تعليم ؛ موجوده صورتحال ۽ بهتري لاءِ ڪجهه تجويزون
معاشري جو شهري ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ورهائجڻ سماج کي سدائين ڳرو پيو آهي ڇاڪاڻ ته انهي ورڇ سماج ۾ اڻ برابري ۽ وسيلن جي جي غير منصفاڻي ورهاست وسيلي سماج جي اڻ ٽٽ ڍانچي ۾ ڏار وڌا آهن، جن ڏارن وڏا ڏرڙ پيدا ڪيا آهن ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اهي سماجي ڏرڙ خلق خدا جيءَ، جي وچ ۾ هڪ وڏي گلف پيدا ڪري رهيا آهن. اهو سمورو سماجي ڪوپ سرمايي واد جي ڇتي ڪتي، بازار جي معيشيت جو ڪارنامو آهي. اهڙن ڪرتوتن سماج جي سڀني ادارن کي اونهيءَ کڏ ۾ ڌڪيو آهي، جتان نڪرڻ مشڪل ٿو لڳي، تڏهن ته غريب ڏينهون ڏينهن غريب ٿيندو وڃي ۽ شاهوڪار پنهنجي سرمايي جي بي رحم هٿيار ذريعي مچي مواڙ ٿي، وڌيڪ شاهوڪار ٿيندو وڃي. انهي هيٺ مٿاهين جتي ٻين شعبن کي تاراج ڪيو اتي تعليم جو شعبو به به انهي ڇتي جي گِگَ کان بچي نه سگهيو آهي. تعليم جهڙي خدمت به عام ۽ خاص يا غريب ۽ امير جي تعليم ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ اها ڦوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پيئي وڃي. خانگي شعبو ملڪ جي تعليمي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اها سٺي ڳالهه آهي پر ان جي قيمت تي سرڪاري تعليمي شعبي کي ايئن تين وال ۽ تاراج نه ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن وقت جي هلندڙ ٽرانسپورٽ جي بهترين سهوليت، ايس آر ٽي سي جي بسن سان ڪيو ويو. هن وقت سنڌ ۾ تعليم جو حال ساڳي آهي. توهان ڳوٺن ۾ هليا وڃو، اسڪول ڏسو، اکيون رت روئن ٿيون. ڪيئي ڪوڙيون سچيون رپورٽون ڇپجن ٿيو ن جن ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا انگ اکر پيش ڪيا وڃن ٿا، جيڪي رهنمائي ڪرڻ جي بجاءِ گمراهي پيدا ڪن ٿا. ڳوٺن ۾ جڏهن انهي حالت زار کي ڏسجي ٿو ته ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي ته آخر غريب جو حال ۽ حشر ڇا ٿيندو؟ اهو ويچارو غربت ۽ بدعنوانيءَ جي چڪي ۾ پيڙهجي ويندو يا وري پنهنجي بقاءَ جي چئومکي لڙائي لڙندي، هو ڏوهن جي تحت الثرى ڏانهن ڌڪجي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڳوٺن جي اڪثر اسڪولن ۾ استاد يا ته نظر نه ايندو، يا جي نظر ايندو ته پڙهائڻ کانسواءِ ٻي ڪا ڪرت ڪندي ملندو، اڪثريت استادن جي پنهنجي ئي ڳوٺن ۾ مقرر ٿيل آهي، جيئن پنهنجو ايندڙ نسل پنهنجي هٿن سان تباه ڪري ۽ غرب ماڻهوءَ جي نسل ڪشي آسان ٿئي، غريب ئي نه هوندو ته غربت نه هوندي ۽ اسين شاهوڪار قوم ليکيا وينداسين. انهي اسڪول تي ڪيترائي نگران پڻ مقرر ٿيل آهن، جيئن سپروائيزر، تعلقي جو عملدار، ضلعي ۾ شعبي جو عملدار ۽ ضلعي جو بالا تعليمي آفيسر. اهي سڀئي صاحب هن سموري بگاڙ کان واقف به آهن، پر سندن گرگ آشتيءَ وارو اتحاد کين ڪا به چرپر نٿو ڪرڻ ڏي. . ٿلهي ليکي، چاليه اسڪول گهمڻ سان توهان کي ڏهه يا پندرهن اهڙا اسڪول ملندا جن کي حقيقي هلندڙ اسڪول چئي سگهجي ٿو باقي ڪٿي استاد نه هوندو ته ڪٿي ٻار نه هوندا، ڪٿي عمارت نه هوندي، ڪٿي عمارت جي اڏاوت تي تڪرار