مغل حاڪمن جا ڏاڍ ۽ ظلم
سنڌ دنيا جو اهو خطو آهي، جتي تڙيل ۽ پناهه وٺڻ وارن اچي سڪون حاصل ڪيو آهي. انهن ڪري ته عالمي يتيم خانو بڻجي ويو آهي. ڌارين جي ڌڙا ڌڙ آمد ۽ ٻاهرين جي يلغارن هوندي به سنڌي اڄ پنهنجو وجود برقرار رکيو پيا اچن. اهو سنڌي ماڻهن جي جرئت ۽ بهادري جو هڪ مثال آهي. هو اهڙن انقلابن، ڌارين جي لوڌن ۽ يلغارن هوندي به پنهنجي قوميت کي برقرار رکي ثابت ڪيو آهي ته هو دنيا جي اهڙن قومن مان آهي، جنهن جي وجود کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود اڄ تائين ختم ڪري نه سگھيا آهن ۽ هي پنهنجي جياپي جي جنگ هر دؤر ۾ وڙهيا آهن. وقتي شڪست سندن راهه روڪي نه سگھي ۽ هو ايترو وقت تائين وڙهندا رهيا جيستائين دشمن کي ماري نه مڃايو.
آءٌ سنڌ وارن جي جرئت ۽ بهادري کي ڏسي هميشه سنڌين جي جرئت ۽ بهادري واري تاريخ لکي آهي، جنهن ۾ هو ڏاڍ ۽ ظلم خلاف برسر پيڪار رهيا آهن ۽ سنڌ دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اڄ وري سنڌين جي همت ۽ جرئت ۽ بهادري سان ڀريل دؤر جنهن ۾ انهن ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي ۽ ڪيترن ظلمن سهڻ کان پوءِ آخر مغل ظالمن کان جند ڇڏائي ۽ ڪلهوڙا حڪمرانن جي روپ ۾ سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جو بنياد وڌو. انهيءَ دؤر جي ظلمن تي ٻڌل حقيقت بيان ڪجي ٿي ته سنڌين هميشه ڏاڍ ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ سنڌ جي دشمنن آڏو ڪڏهن به ڪنڌ نه جھڪايو آهي.
ڄام نظام الدين سمي جي حڪومت کان پوءِ شاهه ارغون سنڌ کي ڦٻايو. جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندس ظالم پٽ شاهه حسن ارغون سنڌ سلطنت جي تخت تي ويٺو. ان جي پوين ڏينهن ۾ سندس ٻن ڇاڙتن مرزا عيسى خان ترخان ۽ محمود ڪوڪلتاش جي وچ سنڌ جي گادي نشيني جي معاملي ۾ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. سيوهڻ کان وٺي ٺٽي تائين مرزا عيسى خان ترخان کي والي تسليم ڪيو ويو ۽ محمود ڪوڪلتاش کي بکر يعني اتر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو حق ڏنو ويو.
شاهه حسن ارغُون پنهنجن ظلم سميت 9 جماد الاول 962 هجري مطابق پهرين اپريل 1555ع ۾ علي پوٽن جي ڳوٺ ۾ ٽپهري جو دم ڏنو، جنهن کان پوءِ هي ٻئي باقاعده اقتدار جا مالڪ ٿيا.
محمود ڪوڪلتاش جنهن کي تاريخ نويسن محمود بکري ڪري لکيو آهي، تنهن به سنڌ وارن سان ظلم ڪرڻ کان ڪين گھٽايو ۽ پنهنجي وڏن جي روش موجب ظلم جي ننگري کي برقرار رکيو، انهن ڏينهن ۾ اڪبر مغل بادشاهه، اڪبر اعظم ٿيڻ جي شوق ۾ ملڪ گيري جي حوص ۾ مبتلا هو، جنهن ڪري هن کي اچي خوف ورايو ته متان هو سنڌ جي شاداب ٽڪري کي حاصل ڪرڻ لاءِ حملو ڪري، تنهن ڪري پهريان هن ايران جي بادشاهه شاهه طهما سپ سان دوستانه ناتا رکيا، پر آخر مغلن جي قريب هجڻ ۽ وڌندڙ طاقت کان متاثر ٿي پنهنجي اڪيلي نياڻي کي اڪبر جي زوجه ڪري ڏيڻ بهتر سمجھيو ۽ 15 رجب 982 هجري مطابق 1574ع ۾ هن پنهنجي ڌيءَ جيسلمير رستي اڪبر ڏانهن ڏياري موڪلي، جيڪو ان وقت ناگور ۾ شڪار تي ويل هو.
انهيءَ سال محمود ڪوڪلتاش جي حالت خراب ٿي ويئي جو کيس جلندر جي بيماري هئي، اهڙي حالت ۾ بکر، سکر ۽ روهڙي ۾ بغاوتن منهن ڪڍيو، جنهن کي منهن ڏيڻ هن جي وس کان ٻاهر هو، تنهن ڪري هن مغل بادشاهه اڪبر کي چورائي موڪليو ته هو بکر جو انتظام پنهنجي هٿ ڪري، جنهن گيسو خان کي بکر روانو ڪيو، جنهن سلطان محمود جي وفات کان پوءِ 12 جمادي الاول 982 هجري ۾ بکر جو انتظام سنڀالي ان کي مغل بادشاهت جو بغير ڪنهن مزاحمت ۽ جنگ ڪرڻ جي حصو بڻائي ڇڏيو.
مرزا باقي جيڪو عيسى خان ترخان جي اولاد مان هو، تنهن پنهنجي وقت ۾ سنڌ ۾ ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ سنڌين جي وڏي مدد هوندي به انهن جي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، تنهن پنهنجي حڪومت کي مغلن جي وڌندڙ طاقت کان بچائڻ لاءِ محمود ڪوڪلتاش وانگر پنهنجي ڌيءَ سنڌي بيگم اڪبر جي حضور ۾ پيش ڪئي، جنهن ان کي خوني ۽ ظالم جي ڌيءَ سڏيندو شاهي محل مان ڪڍي ڇڏيو هو.
جاني بيگ ترخان پنهنجي چاچي مرزا مظفر ترخان کي (جيڪو مرزا باقي جي جاڙيجي زال مان هو) بدين مان ڀڄائي ساهي مس پٽي هئي ته اڪبر جو نائب قاصد محمد خان هڪ شاهر فرمان کڻي پهتو، جنهن ۾ هن کي تابعداري لاءِ حڪم ٿيل هو، مرزا جاني بيگ حڪم کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي طرفان مرزا شاهه رخ کي اڪبر جي درٻار ۾ موڪلڻ جو واعدو ڪيو.
مرزا صادق کي مرزا جاني بيگ جي قول تي يقين نه آيو، جنهن بکر واپس ويندي سيوهڻ جي قلعي کي گھيري ۾ آندو. جڏهن اها خبر مرزا جاني بيگ کي پئي ته هو ارغونن، ترخانن، شورن، سميجن، سومرن، ڪيهرن، نڪامرن (نومڙين) پليجن، دلن ۽ ٻين سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري بري ۽ بحري فوج ٺاهي، سيوهڻ اچي پهتو، مرزا صادق ايڏي وڏي فوج جو ٻڌي لڙائي جي سگھهه ساري نه سگھيو ۽ بکر هليو ويو، جنهن کان پوءِ خان زمان جنهن کي مرزا جاني بيگ جي وزير اعظم جي حيثيت حاصل هئي، تنهن سنڌين جي ڳوٺن کي ڦريو، لٽيو ۽ مال متاع گڏ ڪري دل جي باهه کي ماريو.
مرزا جاني بيگ اڪبر جي ڏمرن کان مرزا شاهه رخ کي اڪبر جي درٻار ۾ موڪليو ۽ گذارش ڪئي جيئن ته سنڌي ماڻهو ڏاڍا فتني باز (غيرت مند) ۽ موقعي پرست (قومپرست) آهن، جنهن ڪري مهلت ڪونه ٿي ملي جو شاهي درٻار ۾ اچي پيرين پوڻ جو شرف حاصل ڪيان. جنهن لاءِ معافي جو طلبگار آهيان. اها ڳالهه اڪبر کي نه وڻي، ۽ ساڳي وقت صادق محمد واري ڪاوڙ به هئي، بهر صورت هن کي سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو، تنهن ڪري هن بهانو بڻايو ته جڏهن هو لاهور ۾ ترسيل هو ته مرزا جاني بيگ پيرن تي هٿ رکڻ ڇو نه آيو. هو جنهن ڪري هن عبدالرحيم خان خانان کي حڪم ڏنو ته هو ٺٽي تي ڪاهه ڪري وڃي. هڪ ٻي روايت موجب ته اڪبر جو ارادو قنڌار کي فتح ڪرڻ جو هو، جنهن لاءِ هن عبدالرحيم خان خانان کي مقرر ڪيو هو، جنهن اڪبر کي ٻڌايو ته قنڌار جي مهم تي وڏو خرچ ٿيندو، جنهن جي وسعت ان کي ڪونهي، تنهن ڪري ضرورت آهي ته پهريان ٺٽي کي فتح ڪجي، جتان ايتري دولت ملي ويندي جو قنڌار جو خرچ برداشت ڪري سگھبو.
