ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ڳوٺ وڻن جون ڳالهيون.. . . . . . ڳوٺاڻا ميلا

ڳوٺ وڻن جون ڳالهيون.. . . . . . ڳوٺاڻا ميلا

چونڊن جي ٻن مرحلن جي ٻڙڌڪ کانپوءِ به هرهنڌ هاءِ گهوڙا لڳي پيئي آهي. جيڪي کٽي ويا آهن اهي به پيا مظاهرا ڪن ته جيڪي هارائي ويا آهن انهن جي به روز ميڊيا تي ڪوڪ آهي ته اسان سان انياءُ ٿيو آهي. گهر جي مالڪن کي دانهن ٿا ڏيون ته نياءُ ڪيو وڃي. اهي گجڻيءَ واريون دانهون ڪو ٻوٽو ٻارينديون يا نه پر ڳوٺاڻن جي وندر ورونهن شروع آهي. ڪٿي ڪٿي بحث مباحثا جاري آهن ته ڪٿي ايف آءِ آر جي وارووار آهي. انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي پاڻ اڄ ڳوٺ وڻن جي اهڙي ڳالهه جو ذڪر ڪنداسين جيڪ صدين کان جاري آهي. ڪنهن جاري ڪئي ؟ ڪيئن شروع ڪئي؟ انهي جي خبر ناهي پر سڀني ڳوٺن سان انهي سرگرميءَ جو سڌو يا اڻ سڌو واسطوضرور آهي تنهنڪري انهي مشغوليءَ جو اثر به سڀني ڳوٺن توڙي ڳوٺاڻن تي آهي. اها سرگرمي آهي ”ڳوٺاڻا ميلا. “
انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ سنڌ جي ميلن جي ڏسڻي هيٺ ميلي جي وصف هن ريت ڌنل آهي، ” ميلو لفظ ’ميل ملاقات‘ مان نڪتل آهي. ائين کڻي چئجي ته عوام جي ملڻ ۽ هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ کي ’ميلو‘ چئبو آهي. سنڌ جي نامور محقق، استاد ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مشهور ڪتاب ”جامع سنڌي لغات“ جي پنجين جلد جي صفحي نمبر 2759 تي ”ميلي“ لفظ جي معنيٰ ”عوام جو مجموعو، ماڻهن جو ميڙاڪو ۽ اوليائن جي مقرر ٿيل ڏينهن تي گڏ ٿيڻ“ لکيو آهي“ ڪي ميلا جيڪي وڏي پئماني تي لڳن ٿا اهي سرڪاري سطح تي منعقد ڪي وڃن ٿا،
سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪ ۾ درگاه جو هجڻ ضروري آهي. هرهڪ ڳوٺ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عدد، ننڍي يا وڏي درگاه اڏيل نظر ايندي جنهنجي اڏجڻ يا اڏائڻ سان درگاه اندر ابدي طور آرامي ٿيل فرد جو ڪو به سورڪار توڙي ڪردار نه هوندو آهي. هن وقت سياري جي مند شروع هلي رهي آهي ۽ ڳوٺاڻن لاءِ هيءَ مند اپت جي مند آهي تنهنڪري هن موسم ۾ ميلا ملاکڙا به لڳندا آهن ته شاديون مراديون به مچنديون آهن. ماڻهو جيڪي ڪجهه سال ۾ ڪمائيندا آهن اهو انهن ٻن سرگرمين تي کپائيندا آهن. نومبر کان وٺي مارچ تائين شادين جي زوردار موسم هوندي آهي. انهي دوران ميلا به منعقد ٿيندا آهن. ميلن لڳڻ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. درگاهن کي سينگاريو ويندو آهي. رنگ روغن ڪرايا ويندا آهن. اهڙيطرح ميلي جي ڏينهن ۾ اتي رونق لڳي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ڳوٺاڻا ميلا ڳوٺاڻن جي اسٽاڪ ايڪسچينج هوندا آهن جن ۾ بازارون لڳنديون آهن ته ملاکڙو به منعقد ٿيندو آهي. ان کانسواءِ جيڪو ٻيو ادارو آهي ڳوٺاڻي اسٽاڪ ايڪسچينج جو ڪردار ادا ڪري ٿو اهو آهي ” مال پِڙي“. جنهن ۾ ڳوٺاڻا پنهنجو مال ڪاهي ايندا آهن وڪرو ڪري چار ڏوڪڙ وٽائي موٽي پنهنجي ماڳ ويندا آهن پر ميلن ۾ ته ڪيئي مشغوليون مٿو مٿي تي هونديون آهن جن ۾ ڪي ڳجهيون ته ڪي پڌريون. . . . پر سڀني ۾ اُپتي پهلو رکيل هوندو آهي يعني ڪنهن نه ڪنهن ڌر جي ڪمائي جو خيال رکيو ويندوآهي. پر غريب ماڻهو هتي به واهپي (ڪيزيومر) حيثيت ۾ هوندو آهي جنهن کي خريداري ئي ڪرڻي هوندي آهي. ڪي ڪي ڳوٺاڻا وري پنهنجي تعلقات کي استعمال ڪندي، ننڍاوڏا دڪان کوليندا آهن جن مان ڪجهه نه ڪجهه منافعو ملي ويندو آهي. ميلن لڳڻ يا لڳائڻ جي انهي سلسلي جي ڪا دستاويزبندي ته ٿيل ناهي ته اهو ڪنهن ۽ ڪڏهن شروع ڪيو؟ پر هن ڪرت جو اسان جي ڳوٺاڻي سماج تي تمام گهرو اثر آهي. اڪثر ميلا سهائين راتين ۾ لڳايا ويندا آهن. ميلن کان اڳ ۾ وري درگاهن تي ننڍا ننڍا ڏهاڙا منعقد ڪيا ويندا آهن جيئن سهائو سومار وغيره. هر مهيني جاري رهندڙ اهڙي سرگرمي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ٿي ته اهي ان کي اپتدائڪ ڪم ۾ تبديل ڪن. انهن ميلن ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ڪي وڏا ميلا آهن ته ڪي ننڍا ميلا. ڪي هڪ ڏينهن، ته ڪي ٽن ڏينهن تائين به جاري رهندا آهن. درگاهن تي وري گادي نشيني آهي اها گهڻو تڻو موروثي آهي. جتي اولاد جي اڻاٺ پيدا ٿي اتي وري ڪونه ڪو قابض ٿي ويهي ٿو رهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن پر هاڻي ته لٺ نه بندوق آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي گوليون پون ٿيون.
