سنڌ جي تاريخ جا مامرا ۽ مسئلا
سنڌ جي تاريخ جي شروعات چچ نامي جهڙن ڪتابن کان سمجهي ويندي آهي. عرب سياحن جا سفرناما ۽ سڪندر مقدونيءَ سان گڏ آيل لکارين جي لکتن جو احوال به سنڌ جي تاريخ بابت ابتدائي مواد مهيا ڪن ٿا يا وري ميرن جي دربار ۾ ڊاڪٽرن جي روپ ۾ آيل گورن جاسوسن جون رپورٽون ۽ ڊائريون به تاريخي حوالي طور ڳڻيون وينديون آهن. ان کانسواءِ مختلف دڙن ۽ ڀڙن جي کوٽائي جا ٺڪراٺا ۽ ڦٽوڙا به وڏي تاريخي شاهدي آهن. انهن سڀني شين جي اوک ڊوک ۽ ڦلهور ڪجي ٿي ته سنڌ جي سون ورني اتهاس جا ڪيئي گمنام گوشا نروار ٿين ٿا ته گڏوگڏ ڪيئي ڪڙيون هڪٻئي سان مليل نظر نٿيون اچن جيتوڻيڪ اسانجي تاريخدانن انهن ڪڙين کي لوهارن وانگر لپيٽي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه شيون ڪنهن منطق کانسواءَ دل جي دوڙ سان ڪيل لڳن ٿيون.
جيئن چچ نامو اصل ۾ فتح نامو آهي ۽ فتحناما لکندڙ مفتوحن جو احوال مناسب لفظن ۾ بيان نه ڪندا آهن. جاسوس صرف اهو احوال لکندا آهن جنهن لاءِ کين ذميواري مليل هوندي آهي. سياحن مان هرهڪ جي پنهنجي پهچ ۽ پنهنجو مزاج ۽ مشاهد و آهي. اڪثر سياحن من گهڙت ۽ ٻُڌل يا ٻُڌايل قصن ڪهاڻين تي به ڀاڙيو آهي. هِيُون سانگ، فا هين جي سفرنامن کان وٺي ابن بطوطه جي لکيل احوال تائين، ابن حوقل ۽ ادريسيءَ کان وٺي موجوده دور جي سياحن تائين جن جي لکت سندن سفر جي رفتار کان تيز آهي. ٺڪراٺن ۽ ڦٽوڙن جي کوٽائي به انگريزن ڪئي ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب کي نظاري نروار ڪرڻ وارا به اُهي آهن. تنهن کانپوءِ ته نادر ۽ تاريخي شيون مختلف تاريخي ماڳن تان چوري ٿيون آهن ۽ ان ڪُڌي ڪم ۾ ٻين ڌرين سان گڏ اُهي ڌريون ۽ کاتا به شامل آهن جيڪي انهيءَ املهه ورثي جي رکواليءَ جا پاسبان ۽ ذميوار آهن. انهن سڀني ڳالهين جي پيش نظر چئي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ کي اُن کي سلجهائڻو آهي جئين حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا پر ڪو به اها شيءَ پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اُهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪئين ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق تمام گهڻا نقشا آيا آهن جن ۾ عربن پاران ڏنل نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان کي ٺٺو به لکن ٿا ته ڪي بنڀور ڪي ان جو سنڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو +آليه يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون ۽ وسندڙ هندديون جا نه پر انسانن جا آستانا هوندا آهن ۽ ديبل عربن کان مليل لفظ آهي جنهن جو سنڌي اُچار ”ڏيپل“ ٿيندو ۽ هن وقت به ڪنهن وقت جي سنڌ نار جي ڇيڙي تي ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيپلي جو شهر آباد آهي. تحقيق کليل هئڻ گهرجي لڪير جي فقيري صحيح نتيجا نه ڏيندي. اسان وٽ رواج ٿي ويو آهي ته صفحن جا صفحا ۽ پئراگراف پراين ڪتابن تان حوالي طور اُتاري نتيجن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. نتيجي طور ڪا راءِ جُڙي نه جُڙي، ڪتاب جي ضخامت ضرور جُڙي ويندي آهي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن اُن کي راوڙ ڪڏهن الرور ڪڏهن الور لکيو ويو آهي. ساڳي صورتحال هيروز جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ دوران نظر اچي ٿي، طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو. مثال طور؛ هتان جي راءِ گهراڻي کان حڪومت منتقل ٿيڻ بابت راءِ ڏيندي صرف اِهو لکيو وڃي ته راءِ سهاسي جي وفات کانپوءِ سندس وزير چچ گادي نشين ٿيو ۽ اِهو وساري ڇڏجي ته سيلائج جي پُٽ چچ، راءِ گهراڻي جو ملازم هئڻ باوجود راءِ سهاسي جي گهرواري راڻي سونهن ديوي المعروف سُهند سان Extramarital تعلقات قائم ڪيا ۽ اُن وسيلي هُن اقتدار تي ديرو دمايو جيڪو قبضو هو ٻيو ڪجهه نه. . اهڙي طرح تاريخ ۾ سوين سوال آهن جيڪي يا ته اڻ واضح ثابتين جي ڪري نروار ٿي نه سگهيا آهن يا اسان جي محترم لکارين جي تلوار کان تکي قلم جو شڪار ٿي ڪنهن غلط رُخ ۾ هليا ويا آهن ۽ ائين ڪيئي نتيجا اهڙين تاريخي طور نروار ڪيل من گهڙتن تي به ٻڌا ويا آهن. تنهنڪري ضرورت آهي ته تاريخ، جديد سائنسي انداز سان ايمانداراڻي نموني نئين سر لکندي جئين، جئين اُها آهي تيئن تيئن نروار ڪئي وڃي بجاءِ ان جي ته جيئن اسين چاهيون ٿا ائين تاريخ لکون. اهڙي لکت تاريخ نه پر تاريخ کي تاراج ڪرڻ برابر هوندي آهي.