هڪڙي ليکڪ سنڌ تي قبضي ڪرڻ بابت اڪبر جي پاليسي جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: ”وچ ايشيا ۽ ايران کان حملي جي خوف کان ڪابل ۽ اولهندي سرحدي جي حفاظت خاطر وچ واريون خود مختيار حڪومتون ان جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگھن پيون، جنهن ڪري ضروري هو ته سنڌ فتح ڪري.“
اڪبر جي حڪم موجب عبدالرحيم خان خانان 1591ع (999 هجري) ۾ سنڌ ڏانهن روانو ٿيو، هو پهريان بکر آيو، جتي اڳ ئي مغل قبضو ڪري چڪا هئا. تنهن کان پوءِ هن سيوهڻ کي گھيري ۾ آندو، جتي کيس خبر پئي ته مرزا جاني بيگ هڪ وڏو لشڪر ترخانن ۽ سنڌي راڄن جو ساڻ ڪري اچي رهيو آهي. تنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ لڪي جي جبل جا گھٽ ٽپي اوڏانهن روانو ٿيو. طاهر نسياني انهن گھٽن لاءِ لکيو آهي ته: ”اهي اهڙا مضبوط مورچا هئا جو جاني بيگ رڳو ڏهه ڄڻا اتي ويهاري ڇڏي ها ته به هي شاهي لشڪر ڪڏهن به ٻئي پاسي پهچي نه سگھي ها.
آخر سنڌ وارن ۽ مغلن جو لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيو. ڏينهن رات، سپاهي هڪ ٻئي جو رت وهائيندا رهيا. خان خانان جي ڪوشش هئي ته سيوهڻ جي قلعي تي به گھيرو برقرار هجي ۽ مرزا جاني بيگ سان به منهن ڏجي ۽ ساڳي وقت سنڌ جي ٻين حصن ۾ به لشڪر کي ورهائي ڇڏجي، جيئن اهي وقت سر ڪم اچي سگھن. اهڙي نموني سنڌ جي لشڪر جي رسد به بند ڪري سگھجي ٿي. انهيءَ حڪمت عملي سان خان خانان، جنگ کي جاري رکيو، تاريخ فرشته واري لکيو آهي ته: ”خان خانان جي لشڪر مرزا جاني بيگ کي ايترو سوڙهو ڪيو جو سنڌين جي لشڪر ۾ قحط پئجي ويو ۽ نوبت اتي اچي پهتي جو گھوڙا ۽ اٺ ذبح ڪري کائڻ لڳا. تاريخ فرشته جي مصنف اها حقيقت به مڃي آهي ته سنڌي پلاند وٺڻ ۾ دير نه ڪندا آهن، انهن به خان خانان جا چارئي رستا بند ڪري ڇڏيا. جنهن ڪري اناج ۽ ٻئي سامان جي قلت پيدا ٿي پئي ۽ لشڪر ۾ قحط پئجي ويو، هڪ ٻيو مصنف رحيم داد مولائي شيدائي لکي ٿو ته اڪبر جي لشڪر ۾ بک ۽ بيماري اچي پئي. جيڪڏهن الله بخش ۽ قزاق بهادر وقت سر امداد ۽ سامان کڻي نه پهچن ها ته انهن جو برو حشر ٿئي ها.
سنڌي لشڪر جيتوڻيڪ سنڌي مرزا جاني بيگ جي ڪرتوتن کان تنگ هئا، پر هو ان جي ان ڪري مدد ڪري رهيا هئا ته هو به ڌاريا هئا ۽ ترخان سنڌين سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ ڪري، اهڙي بري مهل ۾ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو. جيتوڻيڪ اهو سنڏين سان هڪ دولابي کان گھٽ ڪونه هو، پر سنڌي جيڪي سڌائين مٺي زبان سان ڳالهائڻ واري آڏو ڪسبا آيا آهن، تن به دستور موجب دشمن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا. هڪ دفعو ته اهڙو موقعو به آيو جو جيڪڏهن جيسلمير جو راول ڀيم سنگهه خان خانان جي فوجي مدد نه ڪري ها ته اڪبر جي اعظمي کي به خطرو هو.
مرزا جاني بيگ، سنڌ وارن جي دولت لٽي پاڻ وٽ ڪٺي ڪئي هئي، جنهن ڪري هو مفلسي واري زندگي گذاريندا هئا. ڌرتي ڌڻي بکيا ۽ غريب ٿي ويا ۽ ڦرلٽ ڪندڙ ڌاڙيل ۽ ظالم پنهنجي چالبازي ۽ قوت جي طاقت تي حاڪم، شاهوڪار ۽ آسوده ٿي ويا. سنڌين جي مسڪيني حال ۽ سنڃائي جي خبر ان مان پوي ٿي جڏهن جنگ دوران جاني بيگ هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ واري چال کيڏي، هن سنڌين کي ته جنگ جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو پر انهن جي مفلسي مان فائدو وٺندي، موت جو سودو ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو. تاريخ طاهري ۾ آهي ته مرزا جاني بيگ سنڌين کي چورائي موڪليو ته جيڪو به خان خانان جي لشڪر مان ڪنهن به ماڻهو جو سر آڻي ڏيندو ته ان کي پنج سئو ڪبر (ان وقت جو سڪو) انعام طور ڏيندو.
سنڌ جا غريب ماڻهو، انهيءَ ٿوري انعام ۽ جان جي خوف کان ته متان جاني بيگ ناراض نه ٿئي، تنهن ڪري ان کي راضي ڪرڻ لاءِ هر روز مخالف ڌر جي ماڻهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي سسي لاهي آڻيندا هئا ۽ ڪيترا مفلسي جي لعنت ڪري ۽ ڪي خوش نودي حاصل ڪرڻ لاءِ موت جو سودو ڪندا هئا.
خان خانان ۽ جاني بيگ جو ٻيو معرڪو انڙ پور وٽ ٿيو، هن انڙ پور مان هڪ قاصد پنهنجي پيءُ مرزا پائينده بيگ ڏانهن موڪليو ۽چورايو ته: ”اسان پنهنجي جنگ ۾ هار کائي چڪا آهيون اڳتي الائي ڇا ٿيندو، تنهن ڪري سڄو ملڪ ويران ڪرائي ڇڏجي، جيئن دشمن کي موقعو نه ملي سگهي. توهان پنهنجن عزيزن سميت ٺٽي شهر مان نڪري ڪلان ڪوٽ هليا وڃو، جيئن شهر خالي ٿي وڃي ته جتان ڪٿان باهه ڏياري رک ڪرايو وڃي. ساڳي نموني ٻيا پرڳڻا به ڳوٺن ۽ واهڻ سميت ساڙائي ڀينگ ڪرائي ڇڏجن.“ هاري ناري لاءِ حڪم ٿيو ته: ”هر هڪ پنهنجا ڪچا ۽ پڪا فصل ناس ڪري چٻري وانگر سنڃ ۾ ڪن ڪڍي ويهي رهي ۽ جنهن وٽ ڪجھه نه ڪجھه هجي اهو ٻئي پاسي نڪري وڃي.
طاهري واري سنڌي عوام جي ڪيفيت هيئن لکي آهي: ”مقرر مدي ٽن ڏينهن ۾ ماڻهن ويچارن کان جيڪي پڳو پاڻ سان کنيائون، جيتوڻيڪ پنهنجي مڏي کڻڻ ڪنهن به وسان نه گھٽايو، پر سڄي ڄمار جي ميڙي چونڊي، هن وٺ پڪڙ ۾ کڻي ڀڄڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. انهيءَ ڪري ماڻهو سڀ ڪجھه ڪندو به ڪجھه نه کڻي سگھيا. حالت اها ٿي جو هر ڪنهن تي پنهنجو ڀاڇو به بار هو. اهڙي عالم ۾ ڪيئن ٿي ايڏو سامان گهلي گھرن مان ڪڍي سگھيا. جن ماڻهن سامان ٿي ڍويو، تن جي وري اهڙي ته اچي ٻيگھي متي جو هو هر سامان تا ٽيون ۽ چوٿون حصو يا اڌو اڌ ٿي طلب ڪيو. انهن سورن کان گھڻن ماڻهن گھرن ۾ کوهه کوٽي پنهنجو سامان پوري ڇڏيو.
طاهر نسياني ٺٽي شهر جي تباهي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙهيندي لکيو آهي، ته: ”انهن ئي ماڻهن پنهنجن هٿن سان ٺٽي شهر کي باهيون ڏنيون، جن پاڻ وڏين اميدن سان اهو شهر آباد ڪري ان ۾ پنهنجا گھر گھاٽ ۽ ماڙيون، محلاتون اڏي ان کي شهرن جو شهر بڻايو هو، جيئن ته سڄو شهر ڪاٺ مان اڏيل هو، تنهن ڪري پورو هڪ مهينو سڙندو رهيو. اهو شهر جنهن جي سونهن ورونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي.
سنڌي ماڻهن جنهن شهر کي ڏنهن رات جي محنت ڪري اڄ جي پئرس ۽ لنڊن کان وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين شهر بڻايو هو، تنهن کي ظالم ۽ ڌارئي حڪمران جي حڪم تي هڪ ڏينهن ۾ تباهه ڪيو ويو. ڌاريا نيٺ ڌاريا، رهن ورهين ته به ڌاريا. تن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ خاطر جتي سنڌين جي زندگي سان کيڏيا، اتي سندن ملڪيت کي به ڦري لٽي ڇڏيو هو. انهن پنهنجي اقتدار بچائڻ لاءِ آخر سنڌين جي اجھن، مال و ملڪيت کي به داءَ تي لڳائي ڇڏيو.
