ڪالم / مضمون

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

ھن ڪتاب ۾ سنڌ جا سياسي، سماجي، تحقيقي ۽ تاريخي مضمون شامل آھن. سنڌ شناسي بابت ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج، سنڌ جي عورت ۽ عورتاڻي سماج، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ميلن، انساني ترقيءَ جي ارتقا ۾ سنڌ جي ڪردار، ڳوٺن ۾ اليڪشن، سنڌ جي بجيٽ، سنڌ جي ڪوٽ قلعن سنڌ جي سُرن، سنڌ جي موسيقيءَ سميت مختلف موضوعن تي 28 مضمون شامل آھن.
Title Cover of book سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي

شاعري، مصوري، موسيقي ۽ نرت ڪلا توڙي ٻيا لطيف فن، انسان ذات جي اندر جي اڌمن خوابن خيالن ۽ تصورن جي اظهار جو اهڙو وچ وسيلو رهيا آهن جنهن سان انسان نه رڳو پنهنجي حال جي احوال کي اورڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ماضيءَ جي جڳاندر جهوني نه تبديل ٿي سگهندڙ مظهر جي مانڊاڻ کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ ايندڙ وقت جا من ورتيءَ جا سندر سپنا پڻ اڻيا آهن ۽ انهن خوابن ۾ اهڙي اُميري پاتي آهي جو اهي ڪٿان به ٽٽل نظر نٿا اچن، اها الڳ ڳالهه آهي ته جتي اسان جي ڄاڻ جا ذريعا بيهي ٿا رهن اتي اسان انهن کي ٽٽل ٿا سمجهون. جڏهن ته وقت اهڙي وٿ آهي جيڪا ڪٿي به ڇڄي نٿي ۽ اکٽ تسلسل سان هلندي رهي ٿي. هڪڙي گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ کي جنم ڏئي ٿي پر ڪا گهڙي ٻيءَ گهڙيءَ کان ڌار ناهي. سڀڪجهه سلسلي جي هڪڙي مالها ۾ پوتل آهي جنهن کي اسين زمانو چئون ٿا ۽ پنهنجي سهوليت ۽ ڳڻپ خاطر زمانن جي زاوين ۽ ڪالمن ۾ ورهايون ٿا. زماني جو قسم ته الله سائين قرآن شريف ۾ به کنيو آهي. زماني جي ضمن ۾ ڪيئي ڪتاب به لکيا ويا آهن پر زماني جي ڳوڙهي ڳنڍ اڃا به اُتي جي اُتي آهي. اسٽيفن هاڪنگ جهڙي جڳ مشهور طبيعاتدان ”وقت جي مختصر تواريخ“ لکي سادي نموني وقت جي سمجهاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي جهڙن ليکڪن پنهنجي شاعري ۾ ”وقت چوي آئون بادشاه “ جهڙا نظم لکي وقت جي ڪڇ ويئٽ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻاراڻي نظم ”واه ڙي تارا“ جي سٽ ”رات لنگهي يا باقي ڇا؟“ به وقت جو تصور ٻارن جي ذهنن ۾ وهارڻ جو ڀلوڙ مثال آهي. ڀٽائيءَ کان وٺي شيخ اياز تائين سمورن شاعرن وقت جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءِ تي خيال جي خمار کي پلٽيو آهي. شاعرن ۽ ٻين تخليقڪارن جي اهڙي سرجڻهار سگهه بابت راءِ ڏيندي، شيخ اياز هن ريت چيو آهي؛
پهريون پهريون،
لفظ خدا جو ڪُن فيڪون!
شاعر، موسيقار، مصور
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون. . . . .
ڪُن فيڪون!
ڏات خزانو آهي،
ڀل ته وراهي
موتي هيرا
نيلم نيرا!
ڀل ته ڪري سينگار صدين جا!
روڪ نه تن کي،
ٽوڪ نه تن کي،
هي جي سرجڻهار صدين جا. . .
تن کي تون پنهنجي ساڃهه جي،
ڄاڻي واڻي،
بُک نه ڏي اي ڌرتي!
ڏک نه ڏي اي ڌرتي!