هوندو، ڪٿي استاد تي اعتراض هوندو، ڪٿي استاد ڳوٺ ۾ نيڪ مرد جي جاءِ والاري ويٺل نظر ايندو، مطلب ته صورتحال ڪا ڏسڻ جهڙي يا ڏيکارڻ جهڙي نه هوندي. حالانڪ هن وقت استادن، اسڪولن، ٻارن جو تعداد ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام وڌندڙ آهي. خانگي شعبي ۾ هلندڙ اسڪول جن جي استادن جون پگهارون ٿوريون ۽ عمارتون تنگ آهن سي هلندا نظر اچن ٿا. انهن جي تعليم جو بّاهر معيار به بهتر نظر ٿو اچي، انهن جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪامورا توڙي عوامي نمائندا تاڙيون وڄائي دل کولي داد ڏيندا آهن، کين شايد هڪ گهڙيءَ لاءِ به اهو خيال نٿو اچي ته سندن نگرانيءَ ۾ هلندڙ سرڪاري تعليمي ادارا جن ۾ غريبن جا ٻار پڙهن ٿا، سي تمام گهڻو بگڙي چڪا آهن. انهن کي ڪيئن بهتر بنائجي؟ پرائيويٽ اسڪولن جي هيتري مشهوري جي باوجود جيڪا انهن جي حالت آهي انهي کان اهي ڌريون ئي ڀليءَ ڀت واقف آهن جيڪي انهن ادارن کي هلائي رهيون آهن يا جن جا ٻار انهن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن، سوين مسئلا آهن جيڪي انهن ادارن جي اڪثريت سان سلهاڙيل آهن. انهي جي باوجود اهي تمام ٿوريءَ آباديءَ جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي خواص جا ادارا آهن جن ۾ حاڪم طبقي کي پڙهڻو آهي، رعيت ويچاريءَ جي مقدر ۾ ته پيلا اسڪول لکيل آهن، ڇاڪاڻ جو سندن ٻارن کي ووٽر بنجڻو آهي، بسون ڀري جلسا ڀرڻا آهن، نعرا هڻڻا آهن، جي اڃا به اڳتي وڌيا ته پوءِ ننڍي وڏي نوڪريءَ جي ٽوڪريءَ ۾ کپي وڃڻو آهي. سياست ۾ حصو وٺڻ، اليڪشن لڙڻ ۽ حڪومت ڪرڻ ته سندن نسلن جي خوابن ۾ ئي لکيل ناهي.
ماضيءَ ۾ سچي سنڌ جي ڳوٺن جي تعليم تمام گهڻو بهتر هئي. پرائمري اسڪول جو استاد سماج جو اڳوڻ هوندو هو، سندس ڪردار سماج ۾ امان ابي جو هوندو هو. هو جن ٻارن جي تربيت ڪندو هو اهي اڳتي هلي سياست، نوڪري، واپار يا ٻئي ڪنهن به شعبي ۾ پير رکندا هئا ته سوڀارا نظر ايندا هئا ۽ پنهنجي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ وارو ڪردار نباهيندي نّظر ايندا هئا. استاد جي علمي حيثيت سان گڏوگڏ سندس ڪردار اعلى ۽ مثالي هوندو هو. هرهڪ سندن دلي عزت ڪندو هو، سندن اولاد کي مان ڏيندو هو. سڄي سنڌ اهڙن نام ڪٺين استادن جي رهنمائي سان پنهنجي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي رهندي هئي. نوابشاه جي سائين ايڇ ايم خواجه کان وٺي ڏيپلي جي سائين محمد عثمان کٽيءَ تائين، اسلام ڪوٽ جي نندلعل نندن کان وٺي سائين سچل جنجهي ۽ عبدالصمد سنگراسيءَ تائين، استادن جي سکيا واري ڪاليج جي غلام حسين جعفريءَ کان وٺي، مٺي هاءِ اسڪول جي سائين صاحبڏني تائين، چيلهار جي رائچند هريجن کان وٺي ويڙهار جي هميرچند تائين، انيڪ نالا آهن جيڪي اڄ به پنهنجن پنهنج معاشرن ۾ مثالي ڪردار جي حيثيت رکن ٿا ۽ سوين هزارين ماڻهو سندن ڪوششن جي ڪري عزت ڀري زندگي گهاري رهيا آهن، سنڌي ڳوٺاڻي سماج جو حقيقي مرشد ته پرائمري استاد رهيو آهي باقي ا ڄڪلهه ته ڪيئي ڪوڙيون سچيون ڌريون پيرن مرشدن جي