سنڌين جي حالت آرين کان پوءِ
پري ٻڌ انڊيا جي مصنف رتي لال مهته ۽ راگوزين کان ٻه قدم اڳتي وڌائي ويدڪ انڊيڪس جي مؤلف شاهدن سان ثابت ڪيو آهي ته ٻارهن سؤ سال قبل مسيح کان وٺي 800 سال قبل مسيح جي زماني ۾ هڪ سيوي (سبي يا سيوهڻ) رياست موجود هئي، محترم رشيد اختر راءِ چوهدري مصنف پوليٽيڪل هسٽري جو بيان نقل ڪندي لکيو آهي ته سڪندر مقدوني جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو هو ته سيوي رياست موجود هئي. البته ان جو نالو سيوي مان ڦري سبي ٿي ويو. رشيد اختر ندوي ان سبي رياست کي شور ڪوٽ ۽ جھنگ طرف ثابت ڪرن جي ڪوشش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ هاڻي به بلوچستان صوبي ۾سبي جو شهر موجود آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو سيوي جي نالي سان به ڪوٺيندا آهن. ۽ ڪنهن زماني ۾ اتي ٻڌ ڌرم جا وڏا مندر موجود هئا، جن کي ڏسڻ لاءِ چيني سياح آيو هو. هو لکي ٿو ته ان جو پهريون بادشاهه ”اس رانا“ هو، جنهن جو پٽ سيوا (شيوا) هو جنهن سيواپور جو بنياد رکيو. ممڪن آهي ته اها سيوا پور سيوي مان سبي بڻجي وئي هجي. بروهين کان اڳ قلات تي حڪومت ڪندڙ سيوا خاندان هو. سيوهڻ جو نالو شؤ تان پيل آهي، ممڪن آهي ته سيوهڻ به ان وقت هڪ آزاد رياست جي صورت ۾ موجود هجي.
رتي لال مهته هڪ لوڪ ڪهاڻي نقل ڪندي لکيو آهي ته سبي بادشاهه ”سنجايا“ جي پت ”وسنترا“ هڪ قيمتي هاٿي ڪلنگا جي برهمڻ کي ڏيئي ڇڏيو جيڪا ڳالهه سنڌي ماڻهن کي نه وڻي، ۽ انهن ان جي خلاف بغاوت جو جھنڊو بلند ڪري کيس بادشاهي تان لاهي ڇڏيو. جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌي عوام آرين جي پوئلڳن ۽ واسطيدارن سان دوستي رکڻ واري کي غدار سمجھندا هئا.
رشيد اختر ندوي جي چوڻ موجب جيڪڏهن سيوي رياست، سنڌي رياست آهي ته پوءِ اسان کي مڃڻو چوندو ته راگوزين جي چوڻ موجب حيدرآباد واري سيوي قوم جي ناگارياست جون حدون جهنگ ۽ شور ڪوٽ تائين به هيون. اهو به ممڪن آهي ته حيدرآباد، سيوهڻ ۽ سبي واريون رياستون هڪ رياست هجن.
سبط حسن جي خيال موجب هڪ ايراني ديو مالا ۾ ضحاڪ جو ذڪر آهي ، تنهن جو تعلق به سنڌ وارن سان هو، جنهن اتي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي هئي. محققن ثابت ڪيو آهي ته سنڌين پنهنجي غيرت ۽ عظمت جو مظاهرو ڪندي آرين کي سنڌ مان ڌڪاري ڪڍيو پر ان کان پوءِ به هو آرام ۽ سڪون سان نه ويٺا. ڇاڪاڻ ته وقت به وقت ڌاريا سنڌ جي سر سبز ۽ خوشحال زمين کي پامال ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. تانجو تاريخ ۾ بيان ٿيو آهي ته مصر جي بادشاهه اسائر س سنڌ تي حملو ڪيو هو. بابل جي راڻي سميرا ميس سنڌ جي رونق ڏسي هرکي پئي ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ جي ارادي سان وڏو لشڪر ساڻ ڪري روانو ٿي.
هوءُ بولان لڪ کان ٽپي سنڏ جي ميداني علائقي ۾ پهتي ته سنڌين جن کي ڌارين سان مقابلي ڪرڻ جو تجربو ٿي ويو هو، تن سندس راهه روڪي ۽ جرار لشڪر کي اڳتي وڌڻ ڪونه ڏنو ۽ سنڌ وارن هاٿين جي مدد سان اٺن تي آيل لشڪر کي ماري ڀڄايو، ۽ اتر سنڌ جي ڪنهن هنڌ تي اهو مقابلو ٿيو.
سميرا ميس جو لشڪر جيڪو جابلو علائقن مان اٺن تي چڙهي پهتو تن جو هاٿي جهڙو ديو جانور ڏٺو ته ٽهي وٺي ڀڳا ۽ پنهنجي لشڪر کي چيڀاٽيون. سميرا ميس هاٿي جي مقابلي ۾ هٿراڌو هاٿي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جن اٺن کي ڍڳن جون کلون اهڙي نموني تيار ڪري پارايون جيئن هو پري کان ديو جيڏو جانور نظر اچي سگھي. پر جڏهن اهي هٿرادو هاٿي اصلي هاٿين جي مقابلي ۾ آيا ته مات کائي ويا.
راڻي سميرا ميس جنهن جي بهادري تاريخ ۾ مثالي حيثيت رکي ٿي، تنهن جو لشڪر شڪست کائي ڀڳو ۽ پاڻ ڪن مؤرخن جي چوڻ موجب سنڌ ۾ وڙهندي مارجي ويئي. ۽ ڪن جي خيال مطابق جڏهن هوءَ زخمي حالت ۾ وطن واپس پهتي ته سندس پٽ هٿان مارجي ويئي.
مصر جي فرعون سيساستريس جنهن کي مولائي شيدائي راميسس ثاني لکيو آهي، تنهن سنڌ وارن کي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ هن اٽڪ ۽ گنگا تائين حملو ڪيو، پر سنڌ وارن ان جو بهادري ۽ مڙسي سان مقابلو ڪيو، جنهن ڪري هو پنهنجا پير ڄمائي نه سگھيو ۽ خدا هجڻ واري دعويٰ ثابت ڪري نه سگهيو.
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم دؤر ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ رهندڙ حاڪم سنڌ کي نه بخشيو آهي، پر انهن سدائين زير ڪرڻ جي پئي ڪوشش ڪئي ۽ هو هميشه ناڪام و نامراد ٿي واپس وريا آهن. جيڪڏهن هو سنڌ جي ڪن علائقن کي حاصل ڪري به سگھيا آهن ته هميشه لاءِ ان تي قابض رهي نه سگھيا آهن.