انهن سروپ سرجڻهارن سنڌ لاءِ به دعائون گهريون آهن ته اها سدائين سکي ستابي هجي ۽ عالم سمورو به آباد هجي. امن هن وقت به دنيا جي سڀ کان اهم ترجيحن مان هڪ آهي. امن جي انهي اوک ڊوک کي جڏهن سنڌ جي سماج جي تناظر۾ ڏسجي ٿو ته حالت ڪا گهڻو ٺيڪ نظر نٿي اچي. سنڌ جنهن کي اوليائن جي ڌرتي چيو ويندو آهي. سنڌ جنهن کي مهن جي دڙي جهڙي جڳاندر جهوني سنڌو سڀيتا جو شاهوڪار پس منظرآهي. سنڌ جنهن جي ڀون مٿاڇري جي ٻهڳڻائپ هن وقت به پرلوڪ پڌري آهي. انهي ۾ جتي جاڏا جبل آهن تتي ٿر بر به آهن ته سنڌو جي آب جي پيچ وارو مٽيهاڻو مهاملوڪ سنئون سنواٽو ميدان به آهي. اهي سموريون وصفون گڏجي ان جو دنيا ۾ خوشحاليءَ وارو تعارف جوڙين ٿيون. جنهن لاءِ ڀٽائي ”سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ جهڙي دعا گهري هئي ۽ شيخ اياز هن ريت اظهاريو آهي؛
سدا هير تن جي هندورو ٿئي،
سدا امن آزادگيءَ ۾ اُٿن،
ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي،
ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مُرجهائجن
وسي ڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
ڀلي ديس پرديس سارا وسن

سنڌ جو سماج جنهن جو وڏو حصو ڳوٺن تي مشتمل آهي. ڳوٺن ۾ رهندڙ لکين ماڻهون ڪهڙي حالت ۾ زندگي گهارين ٿا اها ڪا اهڙي لڪل ڳالهه ناهي. روزمره جي اخبارن ۾ خبرون لڳن ٿيون ته فلاڻي هنڌ هيترا ماڻهو قتل ٿيا، فلاڻي ڳوٺ ۾ ڪنهن اٻلا مائيءَ آپگهات ڪئي. ڪٿي قبيلائي جهڳڙن ۾ ڪيئي گهراجڙي وڃن ٿا، ڪٿي ڌاڙيل اٿي پنهنجي ئي ڀائرن کي ڦرين ٿا ته ڪٿي وري ٻئي ڪنهن نالي ۾ ڦرلٽ جو بندوبست ٿيل آهي. اهڙي ڦرلٽ جا ڪيئي روپ آهن. ڪٿي وري قدرتي آفتون منهن ڪڍن ٿيون انهن وگهي ماڻهو موت جا مهمان بنجي وڃن ٿا. ڪٿي ڪا ابهم نياڻي اغوا ڪئي وڃي ٿي ته ڪٿي ڪا وري ٻي مصيبت. ڳوٺن جي انهي صورتحال کي جڏهن ڏسجي ٿو ته عام ماڻهوءَ جي حالت زار نظراچي ٿي. عام ماڻهوءَ کي نه سٺي تعليم ميسر آهي نه ڪو صحت جو جوڳو انتظام آهي. امن امان جي صورتحال خاص ڪري سريلي سنڌ ۾ ڪا سُٺي ناهي. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ اها ڳالهه آهي ته لکين ڳوٺاڻا ماڻهو جيڪو پيئڻ جو پاڻي واپرائين ٿا اهو صاف ۽ پيئڻ لائق پاڻيءَ جي دائري ۾ نٿو اچي، نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿين ٿيون جن جي علاج ڪرائڻ ۾ اڌ آبادي قرض ۾ ڳهبي پيئي وڃي. حڪومتي ترقياتي ڪمن ڪارن توڙي غيرسرڪاري ادارن جي ڪم ڪار جو محور شهر آهن ڇاڪاڻ ته اتي شيون نظراچن ٿيون. ميڊيا جي زينت بنجن ٿيون ۽ لڳي ٿو ته ترقي جو عمل زور شور سان جاري آهي. اها ابتري هڪ طرف سماج کي کائي رهي آهي ته ٻئي طرف اسان جي سماج جي هر شعبي جا اڳواڻ پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ۾ پورا آهن يا وري مال ميڙڻ ۽ انهي ميڙيل مال کي عياشي ۾ اُڏائڻ جا نت نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيا آهن. ماڻهو اڃ بک ۾ مري رهيا آهن ته يار هڪٻئي کي نيچو نوائڻ لاءِ ناڪاري ۽ اڻ پيداواري سرگرمين ۾ سسيءَ تائين گتل آهن. انهي وچ ۾ وري ٽئين صورتحال جو ڏيک اهو آهي ته سماج تي ڪيپ رکي سوڙهو ڪندڙ طبقا پنهنجي دائري ۽ اثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن. اهڙي پيچيدي سماجي منظرنامي ۾ حڪمراني جي حالت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. ادارا ابتريءَ جو شڪار آهن ويندي جو هاڻي ته علمي ادبي ادارن جي حالت به پنهنجا نوازي يا وسيلن جي ونڊ واري وڃي بيٺي آهي ۽ اهي ادارابه شديد انحطاط جو شڪار آهن. اهليت نالي ڪو معيار نه رهيو آهي انهن ادارن جي ڪم ڪار۾. يونيورسٽيون به انهي ميدان ۾ ڪو اهڙو صالح ڪردار ادا نه ڪري رهيون آهن خاص ڪري اهي پبلڪ سيڪٽر جون يونيورسٽيون جو اهي تحقيق، تعليم ۽ تربيت ذريعي سماج جي اڀرندڙ توڙي وس وارن طبقن کي ڪا اهڙي واٽ ڏسين جيڪا سماج جي مجموعي ڀلائيءَ بابت ڪا ٺوس رٿابندي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ بابت ڪو جامع لائحه عمل پيش ڪري سگهي. انهي سموري قيامت خيزيءَ ۾ عام ماڻهو ته هونئن ئي ويچارو پيڙهجي رهيو آهي پر نوجوان طبقو ٻنهي پُڙن يعني متاثر ماڻهن ۽ نوازيل طبقن جي وچ ۾ پيڙهجي رهيو ته اهو ڪهڙي واٽ وٺي. سندن صاف سُٿرن ذهنن ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ انيڪ سپنا هوندا آهن پر جڏهن اهي انهي ڦرلٽ وسيلي ٽيڪيل طبقي ڏانهن ڏسن ٿا ته سندن ڪچي راءِ لُڏي پوي ٿي ۽ پوءِ هو جنهن ماحول جي اچي ور چڙهن ٿا ان جي وير ۾ لڙهي ٿا وڃن ۽ سماج بنا ڪنهن مثبت تبديليءَ جي اهڙوئي لڳي ٿو جهڙو اڳي هو. جيتوڻيڪ سماج ۾ مادي ترقي ٿوري گهڻي ٿئي ٿي پرسماج جا پيداواري ذريعا جنهن شئي جي نشاندهي ڪن ٿا اهو لاڙو ڪو هاڪاري رُخ نٿو ڏيکاري. اهڙي طرح سماج انڌي گهوڙي ڪل ۾ وانگر ايئن ڦيرا کائي رهيو آهي جيئن رڻ ۾ سڀئي اسونهان ڊرائيور منجهي پوندا آهن ۽ پنهنجي سوارين کي چڪر ڏياري ڏياري وري اچي ساڳي هنڌ تي بيهي رهندا آهن. اچو ته ڏسو ن انهي سموري ماجرا جا ڪهڙا سبب آهن ۽ اسين انهي ڌُٻڻ مان ڪيئن نڪري سگهون ٿا؟
● سنڌ جي آبادي جي اڪثريت ڳوٺن ۾ رهي ٿي. شهرجڻ جو عمل لڏپلاڻ کي جنم ڏئي ٿو. ڇاڪاڻ ته سرمائيواد جي ثقافت پنهنجي منافعي خوريءَ لاءِ ماحول جوڙي ٿي. شهرن ۾ صحت، تعليم ۽ روزگار جي سهوليتن جو هجڻ ۽ ڳوٺن ۾ انهن سهولتن جي عدم موجودگي يا ابتر صورتحال اتان جي آباديءَ کي انهي ڪڙي ڪم تي مجبور ٿي ڪري ته اهي الهه تلهه کپائي، اباڻا اجها ڇڏي، اچي شهرجڻ جي شينهن جي وات ۾ پون ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺن کي پوئتي مڙي به نٿا نهارين. نتيجي ۾ ڳوٺاڻا ويچارا جيڪا زندگي گهارين ٿا سا ڪا اهڙي سُٺي ناهي. سرڪاري رٿابندي پڻ انهي ماڊل تي فوڪس ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته رٿابندي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ ن جي اڪثريت شهري بابو لوڪن تي مشتمل هوندي آهي جن کي ڳوٺن جي ماحول يا مسئلن جي ڪا سرپر جهڙي سمڪ به نه هوندي آهي پر سموري ڪم جوڙي ڪري ماڻهن تي ٿوپيو ويندو آهي. غيرسرڪاري ادارن ۾ رٿابنديءَ جي ته حالت ويتر خراب آهي سڀئي تنظيمون داتا ادارن جي مقصدن کي سامهون رکي پنهنجا منصوبا جوڙين ٿيون. اهي منصوبا ڊونر فوڪسڊ هوندا آهن نه ئي ڪميونٽي فوڪسڊ. اهڙي ابتريءَ جون خبرون چارون به روزانو اينديون رهن ٿيون ته عوامي جي حقن جا چئمپيئن ڪيئن ٿا ڳجهن وانگر پئسن تي پالها ٿين.
