وقت جي وير ۾ لُڙهندڙ سنڌي سماج
اسٽيفن هاڪنگ جهڙي نام ڪٺي سائنسدان ” وقت جي مختصر تاريخ” ۽ ”ڪائنات، ڪوزي ۾ “ جهڙا ڀلوڙ ڪتاب لکي، دنيا کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته وقت ڪهڙي وٿ آهي، ؟ ڪائنات ڪهڙو لقاءُ آهي؟ هن اهڙي ڳوڙهي معاملي کي، سادي نموني سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جو پڙهندڙن َ کي سندس مشاهدي ۽ تجربي مان ٻنهي اونهن اسرارن جي ڪجهه نه ڪجهه سمڪ پوي ٿي. وقت ۽ ڪائنات ٻنهي لقائن تي انسان صدين کان سوچيندو آيو آهي. خيالن جو اظهار ڪندو آيو آهي پر وقت به سندس هٿ وس ۾ نٿو اچي نه ئي ڪائنات جي پانڌ پري جي کيس ڪا ڪل پوي ٿي. جيتوڻيڪ هو پنهنجي علم ۽ اڀياس ۾ ٻنهي کي ڦاسائڻ جا ڦندا وجهندو رهيو آهي. ڪائنات جي ڳالهه ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ وقت جي ورونهن ٿا ڪريون جنهن بابت ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به ڀلوڙ نظم چئي وقت جو ڏونڪو هنيو هو ته وقت بادشاه آهي؛
وقت چئي، آئون بادشاه!
هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان.
تابع مون اصل کئون. سارو هي جهان.
ڏاڍو مون کان ڪون آهي. اصل ڪو انسان.
ڇا پوڙهو. ڇا جوان. پاڻهي پوندا پيش مون. !
وقت جي ان فرمان کي شايد گهٽ ماڻهن سمجهيو آهي يا وري سمجهيو آهي ته انهن هيڏانهن مڙئي ڌيان گهٽ ڏنو آهي. جيڪڏهن وقت جي ٻولي سمجهي وڃي ها ته قومن تي شايد ڏکيا ڏينهن نه اچن ها. ڏکيا ڏينهن اچن ها ته به اهي دکن دردن کي پنهنجو قوت بنائي قُوت ۾ تبديل ڪري وقت ڪڍي وڃن ها پر هرڪنهن وقت جي ميڻ بتيءَ کي ٻنهي ڇيڙن وٽان ٻاري آهي. وقت کي بيدرديءَ سان وڃايو آهي. اڄ تائين جيڪي نظراچي ٿو سو اهو آهي ته اسان جي اجتماعي مزاج ۾ وقت جي ڪا اهميت ڪانهي. انهي رنگ جو روپ اسان کي هر هنڌ نظرايندو. وقت کي ماڻهو ايئن ضايع ڪندا نظر ايندا ڄڻ وقت سندن ڪو هڏ خريد غلام يا سرڙيو هاري هجي جنهن کي جيئن وڻي تيئن هلائڻ جهڙو سندن اختيار ۾ هجي. وقت وڃائڻ جي اها عالمي ڊوڙ اسانجي سماج ۾ جتي ڪٿي نظر ايندي. ايئن محسوس ٿيندو ته اسان ڄڻ وقت وڃائڻ جي مقابلي ۾ لٿل هجون. اسان ايئن وقت وڃائيندي، ڪيئي قومي ۽ اجتماعي نقصان به ڪيا آهن. وقت جي چيچ ۾ پيل ڇلو گهرگهلو ٿيندو نيٺ نڪري وڃي ٿو پر اسين پنهنجي نقصانن کي ليکي ۾ ئي نٿا آڻيون. مثال طور اسانجي سماج ۾ شادين ۽ طهرن جا ڪاڄ ٿيندا آهن جن ۾ لکين رپيا فضول خرچي، ڀت ڪيو ويندو آهي ۽ ان ڀت جي دعوت به هر واقفڪار ۽ عزيز قريب کي ڏني ويندي آهي. ڳوٺن ۾ صورتحال اهڙي هوندي آهي جو ڀت جو ڌڻي جيڪڏهن خيريت سان نبهيو ته چوندا ”ادا فلاڻو نئون ڄائو ٿيو.