ڪلهوڙن جو دور ۽ ڌارين جون سازشون
مرزا جاني بيگ ترخان کي عبدالرحيم خان خانان ٺٽي جي حڪمراني کسڻ لاءِ جڏهن لاڙڪاڻي وٽان لنگھيو ته ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه تعلقه ڏوڪري ۾ ميان آدم شاهه ڪلهوڙي سان ملندو ويو ۽ کائنس فتح مند ٿيڻ لاءِ دعا گھرائي، هن ان جي عيوض، کبڙ ابڙو، جيڪو قبيلي سميت آدم شاهه جو مريد ٿيو هو، تنهن جي عرض ڪرڻ تي کيس چانڊوڪي پرڳڻي ۾ جاگير ڏني، جيئن هو مريدن ۽ مدرسي جو خرچ هلائي سگھي.
ڪلهوڙا جيڪي اصل ۾ چنه قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ هو ڪلر ڳوٺ جي رهاڪو هئڻ ڪري ڪلهوڙا سڏجڻ لڳا، رچرڊ برٽن لکيو آهي ته هي نوان مسلمان آهن. جڏهن سنڌ جا والي ٿيا ته ڪنهن شاهي گھراڻي سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪن عالمن کي پنهنجو نئون شجرو ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جيڪي اڻ پورا هئا. ان ڪري هنن سنڌ ۾ رهندڙ هڪ عباسي عالم سهرا خطيبه کان پتل جي تختي تي لکيل عباسين جو شجرو هٿ ڪرڻ گھريو، جنهن کين نه ڏنو. ان جي انڪار ڪرڻ تي سندس ڳوٺ تي حملو ڪري ساڙائي، اها تختي حاصل ڪئي ۽ تنهن کان پوءِ پنهنجو شجرو ٺهرايو.
ڪلهوڙن کي عباسي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي هٿراڌو شجرا ٺاهيا ويا آهن، تن ۾ وڏا ختلاف موجود آهن. ان کانسواءِ انهن شجرن ۾ آيل نالا جيئن محمد پٽ چنو، پٽ بهليل (ڀليل) پٽ ٿل، پٽ ميان اوڍاڻو، جنهن جي نائين پيڙهي مان ميان آدم شاهه هو، اهي ظاهر ڪن ٿا ته اهي اصل سنڌي هئا ۽ هتان جا رهاڪو هئا. (وڌيڪ تفصيل لاءِ مصنف جو ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون، قومون ۽ قبيلا ڏسو).
آدم شاهه جي طاقت وڌڻ ڪري چند زميندارن جي شڪايت تي ملتان جي حاڪم کيس گرفتار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، جنهن جي مزار آدم شاهه جي ٽڪري سکر ۾ آهي. ڪلهوڙا جيڪو پنهنجو اثر قائم ڪري چڪا هئا تن جو ڪمزور ٿيڻ ناممڪن ٿي ويو هو. آدم شاهه کانپوءِ سندس پٽ دائود گادي نشين ٿيو، جنهن جي وفات کان پوءِ ميان الياس جنهن جي مزار تعلقي باقراڻي ۾ لاڙڪاڻو خيرپور پل واري روڊ تي آهي تنهن کان پوءِ ميان شاهل محمد آيوجنهن جي مزار (ٻيڙو چانڊيو کان به ٻه ميل پري گھاڙ واهه تي آهي. هنن ڪلهوڙن جي طاقت کي اڃا به زور وٺرايو، جنهن جي نتيجي ۾ ميان شاهل محمد جي شهادت کان پوءِ سندس ڀائيٽو ميان نصير محمد سنڌ ۾ هڪ وڏي قوت بڻجي ويو، جنهن ڪري ڪلهوڙن جو اثر و رسوخ وڌندو ويو، جنهن ڪري هنن جو مغل نوابن ۽ صوبيدارن سان جھڙپون به ٿيون.
سنڌ وارن جون اکيون اڳ ئي رت جا ڳوڙها ڳاڙهيا هئا، تن نئين سنڌي اسرندڙ طاقت کي ساٿ ڏنو، جنهن ڪري اتر سنڌ ۾ ڪلهوڙا سنڌين جي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم طاقت بڻجي ويا، انهن مغلن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ شروع ڪئي.
ميان نصير محمد ڪلهوڙو سنڌين جي طاقت جي زور تي بکر ۽ سيوهڻ جي مغل ڪارندن جي سامهون ٿيو، جنهن ڪري بکر جي حاڪم محبت ۽ سبي جي حاڪم مرزا خان اورنگزيب عالمگير کي لکيو ته سنڌين جي بغاوت کي ڪچلڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. جنهن ڪري شهزادي محمد معزالدين ان تي حملو ۽ کيس فريد خان ڀاڳت سميت قيد ڪري پاڻ سان گڏ دهلي وٺي ويو.
دهلي مان قيدي جي صورت ۾ گواليار موڪليو ويو ته واٽ تان ڀڄي جند ڇڏائي ۽ سنڌ پهچي طاقت کي ٻيهر مستحڪم ڪري مغلن سان جنگيون جوٽيون، جنهن ۾ سنڌي وڏيرن کانسواءِ سندن مريدن ۽ سنڌي قوم پرستن هن جو ساٿ ڏنو. اهڙي طرح قوم پرست سنڌين جو هڪ چڱو ڀلو لشڪر تيار ٿي ويو، جيڪو آزادي جي جذبي سان سرشار هو.
ميان نصير محمد ڪلهوڙي آزاد سنڌ جي حڪومت جو بنياد وڌو. هن فوجي فقير کي هڙيءَ جي ڳوٺ ۾ ۽ عنايت فقير کي ڪاڇي ۾ ويهاريو.
بکر جو حاڪم يعقوب خان آزادي جي لشڪر سان وڙهيو، جنهن ۾ شڪست کاڌي. ان کان پوءِ مغل گورنر، صوبيدار ۽ جاگيردار سنڌي راڄن ۾ اچي وڃي نه سگھندا هئا. جنهن ڪري لاکاٽ جو پرڳڻو مغلن مقاطعي تي ڏنو. مورو ۽ آس پاس جو علائقو، فريد خان ڀاڳت جي مدد سان قبضي ۾ آيو ۽ پوءِ هن کي ڪاڇي جي لڪن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو، جنهن فريد آباد شهر ٻڌايو ۽ ساهتي پرڳڻو به هن حاصل ڪري ورتو. مطلب ته اتر سنڌ ۾ آزاد سنڌي حڪومت جو بنياد پئجي ويو، جنهن ڪري مجبورا مغل گورنر ميان نصير محمد کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪمن ۾ شريڪ ڪيو.
ميان نصير محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙو سندس مسند تي ويٺو، جنهن جي پهنورن سان لڙايون لڳيون. مير پهنور ڪلهوڙن خلاف فرياد ڪئي، جنهن ڪري سبي جي حاڪم مرزا پني خان ڪيترا دفعه ڪلهوڙن تي ڪاهي آيو، پر ڪاميابي حاصل نه ڪري سگھيو. آخر امير شيخ جهان کي موڪليو ويو ته هو ڪلهوڙن کي ختم ڪري. هو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. فيروز ويراڙ (جنهن نوشهري فيروز جو شهر ٻڌرايو) گيريلي وٽ دشمن کي للڪاريو ۽ جنگ جوٽي، جنهن ۾ امير شيخ جهان مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم الهيار خان جان بچائي ڀڳو. جڏهن اها خبر محمد معزالدين کي پئي ته هن سنڌين کي سبق ڏيڻ لاءِ انهن تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ ميان دين محمد سان صلح ڪيو ۽ بد عهدي ڪندي کيس ملتان ۾ موت جي سزا ڏيئي لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.
انهيءَ دوران يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي مڙسي ڏيکاري ۽ مغلن آڏو پيش پوڻ کان انڪار ڪيو، جنهن ڪري مغلن جي شاهي فوج هنن تي حملو ڪيو، شاهي فوج جا سپهه سالار راجا گج سنگھه ۽ سورج مل اوڌپوري قابل ذڪر آهن. سنڌي لشڪر مان تاجي فقير، جادي فقير ۽ بختيار فقير پنهنجا پنهنجا لشڪر وٺي شاهي فوج جي سامهون ٿيا ۽ نئين گاج جي ڪناري مغلن جي فوج کي بري طرح شڪست ڏني.