طاهر نسياني سنڌي ماڻهن جي حالت جي عڪاسي ڪندي لکي ٿو ته: ”تن ڏينهن ۾ سڀ ڪجھه ته ڀينگ ٿي ويو پر امن امان جو به اهڙو حشر ٿيو جو رهزن ۽ حرام خور ماڻهو موقعي ملڻ تي سنڌين جي مال و ملڪيت لٽڻ سان گڏ کين قتل ٿي ڪري ڇڏيو. جنهن به ٿورو گھڻو سامان باهه جي اڙاهه مان ڪڍي ٻاهر ٿي آندو ته اهو چورن ۽ بدمعاشن جي ور چڙهي ٿي ويو. انهيءَ ڦرلٽ ۽ مارا ماري ۾ ڪيئي شاهورڪار نادار ته ڪيئي نادار شاهوڪار ٿي ويا.
خان خانان مرزا جاني بيگ جي انهيءَ اقدام کان پوءِ پنهنجي منصب دارن کي حڪم ڏنو ته: ”جيئن ته اسان مرزا جاني بيگ کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ملڪ جو هي پاسو ڀينگ ڪرايو آهي، تيئن اوهان به سڀني صوبن ۾ پهچي اتان جي ماڻهن کي ماري ڪٽي، باندي بڻائي، ان پاڻي کان نره ڪري ڇڏيو.
سنڌي ويچارا ڀت ۽ باهه جي وچ ۾ هئا. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ ڏانهن ٿي ويا ته خان خانان ٿي تباهه و برباد ڪيو، جيڪڏهن خاموش ٿي ويٺا پئي ته مرزا جان بيگ انهن جو دشمن بڻجي ٿي ويو. ٻنهي پاسي باهه متي پئي هئي. ٻنهي پاسي ڌاريا هئا، جن کي ڪنهن به نموني سنڌ تي پنهنجو تسلط ڄمائڻو هو.
ڌارين پاڻ ۾ وڙهندي اهو به خيال نه ڪيو ته ويچارن سنڌين جو ڇا حال ٿيندو، ۽ کين جي حڪومت جو دارو مدار به انهن جي سرن سان ٻڌل آهي، پر جيئن سامراج جو اصول آهي ته هو ڪنهن کي به حاصل ڪندا آهن ته اهي ڌرتي ڌڻن کي نه ڏسندا آهن، پر انهن جون نگاهون اتان جي دولت ۽ سر زمين تي کتل هونديون آهن، تنهن ڪري انهن کي به اها لالچ هئي. انهن کي سنڌين سان ڪوبه سروڪار نه هو پر انهن کي حڪومت ڪرڻ لاءِ سر زمين سنڌ گھربي هئي.
ٻن سامراجن جي پاڻ ۾ جنگ دوران سنڌ وارن جي حالت اهڙي ٿي جنهن جو ذڪر طاهرن نسياني هيئن ڪيو آهي: ”ملڪ ۾ اهڙي سڃائي ڪاهي پئي جو ڪنهن بني بشر جي گھران باهه جو دونهون ڪونه ٿي دکيو. جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هتي به ڪي ان داڻا رڌا پيا وڃن. پر توبن ۽ بندوقن مان دونهن ۽ باهين جا دوڌڻ نڪتا. اناج تي رهيو پنهنجي ماڳ، پر ماڻهن کي لوڻ جي لپ به ڪٿان هٿ نه آئي. ماني جنهن جو نالو سا جان کان به وڌيڪ ليکي ٿي ويئي.
آخر سامراجن پنهنجي وڌيڪ تباهي کان بچڻ لاءِ هڪ ٻئي سان ٺاهه ڪيو ۽ سنڌ خان خانان جي معرفت اڪبر بادشاهه جي جھولي ۾ وڃي پئي. هن پنهنجي طرفان ٺٽي ۾ دولت خان لوڌي کي گورنر مقرر ڪيو ۽ اهڙي طرح پوري سنڌ بکر کان وٺي ٺٽي تائين 1000 هجري مطابق 92 – 1591ع ۾ مغل غلامي ۾ هلي ويئي.
عبدالرحيم خان خانان مرزا جاني بيگ جي پٽ مرزا غازي بيگ کي سنڌ جي گورنري تي مقرر ڪرايو، جنهن مغلن جي تابعداري هوندي به پنهنجي من ماني ڪئي ۽ اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ابو القاسم سلطان کي ڌوڪي سان گرفتار ڪيو ۽ سلاخون باهه ۾ گرم ڪرائي اکين ۾ وڌيون جنهن ڪري هو انڌو ٿي ويو.
هن جي ڪرتوتن مان سنڌي به بيزار هئا، جنهن ڪري ڄام هالي آزادي جو نعرو هنيو پر سندس عزيز ڄام دائود جي غداري جي ڪري شڪست ملي نه ته هو غازي بيگ کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ها !
[b]مغلن جا ڪرتوت
[/b]سنڌ وارن جي بدبختي اچي اهڙي موڙ تي پهتي جو هڪ ڌاريو حڪمران ظلم ڪري ٿي ويو ته ٻئي منهن ٿي اچي ڪڍيو. جنهن ڪري سنڌين سک جو ساهه ئي ڪونه کنيو. نسل در نسل ڌارين جو ظلم ڏسندا سهندا آيا ۽ جڏهن به پاڻ ۾ ست ساريائون، ته ظالم جي خلاف آواز بلند ٿي ڪيائون.
جيڪڏهن ان وقت سنڌين مان ڪا به هم گير شخصيت پيدا ٿئي ها ته سنڌ جو نقشو ئي بدليل هجي ها ! پر سامراجن سنڌ وارن کي ڪٿي ٿي گڏ ٿيڻ ڏنو، جنهن ڪري انهن سنڌين کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادري ۾ حڪومتون ورهايون. جڏهن سامراج جي خلاف هڪ هنڌ تحريڪ ٿي اٿي ته ٻئي هنڌ جو سنڌي ان جي ڪابه مدد ڪري نه پئي سگھيو. سامراج ته هڪ ٻئي جو ساٿ پيا ڏين پر مظلومن جي اها واٽ بند ٿي چڪي هئي ۽ انهن جو پاڻ ۾ رابطو تمام گھٽ هو. جيڪڏهن انهن هڪ ٻئي جي مدد جو واعدو به ٿي ڪيو ۽ آزادي لاءِ اٿيا به ٿي تڏهن به هڪ ٻئي جي مدد لاءِ وقت تي نه ٿي پهچي سگھيا. جنهن ڪري هو ڪامياب نه ٿي سگھيا. مظلومن تي سامراجي غالب ٿي اچي ويا ۽ انهن جي لاش جي بي حرمتي ٿي ڪئي.
انهيءَ ڇڙ وڇڙ جي عالم ۾ سنڌي بي يار و مددگار، ذاتي طور تي وڙهندا رهيا ۽ دشمن جي نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو ٿي، پر هو سنڌ کي غلامي مان آزاد ڪري نه پيا سگھن. ان حالت ۾ سنڌين کي غلام ئي رهڻو هو ۽ غلام قوم سان حاڪم جيڪو سلوڪ ڪندو آهي، تنهن جو ذڪر تاريخي ۾ گھٽ ملندو آهي. تاريخ بادشآهه ۽ حاڪم جي ثنا هوندي آهي. جيڪڏهن سندن جي بهادري ۽ غيرت جو ذڪر به ٿيو ته کين ذليل، ملحد، نمڪ حرام، بغاوتي ۽ لعنتي پئي سڏيو آهي.
اسان سنڌين سان ڇا واپريو، تنهن جو تفصيلي ذڪر تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي، پر مختلف ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ڪري سگھجي ٿو ته هي بهادر قوم پنهنجي بقاءِ لاءِ ڪيئن نه سامراجن ۽ ظالمن سان وڙهندي آئي آهي. جيڪڏهن اهي مزاحمتون نه ڪندا چن ها ته شايد اڄ اسان جو نالو ۽ نشان به نه هجي ها !
سنڌي جيترا آهن سٻاجھڙا ۽ نماڻا، اوترا بهادر ۽ غيور به آهن. ڪڏهن به انهن جو امتحان وٺي ته ڏسو هو هميشه ڪنڌ ڪٽائڻ سکيا آهن پر جھڪائڻ نه. اهائي ته خوبي آهي جو سنڌي اڄ تائين ٻين قومن کان نروار ٿي بيٺا آهن. اڄ به سنڌي پنهنجي تاريخ ورجائن ٿا. اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ هر دؤر ۾ غدار پيدا ٿيا آهن، جن ڪري وقتي ناڪامي ضرور ٿي آهي، مون پنهنجن مضمونن مقالن ۽ ڪتابن ۾ سنڌ سان مختلف دورن ۾ ڇا وهيو واپرايو آهي، تنهن جو ذڪر ڪيو آهي. مغلن سنڌ سان جيڪو ڏاڍ ۽ جبر ڪيو، تنهن جو ذڪر يوسف ميرڪ جي تاريخ مظهر شاهه جهاني جي حوالي سان بيان ڪريان ٿو.
احمد بيگ جي ظلم ڪري ڳاهن وارو پرڳڻو پوئتي پئجي ويو آهي ۽ خاص ڪري ڪاڇي وارا ماڻهو ته وسنديون خالي ڪري هليا ويا. بوبڪ پرڳڻي جي سنڌين مظلومن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هو برداشت ڪندا رهن ٿا ڇاڪاڻ ته هو نسل در نسل ظلم سهڻ ۾ پڪا ۽ پختا ٿي ويا هئا.