نالي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج تي ڳجهن وانگر لامارا ڏيئي رهيون آهن. اسڪولن جي نگرانيءَ جو سرشتو به بهتر هوندو هو. نگرانن جي وقت به وقت معائني تي اچڻ جي ڪري هڪڙو ڏهڪاءُ پکڙيل هوندو هو ته ”صاحب ٿو اچي ۽ امتحان وٺندو“. انهي سان گڏوگڏ ڳوٺاڻا، خاص طور ڳوٺ جو نيڪ مرد اسڪول جي معاملن ۾ ڪابه غير ضروري مداخلت نه ڪندو هو پر اسڪول ۽ استاد تي به نظر رکندو هو ته ڪا ڪمي ڪوتاهي نه ٿئي، جيڪڏهن کيس ڪا اوڻيهه ويهه نظر ايندي هئي ته هو واسطيدار عملدار کي ان بابت آگاهي ڏيندو هو ۽ جيستائي مسئلو حل نه ٿيو تيستائين سک جو ساه نه کڻندو. نيڪ مرد پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري، تعليم جي جوڳي بندوبست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو. پرائمري تعليم جي وڌڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ، وڌي ڪري ڪوششون وٺبيون هيون جيئن پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي غريب مسڪين ٻارن جي تعليمي اوسر ۽ واڌ ويجهه جو بندوبست ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه مثال ذهن تي تري ٿا اچن. ڪنهن وقت ننگرپارڪر ۾ انگريزي ڪلاس کليا هئا پر غربت ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري هلي نه سگهيا، ايئن بند ٿي ويا. ڪنهن بااثر ماڻهوءَ کي جڏهن اها خبر پيئي ته هن اهو فرنيچر کڻائي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪلاس کولرايا. جڏهن اهو فرنيچر کڄي ان آفيسر جي ڳوٺ ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ واٽ تي جيئن ئي سمن جي مشهور ڳوٺ لوڻيئي مان فرنيچر سان لڏيل اُٺ لنگهيا ته عبدالغفور سمون جيڪو لوڪلبورڊ جو چونڊيل ميمبر هو، تنهن فرنيچر کڻائي ويندڙ اوٺين کي روڪي کانئن احوال ورتو، جن کيس سربستو احوال ڏنو. تنهن تي پاڻ انهن اوٺين کي روڪي اتي ئي فرنيچر لهرائي ورتائين ۽ ان باثر ڪاموري کي چوائي موڪليائين ته هي ننگر جي ڪلاسن جو فرنيڄر آهي سو ننگر ۾ رهندو. اهڙي طرح فرنيچر پنهنجي خرچ تي واپس کڻائي ننگر پارڪر آيو ۽ سموري ڪاروائي کي روڪائيندي اُهي ڪلاس بحال ڪرايائين ۽ اُتي شاگردن کي داخلا وٺي پڙهڻ لاءِ همٿايائين ۽ اسڪول هلائڻ لاءِ ابتدائي ڪوشش ڪندي محترم همير چند ويرهاڙ واري جو آرڊر ڪرايائين ۽ ڪلاسن هلائڻ لاءِ هڪڙو ”پوئرفنڊ “ قائم ڪيو ويو جنهن وسيلي ضرورتمند ۽ هوشيار شاگردن جي مدد ڪئي ويندي هئي. اُنهن ڪلاسن مان جيڪي شاگرد انگريزي تعليم جي زيور سان سينگارجي نڪتا تن ۾ ويٺل ڀائي ڀاٽ (ننگرپارڪر) دريا خان ٿٻو (موکئي)، راڻو مل مينگهواڙ (ويراواهه)، خوشحالداس مينگهواڙ (ڏونگري)، غلام حسين سمون ۽ محمد اشرف سمون (لوڻيو)، محمد سانوڻ دل (پيلو)، الهورايو دل (پيلو)، گل محمد ڪپري، خالق ڪپري، ۽ عبدالبارق ڪپري (ڏوتڙ) شامل آهن. انهن تعليمي تحريڪ ۾ مخبتا ڪار (عبدالغفور)آرائين به ساڻس شامل رهيو ۽ کيسي مان غريب شاگردن کي خرچ پکو ڏيندو هو. انهن ڪلاسن کي اڳتي هلي ميرمحمد بخش ٽالپر ترقي وٺرائي مڊل اسڪول ڪرايو جيڪو اڳتي هلي البيروني هاءِ اسڪول جي درجي تي پهتو.