ميان يار محمد بابت ما اثرا لامرا جو بيان آهي ته يار محمد قبيلي کي جبلن جي گھٽان ۾ پهچايو ۽ پاڻ لڙائي ڪرڻ تي آماده ٿي ويو. جنگ ۾ شهزادي جي فوج شڪست کاڌي. يار محمد جو حوصلو وڌي ويو ۽ هو جبلن جي لڪن ۾ ويهي جنگ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ميان يار محمد سنڌي لشڪر سميت مغلن جي حد مان نڪري قلات ڏانهن هليو ويو. قلات جا بروهي پهريان مقابلي لاءِ سنڀري آيا، جنهن ڪري سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ محراب خان قلات جو حاڪم بي خبري ۾ مارجي ويو. بروهين سندس ٻن پٽن نور محمد ۽ محمد خان کي پاڻ وٽ گروي طور رکيو جيئن خون جي عيوض طور مقرر ڪيل رقم ادا ڪري، انهن کي ڇڏائي. بهر صورت بي چيني ۽ تڪليف وارا ٻه سال قلات ۾ گذاريا، جن جو ذڪر يار محمد پاڻ ڪيو آهي. ”ڪوهستاني علائقي ۾ جيڪي پريشانيون سهڻيون پيون، قلات جي بروهي حاڪم هٿان زهر جا جيڪي پيالا پيڻا پيا، تن جي ياد زندگي جي آخري گھڙين تائين به وسري نه سگھندي.
قلات ۾ ٻه سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ ديوان لکي راج ۽ ٻين سنڌين جي دلداري ڏيڻ ڪري سنڌ واپس وريو. سنڌين سندس وڏو مان ڪيو. هو پهريان سامتاڻي ڳوٺ تي قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ گيچرو شڪارپور، کاري ۽ ڪنڊيارو شهر آزاد ڪرائي ورتو ۽ ملڪ الله بخش خان لاڙڪاڻه شهر کسي ورتو.
بکر جي حاڪم بختيار خان شهزادي معزالدين کي لکيو ته ميان دين محمد جو ڀاءُ سنڌ کي حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ويو آهي ۽ ان بغاوت جو جھنڊو پنهنجي سر پاڻ بلند ڪيو آهي، جنهن جي سرڪوبي ڪرڻ نهايت ضروري آهي. پر پوءِ پاڻ ان کي جھلرايو، جنهن ڪري معز الدين مختيار خان کي شڪي حالت ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
انهيءَ دوران معز الدين ميان يار محمد جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو. ڇاڪاڻ ته کيس خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌي پاڻ ۾ يڪمشت ٿي هڪ طاقت بڻجي ويا آهن. تنهن ڪري انهن مٿان هٿ رکڻ گھرجي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ سندس بهتري هئي.
بختيار خان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ نشين صحيح طور ڪم نه ڪري سگھيا، جنهن ڪري ميان يار محمد کي خدا يار خان جو لقب ڏيئي سبي جي حڪومت سونپي. ان کان پوءِ بکر ۽ سيوهڻ جي حڪومت به کيس ڪن شرطن تي هن جي حوالي ڪئي. صوفي شاهه عنايت جي خلاف وڙهڻ جي عيوض کيس لڪري، دندو، حجام، دورنڪ، رجب، ڀسر، پاجاٽ، ٺور (ديهه سائين ڏنو، دٻي ۽ جھول جا ڪي زمين ٽڪرا کيس انعام طور مليا.)
نواب شاڪر علي خان جڏهن سنڌ مان هليو ويو ته هن روپاهه جو پرڳڻو مقاطعي طور ورتو، اهڙي طرح سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت قائم ٿي ويئي ۽ سنڌ صدين جي غلامي مان آزادي حاصل ڪئي.
يار محمد ڪلهوڙو 11 ذي القعد 1131 هجي مطابق 16 سيپٽمبر 1719ع ۾ وفات ڪئي.
[b]عبدالله بروهي جي من مستي
[/b]جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙو شهزادي معز الدين هٿان گرفتار ٿي قتل ٿي ويو، ته سندس ڀاءُ يار محمد ڪلهوڙو مغلن سان جنگ جوٽي ۽ پاڻ بچائي قلات جي بروهي حڪمران محراب خان ڏانهن ويو، جنهن ساڻس جنگ جوٽي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ محراب خان ڪرخ جي هنڌ مارجي ويو. گل خان نصير تاريخ بلوچستان ۾ ڄاڻايو آهي ته محراب خان معز الدين جي چوڻ تي نور محمد ۽ محمد دائود کي ايران وڃڻ نه ڏنو، جنهن ڪري هو اتان ڀڄي نڪتا، محراب خان پيڇو ڪيو. ٻنهي ڌرين درميان جنگ لڳي، جنهن ۾ محراب خان زخمي ٿي پيو ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مري ويو ۽ سنڌي شهزادا گرفتار ٿيا. ان کانپوءِ سمندر خان (سمنڊ خان) جي وقت ۾ جيل مان ڀڄي نڪتا، جنهن کي لهڙي قوم جي دينار نالي هڪ شخص سندن رستو روڪيو ۽ هو ٻيهر گرفتار ٿي ويا.
اها ڳالهه حقيقت نه ٿي لڳي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌي پناهه گيري جي حالت ۾ ڀڄي نڪرن ها ته اهو ناممڪن هو، هو ٻين جي رحم و ڪرم تي هئا ۽ ساڳي وقت ڪنهن لشڪر سان نڪرڻ اک ڇنڀ جو ڪم ناهي جو محراب خان کان ڪري ويا ۽ بيان مطابق جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾ محراب خان انهن هٿان قتل ٿي وڃي ها ته بروهي سنڌي پناهه گيرن کي ڪڏهن به معاف نه ڪن ها ۽ قلات جي جبلن ۾ سنڌي خون وهندو نظر اچي ها ۽ سنڌين جا لاش بي گور وڪفن پيا هجن ها. !
حقيقت اها آهي ته محراب خان سنڌين هٿان بي خبري ۾ مارجي ويو، جنهن ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙو خون بها جو عيوض ڏيڻو ڪيو، تنهن کان پوءِ بروهين سان صلح ٿيو ۽ اتي رهيا. جيئن ميان يار محمد وٽ خون بها جي عيوض جي رقم ڪونه هئي، تنهن ڪري هن پنهنجا ٻه پٽ نور محمد ۽ محمد خان خون بها جي عيوض بروهين وٽ گروي يا ضمانت طور رهايا.
جڏهن يار محمد ٻيهر سنڌ ۾ آيو ۽ پنهنجو ڌاڪو ويهاريو ته قلات جي والي سمندر خان التماس بروهي کي هڪ لشڪر ڏيئي سنڌ روانو ڪيو ته هو يار محمد کان تاوان جي رقم وٺي، پر جڏهن هن ڪلهوڙي جي دٻدٻي کي ڏٺو ته همت نه ساري سگھيو ۽ هٿين خالي واپس هليو ويو.
