چونڊن کان پُڄاڻان
سنڌيءَ ۾ پورڻتا بابت هڪ خوبصورت چوڻي آهي، ”پوري ويهه ڪرڻ“ يعني اوڻيهن تائين جيڪا مقداري اڻپورائي هئي اها ويهه ٿيڻ سان مڪمل ٿي. تنهنڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻي پوري ويهه ڪئي آهي. اهڙي طرح مڪاني چونڊ ن جو ٻيو مرحلو سموري ڪن ڪچري کان پوءِ پنهنجي پُڄاڻيءَ تي 19 تاريخ تي پڄاڻيءَ تي پهتو ءَ اڄ خيرن سان پوري ويهه ٿي آهي. چونڊ جي ڏينهن جيڪي ڪجهه ٿيو اهو جڳ ڏٺو. انهي سموري جمهوري عمل جيڪي اثر ڇڏيا سي سماج جي مختلف ادارن تي به اثرانداز ٿيندا ۽ هاڻي وري نئين ڪهاڻي شروع ٿيندي. اهڙي ڪهاڻي جيڪا سماجي هم آهنگيءَ کي رهڙيندي، رهڙيندي ڪيئي ٽار ڪڍندي ۽ ميوا ڏيندي، ماڻهن کي وندر جو ايترو سامان مهيا ڪندي جو اهي ايندڙ چونڊن تائي آسودا هوندا يعني هن اليڪشن جي زخمن کي چٽيندا رهندا ۽ وري اچي ٻي چونڊ ڪڙڪندي ۽ ساڳي ڪهاڻي ورجائجڻ شروع ٿيندي. انهي ورجاءَ ۾ نسلن جون عمريون ڳري ويون آهن. فيصلي ڪرڻ جي طاقت نه انهن جي هٿ ۾ آئي آهي نه وري هن حال ۾ اها طاقت ملڻ يا ماڻڻ جو ويجهو امڪان نظر اچي ٿو. اچو ڏسون ته چونڊن کان پڄاڻان ڳوٺن ۾ ڪهڙو منظرنامو نروار ٿيندو ان بابت ڳالهايون. اڄ اڃا اليڪشن اهڙو تازو موضوع آهي جو ماڻهن هر ڳالهه وساري رڳو ان تي ڳالهائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. چونڊن جي ڏينهن جيڪي ٿيو اهو سموريءَ سنڌ ڏٺو. ماڻهن پنهنجا ٻار ٻچا کڻي، ڪم ڪار سيڙائي، پنهنجو قيمتي ووٽ، ڪنهنجي نه ڪنهنجي اثر هيٺ استعمال ڪيو. شام جو نتيجن جي ڳڻپ دوران، ٻئي ڌُريون وڏي ءَ هيجاني حالت مان گذرنديون آهن. کٽندڙ ڌر به ڊپ ۾ هوندي آهي ته ڪٿي ووٽ غلط نه پيا هجن، يا خراب نه ٿيا هجن يا جن ووٽرن واعدا ڪيا هئا پر اندر بوٿ ۾ وڃي ڦري ويا، ته پوءِ ڇا ڪبو؟ جيڪا ڌُر هارائيندڙ هوندي آهي اها وري انهن ووٽرن بابت تجزيا ڪندي هوندي ته فلاڻن واعدو ڪري، عين وقت تي واعدي خلافي ڪئي ۽ ترا ڪڍي ڇڏيائون. انهن غير يقينيءَ وارين حالتن ۾ جيئن ئي نتيجن نروار ٿيڻ جو ويجهو وقت ايندو ته هارائيندڙ ڌر هري هري ٿي کسڪي ويندي ڇاڪاڻ جو اسانجي زراعتي سماج ۾ عزت غيرت جا ڪيئي ڪوڙا قدر جوڙيل آهن جن جي ڪوڙڪيءَ ۾ هر ماڻهو قيد لڳو پيو آهي. ڳوٺاڻن جي وچ ۾ ڪميونيڪيشن جي اها سطح نه هوندي آهي جو اهي هڪٻئي کي کُليءَ دل سان رڳو ٻُڌن پر قبول به ڪن. مد مقابل ماڻهو ته ايترو چاجڊ هوندا آهن جو هڪ ٻئي جي نه سامهون ٿيندا آهن نه وري پاڻ ۾ ڳالهائيندا آهن. ڇاڪاڻ ته سموري چونڊ مهم جنهن طور طريقي سان هلائي ويندي آهي اها ايتري گهڻي فضيلت واري نه هوندي آهي. اڳواڻ جلسن ۾ بيهي جيڪو آکو ماه اوڳاڇيندا آهن انهي غلاظت کي ڌوئندي صاف ڪندي وقت لڳي ويندو آهي. ڪاميابيءَ جي ڪچي اعلان کانپوءِ، جنهن کي غير حتمي نتيجا چيو ويندو آهي، دهل دماما وڄڻ شروع ٿي ويندا آهن، هُل هنگاما شروع ٿي ويندا آهن ۽ ريليون نڪرڻ شروع ٿينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن انهن ريلين ۾ دلفريب نعرن سان گڏ، گولين جا گل به وسايا ويندا آهن جن جا ٺڪاءَ سماج ۾ ڪيئي ڏينهن گونجندا رهندا آهن. اهڙين ريلين کي ڪيئي جذباتي ماڻهو مخالفن جي گهرن تائي به وٺي ويندا آهن ۽ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻائي پنهنجي ڪوڙي انا کي ريج ڏيندا آهن. اهڙا عمل مخلفن جي دل ۾ نفرت جو سلو پوکڻ ۾ سهوليتڪار