اشتياق انصاريءَ جو تحقيقي ڪم ۽ُ ڪتاب ڪوٽ ۽ قلعا
اشتياق انصاري انتهائي جاکوڙي لکيڪ ۽ مُهم جو انسان آهي جنهن سنڌ جي تاريخ تي نيارو ڪم ڪندي انتهائي املهه 9 ڪتاب آڇيا آهن جن جي اهميت متعلق جويي صاحب جي هِيءَ راءِ ئي ڪافي آهي. “سنڌي پڻ هڪ قوم جي حيثيت سان پنهنجي دفاع، جا جتن، هر زماني ۾ ڪندا پئي آيا آهن، جنهن جي شاهدي اشتياق انصاريءَ جا هي ٻه ڪتاب “سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا” ڏين ٿا.
اُنهن تحقيقي ڪتابن ۾ هُن روايتي تحقيقي انداز يعني ڪتابن تان ٽڪرن جا ٽڪرا اُتاري لکي ضخيم ڪتاب ٺاهڻ بجاءِ پنٿن ۽ پربتن، ڀٽن، ٿرن برن کي جهاڳيو ۽ جنهجوڙيو آهي جتي به هُو ويو آهي اُن ماڳ جون ماپون وٺڻ سان گڏوگڏ تصويري تاريخ به ڏني اٿس. تصويري تاريخ جي تمام وڏي اهميت آهي ڇو ته تصويرن وسيلي وقت سان پيدا ٿيل تبديلين جو پيرو کڻي سگهجي ٿو. اشتياق انصاريءَ جي سموريءَ تحقيقي جاکوڙ کي پڙهڻ جو ثواب۽ شرف اسان کي به حاصل آهي محقق هر هڪ ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته اُنهي موضوع بابت وڌ کان وڌ معلومات پيش ڪندي، پنهنجي ڪا راءِ جوڙي. معلومات جي اِهڙي ڀنڊار جو مثال سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ٻه ڀاڱا ۽ گورک جي گسن گاهن گهرن ۽ ماڻهن بابت ڪتاب “گورک” چٽو ثبوت آهن. گورک ايترو ته بهترين تحقيقي مواد آڇي ٿو جو مون اُن کي انگريزي زبان ۾ اُلٿو ڪيو آهي. جيئن اُهي محقق ۽ علم جا پارکو به ان املهه وٿ تائين پهچي سگهن جن جي پهچ سنڌي زبان تائين نه آهي. اهڙي طرح اوڏن تي سندس ڪيل تحقيق “اوڏ مٽي ءَ جا ڪوڏ” جو Style پنهنجي مٽ پاڻ آهي. ايئن سندس ٻيا ڪتاب “ووڙيم سڀ وٿاڻ” “ خيما کاهوڙين”، “ انيس انصاري”، “ڌرتي ماتا” به معلومات جو ڀنڊار ۽ شاندار سرمايو آهن. انهن خوبين سان گڏوگڏ اشتياق تحقيق ڪندي پنهنجي تحقيق ۾ انيڪ ۽ اڻ ڳڻيا نوان حوالا پُڻ ڄاڻائي ٿو ۽ جڏهن اُنهن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته اشتياق جي هنن تحقيقي ڪتابن خصوصن “ڪوٽ ۽ قلعا” ۽“ گورک” بابت انهن ڪتابن جي ضخامت جيترا ڪتاب لکي سگهجن ٿا ۽ لکڻ گُهرجن. جيئن سنڌ جو پڙهندڙ ڄاڻ جي اهڙي خزاني مان لاڀ پرائي سگهي. کيس خبر پوي ته ڪوٽليا چاڻڪيا ڪير هو ۽ اُن اشوڪ ۽ ٻين جي بادشاهن کي ڪيئن متاثر ڪيو. آرڪمڊيز ڪهڙا نه شاندر اُصول بيان ڪندي ماڻهن کي جيڪا واٽ ڏيکاري هئي. تنهن ڪيئن اڄ جي جديد بحري Transportation کي ناممڪن مان ممڪن جو روپ ڏنو. هنيبال ڪير هو؟ 215 ق. م ۾ سيراڪوس جي حملي ۾ ڪتب آندل سمبوڪي جهاڙ ڪهڙا هوندا هئا؟ تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته اشتياق انصاري جنهن پاتار مان پيهي معلومات جا موتين جي ميڙا چونڊي ڪندي، سنڌ کي جيڪي املهه موتي آڇيا آهن، تن جي جيترو اوک ڊوک ڪبي اوترو اُنهن جي روشني وڌندي ۽ نت نيون راهون روشن ٿي پونديون.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا جُلد ٻيو، سنڌ جي 17 ڪوٽن ۽ قلعن جو احوال پيش ڪري ٿو. ليکڪ قلعن جي ڪَڇَ ماپ ڪندي اُنهن جي Design بابت اسڪيچ ڏنا آهن ۽ اُنهن ارڙهن ڪوٽن ۾ مشهور ڪوٽن سان گڏوگڏ اُهي گمنام ڪوٽ به شامل آهن جن نالو به اسان مان ڪيترن پهريون دفعو ٻُڌو يا پڙهيو هجي. هڪ شئي جڏهن هِن ريت اُپٽار سان سامهون اچي ٿي ته پوءِ اُن بابت وڌيڪ تحقيق لاءِ انيڪ درواز کلي ٿا پون. اشتياق انصاري ڪوٽ ۽ قلعا جي پهرئين جُلد ۾ 19 ڪوٽن جو احوال ڏنو آهي اُن ۾ ساڳي محنت ۽ جاکوڙ سان موضوع تي قلم کنيو آهي. پر هِيءُ ٻيو جُلد ڪوٽَ تي ڪوٽُ آهي جنهن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کي سمجهڻ لاءِ اُنهن جي پس منظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌ جي تاريخ جي معلومات پيش ڪئي ويئي آهي. تنهنڪري بقول محمد ابراهيم جويي صاحب جي هِيءُ ڪتاب سرس ۽ سَوايو آهي. هِن ڪتاب جي پيشڪش جو انداز به بهترين آهي ۽ ڪوشش ڪندي ليکڪ هر قلعي جي بيهڪ جي GIS به ڏني آهي جيئن اُن جي تُز هند جو تعين ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته هِي تاريخي نشان آهستي آهستي ميساربا وڃن پيا ۽ ڪنهن وقت شايد ايئن ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن جيئن اڄ تعليمي نصاب ۾ Dinosaurs جو احوال پڙهايو وڃي ٿو.
جس لائق ۽ واکاڻ جي مستحق سنڌيڪا اڪيڊمي جنهن هِيءُ علمي پورهيو پڙهندڙن تائين آندو. سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي روح روان نور احمد ميمڻ کي اُنهي خدمت لاءِ جس ڏيڻ گُهرجي جنهن جون سنڌي ڪتابن جي معياري ڇپائي لاءِ ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن.
ڄاڻ جي هن هيرن کاڻ کي ذري پُرزي پڙهڻ کانپوءِ آئون گذارش ڪندس ته هِن قسم جا ڪتاب تاريخ جا اساسي ڪتاب آهن ۽ اهڙن بُنيادي ڪتابن ۾ ؛
● تاريخي نالا ڄاڻائيندي اسان جا اڪثر ليکڪ هڪ غلطي ڪن ٿا ۽ اُها غلطي کين ورثي طور انگريزن جي لکيل تحريرن وسيلي ملي آهي ۽ انگريزن جي تحقيق جا ماخذ سنسڪرت ۽ ڏيهي ٻولين جون لکتون آهن جن ۾ اِسمن جو آخري پَدُ متحرڪ هوندو آهي ۽ انگريزن اُن کي رسم الخط ۾ متحرڪ رکڻ لاءِ a جو وڌارو ڪيو آهي ۽ رام کي Rama ۽ اشوڪ کي Ashoka. اسان جي فاضل ليکڪن وري ترجمو ڪندي اُها حرڪت a جي آواز سان برقرار رکي آهي جيڪا دُرست نه آهي جيئن:
اشوڪ کي اشوڪا، مگڌ کي مگڌا، گُپت کي گپتا، راڻي ڪونڀي کي راڻا ڪُمبا، رامائڻ کي راماينا
مهاڀارت کي مهاڀارتا، ارٿ شاستر کي ارٿ شاسترا.