سمندر خان دل جي باهه کان يار محمد جي پٽن کي مغل بادشاهه جي حوالي ڪيو جيئن مغل هن جي وافداري تي يقين ڪري، کيس نوازن ۽ ساڳي وقت ٻنهي جي گڏيل دشمن جو به خاتمو ٿئي. تاريخ بلوچستان ۾ محمود شاهه بخاري لکي ٿو:
”دهلي جي مغل شهنشاهه وارنگ زيب عالمگير جي باغي ڪلهوڙن دائود محمد ۽ نور محمد کي گرفتار ڪري شهنشاهه جي درٻار ۾ پيش ڪيو، جنهن ڪري شهنشاهه مير سمندر خان کي ”امير الامرا“ جو خطاب ڏنو. لکين روپيه نذرانه طور پيش ڪيا. ڪراچي جي بندرگاهه محراب خان جي قتل جي عيوض ۾ الڳ ڪري خان قلات کي ڏني ۽ ڪلهوڙن کي حڪم ڪيو ته هو هر سال کيس چاليهه هزار روپيه خراج طور ادا ڪندا رهن.“
انهيءَ دوران ميان يار محمد ۽ شهزادي معزالدين جو ٺاهه ٿي ويو ۽ ڪلهوڙن شهزادن جون جانيون بچي ويون ۽ بروهي خان جي اميد پوري نه ٿي سگھي. جنهن کان پوءِ هي ڪلهوڙن تي سڙڻ ۽ پچڻ لڳو. بقول يار محمد ڪلهوڙو:
”سمندر خان جي دل ۾ حسد جي باهه ڀڙڪي اٿي، عداوت جو بهانو ڳوليندي پيغام موڪليائين ته جيڪڏهن سمورين عطا ٿيل جاگيرن مان گنجابي کي ڇڏي ڏين ته پنهنجو صلح قائم رهندو. ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي وڃ.“
حقيقت ۾ بروهي خان پاڻ گنجابي ۾ اکيون وجھي ويٺو هو ، پر جڏهن ان جي توقع خلاف اهو علائقو ميان يار محمد کي مليو ته هوسڙي پچي ويو. هونئن به گنجابو سنڌ جو ٽڪرو ئي هو.
يار محمد ڪلهوڙو جنگ نه پيو ڪرڻ چاهي، ڇاڪاڻ ته سندس قبيلي مان اڌ جيترا ماڻهو خان قلات جي قبضي ۾ هئا، تنهن ڪري افهام ۽ تفهيم کان ڪم وٺندي پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي قلات موڪليو جيئن مسئلي جو حل نڪري اچي. گلدستهء نورس بهار جي موجب خان قلات صرف هڪ جواب ڏنو ته گنجابو منهنجي حوالي ڪريو ته مان توهان جي اولاد ۽ قبيلي کي وڃڻ جي اجازت ڏيندس ۽ قول ۽ قسم جي بنياد تي نئين طرح سان صلح ڪريان. انهيءَ کان پوءِ اوهان کي ڪوبه نقصان نه رسندو، جيڪڏهن گنجابو نه ٿا ڏيو ته پوءِ صلح ۽ امن جي ڪابه صورت ڪانهي . اٿو هتان هليا وڃو، توهان جي قبيلي متعلق جيڪي منهنجي دل ۾ ايندو اهوئي ڪندس.“
ان کان پوءِ سمندر خان سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري انهن جي ڏينهن، ڏينهن ڏکيو ۽ سخت گذريو آخر ملتان کان هڪ شاهي حڪم پهتو ته سنڌي گھراڻن کي فورا آزاد ڪيو، جنهن کان پوءِ سنڌي ماڻهو پنهنجي وطن ڏي موٽي آيا.
خان آف قلات سمندر خان 1714ع ۾ وفات ڪئي ته ان جي جاءِ تي مرحوم محراب خان بروهي جو وڏ پٽ مير احمد خان آف قلات ٿيو. جنهن کي سندس ننڍي ڀاءُ عبدالله بروهي حاڪم ڪوئيٽا قتل ڪري پاڻ 1716ع ۾ خان آف قلات جي مسند تي ويٺو.
آخوند محمد صديق تاريخ بلوچستان ۾ لکيو آهي ته ”ميان نور محمد خان ڪلهوڙو سال به سال چاليهه هزار (40000) روپيه مير سمندر کي پهچائي ڏيندو هو. مير سمندر خان جي مرڻ کان پوءِ مير احمد چار سال حڪومت ڪئي، نه هن رقم جي گھر ڪئي ۽ نه وري ميان ئي موڪلي. جڏهن مير عبدالله خان حڪمران ٿيو، ته تڏهن هن ميان تي حملي جي غرض سان لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ميان نور محمد چاليهن هزارن جي رقم ۽ هڪ هاٿي مير عبدالله خان کي موڪليو. اهي چيزون ميان جا ماڻهو بولان لڪ ۾ ”بيبي ناني“ جي (هي ڍاڍر ۽ بولان جي وچ تي هڪ منزل آهي) منزل تي کيس پهچائي آيا.“
عبدالله بروهي جهن خون ريزي ڪري پنهنجو ڌاڪو ويهاريو هو، تنهن ڪيترا دفعه سنڌ جي سرحدن جي ڀڃ ڪڙي ڪئي ڪاڇي وارن علائقن کي حاصل ڪرڻ گھريو ، جيئن ته سندس قوم جا ماڻهو بروهي سرديءَ جي موسم ۾ چوپايو مال جبل ۾ رهائي نه سگھندا هئا ۽ اهي ڪاڇي طرف سنڌ ڏانهن هليا يندا هئا، تنهن ڪري هن سبي، ڍاڍر گنجابي ۾ اکيون وڌيون. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن کان سواءِ انهن جي گذر بسر نٿي ٿي سگھيو. ميان نور محمد عبدالله بروهي جي حرڪتن کي روڪڻ لاءِ مراد ڪليري کي سبي جو ناظم ڪري موڪليو، جنهن سڀ کان پهريان انتظامي امور تي ڌيان ڏنو، ته تر جي وڏيرن کي پنهنجو ڪيو، جنهن ۾ قيصر خان، مگسي، زميندار گنجابو، ميرو رند، سردار محال شورن، ميرو بليدي، سردار ڪاڇو، مينهون ايري، زميندار ڀاڳناڙي، لهڻو ماڇي، زميندار ڀاڳناڙي، ڪالو خان بازوئي، مالڪ ڍاڍر ۽ بهادر خان عمراڻي، سردار ڪنگاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.
حسن تدبر سان عبدالله بروهي جي خلاف هڪ محاذ قائم ڪيو. تحفة الڪرام مطابق سنه 1143 هجري مطابق 31 – 1730ع ۾ تر جي وڏيرن کي ماري مات ڪري ”ڪر ته جي قلعي“ کي گھيرو ڪري، مبارڪ خان کان ورتو ۽ اڳتي وڌي وڃي، عبدالله بروهي جي هڪ سپهه سالار اسماعيل بروهي کي شڪست ڏني ۽ ڪاڪڙ بروهي کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو.
عبدالله بروهي سمجھيو ته سنڌين جو هي مست لشڪر قلات تائين ڪاهي ايندو، تنهن ڪري پاڻ ميان نور محمد کي صلح جي پيش ڪش ڪئي ۽ اڳتي لاءِ توبهه ڪيائين ته هو سنڌ سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندو.
ميان نور محمد کي هن جي بد عهدي جي خبر هئي، تنهن کيس چيو ته تنهنجي ڳالهه تي ڪيئن اعتبار ڪجي. جنهن ڪري هن کيس پيشڪش ڪئي ته هو پنهنجي خاندان مان ٻه نياڻيون ڪلهوڙا خاندان ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪي سندس ضمانت طور هونديون ۽ ان سان گڏ پاڻ ۾ مائٽي به ٿي ويندي، جنهن ڪري اڳتي ڪنهن به لڙائي جي گنجائش نه رهندي. ميان نور محمد ڪلهوڙي صلح جي اها شرط قبول ڪئي ۽ کيس هدايت ڪئي ته اهو اڳتي اهڙي من مستي نه ڪري ۽ ننگن جي لڄن جي عزت رکجانءِ.“
عبدالله بروهي جي ڏنل ٻن ڌيئرن سان ميان نور محمد جي پٽن هر هڪ ميان مراد ياب خان ۽ خدا داد خان شاديون ڪيون.
عبدالله بروهي پنهنجي ٻن ننگن جي ڏيڻ کان پوءِ به پنهنجي بد عهدي نه ڇڏي ۽ سنڌ جي سرحدي علائقن تي حمله ڪندو رهيو، جنهن ۾ 1144 هجري مطابق 1734ع ۾ فريد آباد کان ڪاڇي تي حملو ڪيو، ڪلهوڙا فوج سختي سان مقابلو جاري رکيو، جنهن ۾ ڪلهوڙن جو جاني نقصان ٿيو، پر دشمن جي لشڪر کي ماري ڀڄائي ڇڏيو اهڙي طرح هو ڪاڇي وارن علائقن تي ڪاهي ايندو هو، پر هميشه مهن واري لڳندي هيس.
آخر عبدالله بروهي پنهنجا سڀ صلح نامه، واعدا ۽ اقرار پٺيءَ ڀر اڇلائي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. نامه نغر جي مطابق هن سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد خان سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو. هن جي رٿا اها هئي ته پهريان سبيءَ تي حملو ڪري مراد ڪليري جو خاتمو آڻيان، تنهن کان پوءِ خدا آباد کي هٿ ڪجي.“
جڏهن اها خبر مراد ڪليري کي پئي ته هن اهڙو اطلاع ميان ڏانهن ڏياري موڪليو، جنهن ڪري ميان لاڙڪاڻه آيو ۽ سنڌين جو هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو ۽ پنهنجي جنرل ۽ لاڙڪاڻي جي حاڪم شاهه بهارو جي ڪمان هيٺ چاليهه هزار جوانن جو لشڪر سبي ڏانهن روانو ڪيو، ان کان سواءِ ڄام نندو، مير بهرام، مير چاڪر، شاهه علي سلطان، خيرو، دادو، ڪمال ڀاڳت وغيره جي ڪمان هيٺ الڳ الڳ لشڪر به اوڏانهن روانو ٿيا.
بروهي لشڪر ۽ سنڌي لشڪر جي جنگ جنديهري وٽ لڳي، جنهن ۾ عبدالله بروهي بد عهدي جي نتيجي ۾ مارجي ويو ۽ بروهي لشڪر ڇڙ و ڇڙ ٿي ڀڄي ويو. ان کان پوءِ بروهين جو زور هميشه لاءِ ٽٽي پيو.
[b]نادر شاهه جي ڦر لٽ
[/b]ايران ۾ صفوي گھراڻي جي معزولي کان پوءِ هڪ معمولي ڌنار ترقي ڪري فبروري 1736ع ۾ شهنشاهه بڻيو ۽ نادر شاهه نالي سان مشهور ٿيو. اسان ان کي نادر ڌاڙيل ۽ ايراني کيس قومي هيرو چون ٿا.
هن جڏهن مغل بادشاهه محمد شاهه رنگيلي کان دهلي فتح ڪئي ته هزارين بي گناهه ماڻهو هن جي حڪم سان قتل ٿي ويا ۽ سڄي هندستان جي دولت لٽي ڦري کڻي ويو ۽ مغلن وٽ سواءِ سڃ جي ٻيو ڪجھه به نه ڇڏيائين. انهيءَ تي به خوش نه ٿيو ۽ محمد شاهه رنگيلي هندستان حڪومت جي ماتحت علائقه اٽڪ کان وٺي سڄي سنڌ تائين نادر شاهه جي جھولي ۾ وجھي پنهنجي جان بچائي.
نادر دهلي جي ڦر مار کان پوءِ پشاور کان ٿيندو پهرين رمضان 1152 هجري مطابق 21 نومبر 1739ع تي ڪابل پهتو.
هن کان اڳ نادر شاهه پنهنجي حڪومت جو بنياد وجھي افغانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ قنڌار کي 1738ع ۾ فتح ڪيو. انهيءَ زماني ۾ نادر شاهه جون فوجون پير محمد ۽ الماس خان جي ڪمان هيٺ بندر عباس ۽ مڪران جي ساحل کان بلوچستان ۾ داخل ٿيو ته عبدالله بروهي جي پٽ انهن سان مصلحت ڪري نادر شاهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ قنڌار هليو ويو.
معلوم ٿئي ٿو ته عبدالله بروهي جي قتل ٿيڻ کان پوءِ بروهين ۾ طاقت نه رهي هئي نه ته هو سنڌين سان هٿ چراند ڪري سگھن، تنهن ڪري انهن عبدالله جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ نادر شاهه کي استعمال ڪرڻ گھريو، جنهن جي تصديق ان مان ٿئي ٿي ته جڏهن نادر شاهه سنڌ کي تاراج ڪيو ته هن عبدالله بروهي جي پٽ مير محبت خان کي سبي ۽ ڍاڍر وارو علائقو ڏنو. جيڪو بروهين جي پراڻي تمنا هئي.
محبت خان بروهي پنهنجي لشڪر سميت نادر ڌاڙيل جي غلامي قبول ڪئي ۽ کيس دعوت ڏني ته هو سندس والد جي قتل جي بدلي سنڌ فتح ڪري، ان جي حوالي ڪري، جيئن ته نادر شاهه کي هندستاني فتح ڪرڻو هو ۽ فوج جي به سخت ضرورت هئي، تنهن ڪري کيس واعدو ڏنو ته هو هندستان جي فتح ۾ سندس مدد ڪندو ته ان کان پوءِ سنڌين کي سندس غلامي ۾ ڏنو ويندو. دهلي جي ڪلورن ۾ محبت خان بروهي نادر شاهه جو ساٿ ڏنو.
قنڌار ۾ ئي محبت خان بروهي نادر شاهه کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. نامه نغر ۾ لکيل آهي ته: ”نادر قنڌار فتح ڪري چڪو هو، تڏهن هڪ افغان کان پڇيائين ته مان هندستان وڃڻ گھران ٿو ٻڌاءِ ته سڌو رستو ڪهڙو آهي؟ “ افغان جواب ڏنو ته: ”هندستان ڏانهن وڃڻ جا ٻه رستا آهن ، هڪ غزني ۽ ٻيو ڪابل وارو رستو جيڪو پري آهي ۽ ٻيو رستو قريب هجڻ جي باوجود هفتخوان (رستم جي ستن منزلن جواڻا نگو سفر) طئي ڪرڻ کان گھٽ نه آهي.“ نادر پڇيو هفتخوان مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ افغان جواب ڏنو ته: ”انهيءَ رستي ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙو سپهه سالار رهي ٿو جنهن جي فوج فولادي زرهن سان ليس آهي ۽ جنگ جي ميدان ۾ انهن جي جوش جو مقابلو ڪرڻ آسان ڪونهي.“ هن نادر شاهه تي واضح ڪيو ته انهيءَ رستي سان هندستان ويندي قدم قدم تي سنڌي مقابلو ڪندا ۽ خون ريز لڙائين سان منهن ڏيڻو پوندو. مولانا مهر چوي ٿو ته ڪن صاحبن لکيو آهي ته قنڌار جي فتح کان پوءِ نادر بولان لڪ رستي هندستان وڃڻ چاهيو ٿي پر ميان نور محمد ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، جنهن ڪري هن ان پاسي کان اچڻ جو پروگرام ختم ڪري غزني ۽ ڪابل وارو رستو اختيار ڪيو. هن کي يقين ٿي ويو ته هوڏانهن وڃڻ ڪنهن صورت ۾ رستم جي مهم کان گھٽ ناهي، تنهن ڪري هن سمجھيو ته هو هندستان جي بادشاهه جي قوت کي آزمائڻ لاءِ ڪابل ۽ غزني تي ڪاهه ڪري جيڪي ان وقت مغل سلطنت ۾ شامل هئا. هي انهيءَ ارادي سان غزني تي ڪاهي ويو ته ان کي فتح ڪري ڪابل کي حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن جي من مستي وڌي ويئي ۽ کيس يقين ٿيو ته هندستان جي مغل بادشاهه ۾ اها طاقت نه رهي آهي، تنهن ڪري ان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو.
ناصر خان جيڪو مغل حڪومت پاران ڪابل ۽ پشاور جو نظام هو، تنهن خيبر لڪ کڻي جھليو، پر نادر اتان جي رهواسين جي مدد سان جلال آباد کان ٻيو رستو ڏيئي پشاور پهتو ۽ پويان حملو ڪيو، جنهن ۾ ناصر خان کي شڪست ملي. انهيءَ طرح هو لاهور پهتو ۽ آخر دهلي پهچي خون جي هولي کيڏي.
