ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

عورتن جا حق، سنڌ جي عورت ۽ ترقيءَ جو عمل

عورتن جا حق، سنڌ جي عورت ۽ ترقيءَ جو عمل

سنڌ جي آباديءَ جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي جن جو گذران يا زراعت تي آهي يا وري چوپائي مال تي. تمام ٿورا ماڻهو هوندا جن کي سرڪاري يا خانگي نوڪريون آهن يا وري ننڍو وڏو ڪاروبار آهي. ملڪ جي معيشيت ۾ جيڪو مال کپي ٿو اهو هنن ڳوٺاڻن علائقن مان اُپجي ٿو ۽ ان جي ڪمائي وري شهري سماج جو صنعتڪار کائي ٿو. کاڌي جي اسمن کان وٺي ڀاڄين ۽ ميون تائين، ڪمند جهڙن روڪڙ وارن فصلن کان وٺي مرچن تائين سموري اُپت هن ڳوٺاڻي سماج ۾ ٿئي ٿي. سنڌ جي سرزمين انتهائي زرخيز آهي جنهن ۾ جبل، ميدان ۽ وارياسا پٽ شامل آهن. سنڌو نديءَ جو پاڻي پاڻ سان برڪت آڻي ٿو. هتي مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون به آهن جن ۾ اوچي قسم جي مڇي ٿئي ٿي. زمين جي مٿاڇري تي سوين اهڙا وڻ ٽڻ آهن جن مان اسان کي اهڙيون شيون ملن ٿيون جيڪي اسان جو جياپو آهن. ان سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي تهن ۾ معدني دولت جا انبار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سنڌ جي ڳوٺن ۾ جڏهن وڃي ڏسبو ته اتان جي رهاڪن جي حالت عمومن ۽ عورتن جي حالت خصوصن ڪا ٺيڪ نظر نه ايندي. ننگرپارڪر جي بڙ تلاءَ کان وٺي جيڪب آباد جي ننڍڙن ڳوٺن تائين، توهان کي عورت جي مٿي تي ڪونه ڪو بار نظر ايندو جنهن جي بوجهه هيٺ هوءَ صدين تائين پيڙهجندي آئي آهي. ترقي جي سوين دعوائن جي باوجود ڪا خاص تبديلي نظر نٿي اچي. انهي اڻ برابريءَ ۽ ناانصافيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟ انهي ءَ جو ذميوار ڪيرآهي؟ انهن مسئلن جو حل ڪهڙو آهي؟ انهي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪهڙي واٽ وٺڻي پوندي؟ اچو ته انهن نقطن تي ڳالهه ٻولهه ڪريون.
عورت جي حالت ڏسڻ سان لڳندو ته انهي حالت جا مختلف پاسا آهن جيئن سماجي، اقتصادي ۽ صنفي ۽ لسانياتي پهلو. عورت لاءِ مختلف ٻولين ۾ مختلف لفظ آهن جن سان مختلف تصور جڙيل آهن. ڪن جو خيال آهي ته لفظ عورت مناسب ناهي. ناري يا ناري درست آهي. جڏهن ته نار يا ناري به باه سان منسوب لفظ آهي. عربيءَ ۾ نساء لفظ جمع جي صيغي ۾ ڪم آيو آهي ۽ واحد طور امراه استعمال ٿيو آهي. هنديءَ ۾ استري چون، جيڪو اسپائوز جي بروزن آهي. اهڙي طرح عورت جي مختلف روپن لاءِ مختلف لفظ آهن. جيئن ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ، زال، ڏاڏي، ناني، ماسي، مامي، چاچي وغيره. زال کي فارسيءَ ۾ زن چون ۽ ڍاٽڪيءَ ۾ لُگائي چون. سنڌي ۾ زال لاءِ گهرواري جهڙو سُٺو لفظ به آهي جيڪو مالڪيءَ کي ظاهر ڪري ٿو ته وهو جهڙو لفظ به ڪتب آيو آهي. سڀئي لفظ عورت ڏانهن اسانجي سماج جي رويي جي نشاندهي ڪن ٿا. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ته عورت کي تمام گهڻو ڳايو آهي. شاه لطيف انهن سڀني ۾ مٿاهون آهي، جنهن جي سورمين ۾ سسئي، مارئي، مومل آهن ته سهڻي وري سڀني کان اُتم آهي. سڄي ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ عاشق عورت آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اُهڃاڻ آهي ته هي سماج اول ماءُ هرتو سماج هو بعد ۾ پيءَوندو سماج جڙيو. ميران ٻائيءَ جو آواز ان ڏس ۾ سڀني کان سگهارو آهي. عورت سماج جو اُپت دائڪ حصو آهي. عورت جا جيڪي روپ آهن اهي سڀئي ان ڳالهه کي ظاهر ڪن ٿا ته ان کانسواءِ سماج اڻ پورو ۽ اڌورو آهي. هن وقت جيڪي عورت جي حقن جا وڏا علمبردارآهن سي به اونداهي دور ۾ رهيا آهن ۽ عورت کي ڪمزوريءَ جي نالي سان سڏيو اٿن. اها سموري اڻ برابري اسان جي اقتصادي نظام عورت لاءِ پيدا ڪئي آهي. جيستائين سماج فطرت جي ويجهو هو ته ان ۾ ڪا هٿرادو اڻ برابري نه هئي. سماج ۾ رياست جڙي ۽ ان جو بنياد طاقت ۽ ڏاڍ تي هو سو انهي عورت کي به مرد جي مقابلي ۾ هيٺاهين درجي تي رکيو. عورت جي رول کي رڳو گهرداريءَ تائين محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. پوءِ ان ۾ مذهب داخل ٿيو جنهن به عورت لاءِ رول کي مخصوص ڪيو. ان کان پوءِ وري بازار جو سگهارو دور شروع ٿئي ٿو جنهن به عورت کي هڪ وٿ طور متعارف ڪرايو ڇاڪاڻ ته عورت جو ن جيڪي حياتياتي مجبوريون هيون انهن کي بهانو بنائي صنفي دائرا جوڙيا ويا، جيڪي اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سماج جي ڪاروهنوار ۾ شامل آهن. اهي سڀئي ڳالهيون نظر ۾ رکندي جڏهن سنڌي سماج تي نظر وجهبي ته عورت سان اڻ برابريءَ جي انتها به نظر ايندي. ڇوڪريءَ جي ڄمڻ کي نڀاڳ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. جن عورتن کي لڳاتار ڇوڪريون ڄمنديون آهن تن جو جيئڻ جنجال هوندو آهي. شادي به پهرين پٽ جي پڇائي ويندي آهي پوءِ ڌيءَ جي. گهر ۾ کاڌو به پهرين ڇوڪرن کي ڏنو ويندو آهي پوءِ ڇوڪرين کي. شاديءَ ۾ ڇوڪريءَ کي عيوض ۾ ڏيئي ڀائر پرڻبا آهن. ڪٿي ڪٿي اها صورتحال اڃا به خراب ٿي پوندي آهي جڏهن اولاد جي شوق ۾ اهي ڇوڪريون پوڙهن سان به پرڻائبيون آهن يا وري پئسن تي وڪرو ٿينديون آهن. صورتحال ان کان به بدتر ٿي وڃي ٿي جڏهن فيصلن دوران ڏنڊ ۽ چٽيءَ م ڇوڪريون ڏنيون وينديون آهن. اهي ويچاريون سڄي عمر اها سزا لوڙهينديون آهن. ڪٿي وڏماڻهپي ۽ ذات جي انا جي ڏمر هيٺ ڇوڪرين کي مائٽ ڏورانهن علائقن وٺي وڃي اهڙن برادريءَ جي ماڻهن کي آڇينداآهن جيڪي يا انڪار ڪندا آهن يا وري ڳراشرط رکي پوءِ انهن ڇوڪرين کي قبوليو ويندو آهي. اهو عمل اسان وٽ ٿر ۾ ٺڪر راجپوتن ۾ رهيو آهي جيڪي جوڙ جيس جي چڪر ۾ اچي پنهنجون ڇوڪريون هندستان به وٺي ويندا آهن ۽ سڱ ڪري ايندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ مقامي طور ڪو ماڻهو سندن جوانئي ٿيڻ جوڳو نه هوندو آهي. عورت ويچاري “ستي” ٿي ڏاگهه چڙهندي رهي آهي ته “جوهر” جهڙي ڪٺن ڪوپ ۾ تلوارن جو کاڄ به بنجندي رهي آهي. عورت جو ملڪيت ۾ هڪ ته حصو ٿورو مٿان وري اهو ڪيو ويندو هو جيڪي ماڻهو سماج ۾ پاڻ کي مٿاهان سمجهندا هئا سي پنهنجي گهروارين، ڀينرن ۽ ڌيئرن جا نالا زمين جي حقن واري رجسٽر ۾ ۽ ووٽن جي فهرست ۾ نه لکرائيندا هئا. انهي اڻ برابريءَ کي ڪمپيوٽرٿيل شناختي ڪارڊن اچي ختم ڪيو ۽ کاتن جي تبديليءَ جي ڪمپيوٽرٿيل سرشتي اچي ٻنجو ڏنو. اڳي رڳو ڌيءَ فلاڻو لکيو ويندو هو. سموري ڳوٺاڻي سماج ۾ هرهنڌ تي عورت جي مٿي تي هن وقت به پاڻيءَ جا ڀريل دلا نظر ايندا يا گاه جي ڀري نظر ايندي يا وري ڪاٺين جي ڀري مٿي تي کڻي ويچاريون عورتون، ڳاه ڳاهينديون، نظر اينديون. ٻني ٻاري جي ڪم ۾ به مردن جي ڀيٽ ۾ عورت تمام گهڻو ڪم ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ ٻارن