شاهه بيگ ارغون جو سنڌ تي حملو
سنڌ جي خوشحالي ۽ شاهوڪاري اڃا عروج تي ئي ڪونه پهتي هئي ته، سمن سلاطين جي پوئين دؤر ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي کان پوءِ سنڌ هڪ وڏي عذاب هيٺ اچي ويئي، جنهن جو تدارڪ اڄ تائين نه ٿي سگھيو آهي.
ڄام نظام الدين 866 هجري مطابق 1461ع ۾ ڄام رائڏني سنجر کان پوءِ سنڌ سلطنت جي گادي تي ويٺو. (مختلف تاريخ نويسن جي مطابق ڄام سڪندر جي وفات 6 جمادي الاول 858 هجري کان پوءِ رائڏنو سنڌ جو حڪمران ٿيو، جنهن کان ڄام سنجر تخت تي ويٺو، جنهن پڻ اٺ سال حڪومت ڪئي پر منهنجي تحقيق موجب ڄام رائڏنو ۽ سنجر حقيقت م هڪ شخص جا نالا هئا (جنهن لاءِ ڏسو مفصل تاريخ سنڌ اياز ڀاڳت)
هن بکر پرڳڻي جي سنڌي جوڌن سان صلح جو ٺاهه ڪري سمه سلطنت جي گھرو ويڙهه جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ کي هڪ مثالي ملڪ بڻائي ڇڏيو. معصومي وارو هن جي ديني ڪار نامن جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته: ”هن جي وقت ۾ سنت نبوي جي ايتري پيروي ٿي جو ان تصور به نه ٿو ڪري سگھجي. مسجدن ۾ باجماعت نمازن پڙهڻ جو رواج پئجي ويو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کان با جماعت نماز پڙهڻ گسي ويندي هئي ته اهو نمازي پريشان ۽ پيشمان هوندو هو ۽ ٻئي ڏينهن استغفار پڙهندو هو.
اهڙي مسلمان حاڪم جي وقت ۾ قنڌار جي مسلمان حاڪم سنڌ ۾ بد نظر وڌي ۽ ان جي امن ۽ سڪون کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ ڄام نظام الدين هر هفتي طبيلن ۾ وڃي گھوڙن تي هٿ ڦيرائي چوندو هو ته: ”اي بختاورئو اوهان تي جهاد کان سواءِ سواري ڪرڻ نه ٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان مسلمان حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کان سواءِ ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو به هتي (ڪاهي) اچي، متان مسلمانن جو خون بنا ڏوهه جي وهي ۽ رب سائين وٽ شرمندو ٿيان.“
اهڙي نيڪ ۽ باهمت سنڌي حڪمران جي پوئين ڏينهن ۾ قنڌار جي مسلمان حاڪم شاهه بيگ ارغون سنڌ تي چڙاهي ڪئي. هن ظالم جي نظر ۾ هڪ مسلمان کي ٻئي مسلمان جو خون وهائڻ جائز هو. هنن وحشين جنهن نموني سنڌ ۾ درندگي ڪئي، اهو تاريخ جو هڪ مثال بڻجي ويو آهي. هنن سنڌو کي سنڌين جي ريٽي رت سان لال ڪري ”خرابئي سنڌ“ جو بنياد وڌو.
شاهه بيگ جو پيءُ امير ذو النون هرات جي بادشاهه مرزا سلطان حسن جو سپهه سالار ۽ سندس پٽ بديع الزمان جو اتاليف هو ۽ کيس قنڌار جي حاڪميت مليل هئي. هو اوزبڪ سردار محمد خان شيباني هٿان 913 هجري مطابق 1507ع ۾ مارجي ويو. تنهن کان پوءِ شاهه بيگ ارغون قنڌار جو حاڪم ٿيو.