انهيءَ وقت ۾ به هن سنڌ جي معلومات حاصل ڪرڻ گھري ۽ جڏهن کيس خبر پئي ته سنڌ جو سفير مير لطف الله عرف متارو هت موجود آهي، ته هن ان کي گھرائي سنڌين بابت پڇيو جنهن کيس ٻڌايو ته: ”سنڌ جو ماڻهو نهايت دلير آهي، سڀئي جنگجو قسم جا ماڻهو آهن. اهي بهادري ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ آهن، ائين کڻي چئجي ته اصيل نانگ آهن. هنن ۾ هاٿي جهڙي قوت آهي ۽ سندن جسم چيتي وانگر آهي، سڀين جي هٿن ۾ گرز، تلوارون، ۽ بندوقون آهن. اهي ڪنهن به لشڪر کان نه ٿا ڊڄن. اهي ڏاڍا بيباڪ آهن، ميدان ۾ دلير آهن ۽ حد درجي جا چالاڪ آهن. جيڪڏهن هن سالار جي فوج جوش ۾ اچي وڃي ته جيڪر پهاڙ جي دل مان به دانهن نڪرڻ لڳي.
نادر کي ان کان اڳ سنڌين جي دانهن عبدالله جي پٽ محبت خان ڏني هئي، جنهن ڪري هن سمجھيو ته انهيءَ حالت ۾ سنڌ ڏانهن وڃڻ خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري هن پنهنجي هڪ سفير محمد علي بيگ کي هڪ پيغام ڏيئي مير لطف علي سان گڏ سنڌ روانو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته: ”کيس باقاعده خراج پهچائيندو رهه ۽ ان کانسواءِ سندس پٽ جي ڪمان هيٺ ڏهه هزار سنڌي سپاهي سندس لشڪر ۾ رهن.
جڏهن بادشاهه سنڌ کي پيغام مليو ته هن سنڌي اميرن سردارن ۽ سالارن سان مشهور ڪيو ۽ ان کان پوءِ نادر جي سفير کي هنن لفظن ۾ جواب ڏنو: ”مون وٽ ايترو خزانو ڪونهي جو آءُ ڏن طور توکي ادا ڪندو رهان ۽ نه وري اهڙي اميد ئي رکو. مون وٽ صرف هڪ خزانو آهي ۽ اهو آهي تلوار. آءٌ ڪنهن به ظالم ۽ جابر جي لشڪر کان نٿو ڊڄان.
محمد علي بيگ نادر شاهه کي سربستو احوال ڪري ٻڌايو، جنهن ڪري هن جي غرور ۽ تڪبر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ پاڻ کي نيچ سمجھڻ لڳو. محبت خان کي وارو لڳي ويو، تنهن کيس دلداري ڏياري ۽ ٻڌايو ته ميان نور محمد جي خلاف اندروني خلفشار موجود آهي، جيڪڏهن انهن سان رابطو رکيو ويو ته اهي به سندس مدد ڪندا ۽ ان کانسواءِ بروهي لشڪر ۾ ساڻس هر حال ۾ ٻڌل رهندو. ان کانسواءِ عبدالله بروهي جي زال مريم به کيس ستايو ته هو نور محمد کان سندس مڙس جو پلاند وٺي.“
جڏهن هو دهلي کان واپس ڪابل پهتو ته افغانستان جا وڏا وڏا سردار سندس آڏو پيش پيا ۽ هر ممڪن ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ کيس فورا چاليهه هزار افغانن جي فوج ان جي حوالي ڪئي. اندازو آهي ته جنگجو قومون جن جو پيشو ۽ گذر بسر جنگي تي هو اهي پڻ نادر شاهه جي هاڪ ٻڌي سندس لشڪر ۾ شامل ٿي ويا. اهڙي طرح هڪ جرار لشڪر ٿيار ٿي ويو.
جڏهن هن جي طاقت وڌي ته سنڌ وارن کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن وٽ هڪ تازه دم لشڪر موجود هو، اهو پهه ڪري سخت سردي هوندي به سنڌ ڏانهن ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو 8 رمضان 1152 هجري مطابق 28 نومبر 1739ع تي ڪرم ماٿري جو رستو وٺي 21 ڊسمبر 1739ع تي جابلو علائقو پار ڪيو. انهيءَ دوران مختلف قيبلن سان ويڙهه ڪيائون ۽ انهن کي بي دردي سان ماريو. هڪ قبيلي جي ته هڪ هزار ماڻهن مان فقط ٻه زنده بچي سگھيا. اهڙي طرح هي خوني 25 ڊسمبر 1739ع تي ڊيرهه اسماعيل خان پهتو، جتي ميان نور محمد جي دشمن امير صادق محمد خان سندس غلامي قبول ڪئي ۽ فوج ڪشي دوران هر مدد ڏيڻ جو انجام ڪري، هم رڪاب ٿيو. اهڙي طرح ميان نور محمد جا ٻه دشمن عبدالله بروهي جو پٽ محبت خان ۽ امير صادق ساڻس گڏ ٿيا.
ڊيرهه اسماعيل خان مان نادر پنهنجي فوج جو وڏو حصو ٻيڙين ۾ سوار ڪري ڊيرهه غازي خان موڪلي ڏنو ۽ پاڻ اتان لاڙڪاڻه طرف روانو ٿيو. مولانا مهر خواجه عبدالڪريم جي حوالي سان لکيو آهي اسان کي سنڌ جي جن جھنگلن مان گذرڻو پيو، انهن جي اڳيان طبرستان ۽ مازندان جا جھنگ هيچ آهن. نادر ۽ سندس فوج به رستو ڀلجي ويا ۽ اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا. لشڪر جي سامان سنڀاليندڙ سپاهين کي انتهائي پريشانيون ۽ تڪليفون درپيش آيون. اٺ ٽهي وٺي ڀڳا ۽ نهايت قيمتي سامان کڻي پنهنجي منهن هليا ويا. نه انهن اٺن جو ڪو پتو پيو ۽ نه وري انهن جي سوارن جي ڪا به سڌ پئي. لوڪ هارٽ لکيو آهي ته نادر جڏهن ديرهه غازي خان پهتو ته هن سنڌ جي بادشاهه نور محمد ڪلهوڙي کي چورائي موڪليو ته هو ساڻس اچي ملي. هن ان جو ڪو به جواب نه ڏنو جنهن ڪري نادر سمجھيو ته سنڌي هن کي نه ٿا ڀائن ۽ هو لڙڻ لاءِ تيار آهن، تنهن ڪري هن هڪ فرمان جاري ڪيو.
”لاهور ۽ ملتان جي حاڪم ذڪريا خان کي حد کان وڌيڪ شاهي شفقت ۽ سرفرازي حاصل ڪندي معلوم هجڻ گھرجي ته جيئن ته هن سال اسان جو ارادو آهي ته سردي جي موسم سنڌ ۾ گزاريو ۽ اتي ڪن شرارتن کي تنبيهه ڪريون ٿي سگھي ٿو ته انهن مان ڪو ملتان جي طرف ڀڄي ۽ اسان جو لشڪر ڀاڳيلن جي تعاقب ۾ سنڌو ندي کي پار ڪري. ٿي سگھي ٿو ته انهيءَ مان بادشاهي علائقي ۾ مداخلت جو خيال پيدا ٿئي، جيئن ته ٻنهي وڏين بادشاهن ۾ جدائي جو تصور به ممڪن ڪونهي، انهيءَ ڪري عاليجاهه کي گھرجي ته تيار ۽ مستعد رهي، جڏهن ضرورت پوي ۽ حڪم صادر ٿئي ته لاهو رکان ملتان پهچي وڃي ۽ اتي ترسي، ڀاڳيلن جي رستي روڪڻ جو انتظام ڪري، جيڪڏهن ڪو به شخص سنڌءَ مان هندستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ته ان کي روڪي، انتظام انهيءَ نموني هئڻ گھرجي ته جو اسان جي فوج کي دريا پار ڪرڻ ۽ تعاقب ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي.“
نادر ڌاڙيل جي فوج جتي جتي پهتي ته سنڌين سندس راهه روڪي، جنهن ڪري هو انهن کي قتل ڪندو، مال وغيره لٽيندو، زمينون ۽ فصل برباد ڪندو، اڳتي وڌندو رهيو، تانجو 16 ذالقعد 1152 هجري مطابق 1740ع تي لاڙڪاڻه پهتو.
انهيءَ دوران نور محمد ڪلهوڙو نادر جي ظلم ۽ ڪمينگي جو داستان ٻڌي چڪو هو ۽ ڪراڙپ جي ڪنڌيءَ تي به هو تنهن ڪري هن نادر شاهه لشڪر کي فيروز شاهه جي لشڪر وانگر تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ عمر ڪوٽ جي راهه ورتي، جتي سندس خيال هو ته نادري حرام خور اڄ بک وگھي مري ويندا ۽ سنڌي اڳ پوءِ ڪري ڌاڙيلن کي ماريندا.