اِن جو نتيجو اُهو ٿو نڪري جو پوءِ اُهي لفظ مروج ٿي لکتي سلسلي جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
● ڪوٽ ۽ قلعي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ڇا صرف لفظن جو فرق آهي يا ڪو فني ۽ بناوتي فرق به آهي؟
● ڪوٽن جا قسم بيان ڪندي لفظ درگ ڪم آندو ويو آهي سڄي برصغير ۾ ڪنهن به قلعي يا ڪوٽ تي اهو لفظ نالي جي اڳاڙيءَ يا پڇاڙيءَ طور مستعمل آهي يا نه؟
● ٽالپرن جا قلعا صرف رهائشي قلعا نه آهن ۽ اُنهن جي بيهڪ ۽ بناوت مان ظاهر آهي ته اُنهي جو پهريون مقصد دفاع آهي. ٿر جا سمورا ڪوٽ ۽ قلعا اهڙيءَ ترتيب ۾ آهن جو ٿر جي ٻنهي طرفن يعني ڏاکڻي حصي ۽ اُترئين حصي جي نظرداري ۽ دفاع ڪري سگهجي ٿو. اِهڙيءَ طرح اڇڙي ٿر جي قلعي کي انگريزن پاران جبرالٽر سڏڻ به چٽو اُهڃاڻ آهي ته ميرن جي قلعن جي پهرين ترجيح دفاع آهي.
● لفظ بنڀور جي معنيٰ ”ڳاڙهو“ لِکي ويئي آهي جيڪا تحقيق طلب آهي.
● دفاعي ڪوٽن ۽ رهائشي ڪوٽن ۾ جيڪو فرق نظر اچي ٿو اُهو اُنهن جي بناوت، بُرجن ۽ مارن مان آهي. خاص طور دروازي جي بناوت، دفاعي ڪوٽ جو دروازو ڏيڍي وانگر ٺاهيل آهي جيئن سڌو نظر نه اچي ۽ دُشمن اندر داخل ٿيڻ لڳي ته به اُن تي حملو ڪري سگهجي.
● ڪوشش ڪري ڏند ڪٿائي ڳالهين کي تاريخي تحقيق کان ڇنڊي ڇاڻي ڌار ڪرڻ گهرجي ۽ جديد سائنسي دور ۾ ”گلان مان گل ٿيو“ ۽ ”چيچ سيد هٿ ۾“ جهڙين ڳالهين جي ڪا اهميت ناهي.
● موزيڪانس لفظ مقدوني ليکڪن ڪم آندو آهي ۽ اُنهن ليکڪن پاران ڪتب آندل لفظن کي يوناني زبان جي پس منظر ۾ جاچيندي، سنڌي نالن جو پيرو کنيو وڃي جيئن تحقيقي لکتن ۾ نالا دُرست صورت ۾ نروار ٿي سگهن.
● اگهِم ڪوٽ ۽ اگهاماڻو به الڳ لفظ آهن اگهم ڪوٽ خاص عمارت جو نالو جڏهن ته اگهاماڻو سمورو علائقو آهي جيڪو اگهم جي بادشاهي هيٺ هو.
● سڀني ڪوٽن جي اڀياس کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته َ راڻيءَ جو ڪوٽ يا المعروف رني ڪوٽ سڀني کان نيارو آهي جيڪو سنڌ جي ديوار چين آهي ۽ هن ڪوٽ تي وڌيڪ تقابلي اڀياس جي ضرورت آهي ۽ اسان کي اُميد آهي ته اسان جا فاضل محقق جيئن بدر ابڙو آهي، اشتياق انصاري آهي يا سيد حاڪم علي شاهه آهي، هن ڪم کي اڳتي وڌائيندا جيتوڻيڪ سندن اِن بابت ڪيل ڪمپڻ تحسيِن لائق آهي.
● ٿر جي قلعن بابت وڌيڪ تفصيل سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
● ڇپائيءَ جي غلطين تي ڌيان ڏنو وڃي.
جس هجي محترم اشتاق انصاريءَ کي، جنهن اهم موضوع بابت ههڙو ڪتاب لکيو. هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي پرقلعبندي جو اهو اُهڃاڻ ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو پر اڄ سندس پونيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي ته اسين سڪندر جو اولاد آهيون جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي انهي تبديلي جي قانون ۾ ويساهه رکون