا پر سندن هٿ وس شين جو نه هجڻ يا بااختيار هجڻ جي ڪري اُهي اهڙو ڪم نباهي نٿا سگهن ۽ سندن سمورا خواب اُنهن ابن الوقت اُستادن ۽ سندن عزيزن (جيڪي SMC جا چيئرمن هوندا آهن) جي ڳٺ جوڙ ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح اهو ادارو پُڻ عوامي مفادن ۽ اُمنگن پٽاندڙ ڪم نٿو ڪري. اُن لاءِ اُنهي اداري کي مقامي حالتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر جوڙڻ گُهرجي جو اُهو پنهنجو ڪم ڪري نه ئي ٻن فردن جي هٿ ۾ هائيجيڪ هجي.
تعليم کاتي جي اهڙي صورتحال ۽ گنڀير مسئلن جي حل لاءِ ڪي ٺوس اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سماج جي هڏڏوکي ۽ ديانتدار ماڻهن جو شامل هُجڻ ضروري آهي. اِن ڏس ۾ ڪُجهه تجويزون غور لاءِ عرض رکجن ٿيون.
● سڀئي شهري برابر آهن ۽ سندن هڪجهڙا حق ۽ فرض آهن ته پوءِ سڀني لاءِ هڪجهڙو تعليمي سرشتو هئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ٻن خانن ۾ ورهايل تعليم سماج م ڪا نيڪ صالح اُپت نه ڏيئي رهي آهي يا ته وري سڀني لاءِ اُنهن ادارن ۾ موقعا هجن.
● ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي، ضرورت مطابق ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل ٺهرايا وڃن جيئن اهڙي قسم جي Dropout کي ٻُنجو ڏيئي سگهجي ۽ ڇوڪريون به ڇوڪرن وانگر برابر نموني تعليم پرائي سگهن.
● نصاب کي متوازن هئڻ گُهرجي اُن ۾ ٻارن جو سندن عمر مطابق ذهني سطح جو خيال رکيو وڃي. شروعاتي درجن کان وچولن درجن تائين تعليم ۾ مادري زبانن کي ترجيح ڏني وڃي جيئن ٻارن جي معلومات جو بُنياد پڪو پختو ٿئي ۽ فني ۽ عملي علم ڀلي انگريزي يا ٻئي ڪنهن جنهن به زبان هجن تنهن ۾ پڙهايا وڃن. بُنيادي ڪم اُهو علم يا فن پڙهائڻ آهي ۽ سڀئي ٻوليون اهڙي علم ۽ فن پڙهائڻ جو وسيلو آهن. باقي اصل ته اُهو علم آهي جنهن کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن به علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادري زبان يا ٻيون ڏيهي زبانون ئي وڌيڪ مؤثر آهن باقي رابطي ڪاريءَ لاءِ دُنيا جون سڀ زبانون سکيون وڃن ته به ڏوهه ناهي.
● تعليمي ادارا ۽ عمارتون سوچي سمجهي گهڻي رٿابنديءَ کانپوءِ ٺاهيا وڃن اهڙي رٿابندي صدين تي ڌيان ڏئي نه ئي ٿوري مُدت کي مفادن ۾ نظر ۾ رکي. سڀني عمارتن ۾ ضروري سائنسي يا فني سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن جي فارغ پئل اثاثن کي سُڪارج بنائيندي اُن مان آمدني پئدا ڪئي وڃي اهڙي طرح ادارن کي پاڻ ڀرو بنايو وڃي.
● مالي طور جيئن ادارا پاڻ ڀرا ٿيندا وڇن تيئن تيئن اُنهن جي سارسنڀال ۽ نگرانيءَ جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي راڄن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جن ماڻهن کي اهڙو ڪم سونپيو وڃي اُهي ڪنهن اداري جي شڪل ۾ منظم ٿيل هئڻ گهرجن ۽ سندن ڪاروهنوار واضح هجي ۽ سماج ۾ سندن ساک سُٺي هجي.
● پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملي جي ڀرتي ۽ مقرري مقرر ڪيل سرشتي جي معيارن پٽاندڙ ۽ اهليت جي بُنياد تي هجي. انهي سموري طبقي جي حاضري ۽ نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ مشيني يا ڊجيٽل جوڙجڪ کان مدد وٺندي اُن کي هڪڙي جامع بائيومئٽرڪ سرشتي جي حدن اندر رکيو وڃي جيئن سندن ڪارڪردگي جو سمورو حساب ڪتاب به صاف شفاف رهي.
● اُستاد تنظيمن کي به اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت ڏيندي، سندن جائز ۽ قانوني مطالبن کي مان ڏيندي تعليمي عمل جي ڪارائتي ڪم ۾ سرگرم ڪارڪن وانگر ڪردار نباهڻ جي ذميواري سونپي وڃي.
● سموري عمل بابت جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح تي سرڪار سڀني واسطيدار ڌرين Stakeholders جا ڊائلاگ منعقد ڪري سماج ۾ مناسب جاگرتا پئدا ڪري اهڙي عمل سان مسئلا کُلي ڪري سامهون ايندا ۽ راڄن جا ماڻهو هِن عمل جي مالڪي ڪرڻ شروع ڪندا ۽ ذميوار ملازم پنهنجي ذميوارين جو احساس پُڻ ڪندا.
● سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته تعليمي عمل کي قومن جي بقاءَ جو عمل ڪري سمجهن ۽ اُن جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ ضروري رقمون رکائين هر هڪ MNA / MPA Senator / وٽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا تعليمي پلان هئڻ گهرجن جن ۾ ورجاءَ کان پاسو ڪندي، اهڙيون رٿائون تجويز ٿيل هجن جيڪي عوامي ضرورتن پٽاندڙ هجن.
اهي چند اهڙا ڪم آهن جن ۾ ڪنهن وڏي رقم جي ضرورت ناهي موجوده وسيلن اندر رهي انهن سُڌارن کي لاڳو ڪري سگهجي ۽ سموري رٿابنديءَ جو محور موجوده سرشتيءَ جي بهتري، واڌو خرچن جو بار گهٽائڻ، وسيلن جو ارتڪاز، اڳواڻيءَ جو صحيح رُخ ۽ شفاف تعليمي ڍانچو، اسان لڏندڙ ٻيڙيءَ کي وچ سير مان ڪڍي سُک شانت واري سُڌريل ماحول ڏانهن آڻي سگهون ٿا ۽ اسان کي هِن نقطي تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ لاءِ سوچڻو پوندو سماج جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو اُستاد کي پنهنجي انتهائي اهم ۽ اعليٰ ذميواري کي سنڀالڻو پوندو ۽ راڄن کي پنهنجي جياپي لاءِ، پنهنجي نسلن جي جياپي لاءِ هِن ڪم ۾ قدم وڌائي اڳتي اچڻو پوندو تڏهن وڃي هڪ اهڙو سُٺو سرشتو رڄي راس ٿيندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءَ جو ضامن هوندو.