جيئن ئي نادر شاهه جي فوج لاڙڪاڻه پهتي ته ميان نور محمد پنهنجي طرفان پٽ غلام شاهه ۽ لطف علي عرف مير متارو کي نادر شاهه ڏانهن اماڻي پيغام موڪليو ته: ”مان اوهان جو فرمانبردار آهيان ۽ ڏن ڀرڻ لاءِ تيار آهيان.“
نور محمد ٻنهي کي هدايت ڪئي هئي ته جيڪڏهن نادر هي پيغام ٻڌي واپس هلي وڃي ته تون هڪدم هليو اچ ۽ جيڪڏهن ان جي پيش قدمي جاري رهي ته مون کي جلد سندس فوجي طاقت کان آگاهه ڪر.
سمجھجي ٿو ته بکيو نادر انهيءَ تي خاموش رهي ها. پر محبت خان بروهي کيس عرض ڪيو ته هو سندس جي دعوت ۽ صلاح تي سنڌ آيو آهي ۽ ائين واپس ورڻ سان سندس جي پوئتي پت نه رهندي ۽ هن نادر شاهه کي لالچ ڏيارڻ لاءِ ٻڌايو ته سنڌ جي پيداوار ۽ دولت ايتري آهي جو اوهان انجو اندازو به نه ٿا ڪري سگھو، ممڪن آهي ته امير صادق ميان سان ذاتي دشمني ڪري نادر شاهه کي مجبور ڪيو هجي ته هو سنڌ کي تهس نهس ڪري ڇڏي. جنهن ڪري هن غلام شاهه کي سياڻپ جو جواب ڏنو ۽ چيو ته آءٌ نور محمد جي فوجي طاقت ڏسڻ گھران ٿو ته هو گھڻي پاڻي ۾ آهي.“
غلام شاهه نادر جي ارادي کان واقف ٿي ويو ۽ سمجھيو ته سندن جا دشمن ان کي امن سان واپس ورڻ ڪونه ڏيندا، تنهن ڪري هن پنهنجي والد کي چورائي موڪليو ته نادر شاهه اسان کي نه ڇڏيندو، تنهن ڪري فورا تدارڪ ڪيو وڃي.
ميان نور محمد خدا آباد ۾ ٺيو، سنبريو ويٺو هو، تنهن غلام شاهه جو پيغام پهچندي ئي خدا آباد کان عمر ڪوٽ ڏانهن ڪوچ ڪيو.
نادر کي جڏهن خبر پئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙو هڪ لک ماڻهن سان گڏ روانو ٿي ويو آهي ته هن ان جو پيڇو ڪڻ لاءِ ڳرو سامان لاڙڪاڻه ۾ ڇڏيو ۽ فوج ساڻ ڪري ميان نور محمد جي پويان روانو ٿيو.
ميان نور محمد خدا آباد مان روانگي وقت پنهنجن ماڻهن ۽ سرڪاري عملدارن کي حڪم ڏنو ته رسد جو جيڪو سامان هجي ان کي ساڙي ڇڏيو ۽ جيڪو اناج وغيره بچي ته ان کي زمين دوز ڪري ڇڏيو، جيئن ته اها اهڙي موسم هئي جو سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ جؤ جو فصل تيار هو، جنهن ڪري ميان نور محمد جو تدارڪ ڪارگر ثابت نه ٿيو ۽ ڌاڙيل لشڪر کي ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف نه ٿي.
نادر شاهه، پيڇو ڪندي جڏهن شهدادپور پهتو ته اتي ميان نور محمد جي طرف کان ڪجھه تحفه مليا ۽ فرمان برداري جواظهار ڪيو، پر نادر ٻين جي چرچ تي نه مڙيو هو، سو نه مڙيو. شهدادپور مان ميان جي دشمنن سان ملي عمر ڪوٽ جو رستو ورتائين.
نور محمد ڪلهوڙي جي فوج اڳيان ۽ نادر جي فوج پويان هئي. انهيءَ صورتحال ۾ ميان ماڇي فوج جي دستي کي حڪم ڪيو ته هو دشمن فوج کي روڪي بيهن. جيسين هو ڳچ پنڌ پري نڪري وڃي. جنهن ڪري هي جوان نادر ڌاڙيل جي سامهون ٿيا ۽ بيهي رهيا هئا ته ميان جو هڪ ٻيو دستور جيڪو مهيرين جوانن تي مشتمل هو، پهچي ويو. انهن اهڙي تيزي سان حملو ڪيو جو ايراني فوج گھٻرائجي ويئي. هن معمولي دستا نادر جي حمله آور فوج کي شڪست ته ڏيئي نه سگھيا پر ڪجھه وقت لاءِ هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيو ۽ هو پريشان ٿي ويا.
ميان نور محمد عمر ڪوٽ مان نڪرڻ وارو هو ته نادر وڃي مٿان ڪڙڪيو، لوڪ هارٽ لکيو آهي ته ميان پنهنجن خزانن کي زمين ۾ پوري روانو ٿيڻ وارو هو ته نادر وڃي پهتو، انند رام جو حوالو آهي ته ميان پنهنجو اهل و عيال ۽ مال ريگستاني علائقي ۾ موڪلي ڏنو هو ۽ فقط باويهن لکن جي رقم رهجي ويئي، جنهن جي پهچائڻ جو بندوبست ٿي نه سگھيو هو. انهيءَ ڪري هڪ ڏينهن لاءَ ترسي پوڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو.
نادر شاهه عمر ڪوٽ جي قلعي کي گھير ۾ آڻي ويهي رهيو جيئن ته ميان پنهنجو سڀ ڪجھه ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، جنهن ڪري هو جنگ ۾ ڪري نه پيو سگھي. ان ڪري هن بهتر ائين سمجھيو ته هڪ دفعو وري نادر شاهه سان امن ۽ ڀائيچاري واري ڳالهه ڪجي انهيءَ خيال کان مانجھي مل هٿان ٻاويهه لک روپيه نادر شاهه ڏانهن موڪليا ۽ ارادو ڪيو ته هو سندس جو مطيع ۽ تابعدار رهندو، هو انهن واسطي پيش پوڻ گھري ٿو ۽ سندس خاندان ۽ پنهنجي جان ۽ عزت جي تحفظ جو واعدو ڪيو وڃي.
جيئن ته نادر شاهه جلدي ۾ عمر ڪوٽ پهتو هو ۽ رسد جو پورو سامان به ساڻ ڪونه هو، جنهن ڪري نادري لشڪر ذليل و خوار ٿئي ها ! کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي چڪيون هيون، تنهن ڪري سوچان ئي ته جيڪڏهن ائين هٺُ تي رهندس ته ممڪن آهي ته سنڌي ان مان فائدو وٺي کيس ماري نه ڇڏن، تنهن ڪري پنهنجي ڀرم کي قائم رکندي ميان صاحب کي چورائي موڪليو ته: ” آءٌ اوهان سان ٺاهه ڪريان ٿو، توهان ڀلي هلي اچو“
ان کان پوءِ نور محمد ڪلهوڙي مشڪي گھوڙي تي چڙهي پنهنجي سپهه سالارن شاهه بهارو، ڄام نندو، مير چاڪر، مير بهرام، مير شاهه ۽ شيخ غلام علي سان گڏجي نادر وٽ آيو.
نادر ميان کي پاڻ سان ساڻ وٺي لاڙڪاڻه آيو. انهيءَ سفر دوران نادر پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته هو اهتياط ڪن، جيئن ميان ڪنهن نموني سان اتان کسڪي نه وڃي. چشم ديد گواهه خواجه عبدالڪريم لکي ٿو ته انهيءَ حڪم جي باوجود پاڻ ۽ سندس خاندان جي ڪنهن به فرد جي عزت ۽ مرتبي ۾ ڪو به فرق نه آيو“ انهيءَ حالتن ڪري ڪن ڪتابن لکيو ته ميان کي عمر ڪوٽ کان قيد ڪري لاڙڪاڻي ۾ آندو ويو.