● سماج ۾ ڪجهه اهڙا طبقا آهن جن جي ڏور ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ آهي ۽ اهي طبقا سماج جي شعور تي هڪڙي شاه دولهي جي ڪوئن واري ٽوپي آهن. سماج جي اڀرندڙ شعور کي موڙي مروڙي غلط رُخ ڏانهن وٺي ٿا وڃن. وڏيري کي هرڪو نندي ٿو پر اسان وٽ ته اڳواڻيءَ جا اهڙا بدتر روپ آهن جيڪي پاڻ کي فرشتا سڏائي شيطان کان به بدتر حرڪتون ڪن ٿا. وڏيرن جي خلاف تقريرون ڪري وڏيرن وانگر هڪڙيون زالون ڇڏيون وري نيون مايون پهرين وهارين ٿا ۽ پوءِ زماني جي ڀيڙ ڀيڙان جي ڪري شاديون ڪن ٿا. ڪي همراه وسيلن جي ڦرلٽ کي وڏيري وانگر جائز سمجهن ٿا ۽ پوءِ اهڙي مال مان وڏي عياشي به ڪن ٿا جنهن ۾ ڪيئي ڪريل اخلاقي ڪرتوت به شامل آهن. نوجوان ويچارو جڏهن اهڙي ڳالهيار طبقي جي ڳالهين ۾ اچي ٿو يا انهن جي پيروري ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته هو ڪنهن چاڙهيءَ وڃي چڙهندو پر جڏهن اهڙن ماڻهن جي منافقي ظاهر ٿي پوي ٿي ته پوءِ مايوسي پکڙجي ٿي. اڳواڻي جي اهڙي ماڊل به سماج کي مجموعي طور ڪافي پٺتي ڌڪيو آهي يا وري اڳتي وڌڻ کان ٿيڙهيو آهي.
● تعليم ۽ تربيت جي سماجي ادارن جو ڪو سُٺو جوڙجڪي سرشتو موجود ناهي جنهن ڪري به ماڻهو انهي ڌٻڻ ۾ وڃي ڦاسي ٿو. اڳتي هلي ساڳي ڪلچر جو حصو بنجي وڃي ٿو.
انهي سموري پيچيدي پاپ نگر مان مٿي چاڙهي لاءِ ڪجهه تجويزون هي آهن
● ترقيءَ جو ماڊل جيڪو ٽاپ ٽو باٽم آهي سو عوام دوست ماڊل ناهي ان کي عوام دوست ماڊل ڪرڻ لاءِ ترقيءَ جي ونڊ ورڇ کي باٽم ٽو ٽاپ بنايو وڃي. سرمائيوادي ترقي شهرجڻ تي آڌارڪ آهي جڏهن ته امن آشتي ننڍڙين ننڍڙين وسندين ۾ آهي. هاڻي دنيا به جڏهن انهي ماڊل مان بيزار آهي ته اسان جي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اها واٽ مٽائڻ گهرجي ۽ ترقيءَ جو عوام فوڪسڊ ماڊل اپنائڻ گهرجي
● اڳواڻيءَ کي قربانيون ڏيندڙ ۽ باڪردار هئڻ گهرجي. سندن قول ۽ فعل هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ نه هئڻ گهرجن. سندن ايمان سماج جي مجموعي ڀلي ۾ هئڻ گهرجي نه ئي ذاتي مفادن ۽ مال ميڙڻ ۾. اڳواڻي جي صلاحيت به اُتم هئڻ گهرجي جو اها همعصر تقاضائن کي پروڙي سگهي ۽ ننڍڙن ننڍڙن تڇ مفادن مان اڳتي وڌي سماج جي مجموعي ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙڻ لاءِ قربانيءَ وارو جذبو رکندڙ هجي.
● سماج ۾ اهڙن ادارن جي شديد ضرورت آهي جيڪي مجموعي طور ماڻهوءَ جي صلاحيت جوڙڻ جي تربيت ۽ تعليم جو بندوبست ڪن، جنهن مان ماڻهن ۾ ڀلي ڏانهن وڌڻ ۽ بُري کان بچڻ جو شعور اجاڳر ٿئي جيئن سماج پنهنجي ڪنهن هاڪاري رُخ ۾ پنهنجي منزل طئي ڪري ۽ اڳتي وڌي. هن دور جو نوجوان ڪافي باشعور آهي ۽ هو يقينن اسان جي سماج کي مثبت رخ ۾ وٺي ويندو ۽ سنڌ جي سينڌ سدائين سندور ڀريل ۽ سهاڳي رهندي.