شاهه بيگ ارغون سنڌ تي پهرين چڙاهي ڪڏهن ڪئي، تنهن بابت تاريخ نويسن جو اختلاف آهي. تاريخ فرشته جو مصنف محمد قاسم لکي ٿو ته هن پهريون حملو پيءُ جي جيئري سنڌ تي ڪيو ۽ سبيءَ کي فتح ڪيو هو. تاريخ معصومي جي لکت موجب هن پنهنجي پيءُ جي مرڻ يعني 913 هجري ۾ سنڌ تي ٻيهر ڪاهي آيو ۽ ڦرلٽ ڪندو لاڙڪاڻي تائين اچي پهتو ۽ 923 هجري کان پوءِ سنڌ ان شر کان بچي نه سگھي.
تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ جي لشڪر قنڌار کان اچي اڪڙي لاڙڪاڻي (چانڊوڪي) سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇي جي ڳوٺن کي ڦريو. دريا خان سندن سبيءَ تائين پيڇو ڪيو ۽ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ابو محمد مرزا کي ماري قنڌاري لشڪر کي ڀڄائي ڇڏيو. هن وري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به سنڌ جو رخ نه ڪيو. شاهه بيگ ارغون 913 هجري مطابق 1507ع ۾ قنڌار جو حاڪم بڻيو. انهيءَ سان بابر قنڌار تي حملو ڪري ساهه بيگ ارغون ۽ محمد مقيم کي اتان ڀڄائي ڇڏيو. جن قنڌار ٻيهر حاصل ڪري بابر جي نائب مرزا ناصرالدين کي اتان ڪڍي ڇڏيو.
شاهه اسماعيل 915 هجري مطابق 1509ع ۾ خراسان تي حملو ڪيو. محمد خان شيباني شاهه اسماعيل سان مقابلي کي جاري رکيو، جنهن جي نتيجي ۾ 917 هجري ۾ محمد خان شيباني قتل ٿي ويو ۽ اوزبڪن جي شڪست کان پوءِ خراسان تي قابض ٿي ويو.
انهيءَ زماني ۾ ٻه قوتون اڀري رهيون هيون. هڪ طرف بابر پنهنجي قوت کي وڌائڻ لاءِ مختلف علائقن کي زير ڪرڻ لاءِ جنگين ۾ رڌل هو ته ٻي طرف شاهه اسماعيل صفوي اوزبڪن کي شڪست ڏيئي طاقتور بڻجي چڪو هو. هڪ طرف ڪابل جي حڪومت جي زور آوري هئي ته ٻي طرف خراسان جي حڪمران جي من مستي.
شاهه بيگ ارغون ٻن طاقتن جي وچ ۾ هو. جنهن ڪري کيس اچي خوف ورايو ۽ اهو يقين ٿي ويس ته هو ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ رهي نه سگھندو، تنهن ڪري هن پنهنجي حڪومت ڪنهن ٻئي هنڌ قائم ڪرڻ گھري يعني ڪنهن ٻئي علائقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ نظرون وڌيون. ڇاڪاڻ ته هن 890 هجري (1485ع) ۾ سبي تي قبضو ڪري، سنڌ ڏٺي هئي، جتان جا رهواسي پاڪ دامن، سچا مسلمان ۽ پر امن شهري هئا. جن کي زير ڪرڻ نهايت آسان هو.
انهيءَ نيت سان 916 هجري مطابق 1510 ع ۾ قنڌار کان ڪوئيٽيا پهتو، جنهن تي اڳ ۾ قبضو ڪري چڪو هو، اتان هي لشڪر جڏهن سبي پهتو ته سمه حڪومت جي نائب بهادر خان ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو، پر سنڌي جيڪي ڪنهن اڳرائي خلاف هئا، تن مزاحمتي جنگ ۾ اڻ پوري تياري ڪري، شڪست کاڌي ۽ سبي تي قنڌار وارن جو قبضو ٿي ويو. هن سبي کي پنهنجي ننڍي ڀاءُ سلطان محمد خان جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ اتان کان پنجاهه ميل ڏکڻ طرف فتح پور جي قلعي تي حمله آور ٿيو، جنهن ۾ سنڌين ساڻس مڙسي ۽ حب الوطني جي جذبي سان مهن ڏنو پر فتح وري به ڌارين کي ٿي ۽ هزارين سنڌي پنهنجي سر زمين جو دفاع ڪندي قربان ٿي ويا.