نادر لاڙڪاڻه پهچندي ئي سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو، هڪ حصو، سبي ۽ ڪاڇي وارو محبت خان بروهي واليءِ قلات کي پيءُ جي قتل جي عيوض ۾ ڏنو، جنهن جو واعدو عبدالله جي زال مريم سان ڪري آيو هو. انهيءَ موقعي تي محبت خان خون جي عيوض ۾ نور محمد جي ٻانهه وٺڻ گھري، جيئن قتل ڪري پيءُ جو پلاند وٺي. اتي ڪن اميرن صلاح ڏني ته اهو ممڪن ڪونهي انهيءَ ڪري ڪيس هڪ لک روپيه ڏنو وڃي.
ٻيو حصو شڪارپور الڳ ڪري امير صادق دائود پوٽي کي سندس مدد ڪرڻ جي عيوض ۾ ڏني ويئي.
ٽيون حصو باقي جيڪا سنڌ بچي، هڪ ڪروڙ روپيه جنگ جو تاوان وٺي ميان نور محمد جي حوالي ڪيئي ۽ ڪيس حڪم ڪيو ته هو هر سال ويهه لک روپيه ڏنڍ طور ڏن ادا ڪندو رهندو ۽ سندس پٽ فوج سميت نادر سان گڏ رهندو انهيءَ کان پوءِ ميان جي دل رکڻ خاطر کيس شاهه قلي جو خطاب ڏنو.
نادر محرم جا عاشور لاڙڪاڻه ۾ گذاريا ۽ جشن نو روز اتي ملهايو. خواجه عبدالڪريم مطابق اميرن ۽ فوج ۾ انعام به اتي ورهايا ويا. سڄي فوج جي ماني جو بندوبست به ميان صاحب ڪيو هو. هو اتان 11 محرم 1153 هجري مطابق مارچ 1740ع ۾ قنڌار روانو ٿي ويو.
نادري حڪم موجب ساڻس گڏ محمد مراد ياب خان ۽ ساٿ طور غلام شاهه ٻارهن هزار سنڌي لشڪر ساڻ ڪري ايران روانه ٿيا. جنهن ۾ سنڌي سپهه سالار ڄام نندو، خيرو شيخ غلام محمد به شامل هئا.. جڏهن جلائر دائود پوٽن مٿان عتاب بڻجي آيو ته ميان جو ٽيون پٽ عطر خان ساڻس مدد طور شامل هو ۽ پوءِ ان سان گڏجي ايران ويو.
نادر جي طوفان سنڌ وارن کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو ۽ سالن جي ميڙي چونڊي اک ڇنڀ ۾ کڻي راهي ٿيو جيئن باز پنهنجي شڪار کي ڦاسائيندو آهي. مولانا مهران بابت لکي ٿو ته: ”نادر جي حملو به ظلم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ هڪ خوفناڪ سيلاب جي حيثيت رکي ٿو، جنهن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي پنهنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ ساري ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. هزاين ماڻهو، گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي دربدر ۽ خاڪ بسر رلندا رهيا، سندن ميڙي چونڊي سڀ لٽجي ويئي جتي جتي نادر جو پير پهتو، بستيون، وسنديون، فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پهتو.“
ان کانسواءِ سبي ۽ ڪاڇي وارو علائقو خان قلات جي عملداري ۾ ڏنو ويو ۽ ان علائقي جو نالو اي. ڊبليو هيوگز جي چوڻ موجب ”نادر شاهه ان علائقي جو نالو بلوچستان رکيو. ان کانسواءِ سنڌ جو علمي ذخيرو پڻ نادر شاهه جي طوفاني لهر ۾ غرق ٿي ويو جيئن هلاڪو خان بغداد کي ساڙائي دنيا جي وڏي ۾ وڏي لائبريري کي باهه ڏياري ڇڏي هئي.
نادر وڃڻ وقت صالح خان ۽ شاهه وردي خان کي سنڌ ۾ رهايو ته هو لشڪر جي وڇڙيل ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ڪن جنهن ڪري ايراني لشڪر جا دسته اندرون سنڌ چڪر لڳائيندا رهندا هئا. ان کان سواءِ نادر شاهه سليمان بيگ کي پنهنجي سڪي ۽ خطبي جاري ڪرڻ جي انتظام لاءِ سنڌ ۾ رهايو.“
هيگ انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ سنڌ جي حالتن متعلق لکي ٿو ته: ”اولهه جي هڪ وڏي سلطنت (ايران) سان سنڌ جي نهايت زرخير علائقي جو الحاق ۽ مٿان وري تمام ڳروڏن، هن بدحال ملڪ تي هڪ وڏي مصيبت ثابت ٿيو. جنهن جي تقدير زماني جي انقلاب جا رنگ برنگي تماشا ڏسي چڪي هئي. دهلي جي حڪومت سان ڊگھي مدت جي تعلقات مان اهو فائدو هو ته مرڪز وارن لاءِ سنڌ پهچڻ سولو نه هو ان ڪري شهنشائي دٻاءُ پئجي نه سگھيو ۽ نه زياده دولت جي وقت به وقت وصولي ٿي سگھي پئي، ليڪن هيئنر قنڌار نئين مالڪ جي قبضي ۾ هو ۽ ان جي هٿ ۾ بولان لڪ هو، جنهن ڪري سنڌ کان پئسه طلب ڪرڻ سولا ٿي پيا هئا.“
[b]طهما سپ خان جلائر جو جلائڻ
[/b]جيئن ته سنڌين کي تباهه ڪرڻ ۾ امير صادق محمد دائود پوٽي عباسي اصل ڪلهوڙو نادر شاهه ڌاڙيل جو ساٿ ڏنو هو ۽ سنڌ جي تباهي ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو. نادر شاهه سنڌ کي ٽڪرا ڪندي وقت هڪ حصو شڪارپور الڳ ڪري امير صادق محمد کي ڏنو. اهڙي طرح صادق محمد خان جي ميان نور محمد سان ديرينه دشمني جو بدلو به پورو ٿي ويو.
نادر ميان نور محمد جي پٽن ۽ سنڌي لشڪر کي پاڻ سان ساڻ وٺي ويو هو. اهڙي طرح امير صادق پنهنجي طرفان شيخ صادق کي سفير ڪري ايراني درٻار ۾ موڪليو پر ڪجھه وقت کان پوءِ امير صادق جو سفير خود نادر شاهه پاران شڪارپور جو نگران مقرر ٿي آيو.
دائود پوٽن جو ملازم سندن مٿان نگران ٿي آيو، جنهن ڪري انهن پنهنجي بي عزتي محسوس ڪئي ۽ شيخ صادق جي حڪمن کي نه مڃيو، جنهن ڪري ٻنهي درميان اڻ بڻت شروع ٿي تانجو 16 ربيع الاول 1158هجري مطابق 5 اپريل 1745ع ۾ شيخ صادق ۽ سندس پٽ عاقل دائود پوٽن هٿان قتل ٿي ويو.
شيخ صادق جو هڪ پٽ شيخ فاضل اهڙي صورتحال کان نادر شاهه کي آگاهه ڪيو، جنهن پنهنجي ڪارندي جي قتل ۽ پنهنجي بي عزتي جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌو ندي جي اترين علائقي جي گورنر طهما سپ جلائر کي حڪم ڏنو ته هو انهن کي سزا ڏيڻ لاءِ شڪار پور وڃي.
دائود پوٽي امير صادق محمد خان عباسي کي معلوم هو ته اها خبر جيڪڏهن نادر کي پوندي ته هو ضرور سنڌ تي چڙهائي ڪندو، تنهن ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪري پنهنجي خاندان جي ڀاتين کي پنهنجي جاگير جيڪا ستلج جي ڏاکڻي ڪناري تي هئي، اوڏانهن موڪليو. شڪارپور جي سار سنڀال ۽ حفاظت لاءِ محمد بلاول خان فيروزاڻي کي مقرر ڪيو ۽ ڪليه عليه جو قلعو عبدالله فيروزاڻي ۽ شيخ شاهه محمد ڪهيري جي حفاظت ۾ ڏنو ۽ ان کان پوءِ پاڻ نادر کان معافي وٺڻ ۽ صحيح صورتحال کان واقف ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو.