[b]بختيار بيگ جو دؤر
[/b]پهريون جڏهن هي سيوهڻ پهتو ته پنهنجي نائب شهسوار کي لاکاٽ پرڳڻي جي سميجن ۽ انڙن ڏانهن ڍل جي وصولي لاءِ موڪليو، جنهن کي سميجن قتل ڪري ڇڏيو. هن ان قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ علي ساملو جي هٿ هيٺ هڪ لشڪر سنڌين جي قتل لاءِ اوڏانهن روانو ڪيو، جنهن سميجن ۽ انڙن کي ڳڀا ڳڀا ڪري دل جي ڀڙاس ڪڍي.
سميجا سردار پنهنجي راڄ جو ڪوس ڏسي آزي مڃي ۽ قوج علي وٽ ميڙ کڻي آيا ۽ سنڌي جوڌن جن شهسواري جي ظلم خلاف بغاوت ڪئي هئي تن کي مغلن جي حوالي ڪيو. انهن سنڌي غيرت مندن کي ڪهرائي منڍيون کاري ۾ وجھرائي، چڱن مڙسن سميت بختيار بيگ ڏي سيوهڻ ڏياري موڪليون.
سمه وڏيرا جن ارغونن سان مٽيون هيون تنهن ڪي قاسم ارغون اچي وچ ۾ پيو ۽ ضمانت تي انهن کي ڇڏرايو.
نوحاڻن ۽ ماڇين مغل قانون جي خلاف آواز اٿاريو ۽ ان جي نافرماني ڪئي، جنهن ڪري هو پاڻ نوحاڻن تي ڪاهي ويو، جن ان کي مڙسي سان منهن ڏنو ۽ ڪيترا ئي مغل مارجي ويا.
سنڌي به مڙس ٿي وڙهيا. ڌارئي سان مقابلو ڪندا رهيا، جنهن ڪري انهن جا سترهن سپهه سالار وطن تان شهيد ٿي ويا. انهيءَ لڙائي ۾ توتان نوحاڻي، موندر ۽ چڪي خاصخيلي پاڻ ملهايو ۽ سنڌ جو نمڪ جو حق ادا ڪيو. تاريخ مظهر شاهه جهاني وارو لکي ٿو ته توتان رحمان قلي تي ڪاهي آيو ۽ هڪل ڪري ويڙهه کي جاري رکيو. جيڪڏهن کيس زره پاتل نه هجي ها ته ختم ڪري ڇڏي ها ! جيئن ته هو زره پوش هو، جنهنڪري توتان جا ڌڪ اثرائتا نه ٿيا. پر البته رحمان قلي جي ڌڪن کيس چچري ڇڏيو، تنهن هوندي به هو پوئين پساهن تائين پاڻ ملهايو.
بختيار بيگ سنڌين جي اها جوان مردي ۽ غيرت ڏسي حيران ٿيو ۽ انهن کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ کين سان ٺاهه ڪيو، جيئن اڳتي هو مغلن سان نه وڙهن. ڇاڪاڻ ته کيس خوف هو ته جن کي اڄ شڪست ڏني آهي، اهي سڀاڻي مات به ڏيئي سگھن ٿا.
بختيار بيگ جي ڪارندي رحمان قلي سنڌين کان ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کماڻ لڳ خاسائي شوري ۾ پهتو ۽ ربيع جي فصل جو ان قبضي ۾ ڪيو ۽ ان کي ٻيڙين ۾ وجھرائي سيوهڻ ڏانهن موڪلي ڏنو ۽ ٻڍا پور جي ٻارين کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿي ويو.
سنڌين جو ڏٺو ته هي ظالم پنهنجي مغل طاقت جي زور تي زوري ان کڻائي ٿو، تنهن ڪري سنڌين هارين ان جو بندوبست ڪري ڇڏيو. انهيءَ زماني ۾ ٺٽي جو حاڪم مرزا جاني بيگ هو. ان جي نائب خسرو بيگ کي سامهون آندو. ٻنهي ظالم ڌرين جي هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ رحمان قلي ظلم ڪندي ظالم هٿان مارجي ويو.
هن جي زماني ۾ بکر خان اعظم مرزا ڪوڪه کي جاگير ٿي مليو، جنهن پنهنجي پاران پنهنجي پٽ مرزا انور کي بکر ڏانهن موڪليو. انهيءَ دوران سنڌي راڄن مغلن جي زيادتي ۽ نا انصافي خلاف شديد رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ بکر جي سرڪاري ديهن جي فصلن کي ناس ڪري ڇڏيو. انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مرزا انور پنهنجي ملازم حيدر بيگ کي فوج ڏيئي انهن تي چڙهائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هنن مغل فوج کي جنگ جي ميدان ۾ ڌوڌڻ وجھي ڀڄائي ڇڏيو.
مرزا انور بختيار بيگ کان مدد گھري، جنهن سنڌين سان جنگ جوٽي ۽ ڪيترن سنڌين کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترن کي گرفتار ڪري بکر ڏانهن اماڻيون.
مغل ڪارندا سنڌين کي هڪ ٻئي سان وڙهائڻ لاءِ مختلف لالچون ڏيندا هئا، ۽ ڪن تي هٿ رکي انهن کي پنهنجو ڪندا هئا. دشمن قبيلي جي دشمنن سان ملي انهن جو انت آڻيندا هئا. جيئن ڪوريا هندو جي منشي جيسر، ڪوريجن ۽ پهنورن جي مدد سان سميجن کي ماريو.
شيخ موسى گيلاني ۽ قره بيگ جي وقت ۾ سيوهڻ پرڳڻي ۾ رهندڙ سنڌين ڏاڍ مڙسي ڏيکاري ۽ مغل چمچن کي پير کوڙن ڪونه ڏنا ۽ پنهنجي وس آهر انهن کي تنگ ڪندا رهيا، جنهن ڪري سنڌين وسندي وارا ڳوٺ ڇڏي وڃي ٻيا هنڌ وسايا. ايئن هو دشمن سان مقابلو ڪندا هئا ۽ بچاءَ لاءِ نا معلوم هنڌن ڏانهن هليا ويندا هئا. اهڙن فسادن ۽ گوڙن ڪري سنڌ سڃ ٿي ويئي پر مغل ڪارندا پنهنجن ڪرتوتن کان نه مڙيا ۽ جڏهن مير ابوالقاسم سيوهڻ جو عملدار ٿي آيو ته هن امن امان قائم رکڻ جي بهاني سميجن ۽ ٻين سنڌي قومن کي تنگ ڪيو ۽ انهن جي خون سان راند کيڏي.
سميجه ۽ ٻين سنڌي ذاتين وارا قبيلا ڌارئي کي ڪنهن به روپ ۾ برداشت نه ڪندا هئا. جنهن ڪري سدائين سنڌ ۽ سنڌي دشمنن خلاف وڙهندا رهيا. انهيءَ صورتحال بابت تاريخ مظهر شاهه جهاني جو مصنف غلط بياني کان ڪم وٺندي لکيو آهي ته: ”سنڌي ان ڪري باغي ٿيا جو انهن کي چوڻ وارو ڪوبه ڪونه هو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان شاهي عتاب کان بچيا ٿي ويا.“
يوسف ميرڪ سنڌ وارن سان ٿيندڙ ظلم جو بيان به پاڻ ڪيو آهي، جيئن جهانگير جي وقت ۾ قوج علي بکر جو حاڪم ٿي آيو. هي وڏو ظالم ۽ بي رحم انسان هو ۽ سنڌ وارن سان طرحين طرحين ظلم ڪيا جنهن ڪري هن جو ظلم مشهور ٿي ويو. هي ظالم ٻه لوهيو ڪڻاهيون پاڻي سان ڀرائي باهه جي مچ تي رکندو هو ۽ سنڌي ماڻهن تي ڪوڙا الزام مڙهي ان تتل ڪڻاهين ۾ اڇلرائيندو هو، جتي هو چيچلائي مري ويندا هئا.
احمد بيگ عيد جي ڏينهن سنڌين کي مارڻ جو اراد ڪري بکر مان سهتن ۽ سميجن تي ڪاهي ويو. ڇاڪاڻ ته اهي ان ڏينهن عيد جي خوشي ۽ مذهبي روايتن ۾ مصروف هوندا، تنهن ڪري انهن کي سولائي سان مات ڏيئي سگھبي. هن بابرڪت ڏينهن تي ڪيترا سنڌي شهيد ڪيا ۽ ڪيترن يتيمن کي گرفتار ڪري بکر وٺي ويو.
[b]شمشير خان جا ظلم
[/b]شمشير خان جڏهن ٻيو دفعو سيوهڻ جو حاڪم مقرر ٿي آيو ته هن سميجن جي قوت ۽ بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ پهريان سميجن جي پاڙن، ڌاريجن، مناهيجن کي يقين ڏياريو ته هو امن پسندن (جيڪي غلامي قبول ڪن) سان ڪڏهن به بي واجبي نه ڪندو پر سنڌي سرڪشن لاءِ ان وٽ ڪا به رعايت ڪونهي. سنڌي سٻاجھڙا هن ظالم جي فريب ۾ اچي ويا ۽ هٿيار کڻي ڦٽا ڪيائون.