ثابت ٿيندا آهن. اهي نفرتون اڳتي هلي مستقل دشمنين جي صورت اختيار ڪري وٺنديون آهن جيڪي پرامن سماج لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿينديون آهن. رات جو اهو رنگ هلندي خير سان صبح ٿيندو آهي. ايستائين ريڊئي ۽ ٽي ويءَ تي خبرون اچي وينديون آهن ته ڪهڙي ڌر اڳتي وڃي رهي آهي. اڌ ڏينهن کان پوءِ ڳوٺن ۾ اخبارون به پهچڻ شروع ٿي وينديون آهن جن وڌيڪ تفصيل هوندا آهن. انهي سان گڏوگڏ فون تي ڪنڊ ڪُڙڇ مان خبرون اچڻ شروع ٿينديون آهن. جيڪي جهيڙا جهٽا ٿيندا آهن اليڪشن ڏهاڙي تي، انهن بابت حڪومتي ڌر، ڪيس مقدما داخل ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳي ويندي آهي. ڪيئي ڪڌرمي پنهنجي ذاتي دشمنين کي پاڙڻ لاءِ اهڙن ماڻهن جا نالا به ڏينديون آهن جيڪي بيگناه هوندا آهن پوءِ هڪڙو ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. ڪيس چالان ٿي ڪورٽن ۾ ويندا آهن. ماڻهو اهڙن ڪيسن کي سالن تائين ڀوڳيندا رهندا آهن. اهو سمورو ماحول ڳوٺن جي امن، آشتي، همدردي ۽ هم آهنگيءَ کي وڏو ڇيهو رسائيندو آهي. اها ڪهاڻي ته انهن ماڻهن جي آهي جيڪي اليڪشني ماحول ۾ انوالو هوندا آهن باقي عام سادا سودا ماڻهو ته انهي ڪڪرم کان ڪوهين ڏور هوندا آهن جن لاءِ ووٽ ڏيڻ کان وڌيڪ اها ڳالهه اهم هوندي آهي ته کيس ڏهاڙي ڪمائڻي آهي يا پنهنجي زميندار جي ٻنيءَ تي جانورن وانگر پورهيو ڪرڻو آهي جيئن ان ڏينهن لاءِ سندس رزق روزيءَ جو بندوبست يقيني ٿي سگهي يا سندس گهر جي بيمار ڀاتيءَ لاءِ دوا درمل وٺڻ لاءِ روڪ پئسا يا چٺي ملي سگهي، اهڙي چٺيءَ تي شهر ۾ ويٺل ڊاڪٽر علاج ڪندا ۽ اها رقم اوڌر طور وڏيري جي کاتي ۾ لکندا. وڏيري جو منشي وري انهن پئسن کي ٻيڻا ٽيڻا ڪري هاريءَ جي کاتي ۾ لکي ڇڏيندو آهي. ڳوٺن ۾ چونڊ عمل توڙي ان سان لاڳاپيل سمورو ڪلچر ڳوٺاڻي مزاج پٽاندر هئڻ گهرجي. انهي ۾ ڳوٺن جي سماجي جوڙجڪي سرشتي کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ڳوٺاڻا گڏجي ڪو ضابطه اخلاق جوڙين جيئن چونڊن جو عمل نه رڳو پرامن نموني گذري پر ان کانپوءِ به ڪي اڻ وڻندڙ واقعا رونما نه ٿين جيڪي ڳوٺاڻي امن کي هاڃو رسائين ٿا. انهي سان گڏوگڏ اهي سماجي تنظيمون يا ڳوٺن جي سول سوسائٽي ڳوٺن ۾ اهڙا نيٽ ورڪ جوڙائڻ ۾ سهوليتڪاري ڏئي جو اهي چونڊيل ماڻهن کي ڳوٺن جي ترقيءَ لاءِ منصوبا جوڙائڻ لاءِ مائل ۽ قائل ڪن. جڏهن اهڙا منصوبا اڏاوتي عمل جي مرحلي ۾ اچن ته انهن جي نگراني ڪن ۽ جڙي راس ٿيڻ کان پوءِ انهن رٿائن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائين ۽ جتي به ضرورت پوي اتي سرڪار ي ادارن کان يا غير سرڪاري ادارن کان مالي ۽ فني مدد حاصل ڪري سگهن. اهو سمورو عمل، عملي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ، سياسي اڳواڻي جي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ هڪ وسيع تر سماجي ڊائلاگ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه سڀني سياسي ۽ سماجي ڌرين جي موچاريءَ سُڌ لاءِ عرض رکجي ٿي ته چونڊون هڪ جمهوري عمل آهن جيڪو بيلٽ پرچيءَ وسيلي هلي ٿو نه ئي بليٽ وسيلي هلندڙ ڪو هٿياربند معرڪو. هي عقل، هوش ۽ ساڃهه ونديءَ جو دور آهي، جيڪي قومون پاڻ کي باشعور سمجهن ٿيون اهي جمهوري ادران کي مضبوط بنائين ٿيون باقي ٻي خلق کي جمهوريت ۽ آمريت جي سنڌي سيڙهي جو شعور به ناهي.