فتح پور جي قبضي کان پوءِ شاهه بيگ ارغون سبي واپس وريو ته جيئن هو سنڌين سان وڌيڪ جنگين جوٽڻ لاءِ تياري ڪري سگھي. ڇو ته کيس اها خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌ ۾ باقاعده فوج نه هوندي به سنڌي جنهن انداز ۽ جوش سان وڙهن ٿا، اهو ڪنهن به غيرت مند ۽ جنگ جو قوم کان گھٽ ڪونهن، تنهن ڪري هن حملن کي جاري رکڻ لاءِ مناسب بدوبست ڪرڻ ضروري سمجھيو، جيئن هو سنڌين کي ماري مات ڪري سگھي.
ڄام نندي کي شاهه بيگ جي انهيءَ ارهه زورائي بغير اعلان جنگ ۽ چورن وانگر سنڌ ۾ گھڙي اچڻ تي ڏاڍي مٺيان لڳي. هن انهن سنڌ دشمن کي سبق سيکارڻ واسطي قبوليو خان عرف دريا خان ۽ اعظم کي حڪم ڪيو ته انهن شيطانن کي سنڌ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍن ۽ ڌرتي ماءُ جي لڄ رکڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏين.
دريا خان جيڪو قبوليو قبيلي مان هو ۽ ڄام جي وزير لکدير جو غلام هو، هڪ دفعي ڄام نندو شڪار تي ويو ۽ سخت گرمي هئڻ سبب کيس اڃ لڳي ته پاڻي طلب ڪيو، جنهن ۾ دريا خان ڪک وجھي ڏنا. جنهن تي ڄام جواب طلبي ڪئي ته ڇا هن پاڻي ۾ ڪک ڪونه ڏٺا هئا. جنهن تي هن قبوليو ته گذارش ڪئي ته سائين مون ڄاڻي واڻي ائين ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته سائين جن سخت گرمي ۾ آيا هئا ۽ پاڻي گھر ڪئي هئي، جيڪڏهن اوهان کي صاف پاڻي آڻي ڏيان ها ته اوهان ڇوهه ۾ اهو پي وڃو ها، اوهان پاڻ ۾ ڪک ڏسي يقينن اهو هاريو ها ۽ ٻيهر پاڻي جي طلب ڪريو، جيستائين پاڻي کڻي اچان ها تيستائين اوهان جي جسم مان گرمي خارج ٿي وڃي ها ۽ پوءِ اوهان کي ڪوبه نقصان نه پهچي ها. ! !
ڄام نندو هن جي قعلمندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لکدير کان ان جي ٻانهن گھري ۽ کيس ان زماني جي اعلى تعليم ڏيارڻ لاءِ قابل استادن کي مقرر ڪيو، هي ڄام جي وزير اعظم دلشاد کان به وڌيڪ حيثيت رکندو هو ڇاڪاڻ ته ڄام کيس پٽيلي جو درجو ڏيئي ڇڏيو هو.
دريا خان نهايت بهادر ۽ بهترين سپهه سالار هو، هي ٺٽي کان فوج ساڻ ڪري پنهنجي جاگير مانجھند پهتو، جتان چونڊ ماڻهو منتخب ڪري لاڙڪاڻي آيو، جتان جي زميندارن ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي حڪم ڪيو ته هو سنڌ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ ان وقت جي قانون يا دستور موجب مقرر تعداد ۾ فوج لاءِ سپاهي فراهم ڪري ڏين.
لاڙڪاڻي جي رهواسين جهڙوڪ ابڙا، ماڇي، سانگي، چنه لاکا، مهاڻا وغيره جي چڱن مڙسن ۽ وڏيرن دريا خان کي سنڌي سوڍن جو هڪ چونڊ لشڪر تيار ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڪاڇي جو وڏيرو سريمڻ پاڻ به شامل هو ۽ دريا خان کي چيائين ته سنڌ ڌرتي جي آزادي لاءِ وڙهڻ ان تي فرض آهي ۽ ماءُ ڌرتي تي ڌارين جي پير رکڻ خلاف جان ۽ مال به قربان ڪنداسين“
دريا خان سريمڻ جي حب الوطني ۽ قومي غيرت کان متاثر ٿي کيس سنڌي لشڪر جي هڪ جٿي جي ڪمان ڏني.