جڏهن هي ظالم راهوجن، فيروزيجن کي مات ڏيڻ لاءِ فوج ڪشي هئي ته هن يوسف ميرڪ مصنف تاريخ شاهه جهاني جي مشوري سان بي گناهه ۽ امن پسند ڌاريجن ۽ مناهيجن کي ڌوکو ڏيئي، واعدي خلافي ڪندي کين قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هن چرچ ۾ مئلن جو تعداد يوسف ميرڪ پاڻ ٻڌائي ٿو ته: ”اٽڪل هڪ هزار سميجا قتل ۽ ست سؤ قيد ٿي ويا، جن ۾ ڪي وڏيرا به شامل هئا. پڇاڙي سندن مال و اسباب جنهن جو حساب خدا وٽ آهي، سپاهين ۽ رعيتي ماڻهن ۾ ورهايو ويو.“
ڌاريا هميشه سنڌين جي سچائي ۽ واعدي وفائي جو فائدو وٺندي کين نيست و نابود ڪندا آيا آهن. اها ڪهڙي نه شرم جو ڳي ڳالهه آهي جو ڪنهن سان واعدا اقرار ڪري، انهن کي بي اونو ڪجي ۽ پوءِ هٿين خالي سنڌين تي ڪاهي وڃجي ۽ کين قتل ڪري ڇڏجي. ان هوندي به اهي حڪمران پڪا مسلمان ۽ اسلام جا سپاهي سچا وفاداري ليکيا وڃن ٿا پر مظلومن جيڪي قسم ۽ قرآن تي يقين رکن ٿا، تن کي ملحد، فسادي وڳوڙي سڏيو وڃي ٿو.
هن سميجن جي مدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سؤ هوسڙا ملاح گرفتار ڪري لاکاٽ ڳوٺ جي گھيڙ وٽ ڦاهيون ڏياريون. اهڙي طرح هن ظالم حاڪم هڪ ڏينهن ۾ هزارين سنڌين کي ترارن سان ڪٺو ۽ کين ڦاهيون ڏياريون. هو مرد مجاهد پنهنجي غيرت، انا ۽ سنڌ مٿان جان نڇاور ڪري، سرها ٿيندا ويا.
[b]چانڊين جون ٺٺوليون
[/b]شمشير خان جنهن سنڌين جي قتل جو ذمو کنيو هو، تنهن چانڊين تي چڙهائي ڪئي، پر هو اڳ ۾ ئي پنهنجا گھر ۽ وٿاڻ ڇڏي وڃي جبل ۾ لڪا. هن انهن جي بيٺل جوار جي فصل تي قبضو ڪيو. چانڊين رات جي وقت هن جي لشڪر تي تير وسايا. جنهن ڪري صبح سان جبل طرف ڪاهي ويو. چانڊين هن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي جبل جو چوٽي تي چڙهي ويا ۽ شمشير خان جي لشڪر کي بي وس ڏسي سندن مٿان ٺٺوليون ڪندي دهل وڄائڻ شروع ڪيا.
شمشير خان چڙ مان پنهنجي لشڪر جي سپاهين کي حڪم ڏنو ته هو سندن بيٺل فصل کي ترارن سان ڪپي ڍير ڪن. آخر چانڊين پنهورن کي وچ ۾ آڻي ٺاهه ڪيو.
[b]باريجن جي بهادري
[/b]هن بوبڪ پرڳڻي جي باريجن تي رڳو ان ڪري حملا ڪيو ته انهن جا فصل سٺا نه ٿيا هئا. جنهن ڪري هو پهرين ڍل ادا نه ڪري سگھيا ۽ هر فصل تي مغلن کي ڏيندڙ اٺن ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
شمشير خان کي سنڌين جي غيرت تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي هئي، کين پنهنجو راڄ سمجھندي، جيئن وڻندو هين تيئن ڪندو هو. هن باريجن کي انڪار ڪرڻ جي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڌ رات جو چورن ۽ ڦورن وانگر انهن جي ڳوٺن تي هلان ڪري ويو.
باريجن به پاڻ ملهائيندي ڌارئي جي ان فعل تي لعنت و ملامت ڪئي ۽ مڙسي سان مغلن جي سامهون ٿيا. هن ويڙهه ۾ سردار قاسم باريجو پنهنجي پٽ سميت وڙهندي وڙهندي سنڌ جي سر زمين تان قربان ٿي ويو.
شمشير خان ڌارئي جو روپ ڏيکاريندي، يتيمن بيوه زالن ۽ ٻارن کي قيد ڪري سيوهڻ وٺي آيو.
هن ٻين جي چرچ تي بي گناهه نوحاڻن تي حملو ڪيو ۽ انهن جا سٺيڪو مڙس ماري ڇڏيا. جنهن ۾ نيئنگ جو سردار ناتالو به پنهنجن ڀائرن، پٽن ۽ ڏهه ٻارهن مڙسن سميت شهيد ٿي ويو.
[b]نومڙين سان ٺاهه
[/b]هن جي ظلم ۽ اروهه زورائي ڪري ڪيترائي قبيلا جبلن ڏانهن پناهه وٺن لاءِ هليا ويا. نومڙيا، جيڪي هميشه سرڪش ٿي رهيا هئا، تن شمشير خان جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو. انهن سيوهڻ ۽ سن واري علائقي ۾ ان کي پير کوڙڻ نه ڏنا، جنهن ڪري هي لاچار ٿي سندن سردار مريد کي سياسي رشوت طور بوبڪ پرڳڻي ۾ ٽهڻي واري ديهه ۾ جاگير ڏني.
ان هوندي به نومڙا ڪين مڙيا ۽ مغلن سان جنگيون ڪندا رهيا. جنهن ۾ سندس ڪيترا اوزبڪ سپاهي ۽ خاص طور بيگ محمد قرق مارجي ويو. يوسف ميرڪ نومڙين جي دليري ۽ مغل ڪارندن جي ويڙهه بابت هيئن لکيو آهي ته: ”هوسن ۽ سيوهڻ جي ڳوٺن، (جتي سنڌ وارن کان ڦر ڪيل مال هندو هو) سان جاڙون ڪندا رهيا ۽ شمشير خان ساڻن صلح جون ڳالهيون پئي هلايون.
[b]سميجن جي مڙسي
[/b]جهانگير شمشير خان کي حڪم ڪيو ته هو بهادر خان جي مدد لاءِ قنڌار روانو ٿي وڃي. هن پنهنجي غير حاضري ۾ قمبر خواجه کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪيو. جيڪو ٿوري وقت کان پوءِ فوت ٿي ويو. ان جي جاءِ تي هن خوشم بيگ کي قنڌار مان سيوهڻ موڪلي ڏنو.
هي سميجن جي بغاوت ۽ سنڌ دوستن کي ڪچلڻ لاءِ هڪ لشڪر ساڻ ڪري انهن جي ڳوٺن ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڪاڪي ڳوٺ جي گھيڙ وٽان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پهچي لوڙها ڏياري ويهي رهيو.
سنڌي جوانن سميجن کي خبر پئي ته انهن پنهنجن وٿاڻن تي پهچڻ کان اڳ ۾ دشمن کي سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نعرا هڻندا خوشم بيگ جي ڪئمپ کي گھيري ۾ آندو ۽ مغلن جي بچاءَ لاءِ ڏياريل لوڙهي کي لتاڙي سندن مٿان چڙهي ويا ۽ ڪيترن سنڌ دشمن کي بروقت ماري وڌو جيڪي بچيا تن سر بچاءَ لاءِ پاڻ کي کڻي دريا ۾ اڇلايو.
سميجن بزدل مغلن جا هٿيار، گھوڙا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو. خوشم بيگ پاڻ ڀڄي جان بچائي ۽ سر جي خوف کان ڪاڪي واري قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي.
سميجا سنڌي دشمن کي سبق سيکارڻ جو پهه ڪري چڪا هئا، تن هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ کيس گھيرو ڪري ويهي رهيا. پر خوش قسمتي سان ٻي مغل فوج جيڪا شڪار سانگي آيل هئي، تن اچي قلعي جو گھيرو ختم ڪرايو. آخر مغلن سنڌين جي آڻ مڃي ۽ سندن سان صلح ڪيو. يوسف ميرڪ سنڌين جي مڙسي تي لکي ٿو ته هن آئينده لاءِ اهڙي چڙهائي ڪرڻ جي پچر ڇڏي ڏني ۽ ملڪي معاملن ۾ لڳي ويو.
[b]شير خواجه جي عملداري
[/b]شمشير خان کان پوءِ باقي جان عرف شير خواجه کي 932 هجري مطابق 1525ع ڌاري سيوهڻ جو علائقو پگھار طور ڏنو ويو، جيڪو پاڻ اتي رهي پيو ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي هيڏانهن روانو ڪيو.
انهيءَ سال فصل گھٽ ٿيا ۽ قحط پئجي ويو، پر هي بکيو پنهنجي ظلم تي ڪاربند رهيو ۽ سنڌين کي حيوانن وانگر سمجھي انهن کان گذر بسر جيترو رکيل ان داڻو به ڏاڍ ۽ زور تي کڻي ويو. جنهن ڪري سندن گھرن ۾ گدڙ اونايون ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي عزت بچائڻ لاءِ ڍور ڍڳا به وڪڻي ڇڏيا. بقول يوسف ميرڪ جي ته: ”ٻنيءَ جي پئدائش ۽ مال و اسباب وڪڻي ظالمن جا ڀڀ ٿي ڀريا.“
هن جي ڪارندن شير خواجه جي دولت ۾ واڌاري لاءِ سميجن کي گرفتار ڪري وڪڻڻ شروع ڪري ڏنو، جيئن سندس خزاني ۾ کوٽ نه اچي.
