بکين ڪهڙي بجيٽ جي. . . . . . !!
چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا مامرا جهڙا پهاڪا ماڻهن سرجيندي، صدين جي تجربي کي اڳيان رکيو هوندو يا ڀٽائيءَ جڏهن هيءَ سٽ تخليق ڪئي هوندي ته، ”سڪن ڪهڙي سار، ته اُٺا مينهن ملير تي“ ته يقينن سندس ذهن ۾ زندگيءَ جي گوناگونيت جهٻڪي هوندي تڏهن ته هن اهڙي سٽ چئي جيڪا عالمي حقيقت جو روپ رکي ٿي. ملوڪن جو شڪار مروئن لاءِ موت به ثابت ٿيندو آهي. سڪن ڪهڙي سار ته اُٺا مينهن ملير تي. اهڙي ريت غربت غريب کي سماج جي مکيه ڌارا کان ڪٽي اهڙي کڏ ڏانهن ڌڪي چڏيو آهي جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن غريب هيٺ وڃي پيو ۽ دنيا جا امير گڏجي انهي کڏ جي ڪپ تي ڪڏهن غربت ختم ڪرڻ جو ته ڪڏهن غربت گهٽائڻ جو راڳ آلاپي رهيا آهن ۽ انهي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي راڳڻي آلاپي رهيا آهن ۽ انهي سنهي موسيقيءَ سان غريبن جي ڪوڙي آسري تي دل ڌتاري ۽ پنهنجي بئنڪ ڀنڊارن کي ڀري رهيا آهن. غربت جي انهي پيچيدگيءَ غربت کي انتهائي ڳجهي ڳنڍ بنائي ڇڏيو آهي جنهن جي گورک دنڌي جو سلجهڻ رُهيءَ جي گاه ( Inaccessible thing)وانگرنظر اچي ٿو جنهن تائين رڳو حاڪيماڻا گهوڙا ئي رسي سگهن ٿا. ڏٻريءَ کي ڏنءَ گهڻا سو ڪٿي پهچي انهي پنڌ کي. اهڙين راڳڻين مان ماليات جي ۽ اقتصاديات جي ماهرن ٺاهيل ڌنن مان هڪڙي ڌُن بجيٽ آهي. حڪومتن، ڪارپوريٽ ڪمپنين ۽ ٻين ڌنوان ڌرين کي سال ۾ هڪ دفعو پنهنجي پنهنجي ادارن جو بجيٽ ٺاهڻو ۽ پيش ڪرڻو هوندو آهي ۽ انهي ڪاريگريءَ کي انگن اکرن جي ڪارسازيءَ سان ايئن کنڊ جي تهه ۾ ملفوف ڪيو ويندو آهي جو اها مٺي وَٿُ طور نظر ايندي آهي ۽ اسان جهڙن ملڪن، جيڪي امداد جي آڪسيجن تي هلندا آهن، تن جي بجيٽ کي اهڙي کٽمٺڙي وانگر پيش ڏيکاري ويندي آهي جنهن ۾ مٺاڻ ئي مٺاڻ هجي. پر سڄي سال اهو کٽمٺڙو ڪڏهن کارو ڪڏهن کٽو ٿي پوندو آهي پر بجيٽ ۽ ان جا بعد ۾ پوندڙ اثر سڀني کي وه جو وٽو هجڻ باوجود جيءُ چئي پيئڻا پوندا آهن. بجيٽ آمدني ۽ خرچن جي پوتاميل جو نالو آهي جنهن ۾ ٿلهي ليکي ڪٿ ڪئي ويندي آهي ته ڪيترا وسيلا اُپجندا ۽ ڪيترو خرچ پکو شعبي وار ٿيندو. بجيٽ جي انهي نسخي کي تيار ڪندڙ انگن اکرن جي جادوگريءَ جا ماهر هوندا آهن جن کي نوڙيءَ مان نانگ ٺاهڻ به ايندو آهي ته نانگ کي رڱتو نوڙيءَ جي صورت ڏيڻ به سندن کاٻي هٿ جو کيل هوندو آهي. بجيٽ جي انهي روايت ۾ ڪيترائي جڳاڙ به لڪيل هونداآهن ۽ سال دوران بوقت ضرورت ننڍڙا ننڍڙا بجيٽ به نروار ٿيندا رهندا آهن. بجيٽ کان اڳ دڪانن تان اهو سامان گم ٿي ويندو آهي جنهن جون قيمتون وڌڻ متوقع هونديون آهن. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي بجيٽ جي ڪُک مان نڪرن ٿيون يا وري بجيٽ جي ڪُک ۾ ناجائز ٻار وانگر پلجن ٿيون. جون جو مهينو بجيٽن پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرڻ جي سياسي سڳورپ جو مهينو آهي جو هن مهيني ۾ بجيٽ پاس ٿيڻ لاءِ ڪجهه ڌُريون نخرا ڪري سگهن ٿيون ته وري غرضائو ڌرين کي انهن جا انگل آرا سهڻا پوندا آهن. ايئن اقتدار جو گاڏو گهلجندو رهندو آهي. اقتدار جي گاڏي ۾ ته بجيٽ هڪڙو اهڙو نقطو آهي جنهن تي سڀني جون نگاهون کتل هونديون آهن ۽ هرڪو انهي نقطي ۾ پنهنجي نقطي جي ڳالهه مڪائڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. بجيٽ جي بابرڪت مهيني دوران جيڪڏهن رمضان جو مهينو اچي وڃي پوءِ ته پئون ٻارنهن. ٻڏيءَ جا ٻيڻا، ڪوٽ مٿان ڪوٽ. مهانگائي ءَ ۾ اهڙي برڪت پوندي ڄڻ ڪنهن پهتل پير دعا ڪئي هجي ۽ ان جي دعا جي دٻ سان ست جاڙا پُٽ ڄاوا هجن. سو اها ست اولادي مهانگائي غريب ماڻهوءَ جو الائي ڇاڇا چٻو ڪري ٿي ڇڏي ڇاڪاڻ ته غريب وٽ چيلهه ته هوندي ناهي جيڪا چٻي ٿئي. غريب جي چيلهه تي اڳيئي ڪونه ڪو بار اڳيئي پئل هوندو آهي. بجيٽ جي ڳالهه جي بابت گفتگو به انهي ڪري شروع ڪئي سين جو غريب جي سال ۾ بجيٽ نالي ڪو به لفظ يا ڪاروهنوار ناهي. وفاقي حڪومت پاران اهڙي پهرين بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي جنهن ۾ وزيراعظم موجود نه هو پر فونن جي سهوليت کي ڪتب آڻيندي بجيٽ تجويزن جي منظوري ورتي ويئي. هاڻي سنڌ حڪومت به بجيٽ پيش ڪرڻ واري آهي، اها بجيٽ به ٻين بجيٽن جهڙي ئي هوندي. بجيٽن پيش ٿيڻ کان ٿورو ئي اڳ پگهارن وڌڻ جا بحث ڇڙي ويندا آهن ۽ پوءِ جڏهن اعلان ٿيندو آهي ته ننڍا ۽ وچولا ملازم ويچارا ليکا چوکا ڪندي، پگهار جي واڌ جيترو قرض اڳواٽ کڻي وٺندا آهن. پر غريب جو بجيٽ ۾ اچي نڪي وڃي. غريب نه لفظ بجيٽ ٻُڌو آهي نه ئي کيس خبر آهي ته اها ڪهڙي بلا آهي. غريب اها ڌر آهي جيڪا بجيٽ کان سواءِ زندگي گذاري ٿي. اها اهڙي عجيب ڳالهه آهي جيڪا اسريل ملڪن جي ماڻهن کي شايد معجزي جهڙي محسوس ٿئي. پر اسانجي ڳوٺن ۾ رهندڙ آباديءَ جي اڪثريت انهن معجزن کي سرانجام ڏيئي رهي آهي. ڳوٺن ۾ غربت اهڙو حال مچايو آهي جو غريب پيئڻ جي صاف ۽ معياري پاڻيءَ جي گلاس کي به ترسي ٿو ته ٻئي طرف ان سان همدرديءَ جي هام هڻندڙ سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن جا عملدار مڙئي منرل واٽر تي گذارو ڪن ٿا، ڇاڪاڻ جو کين غريب لاءِ جيڪي منصوبا جوڙڻا آهن ان اهڙو معدني پاڻي پيئڻ ضروري آهي جيئن اهي رٿائون ۽ تجويزون به مٺيون جڙن جن کي عملدرامد ڪرڻ وقت کائڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ٿئي. غريب بنا بجيٽ جي زندگي ڪيئن ٿو گذاري تنهنجي خبر غريب کي ئي آهي. هو جيڪي کائي ٿو ان کي نيوٽريشن جي ٻولي ۾ کاڌو چئي نٿو سگهجي، جيڪو پاڻي هو پيئي ٿو انهي کي ڏيهان ڏيهي ادارن جي قائم ڪيل وصف مطابق ”صاف ۽ محفوظ“ چئي نٿو سگهجي. علاج لاءِ جن اسپتالن ۾ هو وڃي ٿو انهن جي ڳالهه ڇا ڪجي. جنهن کي ٻي ڀوا نه هجي اهو سرڪاري اسپتال ۾ ويندو آهي. غريب جي انهي حالت کي سمجهڻ لاءِ غريب جي روزاني زندگيءَ ۾ جهاتي پائڻ ضروري آهي. مونکي هڪڙي ڪربناڪ ڪهاڻي ذهن تي تري ٿي اچي جنهن ۾ هڪڙو غريب ڳوٺاڻو پنهنجي ڳورهاريءَ گهرواري ءَ کي شهر جي ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ علاج لاءِ وٺي اچي ٿو. ڊاڪٽرياڻي جڏهن انهي سڪل پن جهڙي ڳوٺاڻي عورت کان تڪليف بابت پڇي ٿي ته موٽ ۾ هوءَ ايترو ٻڌائي ٿي ته کيس هيڻت آهي يعني ڪمزوري محسوس ٿئي ٿي. پر ڊاڪٽرياڻي جيئن ئي مريض عورت جي رت جي چڪاس واريءَ رپورٽ تي نظر وجهي ٿي ته سندس واتان رڙ نڪري وڃي ٿي ڇوت انهي رپورٽ مطابق مريض جي رت ڳاڙهاڻ جو درجو 3 هو. جنهن جو مطلب موت جي سمنڊ جو ڪنارو هو. ڊاڪٽرياڻي عورت کي گوشت کير۽ سايون ڀاڄيون کائڻ جي تلقين ڪئي تنهن تي عورت وراڻيو ته، ”ادي اسين غريب آهيون، اولڻ ئي ناهي مرچن سان ماني کائون ٿا تنهن ڪري گوشت کير۽ ڀاڄيون اسان وٽ ڪٿان آيون. توهان اسان کي ڪا گوري ٽڪي ڏيو ته مڙئي اڪري پار پئون. “ اها مريضه ته انتهائي سادگيءَ سان اها ڳالهه ڪري رهي هئي جنهن جي ساه اندر ٻيو به ساه کڄي رهيو هو ۽ غربت ٻنهي ساهن کي موت جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاري ڇڏيو هو. اهڙي هڪ ٻي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي بلاکائي وڌو ۽ فوري طور کيس اسپتال ڏانهن وڃڻو هو پر سندس گهر ۾ مالڪ جي مٺي نالي کانسواءِ ڪجهه به نه هو. ڳهه ڳٽا يا مال وغيره ته هيو ئي ڪانه جو اهڙي اهنجي وقت ۾ کيس ڪم اچي سو هن ڦانڦ ۾ قرض لاءِ جهونت ڏني ۽ کيس ڳري وياج تي قرض وٺڻو پئجي ويو ڇاڪاڻ جو سندس زندگيءَ جو سوال هو ۽ زندگي شاهوڪاري غريبيءَ جي وڇوٽي کان هٽي ڪري هرڪنهن کي پياري هوندي آهي ۽ زندگي کي بچائڻ لاءِ انهي نانگ ڏنگيل کي قرض جي ڪاريهر ۾ هٿ وجهڻو پيو. قرض وياج خور واڻيو ڏئي يا ڪو اين جي او سڏائيندڙ سودخور ادارو ڏئي قرض قرض هوندو آهي، ٻنهي صورتن ۾ قرض ڪڙي گوري وانگر آهي جنهن ۾ اهڙو زهر هوندو آهي جيڪو آهستي آهستي ماريندو آهي. اهي غربت جي خرار مان ٻه ننڍڙا مثال آهن جيڪي غربت جي تصوير جي هڪ ننڍڙي رخ کي ظاهر ڪن ٿا يا ايئن کڻي چئجي ته اها ڪهاڻي انهن لکين خاندانن جي آهي جيڪي ادارن پاران ڇڪيل غربت ليڪ تي يا ان کان به هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن. انهن سڀني جي سال جي ليکي ۾ ڪو به بجيٽ ناهي نه ئي ڪنهن امداد جو آسرو. انهن لاءِ نه ڪو مالياتي فنڊ آهي نه ئي ڪا عالمي بئنڪ. انهن جي بجيٽ ۾ آس جي آمدنيءَ جو آسرو آهي جنهن اميد کي حالتن جا ڪيئي ڪاريهر نراس ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. انهن جي بجيٽ ۾ اڻ ڳڻين بيمارين جي آمدني ته آهي پر علاج لاءِ خرچ جي ڪنهن بيل آئوٽ پئڪيج جو ڪوئي آسرو ناهي. غريب بي زر آهي ۽ بي زر کي افراط زر جو ڪوئي ڀئو ناهي. بجيٽ جي سموري ڪڇ ويئٽ جي ڪڙهه پچ کان غريب ان ڪري به پري آهي جو غريب عوام آهي، سرڪار ناهي جو کيس بجيٽ جو مٿي ۾ سور وجهڻو پوي. غريب جي بجيٽ ۾ جيڪڏهن ڪا موڙي يا ڳيجهو آهي ته اها توڪل آهي جنهن جي آڌار تي هو زندگي ءَ جي بند گليءَ ۾ هلندو رهي ٿو. واٽ ۾ کيس ڪيئي واڳو سامهون اچن ٿا ۽ سندس زندگي موت جو بَکُ بنجڻ کان اڳ ڪيترائي موتمار ذائقا چکي ٿي. غربت جي اها گار سڄي دنيا جي ذهن ضمير لاءِ للڪار آهي جنهن ٻيون به ڪيتريون ئي للڪارون پيدا ڪيون آهن جن کان سڄي دنيا جو ساه ٿو وڃي. غربت جي پراسرار اڀياسن کان هٽي ڪري ڏسبو ته هيءَ غربت دنيا ۾ چند چالاڪ ۽ فطين ماڻهن جي شطرنج جو نتيجو آهي جنهن ۾ هنن پاڻ کي بادشاه بنائي دنيا جي وسيلن تي گوڏا ڏيئي ڇڏيا آهن جنهن سان هڪڙي اڻ برابري پيدا ٿي پيئي آهي دنيا ۾ چالاڪ ماڻهو ڌنوان ۽ سادا سودا ماڻهو نرڌن جي صفن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. سرامائيواد جي بازاري دنيا ۾ غربت گهٽائڻ يا مٽائڻ جا جيڪي نسخا آزمايا پيا وڃن اهي غربت کي گهٽائڻ بدران غريبن جي تعداد ۾ واڌارو ڪري رهيا آهن. ڪيترين سالن کان اهو راڳ سڄيءَ دنيا۾ زورشور سان آلاپيو پيو وڃي. بجيٽ اڄ به حڪومتن جا آهن يا ڪارپوريٽن جا. غريب اڄ به اهڙي اقتصادي وٿ کان ڪوهين ڏور آهي. سندس زندگيءَ جو ڪاٿو بکن، ڏکن، بيمارين، قرضن، ڏڪارن جي ڳاڻيٽي مان ڪري سگهجي ٿو باقي ان کانسوءِ ٻي ڪا خاص بجيٽ ناهي جيڪا غريب جي زندگيءَ کي به بجيٽ آور بنائي. غربت گهٽائڻ جو نعرو هڻندڙن اڳيان اهو چئلنج آهي ته اهي غريب کي ڪڏهن ٿا بجيٽ وارو بنائين ۽ پنهنجي پيش ڪيل بجيٽن سان غريب جي زندگيءَ ۾ ڪهڙا رنگ ٿا بجيٽ ڪن.