ڳوٺن ۾ اليڪشن
ڳوٺن جون ڳالهيون ڪندي، ايترا سارا موضوع ذهن تي تري ٿا اچن جو ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا ڇاڪاڻ ته ڳوٺن جي درد ڪهاڻي ايتري ڳوڙهي ۽ ڳنڀير آهي جو ان جي ڪٿ ماپ ڪڇي ڪانه ٿي سگهجي. ايترو ججهو متاع درد آهي جو ان کي جڳ ۾ ورهايو وڃي ته شايد جڳ سرچي وڃي. انهي درد خزاني مان مُٺ مٺ سورن کڻجي ته به ڀنڊار ڀرجي ويندا. اهڙن سورن ڪهاڻي سنڀاريندي اليڪشن جي موضوع تي نظر وجهون ٿا. هن وقت جتي ڪٿي اليڪشن جو ٻڙڌڪ متو پيو آهي. هرڪو ور کنجي ميدان ۾ لٿو بيٺو آهي. ڪير به اهو نه ٿو ڏسي ته انهي سڄي عمل ۾ سندن ڪهڙو ڪردار آهي يا کين ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اليڪشنون ته سڀئي اليڪشنون آهن پر مقامي چونڊ اليڪشني ڪلچر جو هڪڙو انتهائي دلچسپ حصو آهي. اسان وٽ اڳ اهي اليڪشنون پارٽي کانسواءِ ٿينديون رهيون آهن پر هن وقت جنهن اليڪشن اچي پڙ تپايو آهي تنهن ۾ باقاعدي پارٽي ٽڪيٽون ڏنيون ويون آهن. اهڙيطرح هي مقامي چونڊ اهڙي چونڊ آهي جيڪا پارٽي بنيادن تي وڙهي پيئي وڃي.
مقامي اليڪشن جو سرشتو ايوب خان جي دور ۾ شروع ٿيو جنهن کي بنيادي جمهوريت چئبو هو ڄڻ ٻي ڪا بي بنياد جمهوريت به هئي. انهي بنيادي جمهوريت جو عام ماڻهو کي ڪيترو لاڀ پهتو انهي جو ته ڪو به اڀياس نه ٿيو آهي پر اها هرڪنهن کي خبر آهي ته ايوب خان انهي بنيادي جمهوريت وسيلي پنهنجا بنياد پڪا ڪيا هئا ۽ سندس مقابلي ۾ صدارتي اميدوار ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح اليڪشن کٽي نه سگهي هئي. انهي دور ۾ يونين ڪائونسلون به ٺهيون انهن جون وري ڪيئي ڪاميٽيون به جوڙيون ويون جن کي مختلف ڪم سونپيا ويا. انهن ڪمن ۾ ڄم موت جي داخلا، مال ٻئي ضلعي ڏانهن ڪاهي وڃڻ جي راهداري، مصالحتي عدالت وارا ڪم شامل هئا. انهن چونڊن ۾ عام ماڻهو گهڻي دلچسپي نه ورتي هئي ڇاڪاڻ جو انهن لاءِ اها نئين ڳالهه هئي. جنهن جو جنهن سان واسطو هو انهن کي ئي ووٽ جي سوکڙيءَ سان نوازيو ويو. تنهنڪري انهي اليڪشن ۾ ڪا ايڏي وڏي ڇڪتاڻ نه ٿي هئي. انهي کانپوءِ وري، ضياءُالحق جي دور ۾ مقامي چونڊون ٿيون جن ۾ اڪثريت پراڻن سياستدانن جي آئي پر جماعتن تي پابندي هجڻ، مکيه اڳواڻيءَ جي روپوش هجڻ جي ڪري هڪ نئون طبقو پڻ سياست ۾ داخل ٿيو جيڪو تربيت جي مختلف مرحلن مان گذرندو، ملڪي سطح جي سياسي حيثيت کي پڻ پهتو. انهي دور ۾ يونين ڪائونسلن ۽ ضلعي ڪائونسلن وسيلي ترقياتي رٿائن جو سلسلو به شروع ڪيو ويو. يونين ڪائونسل کي ٿورا فنڊ هوندا هئا ۽ ضلعي ڪائونسلن ۾ ڪافي رقمون هونديون هيون جن مان ننڍي سطح جا ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا هئا. ڪٿي اهي ڪم نالي ماتر ٿيندا هئا ڪٿي وري اهي ڪم معياري به ٿيندا هئا ڇاڪاڻ جو اهي چئرمين پنهنجي علائقي جي ترقيءَ ۾ دلچسپي رکندا هئا. انهي دور ۾ به چونڊ سرگرمين ۾ ايڏو مانڌاڻ نه متو هو. اڃا عام ماڻهوءَ کي انهي رنگ جي ايتري ڪا گهڻي خبر ئي نه پيئي هئي. سو سندن ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي پر جيڪو نئون طبقو چونڊجي آيو هو ان ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو به هئا جن جو ڪو خاص سياسي پس منظر نه هو. تنهن کانپوءِ اهو سلسلو وري بيهجي ويو ۽ ماڻهو عام چونڊن ۾ ووٽ وجهندا رهيا پر ان ۾ جيئن ته اهي صرف ووٽر آهن، اميدوار طور بيٺل نه آهن سو سندن دلچسپي به ايتري گهڻي نٿي نظر آئي. عام ماڻهو ڪڏهن اهو سپنو به نه ڏٺو آهي ته هو پنهنجي تڪ تي ڪڏهن نمائندي طور بيهندو. ڇاڪاڻ جو چونڊ جو سرشتو ايترو مهانگو آهي جو بيهڻ جو سوچڻ ئي خام خيالي محسوس ٿئي ٿو. اهڙيطرح ويچارو غريب سدائين ووٽر واري دائري ۾ ڪڙيل رهيو آهي. جمهوريت جيڪا جمهور جي دعويداريءَ جي هام هڻي ٿي سا جمهور کي جيڪي کاٽونبا کارائي ٿي سي ڪنهن کان به ڳجها نه آهن ۽ اهي ساڳي جمهوريت چند خاندانن کي ڪيئن فائدو ٿي ڏي، اهو هاڻي ڪنهن کان به ڳجهو نه رهيو آهي. اها ميڊيا جي مهرباني آهي جنهن ترقيءَ کي نه ته به ترقيءَ جي عمل بابت ٿيندڙ سماچار کي انگ اگهاڙي پيٽ بُکئي ماڻهوءَ تائين به پهچائي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ مشررف جي دور ۾ مقامي چونڊون ٿيون جنهن ۾ استاد امرجليل جي بقول انهي عمل کي گاه جي پاڙن يعني گراس روٽ ليول تائين هيٺ لاٿو ويو. انهن چونڊن ۾ به وري هڪ نئون طبقو سياست ۾ وارد ٿيو. ان کان به وڌيڪ ڳالهه اها ٿي جو مقامي ڪائونسلون مقامي حڪومتون بنجي ويون جنهن ۾ ضلعي ڪائونسل جي بجاءِ ضلعي حڪومت، ٽائون ڪاميٽيءَ جي بجاءِ ٽائون ميونسپل انتظاميه ۽ يونين ڪائونسلن جي بجاءِ يونين ڪائونسل انتظاميه نروار ٿي، انهي سان گڏوگڏ بيوروڪريسي جي سموري نامنڪليچر کي تبديل ڪيو ويو. ڊي سي جي عهدي کي ڊي سي او ۾ تبديل ڪيو ويو. ان بابت مرحوم عبدالحق سرهندي چوندو هو ته ڊي سي هاڻي زيرو ٿي چڪو آهي. انهن ضلعي حڪومتن کي وسيع اختيارن سان گڏوگڏ ججها فنڊ پڻ ڏنا ويا جن مان ڪيترائي ماڻهو فيضياب ٿا ۽ ترقيءَ جو عمل عوامي سطح تي بحثجڻ ۽ رٿائجڻ لڳو. جيڪو هڪ مثبت اهڃاڻ هو. ايئن چٽاڀيٽيءَ جو سياسي ماحول وڌيو ويجهيو. نت نئين قسم جي نمائندگي پڻ متعارف ٿي. پر جيئن عام چونڊون ٿيون ته اول انهن ٻنهي سرشتن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿيو جنهن ۾ مقامي حڪومتن جي سرشتي جا جيڪي حال ٿيا سي به ڪنهن کان ڳجها ناهن. انهي نظام بابت ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ ڪيئي ظريفانا ڪهاڻيون هلنديون هيون ته ڪٿي وري انيڪ لطيفا پڻ گهڙيا ويا. انهي دوران لفظ ”ناظم“ کي مختلف معنائن ۾ ڳوٺاڻا ماڻهو استعمال ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته کين جيڪي نظر ايندو انهي مشاهدي پٽاندر ئي اهي راءِ قائم ڪندا هئا.
تازو ئي مقامي چونڊن جو اعلان ٿيو آهي جنهن ۾ سنڌ ۾ هڪڙو مرحلو نوان تڪرار ڇڏي، هڪ پولنگ اسٽيشن تي 12 ماڻهن جي قتل ٿيڻ سان خيرن جو پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو آهي ته ٻئي مرحلي لاءِ هرڪو سندرا ڇڪي رهيو آهي. انهي اليڪشني ماحول ۾ ڳوٺن ۾ وڏي دلچسپي نظر ٿي اچي ۽ هرهڪ ڌُر جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن پنهنجي راءِ ۾ تند تيز ٿيندا پيا وڃن. جيتوڻيڪ موجوده چونڊون پارٽي بنيادن تي لڙيون پيون وڃن پر ذات برادري، شخصيت پرستي، پير پرستيءَ جو زور آهي. عام ماڻهو پنهنجي جذباتيت ۾ اچي چئن ڏينهن جي چُٽڪي ۾ اچي پنهنجي سماجي تعلقات کي ڇيهو رسائي رهيو آهي. اليڪشني مهم توڙي اليڪشن دوران اهڙي جذباتيت اسانجي پرامن سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي. ان لاءِ ماڻهن کي اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هيءِ چونڊ آهي نه ئي ڪا جنگ. تنهنڪري جيترو سهپ ۽ صبر مظاهرو ڪندا اوترو اسانجو سماجي، جاني ۽ مالي نقصان گهٽ ٿيندو. سرواڻ ڌريون به عام تي جيترو هلڪو هٿ رکنديون ايترو سماج کي فائدو ٿيندو. جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ کي ڪوبه سٺو نه چوندو. ڳوٺاڻن جي زندگيءَ ۾ ڪي سُک ۽ راحتون آڻڻ جو سوچيو وڃي نه ئي ڳوٺاڻن کي ووٽ لاءِ استعمال ڪري پوءِ ٽشو ڪاغذ جيان اُڇلائي ڦٽو ڪيو وڃي.