ڄڻڻ جو عمل، ٻارن پالڻ جو جنجهٽ، گهرداريءَ جا معاملا عورت کي ايتري بار هيٺ ٿا وجهن جو ان جي سموري اوسر ۽ ترقي متاثر ٿئي ٿي. اسان جي ادب ۾ به انهي اڻ برابريءَ جا اولڙا نظر اچن ٿا. عورتن ليکڪائن کي اڳتي اچڻ ۾ تمام گهڻيون رڪاوٽون درپيش اينديون رهيون آهن. انهي بيواجبي جي پس منظر ۾ اسان جي صديون پراڻي جهالت آهي جنهن جا بنياد رڱ، نسل، مال ملڪيت يا جنسي هٻڇ جي آڌار تي بيٺل آهن، ڇاڪاڻ جو اسان جو عورت لاءِ ڪنهن اوپري مخلوق وارو تصور آهي. انهي انتها پسنديءَ عورتن جي حقن جي حامين ۾ وري ان جي ردعمل ۾ هڪڙي ٻي انتها اُڀاري آهي جنهن سان به سماج ۾ بي توازني ٿئي ٿي. عورت جيڪا مردن جي برابر آهي ان جو ساٿي آهي، جوڙ آهي، جيس آهي، برابري ته فطري آهي. ٻئي ڌريون هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. ٻئي هڪٻئي کان سواءِ اڻ پوريون ۽ اڌوريون آهن. اڻ برابريءَ ۽ عورت ڏانهن نامناسب رويي جو علاج تعليم ۾ آهي. اهڙي تعليم جيڪا شعور ڏئي تس اسين عورت کي انسان سمجهون نه رڳو اهو پر هڪجهڙو انسان سمجهون. هرهنڌ ان کي احترام جي نظر سان ڏسون. هر روپ ۾ ان لاءِ عزت جو اظهار ڪريون. اها عزت دلي عزت هئڻ گهرجي. زباني ڪلامي لفاظي ڪم نه ڏيندي. اسان جي عام رويي ۾ جيڪا ٻه چاپڙائي آهي اها ختم ڪريون. غيرت جي سڀني ڪوڙن ڪاٺوڙن مان ٻاهر اچون. ڪبير، ميران، شاه ڪريم، شاه لطيف سميت سمورا ڪلاسيڪي ورثي جا شاعر ان ڏس ۾ اسان جا سونهان ٿي سگهن ٿا. ڪبير ڀڳت جي وحدت پرستي، ميران جي عاشقاڻي نرملتا، شاه ڪريم جي فطرت نگاري ۽ شاه لطيف جي ٻهڳڻائپ اسان کي سيکارين ٿيون ته اسان عورت کي اکين تي چڙهيل انڌ جا کوپا لاهي ڏسون جيئن ان جو اهو روپ اسان کي نظر اچي جنهن سان هيءَ ڪائنات حسين آهي. ڪائنات جي حقيقي جماليات کي ماڻڻ لاءِ، اسان کي پنهنجي سموري سماجي ۽ صنفي تصور کي نئين سر جوڙڻو پوندو جنهن ۾ عورت بابت گهڙيل سمورا اڻ برابريءَ وارا پنجوڙ ٽوڙڻا پوندا. غيرت جو ڪوڙو ۽ بي غيرت تصور ترڪ ڪرڻو پوندو. ٻوليءَ ۾ گهڙيل سڀني اصطلاحن ۽ لفظن ۾، عورت جو احترام ڪرڻو پوندو. عورت لاءِ، جيڪي غير مهذب لفظ آهن اهي تبديل ڪري، نوان ۽ هاڪاري لفظ متعارف ڪرائڻا پوندا. اها سماجي ۽ صنفي برابري تڏهن يقيني بنجندي جڏهن مردان ۾ پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪندو. انهي ڪم ۾ پڙهيل ماڻهن تي وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي ڇاڪاڻ جو اسان جي پڙهيل ڳڙهيل جي دعوى ڪندڙ مردن توڙي عورتن ۾، فعل قول کان مختلف آهي. تنهنڪري ئي اها اڻ برابري آهي. اسٽيجن تي بيهي ملائڪ صفتي جي دعوائن وارن جا حال به دنيا ڏٺا. سوشل ميڊيا جي تحرڪ انيڪ اهڙن پوتي پاڪ پليتن کي ظاهر ڪيو آهي. ڪٿي وري پڙهيل عورتن به اڻ پڙهيل عورتن جي مڙسن سان ٻي شادي ڪئي آهي. انهي عمل به سماج ۾ هڪڙو اڻ برابري وارو تصور ڇڏيو آهي. اسان سڀني کي انهي ڏس ۾ اڳتي وڌڻو پوندو ۽ انهي رخ ۾ اڳتي وڌڻ لاءءِ سڄي سماج کي وڏي اخلاقي جرئت جي ضرورت آهي. صنفي هڪجهڙائيءَ لاءِ اها اخلاقي همٿ ئي اسان جي سماج ۾ سماجي انصاف ۽ برابريءَ واري ماحول قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، رڳو ٻٽي معيار کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪاروهنوار مان ڪوري ڪڍڻو پوندو. هڪ سريکائي لاءِ، سوچ جي سريکائي اوس آهي.