ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

لڳي بازاربنگلي سان

لڳي بازاربنگلي سان

سنڌ ۾ رهندڙ 70 سيڪڙو غريب آبادي، انيڪ مسئلن ۾ مامرن جو شڪار رهندي آئي آهي، پنهنجي غربت جي بٺيءَ ۾ پچي پچي غريب هاڻي ڪٽهڙو بنجي ويو آهي جنهن مان جهونن حڪيمن وانگر موجوده سياستدانن ۽ ٻين ماڻهن ڪيترائي فائدا حاصل ڪيا آهن. آباديءَ جي ايڏي وڏي حصي جوائين مستقل طور پيڙهيل، هيڻو ۽ ڏاڍن وهيڻو هجڻ يقيناً سنڌ جي سڀني گهڻ گُهرن ۽ ساجهه وندن لاءِ سواليه نشان آهي. رڳو انهيءَ طبقي تي ايتريون مصيبتون ۽ آپدائون ڇو ٿيون ڪڙڪن ڇا غريب طبقي جي اولاد لاءِ پيلي اسڪول ۾ وڃڻ لکيل آهي؟ ڇا غريب بيمار ٿي وڃي ڪنهن اهڙي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو ٺيڪو کنيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر هوندا ته دوائون نه هونديون ۽ دوائون هونديون ته ليباريٽري نه هوندي، ليباريٽري هوندي ته ٽيڪنيشن نه هوندو؟ ڇا غريب لاءِ اهو تقدير جو لکيو آهي ته ساڻس ڪو ڏاڍ ٿئي، سندس چوري يا ڦر ٿئي ته هو ڪنهن جي مدد کانسواءِ ٿاڻي وڃي نه سگهندو ؟ ڇو ته اُتي سندس فرياد جي پهرين رپورٽ نه ڪاٽي ويندي، جيستائين علائقي جو وس وارو ڪو سياسي واٺو فون نه ڪندو يا وري غريب جي مقدر ۾ اهو لکيل آهي ته هو سڄي عمر بسن ۾ چڙهي جلسا ڀريندو هلي ۽ ڪڏهن ’جيئي فلاڻو خان‘ ته ڪڏهن ”جيئي الاڻو خان “جا نعرا هڻندو هلي؟ ڇا غريب نسلن اِهو لکائي کنيو آهي ته اُهي پيڙهن کان وٺي جن نسلن جي استحصال ۽ ڦرلٽ جو شڪار ٿيندا اچن پيا اُنهن کي ئي سُنتون ۽ ڦوڙيون فراضَون ڏيندا رهندا ۽ سندن درگاهن ۾ پيل تالا بند پيتين کي پنهنجي پگهر پورهئي جي ڪمائي مان پُر ڪندا رهندا؟ انهن سڀني ڌٻڻن ۾ ڦاٿل آباديءَ جو اهو ججهو طبقو پنهنجي بقا جي جنگ لڙندو رهيو آهي ۽ ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته هُو پنهنجو پاڻ کي انهي 70 سيڪڙو آباديءَ مان مٿي کڻي 30 واري طبقي سان ڪُلهي ۾ ڪلهو ملائڻ جهڙو ٿئي، پر جيڪا تلوار مٿانئس نه رڳو لٽڪندي رهي آهي پر هر سال، چٺي ڇمهاهي، هر بجيٽ هر بُحران کانپوءِ ڪرندي رهي آهي تنهن هڻي ويتر کيس ويچارو ۽ وڌيڪ ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي اُها مصيبت آهي مهانگائي، جنهن لاءِ سؤ بهانا ۽ سبب ٻُڌايا وڃن ٿا، مهانگائي گهٽائڻ جا آسرا ڏنا وڃن ٿا غريب آبادي هر دفعي اِن ڪاٺ جي بُبي تي جيئي ٿي ته ٻيلي! هيءَ ايندڙ حڪومت جيڪا فلاڻي رئيس، چوڌري، ميان، پير، راجا، يا سيد