[b]سنڌين جو پلاند
[/b]شير خواجه جو عملدار مير عاقل لاکاٽ ۾ رهندو هو، هن جي مقرر ڪيل پنجاهه سپاهين سنڌي ماڻهن سان ڏاڍيون زيادتيون ڪيون ۽ جيڪو ڪجھه وڻين پيو اهي پئي ڪيائون. يوسف ميرڪ انهن جو ظلم هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي: ”اهي اهڙي نموني سميجن مٿان ٿاڦي ڇڏيائون، جنهن جو بيان نه ٿو ڪري سگھجي.“
مظلوم سنڌي به سندن تاڙ ۾ رهندا هئا. جڏهن يار محمد ڪوڪه، مير عاقل کان سنڌين وٽان هٿ ڪيل دولت جي ورهاست تان ناراض ٿي هليو ويو ته، مظلوم سميجن کي پنهنجي پلاند وٺڻ جو وارو لڳي ويو. اهي مير عاقل جي سامهون ٿيا. سميجن جي مڙسي ڏسي مير عاقل جي ڏهن سپاهين مان پنج سپاهي ڀڄي ويا ۽ باقي پنجن سپاهين کان مير عاقل سميت ظلم جو حساب ورتو.
[b]مهمان جو مان
[/b]شير خواجه کان پوءِ شير الملڪ عرف شمس الدين جي سيوهڻ تي عملدار جي شروعات ٿي. هن جي هڪ عزيز خواجه عارف پنهنجي ڪٽڪ سان باغبان پرڳڻي ۾ سميجن ۽ ٿيٻن تي ڪاهه ڪئي. جنهن ۾ منهن وارو لڳس ۽ موٽندي اڪبر آباد جي ڳوٺ مان پنهورن وٽ ترسيل ٻن سميجن مهمانن کي گرفتار ڪري سيوهڻ روانو ڪيو.
پهنورن پنهنجي تڏي جي بي عزتي کي غيرت جو مسئلو سمجھيو ۽ مهمان نوازي جي بي حرمتي تي چپ ڪري نه ويهي سگھيا ۽ خواجه جي سامهون ٿيا. جنهن ۾ انهن مغلن جي ٻارهن سپاهين کي ماري ڇڏيو.
خواجه عارف جو ڏٺو ته پهنور هن جو پيڇو نه ڇڏيندا، تنهن ڪري هن بزدلي جو مظاهرو ڪندي قيدي مهمانن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجي جان بچائي وڃي سيوهڻ پهتو. شمس الدين جي عملداري ۾ سنڌين سان نهايت ظلم ٿيا. يوسف ميرڪ هن لاءِ لکيو آهي ته: ” شمس الدين بي پير“.
[b]يوسف جا ڪرتوت
[/b]شاهه جهان 8 جماد الثاني 1037 هجري ۾ جيئن ئي تخت تي ويٺو ته هن اعتماد الدوله مير غياث جي پوٽي مرزا احمد کي سيوهڻ جو جاگيردار مقرر ڪيو، پر سڄي ڪرتا ڌرتا جو مالڪ سندس ڀاءُ يوسف هو.
هن پنهنجي ظلم ۽ ستم سان سڄي علائقي جي ستياناس ڪري ڇڏي. هن مان عوام سخت پريشان هو، پر تنهن هوندي به ڪنهن کي مجال نه هئي، ته هن جي ظلم خلاف آواز بلند ڪري سگھي. هو روزانو بي گناهه سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سامهون ڪوڙا هڻائيندو هو. جنهن ڪري ويچارن سنڌين جي جسم تان کل لهي ويندي هئي ۽ ڪيترا ته انهيءَ سورن ۾ مري به ويندا هئا. جنهن جي داد رسي جي همت ڪنهن ۾ به ڪونه هئي.
هو پنهنجي عادتن ۾ رومن جي سيزر وانگر مجبور هو ۽ روزانو ٻه ٽِ سؤ سنڌين کي ڪوڙا هڻائي خوش ٿيندو هو. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”هي ظلم ۽ ستم ۾ حجاج بن يوسف جو به استاد هو.“
سيوهڻ پرڳڻي ۾ رهندڙ ڪنهن عزت واري جي عزت سلامت ڪونه هئي، جيڪڏهن کيس خبر پوندي هئي ته ڦلاڻو شخص شاهو ڪار آهي ته ان تي ڪوڙو الزام مڙهي پهريان بي عزت ڪري، ڪوڙا هڻائيندو هو ۽ پوءِ سندس ملڪيت ضبط ڪري دلي سڪون حاصل ڪندو هو. ايتري قدر جو دولت مند سنڌي عورتن جي لڄ به ان کان محفوظ نه رهي سگھي.
هو سنڌين وٽ ڪابه سٺي شيءِ ڏسي سڙندو هو، جنهن ڪري انهن جا اٺ وغيره، جيڪي تمام قيمتي هوندا هئا، تن کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته جتي به ڀلو ۽ قيمتي اٺ هجي ان کي جھلي سندس ملڪيت ۾ شامل ڪيو وڃي.
هن سنڌين وٽان دولت حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ۾ اچڻ واري هر شيءِ تي ڳرا محصول لڳائي ڇڏيا. ايتري قدر جو هٿين خالي شخص کي محصول ادا ڪرڻ پوندو هو.
مرزا يوسف سنڌين جي دولت مختلف حيلن ۽ بهانن سان گڏ ڪندو رهندو هو، پر پوءِ به سندس حرص گھٽ نه ٿيندو هو، هن سنڌين کي نيست و نابود ڪرڻ جو پهه ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري هن ڌاڙيل ۽ جواري پاڻ وٽ رهايا. ڌاڙيل ويچارن سنڌين وٽ بچيل مال ڦري آڻي يوسف کي ڏيندا هئا ۽ جواري شهر جو چو واٽي تي ويهي ٻاهران آيل سنڌين ۽ سوداگرن کي جوا جي ترغيب ڏيئي مال تان هٿ کڻائيندا هئا. ۽ هو بوڇڻ (لٽو) ڇنڊي اٿندا هئا.
اهڙي نموني سرڪاري ۽ غير سرڪاري طرح ٻنهي هٿن سان سنڌين کي لٽيندو رهيو ۽ ظلم ڪندو رهيو. شهر جي شريف عابد ۽ زاهد ماڻهن کي ذليل و خوار ڪرڻ ۾ ان کي مزو ايندو هو ڇاڪاڻ ته اهي غلام ملڪ جا باشندا هئا. يوسف ميرڪ لکي ٿو ته: ”مرزا يوسف جهڙي ذليل ماڻهو کي ڏاڍو مزو ايندو هو، خاص ڪري اهو لطف کيس ان ڪري به ايندو هو ته سڀئي ماڻهو هڪ فتح ڪيل ملڪ جا رهاڪو هئا، جن جي ڪابه دانهن ۽ ڪوڪ ٻڌڻ جوڳي نه هئي، نه سندن ڪو حمايتي هو.“
جيئن هن قاضي عبدالواحد تي ڪوڙو الزام مڙهي کائنس هڪ سؤ روپيه جي ڏنڊ جو دستاويز لکرائي ورتو، ۽ اهو هڪ ڪميني ۽ خبيث ابراهيم بلوچ کي اوڌر تي وڪرو ڪري ڏنو.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مرزا يوسف سٽيل سازش موجب ابراهيم کان پئسه طلب ڪيا ۽ ابراهيم قاضي عبدالواحد کي ڦٽڪو هڻي چيو ٿي ته: ”ڪڍ هڪ سؤ روپيه “ اهڙي طرح ڪميڻو رذيل يوسف سنڌي سان اهو تماشو ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ڏاڍ ۽ اروهه زورائي تي خوش ٿيندو رهيو. هي حريص سنڌين هارين کي هميشه بيگر هڻندو هو، ايتري قدر جو ڍل جي بهاني سڄو فصل کڻائي ويندو هو.
سنڌين رستم قنڌاري جي وقت ۾ هن جي ظلم ڪري لڏ پلاڻ ڪئي، ”مرزا حسام الدين مرتضى خان انجو“ جي وقت ۾ ٺٽو برباد ٿي ويو ۽ اعتماد خواجه گورنر، بکر شريف سنڌين جي زندگي حرام ڪري ڇڏي.
مغلن طرفان مقرر ڪيل حاڪم يا جاگيردار جيڪي سنڌ ۾ ايندا هئا، تن کي سنڌي جي قوت سان ٽڪرائڻو پوندو هو، جنهن ڪري انهن وٽ هميشه هڪ ڪٽڪ رهندو هو.
مظهر شاهه جهاني جي پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي جن کي فسادي سڏيو ويو آهي، اهي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ، پنهنجي فطري رد عمل طور مغل ڪارندن ۽ عملدارن سان وڙهندا هئا ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن جي تابعداري ۽ غلامي کي قبول نه ڪندا هئا. پر جڏهن ڪنهن به مغل ڇاڙتي سنڌين سان نرمي وارو برتاءُ ڪيو ته اهو امن ۽ سڪون سان رهيو. يوسف مير ديندار خان جي بيان ۾ لکيو آهي ته: ”هن جي نيڪين ڪري وڳوڙين آخر نرمي اختيار ڪئي ۽ سندس جاگير مان فساد وغيره گھٽجي ويا. مغل ڪارندن جي ظلم، نا انصافي ۽ دولت ميڙڻ جي هٻڇ ڪري 1659 ع (70-1069 هجري) ۾ ۽ 1683ع (95-1094 هجري) ۾ وڏو ڏڪار پيو، جنهن ۾ بک ۽ افلاس ڪري هزارين سنڌي مفلسي ۽ بيڪسي واري حالت ۾ فوت ٿي ويا.