اهڙي طرح سائين سچل جو مثال آهي جنهن جڏهن هاءِ اسڪول جنجهي جي عمارت منظور ڪرائي ته بلڊنگ ٺاهڻ لاءِ ڳوٺاڻن زمين ڏيڻ کا انڪار ڪيو. معاملو اڳتي وڌيو ۽ نيٺ سائين سچل پنهنجي اڪيلي مائٽاڻي ٻني اسڪول لاءِ وقف ڪري، اسڪول جي عمارت اڏارائي. ان کانسواءِ اسڪول جي مختلف معاملن کي سائين سچل پاڻ ذاتي طور ڏسندو هو. غريب هوشيار ٻارن کي ايستائين مدد ڪندو رهندو هو جيستائين اهي پنهنجي پروفيشنل تعليم يا ڊگري مڪمل ڪري نڪرندا هئا. سائين محمد عثمان کٽي، شهر جي ضرورتمند ٻارن کي فارغ وقت ۾ مفت پڙهائيندو هو جيئن اهي هم ڪلاسي ٻارن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي سگهن.
ايئن تعليم جو گاڏو بهتر نموني ڌڪبو رهندو هو. سياسي مداخلت، سفارش، رشوت جي بازار اڃا گرم نه ٿي هئي. سنڌ جي ڳوٺن جا اسڪول غريبن توڙي اميرن جي ٻارن جي تعليمي ضرورتن جي پورائي ڪري رهيا هئا. 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ عمومن ۽ 80 کان پوءِ خصوصن تعليمي صورتحال بگڙجندي ويئي تان جو موجوده نڪتي تي اچي پهتي آهي، جنهن لاءِ سرڪار کان وٺي غير سرڪاري ادارن تائين، سياسي ڌرين کان وٺي، سماج سڌارڪن تائي هرهڪ تعليم سڌارڻ جو راڳ آلاپي رهيو آهي پر ڪا بهتري نه اچي رهي آهي. هرهڪ پنهنجا نسخا آزمائي رهيو آهي. بگاڙ جي حقيقي سبن ڏانهن ڪير به ڌيان نٿو ڏئي. پروگرام ٿين ٿا، ڪانفرنسون ٿين ٿيون، ٽي وي مذاڪرا ٿين ٿا پر قصو اتي ئي بيٺو آهي.
اسانجي تعليم، سفارشي ڪلچر ۽ بدعنوانيءَ جي بنڀٽ ۾ سڙي ڀسم ٿي رهي آهي، مختلف سياسي دورن ۾ جن کي ڪا ٻي نوڪري نٿي ملي تن کي استاد طور کنيو ويو. نگران تعليمي آفيسرن جي مقرري ۾ جيڪي وهي واپري ٿو تنهن کان سڀ چڱيءَ ريت واقف آهن، تعليمي ادارن تائين پهچ به غريب ماڻهوءَ لاءِ سدائين مسئلو رهي آهي. ڇوڪرين جي تعليم ته اڃا انتهائي ابتدائي مرحلي ۾ آهي. تعليم جا سمورا بهتر موقعا شهري آبادين آهن جن تائين ڳوٺ ۾ رهندڙ آباديءَ جي پهچ مشڪل آهي. تعليمي عمل جي نگراني وارو سرشتو انتهائي ناقص آهي، ڳوٺن ۾ نيڪ مردن جي استادن والاري آهي ۽ ڪل وقتي طور انهي ڪم ۾ رڌل رهن ٿا ۽ پنهنجو اصل ڪم وساري وهن ٿا ته اهي ڪيئن نه پنهنجي معصوم ٻچن جو ستياناس ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن جي دلچسپي وڃي عمارتن اڏائڻ جي حد تائي رهي آهي تعليم ڏانهن سندن ڌيان گهٽ آهي. جزا سزا جو عمل ڪمزور ناهي، گهوڙو ۽ گڏه ساڳي سلوڪ جو شڪار ٿين ٿا. تعليم جي هن عمل ۾ راڄن جي ماڻهن، استادن ۽ حڪومتي ادارن جو اهم ڪردار آهي. اهي ٽيئي ڌريو سچائي سان گڏ ٿي تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙي تاري سگهن ٿا. انتهائي سگهاري نگران سرشتي جي عملداريءَ هيٺ، جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن سي دور ڪري سگهجن ٿيون. ڳوٺاڻا پنهنجو ڪردار مناسب نموني ادا ڪن. استاد به استاد ٿي پڙهائين.
تعليم کاتي جي اهڙي صورتحال ۽ گنڀير مسئلن جي حل لاءِ ڪي ٺوس اُپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ سماج جي هڏڏوکي ۽ ديانتدار ماڻهن جو شامل هُجڻ ضروري آهي. اِن ڏس ۾ ڪُجهه تجويزون غور لاءِ عرض رکجن ٿيون.
● سڀئي شهري برابر آهن ۽ سندن هڪجهڙا حق ۽ فرض آهن ته پوءِ سڀني لاءِ هڪجهڙو تعليمي سرشتو هئڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ٻن خانن ۾ ورهايل تعليم سماج م ڪا نيڪ صالح اُپت نه ڏيئي رهي آهي يا ته وري سڀني لاءِ اُنهن ادارن ۾ موقعا هجن.
● ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيندي، ضرورت مطابق ڇوڪرين جي رهائش لاءِ هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هاسٽل ٺهرايا وڃن جيئن اهڙي قسم جي Dropout کي ٻُنجو ڏيئي سگهجي ۽ ڇوڪريون به ڇوڪرن وانگر برابر نموني تعليم پرائي سگهن.
● نصاب کي متوازن هئڻ گُهرجي اُن ۾ ٻارن جو سندن عمر مطابق ذهني سطح جو خيال رکيو وڃي. شروعاتي درجن کان وچولن درجن تائين تعليم ۾ مادري زبانن کي ترجيح ڏني وڃي جيئن ٻارن جي معلومات جو بُنياد پڪو پختو ٿئي ۽ فني ۽ عملي علم ڀلي انگريزي يا ٻئي ڪنهن جنهن به زبان هجن تنهن ۾ پڙهايا وڃن. بُنيادي ڪم اُهو علم يا فن پڙهائڻ آهي ۽ سڀئي ٻوليون اهڙي علم ۽ فن پڙهائڻ جو وسيلو آهن. باقي اصل ته اُهو علم آهي جنهن کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن به علم حاصل ڪرڻ لاءِ مادري زبان يا ٻيون ڏيهي زبانون ئي وڌيڪ مؤثر آهن باقي رابطي ڪاريءَ لاءِ دُنيا جون سڀ زبانون سکيون وڃن ته به ڏوهه ناهي.
● تعليمي ادارا ۽ عمارتون سوچي سمجهي گهڻي رٿابنديءَ کانپوءِ ٺاهيا وڃن اهڙي رٿابندي صدين تي ڌيان ڏئي نه ئي ٿوري مُدت کي مفادن ۾ نظر ۾ رکي. سڀني عمارتن ۾ ضروري سائنسي يا فني سامان پُڻ وقت سر مهيا ڪيو وڃي ۽ تعليمي ادارن جي فارغ پئل اثاثن کي سُڪارج بنائيندي اُن مان آمدني پئدا ڪئي وڃي اهڙي طرح ادارن کي پاڻ ڀرو بنايو وڃي.