سڳوري جي اڳواڻيءَ ۾ قسم کڻندي ساکين غربت جو قسم ڀڃائيندي پر هر دفعي اُهو قسم ڀڃڻ بجاءِ سندن ڪسمپرسي وڌندي وڃي ٿي. ان سموري ڪيس ۽ ڪلور جو ويهي وستار ڪبو ته اُن جا پاپي پيرا انسانيت جي رت چوس اقتصادي سرشتي. مُوڙي واد Capitalism جي بازار جي معيشت Market Economy ۾ وڃي کٽندا جنهن دُنيا کي چند سک ڏيئي، اُن ڪاري ڪن طرف ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن مان ڪوئي موٽيو ناهي تڏهن ته اهڙيون چوڻيون ٺاهيو ويون ته “بازار وڃي بنگلي سان لڳي آهي“
. هميشه اهو دستور رهيو آهي. جڏهن آبادي وڌندي ۽ دُڪانن جو تعداد وڌڻ لڳندو آهي ته اُنهن کي منظم صورت ڏيندي هڪ هنڌ پر آباديءَ کان پاسيرو” بازار“ ٺاهي ويندي آهي ۽ پوءِ اُها بازار جيڪا ماڻهو پنهنجي گهرن کان پر ڀري رکڻ چاهيندا آهن، سا وڌڻ ويجهڻ لڳندي آهي ۽ وڌندي وڌندي اچي آباديءَ ۾ پوندي آهي يا سندن گهرن کي ويجهي پوندي آهي ۽ انهيءَ لقاءَ تي انتهائي حيرت گاڏڙ خوف جو اظهار ڪندي ماڻهن چيو هوندو ته بازار اچي بنگلي سان لڳي آهي. پر هاڻي ته قصو ان کان به چڙهي ويو آهي ۽ بازار بنگلي سان لڳڻ کان اڳتي وڌندي اچي ماڻهوءَ جي کيسي ۾ پئي آهي يعنيٰ بازار ڪافي اهڙيون شيون پئدا ڪيون آهن ۽ گُرن جو ڄار جوڙيو آهي جنهن ۾ ماڻهو اهڙا باندي ٿي ٿاپون جو صفا ٻڌا ٻانها. سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيندا پر بازار جي ڪُجهه شين کي ڪنهن قيمت تي نه ڇڏيندا ۽ بازار جي اها غلامي کين پنهنجو الهه تلهه وڪڻائي ڇڏي ٿي. ۽ بازار ۾ ٿيل مهانگائي ته رهيل ڪسر ڪڍيو ٿي ڇڏي ۽ غريب آبادي اُن هيٺ. اهڙي بيدرديءَ سان پيسجندي رهي ٿي جو ڪبير صاحبَ جو هي دوهو چپن تي تري ٿو اچي:
چلتي چاڪي ديکهه ڪر، کڙا ڪبير روءِ
دوپاٽون ڪي بيچ ۾، ثابت رهانه ڪوءِ

اهڙيءَ ريت بازار جي بنگلي سان لڳڻ، غربت واري آباديءَ کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي سندن زندگي جيڪا اڳئي مشڪل هُئي سا وڌيڪ مشڪلاتن جي منهن ۾ اچي ويئي آهي. پنهنجي غربت واري پس منظر جي پيش نظر اُهي ڪيڏانهن وڌيڪ چرپر به نٿا ڪري سگهن، ان حد تائين جو اُهي زندگيءَ جي بُنيادي نعمتن کان به ڪوهين ڏور آهن. مثال طور، پاڻي حياتيءَ جو بُنيادي عنصر آهي. پاڻي آهي ته حياتي آهي نه ته حياتي ئي ناهي. غريب ماڻهو هِن دور ۾ به پيئڻ جي صاف ۽ مِٺي پاڻيءَ لاءِ سڪي ۽ واجهائي ٿو ۽ اُن آس ۾ سندس اکين ۾ مور يسر پئجي ٿا وڃن پر سندس اُڃ نٿي لهي، باقي جيڪي سندس ووٽ وٺي ٿا وڃن تن کي ته پاڻي چڙهي ڪونه ٿو جو غريب کي يا پاڻي مُهيا ڪري ڏين يا ڍڪڻيءَ ۾ ڍُڪ ڀري ڌرتيءَ تان بار هلو ڪن، پر جن کي اکين ۾ پاڻي نه هوندو اُن کي ٻئي جي دُک درد جو ڪهڙو احساس ٿيندو؟ غريب بيمار ٿئي ٿو ته وٽس ڀوپن، مُلن ۽ تعويزي ٺڳن وٽ وڃڻ کانسواءِ ٻيو آپشن ئي نه هوندو آهي يا وري اُن مصيبت ۾ پيڙ هجي پيڙ هجي مايوس ٿي هو سرڪاري اسپتال جو رُخ ڪندا آهن جتي ويٺل مسيحا وري کيس مفت مشوري ڏيندي فرمائيندا آهن ته مٿي کڻائي وڃو نه ته مريض ڪين بچندو ۽ پوءِ اُن مريض جا گڏ آيل وارث پاڻ ۾ گڏجي روئي ڀنڻ ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته ادا مٿي جيڪو کڻي ٿا وڃن سو واپس ڪو ڪريا ڪندڙ ميت ۽ مريض ڍوئيندڙ ڳاڙها اکر ليکيل گاڏين ۾ موٽي ٿو، تنهنڪري هلو ته مٽي گهر ڀيڙي ڪريون ۽ هاڻي هڏا نه روليون. ائين غريب آبادي بازار جي بار جو وڌ ۾ وڌ شڪار ٿئي ٿي ۽ سندس حالت اڳئي سنگين هُجي ٿي سا ويتر ابتر ٿي پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس قوت خريد ڪمزور هجڻ جي ڪري جواب ڏيئي پڙ ڪڍي ٿي بيهي ۽ وٽس ڪا اهڙي وٿ (asset) نٿي هجي جنهن کي وڪڻي هو گاڏي گهيڙ مان ڪڍي. سگهي، سو بازار جو بنگلي سان لڳڻ غريب آباديءَ کي ڏاڍو ڳرو پيو آهي ۽ سنڌ جي غريب آبادي جتي ٻين سوين مسئلن ۽ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي تتي مهانگائي يعني بازار جو بنگلي سان لڳڻ سان کيس اُن اونهي اوڙاهه ۾ وٺي وڃي ٿو جتان ڪڍڻ لاءِ ڪو واهرو ناهي، واهرو جي نالي ۾ اڪثريت اهڙين ماڻهن جي ملي آهي جيڪي واهروءَ گهٽ ۽ِ ويري وڌيڪ آهن ۽ غريب جا وسيلا، ڪمائي ڪرت (جيڪا نه هئڻ برابر آهي) ننگ ۽ بقاءَ سڀڪجهه اُنهن ويرين جي ورچڙهي وڃي ٿو جيڪي واهرو هئڻ جي دعويٰ ڪندي، مختلف روپ ڌاري غريبن کي صدين کان لٽيندا آيا آهن غريب جي انهيءَ حالت جي واهر ۾ ڪيئي غير سرڪاري ادارا به ميدان ۾ عمل پذير آهن ۽ غربت گهٽائڻ جو وڏيون وڏيون دعوائون، وڏين وڏين پنج تارا هوٽلن ۾ ڪندي نٿا ڍاپن پر ميدان تي وڃي ڏسجي ته اڪ ڪارا جو ڪارا آهن، ڪا خاص تبديلي ناهي. سياستدان به ميڊيا جي گن (ڪئميرا) کان ڊڄندي اسٽيجن تي بيهي غريبن جي ڀلي لاءِ آهي واڳون جاڳوڙها ٿا ڳاڙين جن کي ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته ڇا هي اُهي ماڻهو آهن جن کي جڏهن ڪوئي غريب رستي ۾ سامهون ٿو اچي ته ائين منهن ڦيري ٿا ڇڏين ڄڻ غريب ويچارو ڪنهن ٻئي خالق جو خلقيل هجي پر ميڊيا جي سامهون غريبن لاءِ کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائڻ جو دعويٰ ڪن ٿا. انهن سڀئي ڪوڙين دعوائن کانپوءِ جيڪي ٿئي ٿو سوا هو آهي ته غريبن جي غربت گهٽجي يا نه گهٽجي پر اهو طبقو خود وڌيڪ سکيو ستابو ٿي وڃي ٿو ۽ ڏينهون ڏينهن ملڪي وسيلن تي مخصوص خاندانن جي گرفت وڌندي وڃي پئي ۽ غريب ڏينهون ڏينهن ان سرشتي مان لاڀ جي بجاءِ ڦيٺ کائي ٿو ته پوءِ نيٺ ويچارو غريب ڪيڏانهن وڃي ۽ ڇا ڪري؟ جو هو بازار جي بنگلي سان لڳڻ مهل ڀت سان لڳڻ کان بچي وڃي. غريب وٽ جيڪا وڏي وٿ آهي سو پنهنجو پاڻ آهي ۽ جيڪڏهن ڪاريگري آهي ته پوءِ اُهو ويتر اضافي قدر آهي ۽ اُن وسيلي ئي هو محنت ۽ پورهيو ڪري ۽ پنهنجي ٻارن کي پڙهائي. ڪوشش ڪري، اهڙي معياري تعليم ڏياري جو سندس ٻار يونيورسٽي جي ڊگري کڻي وري ڪنهن ڀوتار، وڏيري، سيد يا مير، پير جي درجا سوالي نه بنجن ۽ سندن سَند کي ڏسي هر هڪ کين روزگار آڇي، جتي اُهي وڌيڪ محنت ڪندي ترقيءَ جا ڏاڪا طئه ڪن ۽ پاڻ کي غربت جي اونداهي کوهه مان مٿي ڪڍڻ جي لائق بڻائين. اهڙي طرح حڪومت جو ان سلسلي ۾ جيڪو ڪردار بيهي ٿو اُهو اهو آهي ته غريبن جا ٻار جيڪڏهن معياري تعليم وارن مهانگن ادارن ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا ۽ اُنهن پاران ورتل آزمائشن کي پار ڪندي پاڻ کي داخلا جو اهل ثابت ڪن ٿا ته اُنهن جا سمورا خرچ سرڪار ادا ڪري جيئن نوجوانن جو اُهو سگهارو طبقو اڳتي اچي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ڀرپور نموني ادا ڪري سگهي. ميڊيا انهي ڏس ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ اڃا وڌيڪ ڀرپور نموني اهو ڪم اڳتي وڌائيندي، غريب آباديءَ ۽ حڪومتن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري. غريبن تائين اهڙي سموري گُهربل معلومات پهچائي جيڪا منجهن جاڳرتا پئدا ڪري ۽ اُهي وقت سر ترقيءَ جي ڪم مان پنهنجو حصو حاصل ڪري سگهن ۽ حڪومت جي ايوانن تائين غريبن جي حالتن جي دُرست تصوير کي پهچائي، ڇاڪاڻ ته چونڊيل يا چونڊايل نمائندن کي ته اهڙن اجاين ڪمن لاءِ وقت ئي ناهي يا سندن علائقي ۾ ايتري گهڻي غريب آباديءَ جو هجڻ سندن استحقاق کي مجروح نٿو ڪري جو اُهي اُنهي ڏس ۾ اسيمبلين ۽ ايوانن ۾ ڪو تحرڪ وٺن. ائين جيڪڏهن شعوري طور تي جاڳرتا کي وڌائيندي، غريب کي ڪا روشن راه ڏيکاري ويندي ته اسان جي اها 70% کان وڌيڪ آبادي مُلڪي معيثيت ۾ ڀرپور ڪردار نباهي سگهندي ۽ بازار جي بنگلي سان لڳڻ باوجود اُهي ڀت سان نه لڳندا ۽ ڏينهون ڏينهن سندن معيار زندگي وڌڻ لڳندو ۽ مقدار غربت گهٽجندو ويندو.