[b]شاهه عنايت لانگاهه جي شهادت:
[/b]سنڌ جي تاريخ نامياري گوهرن جي ذڪر سان ڀري پئي آهي، جن غير ملڪي تسلط، ڌارئي جي ڌوڪ، معاشرتي استحصال ۽ ظالمن جي ظلم خلاف آواز پئي اٿاريو آهي. سنڌي هر ظلم ۽ زيادتي خلاف وڙهندا آيا آهن، انهن مان شاهه عنايت شهيد لانگاهه به هڪ آهي.
مقالات الشعرا ۾ صوفي عنايت جو خانداني سلسلو هيئن لکيل آهي: ”شاهه عنايت پٽ مخدوم فضل الله پٽ ملا يوسف، پٽ شهاب الدين، پٽ مخدوم صدور (صدورو لانگاهه). تحفة الڪرام موجب صوفي شاهه عنايت ولد مخدوم فضل، ولد ملا يوسف، ولد شهاب الدين، ولد ملا آجب (هن کي رجب ڪري لکيو اٿن، پر جڏهن اسان وٽ نالو آجب موجود آهي ته ان کي رجب ڇو سمجھڻ گھرجي. ولد مدو (مدورو) لانگاهه، شاهه عنايت جا وڏا پير پزرگ ۽ الله لوڪ ماڻهو هئا.
شاهه عنايت شهيد ان دؤر ۾ اک کولي جڏهن سنڌ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئي ۽ غلام سنڌين جي حالت پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ گھڻو ڪجھه محسوس ڪيو، جنهن جو اظهار ان جھوڪ تحريڪ جي شڪل ۾ ڪيو.
سنڌي هڪ جاگيرداري نظام ۾ پيڙهجي رهيا هئا ۽ انهن وٽ جو ڪجھه هو، اهو پرائو هو ۽ سندن زندگي ٻين جي رحم و ڪرم ٿي هئي مغل ڪارندن ۽ جاگيردارن پنهنجي ڀڀن کي ڀرڻ لاءِ سنڌي عوام کي گھاڻي ۾ پيڙهيو پئي، جنهن ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجا به شامل ٿي ويا هئا.
شاهه عنايت جي وقت جي حالتن جو تجزيو ڪندي سبط حسن لکيو آهي ته: ”جڏهن مغل حڪومت جو سج تڪڙو تڪڙو لهڻ تي هو ته سڄي ملڪ ۾ افراتفري ڦهلجي ويئي ۽ هڪ ٻئي جي خلاف سازشن جي وٺ پڪڙ شروع ٿي ويئي. انهيءَ حالت ۾ سنڌ جهڙي ڏورانهين علائقي جي ڳڻتي ڪنهن کي هوندي، صوبي جو انتظام درهم برهم ٿي ويو ۽ جاگيردارن جو مڪو مچي ويو ۽ هر طرف ڦرلٽ جي بازار لڳي ويئي. “
هو سنڌ جي حالتن جو اڀياس ڪندي لکي ٿو ته: جيئن ته سرڪاري عهدا مورثي نه هوندا هئا، ان ڪري جاگير به مورثي نه هئي. منصب دار جي بدلي لاءِ به ڪي قاعدا ۽ قانون نه هئا. پر هو بادشاهه جي مرضي تي منحصر هو، جنهن ڪري عهديدارن کي ڪابه خبر نه هوندي هئي ته هو ڪڏهن ۽ ڪٿي بدلي ڪيا ٿا وڃن يا مورڳو برطرف ٿين ٿا. هو انهيءَ ڪري غير يقيني واري صورتحال ۾ رهندا هئا. تنهن ڪري جاگير دار جيترو ٿوري وقت ۾ گھڻو حاصل ڪري سگھجي جي اصول تي دولت ميڙڻ لڳندا هئا. هو پنهنجي جاگيرون ٺيڪي تي ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ ان جي رقم اڳواٽ وصول ڪندا هئا.
سبط حسن شاهه عنايت جي تحريڪ تي تحقيق ڪندي لکيو آهي ته: ”شاهه جهان جي ڏينهن ۾ حالت اها اچي ٿي جو زمين جو سودي تي وڃڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو به وڌيڪ رقم آڇيندو هو ته مقرر ڪيل ٺيڪيدار بي دخل ٿي ويندو هو ۽ زمين نئين ٺيڪيدار کي ڏني ويندي هئي. ان بد عهدي جو نه داد هو نه فريا، هو، تحقيق سان لکي ٿو ته سنڌ ۾ جاگيرن جي انتظام ۾ مقامي ماڻهن کي شريڪ نه ڪيو ويندو هو.
سنڌين سان معاشرتي ۽ سماجي طور ٻه اکيائي وارو برتاءُ هو ۽ کين ٽئين درجي جي شهري جي حيثيت به ڪونه هئي. انهيءَ ڪري مغل دؤر ۾ سنڌي هر وقت پنهنجي آزادي لاءِ تڙپندا ۽ وڙهندا رهيا. سبط حسن ان جو سبب هن ريت بيان ڪيو آهي ته: ”هباري، قريشي، ارغون، ترخان، جيتوڻيڪ ٻاهران آيا هئا پر انهن سنڌ ۾ دائمي رهائش اختيار ڪئي هئي، شاديون وغيره مقامي ماڻهن مان ڪيون ۽ انهن سان رلي ملي ويا هئا. (ظلم ڪندي جڏهن ٿڪجي پيا ته ٻي واهه نه ڏسي، سنڌين سان مٽيون ڪري پنهنجا بقا کي سالم رکڻ لاءِ اهو حربو به استعمال ڪيو) ان جي ابتڙ مغلن جي وقت ۾ سنڌ جي حيثيت بلڪل مفتوح علائقي جهڙي هئي.“
بهر صورت سبط حسن جي خيال موجب شاهه عنايت الله شهيد جي تحريڪ فيوڊل ازم جي خلاف هئي، جنهن ڪري مقامي سنڌي هارين تر جي زميندارن خلاف هن جو ساٿ ڏنو ۽ گڏيل هارپ جي نظام تحت هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي رهيا.
هن نظام ڪري جاگيردار جيڪو هارين کي محصول ، ڍل، بيگر ۽ شاهي حڪمن موجب سڀ ڪجھه ڦري ويندو هو ۽ هو پڇاڙي ۾ کائڻ جيتري ان ڪڻن کان به محروم ٿي ويندو هو ۽ سڄو سال اميد ۽ آسري گذر ٿيندو هو، پر ان جي ابتڙ شاهه عنايت فيوڊل ازم جي جاءِ تي پراڻي گڏيل سنڌي نظام کي رائج ڪيو، جنهن موجب زمين جو هاري، گڏيل شراڪت دار هو، جنهن ڪري اتان جي مقامي هارن کي پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ نظر آيو ۽ اهو جوق در جوق شاهه عنايت جي حلقي ۾ داخل ٿيندا ويا ۽ آخر ان جو اثر پاڙي وارن زميندارن تي پيو، جنهن ڪري اتان جي زميندارن نور محمد پليجي، حمل جت ۽ پير عبدالواسع جنهن جي پيري مريدي سان گڏ مذهب جي آڙ ۾ مليل زمينون به برباد ٿيڻ لڳيون. انهن ٺٽي جي حاڪم لطف علي کي ان اٿندڙ طوفان کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي بربادي جو ذڪر ڪيو.
لطف علي خان بنا ڪنهن جانچ جي وڏيرن ۽ پير کي اجازت ڏني ته انهن کي جيئن وڻي، تيئن ڪري شاهه عنايت جي وڌندڙ اثر و رسوخ کي روڪن ۽ ختم ڪن.
وڏيرن ۽ پيرن پاڻ ۾ گڏجي صوفي شاهه عنايت لانگاهه جي خانقاهه تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترا صوفي فقير ۽ درويش اوچتي حملي ۾ مارجي ويا.
انهيءَ قتل جي خلاف مقتولن جا وارث بادشاهه وٽ فريادي ٿيا، جنهن سندن جو داد ڪندي، قاتلن جو زمينون شهيد درويشن جي پوئين کي ڏياريون.
جيئن ته مغل ڪارندن پنهنجي پورائي لاءِ سنڌي هارين تي طرحين طرحين جا ظلم ڪيا، جنهن ڪري ڪيترا غريب ۽ عام ماڻهو، انهن مان تنگ ٿي شاهه عنايت وٽ اچي پناهه ورتي.
سبط حسن شاهه عنايت جي تحريڪ کي هاري تحريڪ جو نالو ڏيندو لکيو آهي ته اها سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي شروع ٿي ويئي ۽ صوفي جي پٺ ڀرائي ڪري ماڻهن ۾ ايتري طاقت اچي ويئي هئي جو زميندار هاڻي انهن تي هٿ کڻڻ جي همت به نه پئي ڪري سگھيا. اهڙي طرح صوفي جي پوئلڳن جو تعداد روز بروز وڌندو ويو ۽ جھوڪ جي طاقت ۾ واڌارو ايندو ويو.
سنه 1128 هجري مطابق 1716ع ۾ نواب اعظم خان ٺٽي جو صوبيدار ٿي آيو ته صوفي جي دشمنن وري سازشي ڄار وڇائڻ شروع ڪيو ۽ نواب اعظم کي هن جي خلاف ڪري ڇڏيو.
