ڳوٺاڻو سماج
سنڌي سماج ڳوٺاڻو سماج آهي. سنڌ جي آباديءَ جي اڪثريت ڳوٺن، وسندين، واهڻن، ڍاڻين، وانڍين، ۾ رهي ٿي. اهي وسنديون واهڻ، ڳوٺ پنهنجو الڳ مزاج رکن ٿا. ماڻهن جو پاڻ ۾ سماجي ميل ميلاپ جو سمورو ڪوڊ طئه ٿيل آهي. ڪهڙيون قوتون انهي ڪوڊ کي طئي ڪن ٿيون، ؟ انهي سماج ۾ ڪيئن ڇوڙي نبيري ٿئي ٿي؟ ڳوٺن جي سماج ۾ بنيادي سهوليتن جي ڍانچي جي صورتحال ڪيئن آهي؟ ڳوٺن جا ماڻهو پاڻ ۾ ڪيئن گڏجن ٿا؟ سندن شاديون مراديون، ڀت پوت، عيدون برادون ڪيئن ٿين ٿيون؟ ڳوٺن جي ماڻهن کي شعور۽ جاڳرتا وڌائڻ جا ڪهڙا موقعا ميسر آهن؟ اهڙيءَ ريت سوين نڪتا آهن جيڪي ذهن ۾ نروار ٿا ٿين ته ڳوٺاڻي سماج جو سماجي تحرڪ ڪيئن هلي چلي ٿو؟ ترقي لاءِ جيڪا رٿابندي ٿئي ٿي اُنهي رٿابنديءَ جي سرواڻي شهرن ۾ ويٺل اها اقليت ڪري ٿي جنهن کي ڳوٺاڻي سماج جي ڪا سمڪ ئي ناهي يا وري ايئن آهي جو شهري بابو يا ڪامورا انهن سادن ماڻهن کي اهڙي قسم جي اٻوجهه مخلوق سمجهن ٿا جيڪا مٿن بار هجي ۽ اهي جيڪو ڪم انهن ڳوٺاڻن لاءِ ڪن پيا سو ڄڻ عظيم احسان آهي. ڳوٺاڻي سماج کي انهي طرح نظرانداز ڪرڻ تباهي آڻي ڇڏي آهي. ڳوٺن جو سادو عوام يا ته بسون ڀري جلسا ڀرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو يا ٻچا ٻار وٺي پولنگ اسٽيشنن تي ڪوڙا سچا ووٽ وجهڻ لاءِ ڪم اچي ٿو يا بيمار ٿي سرڪاري اسپتالن ۾ پاه ٿي مري وڃي ٿو . ٽرانسپورٽ کان وٺي تعليم تائين کين جيڪي موقعا مليل آهن انهن جو حال ڪنهن کا ڳجهو نه آهي. گاڏين ۾ اهي سادا انسان جانورن سان گڏ به سفر ڪندا آهن. سندن ٻار جن اسڪولن ۾ داخل آهن اتي تعليم نالي املهه وٿ اڻلڀ آهي. صحت جي بنيادي سهوليتن جي اها حالت آهي جو ويم دوران مرڻ جا واقعا روز اخبارن جي زينت بنجن ٿا. ٻارن جو موت اخبار ن ۾ ايئن رپورٽ ٿئي ٿو ڄڻ ڪو موت جو فصل لٿو هجي. جيڪي همراه انهن سادن سٻاجهن ماڻهن کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ وڃي ديرو دمائين ٿا سي ته انهي طبقي ڏانهن مڙي ڏسڻ لاءِ تيار به نه آهن. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ووٽرن کي سڃاڻڻ کا به ايئن انڪاري ٿي ويندا آهن جيئن ڪرپشن وسيلي ڪمايل دولت جو انڪار ڪندا رهندا آهن، خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ڪو ادارو کين پڪڙي عدالت ۾ رمانڊ وٺڻ لاءَ وٺي ايندو آهي ۽ همراه ميڊيا جي پنن تي ڇانئجي ويندا آهن پر وري به سڀني الزامن کان انڪار ڪندا آهن. ڳوٺن جي انهي ماحول تي جيڪي ڌُريون اثرانداز آهن ۽ صدين کان انهن پنهنجي اثر جي اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ لاءِ هر ڪوشش ڪئي آهي. انهي جمود جي تسلسل برقرار رکڻ ۾ تعليمي سهوليتن جي اڻاٺ ۽ ڪنهن به تربيت جي عدم موجودگي جو وڏو هٿ آهي. هڪ ته تعليم آهي ئي ڪانه، جيڪا پوري ساري آهي تنهن ۾ به ڪنهن جي شخصيت جي اوسر جي تربيت جو ڪو بندو بست نه آهي ۽ شعور جي جاڳرتا ته پري جي ڳالهه آهي. تنهنڪري سنڌ جي سماج جي ڳوٺن واري آبادي جيڪا اڪثريت ۾ آهي، جيستائين انهن جي ترقي نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي ترقيءَ جو تصور ئي اڪارٿ آهي. اهو هڪ پهلو آهي سنڌي سماج جو. اهڙي طرح ايندڙ ليکن ۾ ٻين پاسن کي به نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.