ميلن جي انهي سلسلي ۾ جيڪي ڪم ڪار ٿين ٿا تن ۾ زيارت کان وٺي ٻڪر چاڙهڻ تائين انيڪ ڪم شامل آهن. انهن ڪم تي چڱو موچارو خرچ ايندو آهي. جيڪي مريد هوندا آهن تن کي ڪجهه خرچ لازمي ڪرڻا پوندا آهن باقي غير مريد به بازار جي سلامي ڀريندا آهن. ميلن ۾ کائڻ پيئڻ جو انتظام گهڻو ڪري مفت جو ٿيل هوندو آهي جنهن کي هندو ڀنڊارو چوندا آهن ته مسلمان لنگر چوندا آهن. ميلن ۾ هرقسم جي موسيقي به وڄندي رهندي آهي. ڪٿي مذهبي ڳائڻ به هلندو آهي. ڪٿي هاڻي وري مولوي صاحب به محفل کي رونق بخشين ٿا. اهڙي طرح ماڻهن جي وندر جو سامان مهيا ٿي وڃي ٿو ته کيسي جو ڪم به ٿي وڃي ٿو. جڏهن ويچارا ڳوٺاڻا واپس من جون مرادون ماڻي موٽن ٿا ته سندن کيسو خالي هجي ٿو ۽ کين وري هارپو يا مزدوري ڪري اهو قرض چڪائڻو ٿو پوي. اها ريت صديون پراڻي آهي ۽ اڄ تائين هلندي اچي. ڳوٺاڻي آبادي ان کي وندر ورونهن جي سرگرمي سمجهي ڪري ٿي پر اهڙي ءَ ڀل ۾ سندن ڪمائي جو جيڪو اسراف ٿئي ٿو تنهنجو اندازو ڪنهن اداري لڳايو ئي ناهي. جيڪڏهن باقاعدي ڪا سروي ڪرائي وڃي ته پتو پوندو ته جيڪا آبادي پاڻ کي غريب چورائي ٿي ۽ پٽي سٽي پيٽ جو پورائو ڪري ٿي سا هرسال ڪروڙين رپيا وڃائي ٿي. ان کان به وڏو نقصان اهو ٿو ٿئي ته نسل درنسل ذهني پنجوڙ جو اهو سلسلو مضبوط ٿيندو وڃي ٿو. ماڻهو پڙهڻ، عقل ۽ ساڃهه کان ڪم وٺڻ بجاءِ ساڳين وهمن، سنسن ۽ ڀرمن ۾ مبتلا ٿيندو پيو وڃي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن غلط ريت کان ڪنهن کي جهلي پلي ٿو ته ان کي ماڻهو ڦِريل سمجهن ٿا. هيءُ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. يورپ به تڏهن ڪجهه اسريو جڏهن اتي شعور ۽ عقل جي ڳالهه اڳڀري ٿي. جهالت جو ڪارو دور صدين کان نسلن کي پيڙهيندو رهيو آهي ۽ خلق خدا جي ڪن غلط رسمن جي ڌُٻڻ ۾ اهڙي ته ڦاٿل آهي جو نڪرڻ جو سوچي به نٿي. ميلا ملاکڙا سٺو ڪم آهن. انهن کي صحتمند سماجي سرگرمي طور منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن مان سماج جي گڏيل اوسر ٿئي اسان جو معاشرو ترقي ڪري. ايئن نه ٿئي جو اسين ڏينهون ڏينهن ان گرڻ ۾ وڌيڪ ڦاسندا وڃون. صحتمند سماج جي نشاني آهي ته اهو پنهنجي اوڻاين پوڻاين کي پاڻ مان ڪڍي، انهن جي جاءِ تي ڪي صحتمند سرگرميون رائج ڪري جيڪي ان سماج جي اڳتي وڌڻ ۾ ڪو بهتر ڪردار ادا ڪن. اهڙي طرح ڳوٺاڻا ميلا به اسان جي سماج ۾ بهتر ڪردار نباهي سگهن ٿا جيڪڏهن انهن جي سڀني سرگرمين کي ڪو هاڪاري رُخ ڏنو وڃي. انهي سلسلي ۾ سڀني ساڃهه وند ڌرين جو ۽ ڳوٺاڻن جو ڪردار اهم آهي. سڀني کي ميلن ملاکڙن جي چرپر جي ڀليءَ ڀت خبر آهي. سماج ۾ جيڪي ماڻهو سوچيندڙ آهن ۽ سمجهن ٿا ته فلاڻو عمل سماج سماج جي اجتماعي مفادن وٽان ناهي ته کين اڳتي وڌي ان کي سڌارڻ گهرجي. باقي ڳوٺاڻن ميلن جو ڳوٺاڻي سماجي تحرڪ ۾ تمام اهم ڪردار آهي. سموري ڳوٺاڻي جاڳرتا تي ڳوٺاڻن ميلن جي ڇاپ آهي.