نواب اعظم خان پاڻ به صوفي شاهه عنايت ڏانن ذاتي رنجش رکندو هو، ڇاڪاڻ ته هڪ دفعي هو ساڻس ملڻ لاءِ آيو ته فقيرن کيس جھليو ۽ ٻڌايو ته صوفي صاحب ورد وظيفي ۾ مشعول آهي، جنهن ڪري اوهان کي انتظار ڪرڻو پوندو، پر جڏهن صوفي سان ملاقات ٿي ته کيس شڪايت ڪندي چيائين ته: ”درويش جي دروازي تي دربان ٺيڪ نه ٿا لڳن.“ چون ٿا ته صوفي ان جو جواب ڏنو ته: ”ٺيڪ آهي، پر اهو به ضروري آهي ته جيئن دنيا جا ڪتا اندر اچي نه وڃن.“ اعظم خان ان جواب تي ڪاوڙيو هو ۽ پنهنجي بي عزتي محسوس ڪيائين. ان ڪري صوفي جي خلاف ٿيندڙ سازش ۾ شريڪ ٿي ويو.
هن صوفي جي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ شروع ڪئي. سڀ کان پهريان اهو قدم کنيائين جو جھوڪ جي خانقاهه سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جي اڳ معاف ٿي چڪيون هيون، نئين سر مڙهي، اڳاڙڻ چاهيو، جنهن جي ڏيڻ کان صوفي عنايت انڪار ڪيو ۽ چيائين ته: ”اهو سراسر ظلم آهي، جڏهن اهي ڍلون بادشاهه طرفان معاف ٿيل آهن ته پوءِ انهن جي اڳاڙي جو اوهان کي ڪهڙو حق آهي؟“
نواب اعظم جيڪو صوفي جو دشمن بڻجي چڪو هو، تنهن بادشاهه کي لکي موڪليو ته صوفي شاهه عنايت حڪومت سان بغاوت ڪرڻ جا سانڀاها ڪري رهيو آهي ۽ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ڇڏيو اٿئين، جنهن جي زور تي سرڪاري محصول ۽ ڍل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
فرخ سير حڪم جاري ڪيو ته سنڌي باغين کي هڪدم ڪچليو وڃي، بقول مقالات الشعرا ”اعظم خان ميان يار محمد خان ۽ سڀني زميندارن توڙي سنڌ جي انهن سڀني ماڻهن ڏانهن مدد ڪرڻ جو حڪم ورتو، جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا ۽ جن کي اڳ ئي فقيرن سان ڪينو هو. ائين هڪ وڏي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيائن، جنهن جو شمار ئي نه ٿو ڪري سگھجي، ماڪوڙين ۽ مڪڙن کان به زيادهه هئي، سبي ڍاڍر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين سڀ سرڪاري عملدار هن ۾ شامل هئا.
صوفي شاهه عنايت امن پسند بزرگ هو، هن کي جڏهن زميندران جي مخالفت ۽ اعظم خان جي جنگي تيارين جي خبر پئي ته هو ڏاڍو ڏکي ٿيو.
جڏهن دشمن جي فوج جھوڪ طرف وڌي ته فقيرن کيس راءِ ڏني ته ڇو نه اسان اڳتي وڌي انهن جي راهه روڪيون پر هن درويش کين ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي.
جھوڪ فقيرن جي امن واري وسندي هئي، جنهن ڪري انهن وٽ فوج کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوبه هٿيار نه هو ۽ دشمن فوج وٽ ان وقت جا جديد هٿيار موجود هئا.
شاهي لشڪر 12 آڪٽوبر 1717ع ۾ چار ڏينهن اڳ ڪوچ ڪري جھوڪ پهتو ۽ هڪ ميل پري کپ کوڙي ويهي رهيو. مقالات الشعرا جي موجب 18 ذي القعد 1129 هجري مطابق 31 آڪٽوبر 1717ع تي جنگ جو آغاز ٿيو ۽ درويش دشمن فوج تي راتاهو هڻندا رهيا، جنهن ۾ انهن جو ڪافي لشڪر مارجي ويو. بقول مير علي شير قانع ”گھيري ڪندڙن جي فوج ذري گھٽ ناس ٿي وڃڻ کي ويجھي پهتي هئي.“
ميان يار محمد هڪ خط ۾ فقيرن جي راتاهي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته: ”آءٌ نواب اعظم ٿل درياءُ مان اڪري جھوڪ پهتاسين ته قلعي جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽيل هئي. ان ڪري لشڪر کي جھوڪ کان اڌ ڪوهه پري رهايو ويو. 17 ذي القعد تي سوارن ۽ پيادن سان کاهي، قلعي ۽ پسگردائي جو چڪر لڳايو. شاهه عنايت کي مقابلي جي همت نه هئي، ٻئي ڏينهن آچر جي رات جو صبح ٿيڻ ۾ اڇا پهر کن هو ته شاهه عنايت جي فوج جا هڪ هزار سترهن پيادا ڇاپي هڻڻ جي خيال سان آيا. اسان جي لشڪر جا به ڪجھه ماڻهو مارجي ويا، ليڪن بهادرن فسادين کي تلوارون سان کڻي ڏنو ته تمام ٿورا ماڻهو پنهنجي جان بچائي سگھيا.
صوفي عنايت درويشن کي هدايت ڪئي هئي ته هو راتاهي مهل نعرو بلڪل نه هڻن پر هڪ دفعي ڪنهن فقير جو پير ڪاٺي سان ٽڪرائجي ويو ته هن کان بي اختيار اسم ذات (الله تعاليٰ) جو نعرو بلند ٿي ويو، جنهن تي ٻين فقيرن عام دستور موجب هن جي تقليد ۾ نعرا هنيا.
گھيري کي ٻه مهينا گذري ويا، پر دشمن کان جھوڪ فتح ٿي نه سگھيو، جنهن ڪري نواب اعظم خان جي مدد لاءِ ٻاهران فوج ايندي رهي.
صوفي شاهه عنايت جي حق گوئي ۽ لٽيرن جي فوج ۾ ائين چڪريون هلنديون رهيون، نيٺ جڏهن صوفيءَ کي شڪست ڏيڻ جو امڪان ختم ٿي ويو ته انهن پهرين جنوري 1718ع تي صوفي شاهه عنايت سان ملي ٺاهه جون تجويزون رکيون. ميان خدايار خان جي پٽ محمد خان ۽ مير شهداد بلوچ قرآن مجيد تي هٿ رکي عهد ڪيو ته فقيرن جي جان ۽ مال کي ڪوبه نقصان نه رسندو.
صوفي کي ڪن فقيرن ٻڌايو ته اهو اسان سان ڌوکو ڪيو پيو وڃي پر صوفي صاف چئي ڏنو ته: ”ان جو قرآن پاڪ تي ايمان آهي ۽ هو ان تي اعتماد ڪري ٿو.“ ان کان پوءِ جھوڪ جي قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ صوفي شاهه عنايت کي عزت و احترام سان نواب اعظم خان وٽ وٺي ويا، جنهن پهچندي کيس قيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جھوڪ ۾ قتل عام جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ نواب اعظم خان، سنڌ ڌرتي جي سپوت شاهه عنايت الله لانگاهه کي 15 صفر 1130 هجري مطابق 7 جنوري 1718ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو.
صوفي شاهه عنايت غيرن ۽ پنهنجن هٿان شهيد ٿي ويو. بيشمار فقير مارجي ويا، تڏهن به مغل ڪارندن کي انهن جو خوف رهندو هو، نواب اعظم خان پڙهو گھمرائي ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به زبان مان لفظ الله وڏي آواز سان نڪري ته ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو وڃي. مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”سبحان الله،ڇا ته خدا جي خدائي آهي جو خود سندس نالي کڻندي ئي سر ڪاٽيا وڃن ٿا.“ ڇا اهڙن کي مسلمان چئجي جن الله تعالى جي نالي وٺڻ تي بندش وجھي ڇڏي.
اڄ نه اهي ظالم مغل حڪمران رهيا آهن ۽ نه وري سندن اولاد جي خبر پوي ٿي. چون ٿا ته ڪراچي شهر ۾ هڪ فقير دعوى ڪندو هو ته هو مغل حڪمران خاندان جو چشم و چراغ آهي. اهو خدا جو ڏمر آهي ته هڪ ظالم مٿان پيو ظالم موڪلي ٿو جيڪو ظالم جي ظلم جو حساب وٺي ٿو. ان ڪري ته ظلم سهندڙ رهي ٿو ۽ ظالم ختم ٿي وڃي ٿو. هميشه ان ويڙهه ۾ فتح مظلوم جي ٿيندي آئي آهي. حڪمراني به ظلم ۽ ڏاڍ تي قائم رهي آهي، جنهن ڪري ڪنهن به خاندان جو اقتدار اڄ تائين قائم رهي نه سگھيو آهي. هڪ حڪمران کان ٻي حڪمران ملڪ حملو ڪري کسيو آهي، غلام پنهنجي آقا کي ماري پوءِ اقتدار ماڻيو آهي، اهڙي طرح اهو به ڪنهن سازش جو شڪار ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته سنڌ، هند، ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ اڄ تائين هڪ ئي خاندان جي بادشاهت يا حڪمراني رهندي اچي ها. محلاتي سازش ذريعي ٿيندڙ حڪمران، اهڙي طريقي سان ختم به ٿي ويا آهن. اهڙن وٽ انسان ۽ وطن جو ڪوبه قدر نه رهندو آهي. اهي ظلم ڪري پنهنجي حڪمراني برقرار رکي سگھيا هئا. ظلم ظلم آهي، جڏهن وڌندو آهي ته ختم ٿي ويندو آهي، هميشه ظالم جي مقابلي ۾ مظلوم وڌيڪ دلير ۽ بهادر هوندو آهي ۽ اهو ئي سوڀارو هوندو آهي.