“ نئون ڄائو ڇا، اهو ويچارو پوئو وٺي وري هڪڙي نئين سماجي مالياتي قرضي ۾ ايئن ڳهجي ويندو آهي جيئن اسان جهڙن ملڪن جا سڀئي شهري قرض جي ان هماليا هيٺ دٻيل هوندا آهن. ٿورو گهڻو ڪا سُهمائي هوندي آهي ته وري غيرسرڪاري ادارا ۽ بئنڪون قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڪڙي پوءِ سُک جو ساه کڻنديون. ماڻهو به چاهيندي نه چاهيندي، ان سونيءَ زنجير جو هيرئون ٿيندو وڃي ٿو. اهو سمورو ڪم بازار کي هلائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. کيسي ۾ ڪو ڏوڪڙ پئسو هوندو ته هٽ تي وکر واڻو وڪبو نه ته ٻروچن جي ٻول مطابق بهشت ۾ ته ڪنگ پيا رڙندا. خير ڳوٺن جي انهي ڀت جي نالي ۾ وسيلن جي زيان سان وقت ايئن ٿو زيان ٿئي جو ڀت جي تاريخ کان اڳ مهينو ڀت جي تياري ٿيڻ لڳندي آهي ۽ تياري تياريءَ ۾ تياري ڪندڙ جيڪو هٿ ڳرو رکندا آهن تنهنجي هڪڙي خبر ڀت جي مالڪ کي هوندي ۽ ٻيو ان جي پيدا ڪندڙ کي. شهرن ۾ وري شادي هال آهن جن ۾ ڪاڄ ڪيو ويندو آهي. بازار جو هيءُ بيرحم زمانو آئوٽ سورسنگ جو زمانو آهي يعني توهانکان جيڪو پاڻ ڪم نه پُڄي اهو ڀاڙي تي ڪرايو ۽ توهان کي خبر آهي ته هن ماڻهو دشمن مارڪيٽي معيشيت ۾ ڀاڙي تي هرڪم ٿي وڃي ٿو. ڀت ته معمولي ڪم آهي. هتي ته پرائي رستي تي کڏ کوٽڻ کان وٺي واسڪوٽيءَ ۾ بم ويڙهي ڦاڙڻ تائين نه ڄاڻ ڪيترا ڪم ٿين پيا. جن جي گيتن سان روز ميڊيا گونجي رهيو آهي. ايئن شادي هالن جو به ڪو مهانگو دنڌو آهي جو سُٺن هالن ۾ ته هر ويلي ڪانه ڪا بڪنگ هوندي آهي. انهن ڀتن دوران جيڪو وقت ضايع ٿيندو آهي اهو ته هاڻي اسان جو قومي اُهڃاڻ ٿيندو پيو وڃي. جنهن نيئنڊ نامي ۾ مانيءَ جو وقت 9 لکيل هوندو ان ۾ جيڪڏهن ڌُرين ڦُڙتي ڏيکاري ته پوءِ ٻارهين وڳي مانيءَ جو آسرو ٿيندو. ٽي ڪلاڪ ته اسان لاءِ ڪا معنى نٿا رکن ۽ ٻيو ته وري اهي ٽي ڪلاڪ آهن ۽ اسين پڪا ۽ متشرع ماڻهو آهيون جو شريعت ۾ ڪافي عملن کي ٽي ڀيرا ورجائڻ جي تلقين به سالن کان پيا ٻُڌندا اچون. ڀت مان خير جو سئين لھين پار پئي، گهر پهچڻ تائين خيرن سان ڏيڍ پهر کن لڳي ٿو وڃي يعني ڇهه ڪلاڪ کن آسانيءَ سان گذري ٿا وڃن خبر ئي نٿي پوي.