● مالي طور جيئن ادارا پاڻ ڀرا ٿيندا وڇن تيئن تيئن اُنهن جي سارسنڀال ۽ نگرانيءَ جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي راڄن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جن ماڻهن کي اهڙو ڪم سونپيو وڃي اُهي ڪنهن اداري جي شڪل ۾ منظم ٿيل هئڻ گهرجن ۽ سندن ڪاروهنوار واضح هجي ۽ سماج ۾ سندن ساک سُٺي هجي.
● پڙهائيندڙ توڙي انتظامي عملي جي ڀرتي ۽ مقرري مقرر ڪيل سرشتي جي معيارن پٽاندڙ ۽ اهليت جي بُنياد تي هجي. انهي سموري طبقي جي حاضري ۽ نگراني کي يقيني بنائڻ لاءِ مشيني يا ڊجيٽل جوڙجڪ کان مدد وٺندي اُن کي هڪڙي جامع بائيومئٽرڪ سرشتي جي حدن اندر رکيو وڃي جيئن سندن ڪارڪردگي جو سمورو حساب ڪتاب به صاف شفاف رهي.
● اُستاد تنظيمن کي به اسٽيڪ هولڊر جي حيثيت ڏيندي، سندن جائز ۽ قانوني مطالبن کي مان ڏيندي تعليمي عمل جي ڪارائتي ڪم ۾ سرگرم ڪارڪن وانگر ڪردار نباهڻ جي ذميواري سونپي وڃي.
● سموري عمل بابت جاڳرتا پئدا ڪرڻ لاءِ ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح تي سرڪار سڀني واسطيدار ڌرين Stakeholders جا ڊائلاگ منعقد ڪري سماج ۾ ججهي جاگرتا پئدا ڪري اهڙي عمل سان مسئلا کُلي ڪري سامهون ايندا ۽ راڄن جا ماڻهو هِن عمل جي مالڪي ڪرڻ شروع ڪندا ۽ ذميوار ملازم پنهنجي ذميوارين جو احساس پُڻ ڪندا.
● سياسي اڳواڻن کي گهرجي ته تعليمي عمل کي قومن جي بقاءَ جو عمل ڪري سمجهن ۽ اُن جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ جوڳي قانونسازي ڪرائڻ ۾ سرگرم ٿين ۽ تعليم جي بهتر انتظام لاءِ ضروري رقمون رکائين هر هڪ MNA / MPA Senator / وٽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا تعليمي پلان هئڻ گهرجن جن ۾ ورجاءَ کان پاسو ڪندي، اهڙيون رٿائون تجويز ٿيل هجن جيڪي عوامي ضرورتن پٽاندڙ هجن.
اهي چند اهڙ ڪم آهن جن ۾ ڪنهن وڏي رقم جي ضرورت ناهي موجوده وسيلن مطابق ئي انهي سُڌاري کي لاڳو ڪري سگهجي ۽ سموري رٿابنديءَ جو محور موجوده سرشتيءَ جي بهتري واڌو خرچن جو بار وڌائڻ وسيلن جو ارتڪاز، اڳواڻيءَ جو صحيح رُخ ۽ شفاف تعليمي ڍانچو اسان لڏندڙ ٻيڙيءَ کي وچ سير مان ڪڍي سُک شانت واري سُڌريل ماحول ڏانهن آڻي سگهون ٿا ۽ اسان کي هِن نقطي تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ لاءِ سوچڻو پوندو سماج جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اڳتي اچڻو پوندو اُستاد کي پنهنجي انتهائي اهم ۽ اعليٰ ذميواري کي سنڀالڻو پوندو ۽ راڄن کي پنهنجي جياپي لاءِ، پنهنجي نسلن جي جياپي لاءِ هِن ڪم ۾ قدم وڌائي اڳتي اچڻو پوندو تڏهن وڃي هڪ اهڙو سُٺو سرشتو رڄي راس ٿيندو جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي بقاءَ جو ضامن هوندو.