انهيءَ دوران طهماسپ جلائر شڪارپور پهچي ويو. ان جي مدد ۾ نور محمد ڪلهوڙي جو جٿو سندس پٽ اعظم خان جي قيادت ۾ ساڻ هو. ان کان اڳ صادق محمد خان جو پٽ محمد بلاول شڪارپور مان پنهنجا ننگ وٺي جيلسمير طرف ”ستاهو“ ڳوٺ ۾ وڃي پناهه ورتي.
شڪارپور جي قلعدار عبدالله خان، جلائر جي ڊهه نه جھلي سگھيو ۽ قلعو ان جي حوالي ڪيو، جنهن کيس گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو ۽ شاهه محمد ڪهيري ۽ غلام خان هيسباڻي، جلائر جي خوف کان ته هو متان سندن جي عزتن ۽ ننگن کي بي عزتو ڪري، تنهن ڪري مڙسي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌي غيرت، ننگ و ناموس جي مظاهرو ڪندي پنهنجن ننگن کي پاڻ ماريو ۽ نادر ڌاڙيل جي سؤر جلائر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سنڀري ويهي رهيا، جڏهن هو اتي پهتو ته هنن غيرت مندن ايراني دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ مڙسي سان وڙهندا وڙهندا ڪڇ جي ”ڇتر“ ڳوٺ ڏانهن هليا ويا.
جلائر ڪليه جي مقابلي کان پوءِ ديده غازي خان پهتو ۽ اتان وڃي قلع دراوڙ کي گھيري ۾ آندو، جتي دائود پوٽا پناهه جي خيال کان گڏ ٿيا هئا. پر جڏهن انهن جلائر جي ان طرف اچڻ جو ٻڌو ته پنهنجي طاقت کي ”ستاهي“ وٽ گڏ ڪيو ۽ هر طرف کان اتي پهچي ويا.
دائود پوٽن سخت مقابلو ڪيو ۽ ايراني ڌاڙيل فوج جي سپهه سالار کي خشڪي ڏيئي ڇڏي. هنن پنهنجي ننگ ۽ ناموس کي قائم رکڻ لاءِ ته متان جلائر قابض ٿي وڃي، تنهن ڪري پنهنجي ننگن کي پنهنجي هٿن سان ماري ڇڏيو ته جيئن هو ايرانين جي حوس جو شڪار نه بڻجن.
انهيءَ عرصي ۾ صادق محمد خان، نادر کان معافي وٺي نادري ڪارندي مرزا عسڪري سان پهچي ويو. نادر امير صادق کي شڪارپور جي بدلي غزني جي جاگير ڏني.
صادق محمد خان پٽن کي حال حقيقت ڪيو جن کيس ٻڌائي ڇڏيو ته جلائر اسان سان گھٽ نه ڪئي آهي. انهيءَ صورت ۾ پنهنجو وطن ڇڏي پرديسي هلئون، اها اسان جي غيرت ناهي، جنهن ڪري پاڻ غزني ڪونه هلنداسين ۽ جيڪي حالات پيدا ٿيا، تنهن سان منهن ڏبو.
مرزا عسڪري کي کڻڪ پئجي ويئي ته هي سنڌي غزني وڃڻ لاءِ تيار ناهن، تنهن ڪري هڪ چال کيڏي ۽ سڀني کي مارڻ گھريو پر سندس انهيءَ سازش جي خبر گلاب راءِ ذريعي انهن تائين پئجي وئي.
مرزا عسڪري دائود پوٽن جي صفا ڪڍ لڳي پيو ۽ 14 ربيع الاول تي ان شڪارپوري تي حملو ڪري ڏنو. سنڌين پاڻ ملهايو پر آخر فتح ڌارين کي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن سان ساٿ ۾ ديسي ماڻهو به شامل هئا. ميان نور محمد ۽ صادق محمد جي دشمني ٻاهرين لاءِ فائديمند ثابت ٿي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ امير صادق گولي لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو.
سنڌي جوان مردي سان قلعي کان ٻاهر نڪري ايرانين سان وڙهندا رهيا ۽ حفاظتي هنڌن ڏانهن هليا ويا. مولانا مهر صبح صادق جي حوالي سان ٻڌايو ته آهي هن جنگ ۾ مرزا عسڪري کي شڪست آئي ۽ طهماسپ جلائر جا ٻئي ڪن ڪپجي ويا. امير صادق کي سندس پٽ بهاول خان شڪارپور جي اسٽوراٽ گنج محلي جي قبرستان ۾ دفن ڪرايو.
انهيءَ کان پوءِ بهاول خان پنهنجي رياست ڏانهن هليو ويو، جتان بعد ۾ رياست بهاولپور جو بنياد پيو ۽ سنڌي ڪلهوڙن جي شاخ دائود پوٽن جو اتر سنڌ سان واسطو ختم ٿي ويو ۽ سنڌ جو اهو حصو الڳ ٿي ويو.
سنڌ جون حالتون ڌارين جي ڪاهن ۽ ڦرلٽ ڪري روز خراب ٿينديون ويون ۽ هر طرف امن و امان جي صورتحال بگڙندي ويئي. سنڌين سان اها به هڪ وڏي ستم ظريفي ٿي جو جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي حاڪم بڻائيندا هئا ته اهو اطمنان ۽ سڪون سان گادي تي ويهي نه سگندو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي حاڪميت انهيءَ ۾هل تائين قانوني نه سمجھي ويندي هئي، جيسين ايراني ڌاڙيل ۽ پوءِ افغان لٽيرا ان جي تصديق ڪن.
انهيءَ صورت حال ۾ سنڌ جي شاهي خاندان جو ڪوبه هڪ فرد ايرانين ۽ پوءِ افغانين وٽ يرغمال طور رهندو هو ۽ بعد ۾ اهو يرغمالي خوشنودي حاصل ڪري حاڪم سنڌ جي سند وٺي هتي پهچندو هو، تان جو ٻنهي ڌرين درميان اقتدار جي ڪشمڪش شروع ٿي ويندي هئي. ويچارا سنڌي ماڻهو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيسجي مري ويندا هئا، جيئن جڏهن سنڌ وارن مراد ياب خان کي معزول ڪري غلام شاهه کي سنڌ جو حاڪم بڻايو ته افغان لٽيرن محمد عطر خان کي سنڌ جي حاڪم طور موڪليو. سنڌي امير افغان فرمان جا فرمانبردار بڻجي ويا هئا ۽ افغانن جي ظلم ۽ بي دردي ڪري اسان وٽ هڪ چوڻي آه و فغان جو بنياد پيو.
نادر جي حملي کان پوءِ سنڌ وارن سڪون جو ساهه نه کنيو ۽ ويتر جڏهن احمد شاهه ابدالي نادر جي مرڻ کان پوءِ قنڌار جي حڪومت جو بنياد وڌو ۽ سنڌ ان جي ماتحت ٿي ته قنڌاري لٽيرن سنڌين کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو ۽ جيڪو شاهي خاندان مان وڌيڪ غنڊه ٽڪس ڏيڻ جو واعدو ڪندو هو، ان کي سنڌ جو حڪمران مڃي سنڌ موڪليو ويندو هو.
سنڌي پنهنجي گھرو لڙائين ۽ شاهي سازش ڪري ايترا ته مفلوج ٿي ويا هئا، جو پنهنجي حڪمران جي نامزدگي لاءِ قنڌار ڏانهن نهاريندا هئا. جنهن ڪري شاهي خاندان اندروني سازشن ۽ خلفشار جو مرڪز بڻجي ويو. ڀاءُ ڀاءُ جو قاتل ۽ رقيب ٿي ويو. هو قنڌاري حڪومت جا گماشته بڻجي ويا ۽ انهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌي ماڻهن کي ائين پيهندا هئا، جيئن چڪي ۾ ان، مطلب ته سنڌ اڄ تائين نادري حملي جي اثر کان جان نه ڇڏائي سگھي آهي ۽ ويچارا سنڌي صدين کان پوءِ ٻاهرين حڪم ۽ ڌارئي حاڪم جا پابند ۽ محتاج آهن.