سنڌي جوڌن جو هي لشڪر جيڪو ڏهه هزار سپاهين تي مشتمل هو، تنهن پهريان فتح پور کي ڌارين کان آزاد ڪرايو ۽ قنڌار جي ڌاڙيلن کي سيکيت ڏيڻ لاءِ سبي ويو، جتي شاهه بيگ جو ڀاءُ سلطان محمد خان قبضو ڪيوويٺو هو جڏهن کيس سنڌي جوڌن جي جوان مردي قومي غيرت ۽ حب الوطني جي خبر پئي ته پاڻ سبي جي قلعي ۾ بند ٿي ويهي رهيو. سنڌ جي سورمن ۽ قنڌار جي قهارن جون پاڻ ۾ چڪريون شروع ٿي ويون. جنهن مان ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. اها حالت ڏسي سنڌي فوج جي سپهه سالار دريا خان هڪ پر جوش تقرير ڪئي ۽ سنڌ ڌرتي جي حصي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪن جنگ جو اعلان ڪيو، جنهن کان پوءِ سنڌين ڇتي ويڙهه وڙهي، جيڪا صبح کان وٺي ٽيپهري تائين جاري رهي. جنهن ۾ سنڌ جو غاصب سلطان محمد خان مارجي ويو ۽ قنڌار جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو، جن جو سنڌين گھاٽن ۽ لڪن تائين پيڇو ڪيو، سبي هڪ سال غيرن جي قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ آزاد ٿي.
انهيءَ لڙائي ۾ سريمڻ جي سورهيائي ۽ مڙسي سان جنگ ۾ حصي وٺڻ ڪري دريا خان جي سفارش تي ڄام نندي کيس لاڙڪاڻي ۾ ڪاڇي طرف انعام ۾ جاگير ڏني ۽ سندس ان جٿي کي هميشه ان جي ڪمان ۾ ڏيندي کيس وڏيري جو لقب عطا ڪيو. جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ ان جي وڏيرائپ قائم ٿي ۽ کيس جاگير به ملي. ڪن عالمن هن کي غير سنڌي ثابت ڪرڻ لاءِ هاڻي سليمان ۽ سليماڻ لکڻ شروع ڪيو آهي، پر سريمڻ نالي سان اهو واضع آهي ته اهو قديم سنڌي ٻوليءَ جو قديم سنڌي نالو آهي، جيڪو ڪنهن به غير سنڌي يا عرب جو نه ٿو ٿي سگهي.
جيئن ته شاهه بيگ جي ٻنهي پاسي زور آور طاقتون هيون، جن سان منهن ڏيڻ جي وٽس سگھه ڪونه هئي، جنهن ڪري هن سنڌ ۾ نظرون وڌيون هيون، جيستائين هو سنڌ کي هڙپڪري سگھي تيستائين هن بابر ۽ شاهه اسماعيل کي راضي رکڻ لاءِ قاضي ابو الحسن ۽ مولانا يار علي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي بابر ڏانهن ڪابل روانو ڪيو ۽ پاڻ درميش خان جي معرفت شاهه اسماعيل وٽ پيش پيو، جنهن پهريان هن تي اعتبار ڪيو پر درميش خان جي وڃڻ کان پوءِ کيس ظفر قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. جتان 917 هجري مطابق 1511ع ۾ ٽن مهينن کانن پوءِ سندس غلام نالي مهتر جي چالاڪي سان جيل مان ڀڄي ٻاهر نڪتو،
جيئن ته هن پنهنجي جياپي لاءِ سنڌ جي سر زمين کي هٿ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري هن مرزا عيسى خان ترخان هٿ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري سبي تي قبضو ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو.
دريا خان جنهن سنڌ جي سرحدن جي حفاظت جو ذمو کنيو هو، تنهن قنڌاري لشڪر جا لنگھه جھليا، ڌرتي ڌڻين ۽ ڦورن جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي. جيئن ته قنڌار جو لشڪر اوچتو اچي ڪڙڪيو هو ۽ سنڌي بي خبر هئا، جنهن ڪري هو لشڪر تيار نه ڪري سگھيا ۽ جيڪي جٿا موجود هئا، اهي وڏي ڪٽڪ سان منهن ڏيڻ جي سگھه نه پيا رکي سگھن، تنهن ڪري سنڌي لشڪر سنڌ دشمن هٿان مات کاڌي ۽ سنڌي فوج جو سپهه سالار دولهه دريا خان پاڻ وڙهندي سخت زخمي ٿي پيو ۽ سنڌي لشڪر وڌيڪ تيارين لاءِ واپس بکر آيو. اهڙي طرح شاهه بيگ جي فوج 20 هجري مطابق 1514 ع ۾ ٻيهر سبي تائين پهچي ويئي. تنهن کان پوءِ سنڌ انهن شيطانن جي شر کان بچي نه سگھي ۽ هو سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري سنڌ جي معيشيت کي هڪ وڏو نقصان پهتو. دريا خان جي شڪست کان پوءِ انهن جا حوصله وڌي ويا ۽ پوري سنڌ کي هڙپ ڪرڻ جا پهه پچايا ۽ سندن نظرون ٺٽي جي گادي تي هيون. اهي ارادا، ايستائين ڪامياب نه ٿي سگھيا، جيستائين ڄام نظام الدين زنده هو.
شاهه بيگ ارغون ،مرزا عيسى خان ترخان کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ جي ٻين شهرن ۽ علائقن تي حملا ڪندو رهي. انهيءَ مارا ماري ڪري هو 17 ذيقعد 921 هجري تائين لاڙڪاڻي ۽ دادو تائين ڦرلٽ ڪئي، سنڌي جوڌن سندن مقابلو ڪيو پر هي خوني لشڪر بي گناهه سنڌين ، ننڍن وڏن ۽ عورتن جو لحاظ ڪئي بغير پنهنجي درندگي جو مظاهرو ڪيو. جنهن ڪري هاري ناري، پنهنجي عزت ۽ غيرت بچائڻ لاءِ ڪاڇي جي جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي.
هن خونخوار لشڪر سان سنڌي وڙهندا رهيا ۽ سنڌ تان پنهنجي جان قربان ڪري امر ۽ شهيد ٿي ويا. مرزا عيسى خان ترخان جو وحشي لشڪر هڪ هفتي تائين لٽ مار ڪري سبي واپس هليو ويو. هن رڳو نارن تي وهندڙ هڪ هزار اٺ ڦريا ۽ لاتعداد ڍور ڍڳا سنڌين کان کسي ۽ چوري قنڌارن لاءِ کڻي ويو.
دريا خان جيڪو سبي مان ڌارين هٿان مات کائي، انهن کان وير وٺڻ لاءِ بکر آيو هو، تنهن سنڌکي ڦورن کان بچائڻ لاءِ هڪ نئون لشڪر تيار ڪري 922 هجري مطابق 1516ع ۾ سبي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪاهي ويو. ارغون جن کي بابر قنڌار مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو هو، تن قنڌار بدران سبي کي پنهنجيو مرڪز بڻايو هو، تن پنهنجي بقا لاءِ جان جي بازي لڳائي ۽ سنڌي لشڪر کي سبي تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌي سندن پير کوڙن نه پيا ڏين ۽ ٻي طرف بابر انهن لاءِ موچڙ ا پسايو ويٺو هو. دريا خان سنڌ مٿان نازل ٿيل هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺٽي واپس وريو.