اهو ته عام سماج جو ڪم هو. هاڻي اچو ته اشرافيه واري پاسي نظر ڪريون. اها ٻي ڳالهه آهي ته لازمي ناهي جو اشرافيه اشراف به هجي. اسانجي سماج جي سرواڻ طبقي يعني پاڻ کي پڙهيل ڳڙهيل طبقي سڏائڻ جي هام هڻندڙ طبقي جي ڳالهه آهي جنهن ۾ مختلف ڌريون اچي وڃن ٿيون. اهي ڌريون ڪڏهن پاڻ کي ڪهڙي نالي سان سڏائين ٿيون ته ڪڏهن وري ڪهڙي نالي. پر دعوى سڀني جي مهذب ۽ سُڌريل هجڻ جي آهي ۽ ان سُڌاري جي وصف به انهن ڌرين جي پنهنجي طئي ڪيل هوندي آهي. ايئن اهي سگهاريون ۽ سُڄاڻ ڌُريون پنهنجا پروگرام ڪنديون آهن ته سڀني ڌُرين ۾ نظرياتي اختلافن جي ڀيٽ ۾ هڪ ڳالهه مشترڪ هوندي آهي ته وقت ضرور وڃائبو ڇاڪاڻ ته اسان وقت وڃائڻ کي قومي ڪاڄ جي اهميت ڏني آهي. ڪوڙا سچا سرٽيفڪيٽ کڻي هلندڙ پڙهيل لکيل جي دعوى ڪندڙ انهن سڀني ڌرين جو زور ان ڳالهه تي هوندو آهي ته پروگرام کي وڌ ۾ وڌ دير سان ڪيئن شروع ڪرائجي. جنهن پروگرام جو وقت شام جا پنج ڏنل هوندو آهي اهو ساڍين ڇهين کان اڳي شروع نه ٿي سگهندو آهي. ساڍي کڍڇهين جو شروع ٿيل پروگرام جيڪڏهن خالي چانهن بسڪوٽ وارو آهي ته پوءِ ڏهين وڳين تائين خير سان جاري رهندو. جيڪڏهن مانيءَ جو بندوبست هوندو ته پوءِ رات کُٽي يا بات کُٽي. ديرجي خير واري انهي ڪم ۾ گهڻو تڻو هٿ صدارت يا وزارت ڪرڻ وارن وڌيڪ سُڌريلن جو هوندو آهي جو اهي ايندائي دير سان آهن. وقت سر ايندا ته صدارت جو منصب ته اقتداري ڪُرسيءَ وانگي ڪيڏيءَ مهل به کسجي سگهي ٿو. جيئن جيئن حاضرين گڏ ٿيندا ويندا تيئن تيئن صاحب صدر جي اچڻ جو انتظار به وڌندو ويندو ۽ منتظمين فون کي ڪوڙو سچو ڪن تي رکي، حاضرين کي پيا همٿائيندا ته صاحب صدر رستي ۾ آهي. اجهو ڄاڻ پهچڻ وارو آهي. پروگرامن ۾ لکيل وقت مطابق پهچڻ وارن کي بيوقوف سمجهيو ويندو آهي. هر ڪو عام طور ڪلاڪ وڌيڪ سمجهي، ميڙاڪي يا گڏجاڻيءَ ۾ ايندو آهي يعني پنج جو وقت لکيل هوندو آهي ته جيڪو تڪڙو پهتو سو به ڇهين وڳي پهچندو. اسان جا اهي ميڙاڪا عام ماڻهن نه پر انهن فردن تي مشتمل هوندا آهن جيڪي هن قوم کي دڳ ڏسڻ جا دعويدار آهن. چوڻي آهي ته انڌو انڌي کي لٺ نٿو لائي سگهي. سو اسين به جتي بيٺا آهيون اتي ئي چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦيرا پيا کائون. پنهنجو پاڻ کي انهي جو پابند ڪري نه سگهيا آهيون ته وقت جهڙيءَ وٿ جو قدر ڪريون. جيڪڏهن قدر نه ڪنداسين ته وقت اسان جو زماني ۾ قدر ڪيرائي ڇڏيندو ۽ اسين ڪڏهن ڪوڏين جي ملهه ته ڪڏهن بنا ملهه بازار ۾ واري جي انتظار ۾ بيٺل هونداسين ۽ پري پري تائين اسان کي ڪو ٻولي ڏيڻ وارو به نه هوندو. تنهنڪري اسان کي پنهنجي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته اسان ڇا پاتو آهي؟ ڇا وڃايو آهي؟ جيڪي ناڪاري قدر اسان جي مجموعي سماجي زندگي ءَ جو حصو ٿي، وڻ ويڙهيءَ وانگر اسان جي جوهر کي کائي رهيا آهن تن کان پاڻ آجو ڪريون. وقت وڃائڻ ته هڪڙو رخ هو ان اجتماعي زيان جو. اهڙيون ٻيون انيڪ اجتماعي علتون ۽ بدعتون اسان ۾ آهن جيڪي اسان جي سموري اسرندڙ چرپر کي ماٺو ڪن ٿيون. اسان وقت جهڙي وير جو واڪو ڪن ڪرڻو پوندو ۽ ان مان سبق پرائي، وقت جي پاٺ جي ساٺ سان سلهاڙجي هلڻو پوندو ته ٻاون وير لڳنداسين نه ته ٻه به وينديون، ڇهه به وينديون، اسين ڪوڙي سڪي جيان هٽان، هٽ ٺُڪرائجندا رهنداسون، ڇو ته وقت جو وار وس وارن کي به بي وس ڪري ٿو ڇڏي.