بابر 24 فيبروري 1853ع ۾ ڄائو هو ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ عمر شيخ جي وفات کان پوءِ فرغانه جي گادي تي ويٺو. جنهن عروج ۽ زوال ڏسي هندستان ۾ مغل بادشاهت جو بنياد وڌو، تنهن قنڌار کي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري هي ارغون شيطان سنڌ ۾ گھڙي پيا هئا. بابر مغل قنڌار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽي دفعه ڪاهه ڪئي، جنهن کان پوءِ 922 هجري مطابق 1516ع ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ جي ڪجھه حصي کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ شيخ ابو سعيد پوراني جي معرفت بابر سان ٺاهه ڪيو ته هو هڪ سال کان پوءِ قنڌار ان جي حوالي ڪندو، هن اها مهلت ان ڪري گھري ته جيئن هو پنهنجا پير سنڌ ۾ مظبوط ڪري سگھي، آّخر 923 هجري مطابق 1517ع ۾ قنڌار بابر جي حوالي ٿيو. ان بابت بابر نامي ۾ لکيل آهي ته: ”هو نهايت بيهودا هئا، جنهن ڪري انهن کان سندن سلطنت کسي “ اهي بيهودا ماڻهو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيا ته اتي قيامت صغرى برپا ٿي ويئي.
قنڌار جي کسجي وڃڻ کان پوءِ شاهه بيگ ارغون، سبي ۽ ڪوئيٽيا ۾ رهڻ لڳو ۽ پنهنجي بکي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ سنڌ جي سر سبز ۽ شاداب علائقن ۾ ڦرلٽ ڪرڻ لڳو. سنڌين به سندس ظلم آڏو ڪڏهن ڪنڌ نه جھڪايو ۽ کيس گجرن ۽ گوگڙن کائڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ڪري هن پنهنجي زندگي جي بقا لاءِ اتر سنڌ جي گادي جي شهر بکر تي ڪاهه ڪئي. جتي سنڌ سلطنت جو نائب قاضي قادن (قاضي قاضن) هو . هو قلع بند ٿي ويهي رهيو ۽ آخر ڪا به واهر نه ڏسي شاهه بيگ ارغون کان امان گھري ۽ بکر جو قلعو سنڌ دشمن جي حوالي ڪيو. تاريخ فرشته واري قاضي قادن جي مقابلي نه ڪرڻ جا ٻه سبب ڄاڻايا آهن.
1. بکر جو قلعو مستحڪم نه هو (يعني کاڌ خوراڪ ۽ ٻيو ضروري شيون گڏ نه ڪيون ويون هيون.)
2. قاضي قادن کي اها اميد هئي ته ٺٽي وارا بکر تي حملي جي خبر ٻڌي، مدد واسطي فوج موڪليندا، جيڪا نه آئي.
شاهه بيگ ارغون سنڌ جي تباهي تي ڏند ڪرٽيندو رهيو ۽ سنڌي پنهنجي بي حالي تي ماتم ڪندا رهيا. هن بکر جو قلعو مير فاضل بيگ ڪو ڪلتاش جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ سيوهڻ کي فتح ڪرڻ جو اردو ڪري نڪتو. واٽ تي لاڙڪاڻي جي راڄن سندس رستو روڪيو، جن سان امن و امان سان رهڻ جو معاهدو ڪيو، تنهن کان پوءِ مينهن واچ ڪندو، سيوهڻ پهتو، سيوهڻ جي سنڌين قنڌارن سان مهاڏو اٽڪايو، پر ٺٽي ۽ سنڌ جي ٻين حصن کان مدد نه پچڻ ڪري سنڌ جو هي اهم شهر به ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو شاهه بيگ خواجه بيگ کي سيوهڻ جو انتظام حوالي ڪري پاڻ قنڌار هليو ويو.
انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪشمڪش هئي. جنهن ڪري سنڌين هڪ ته پريشان هئا ۽ٻيو ته سنڌ ۾ باقاعده فوج مقرر نه هئڻ ڪري، راڄن ۽ ڀاڳن کان جيستائين جوان ملن، تيستائين دير ٿي ويئي ۽ سنڌ جو اترادي پاسو، جنهن جا جوان جنگجو ۽ بهادر هئا، اهي ارغونن جي ور چڙهي ويا ۽ انفرادي طور سنڌ دشمنن سان جنگ جوٽيو بيٺا هئا. جنهن ڪري سنڌ جي فوجي طاقت هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ بدران ورهائجي ويئي ۽ سنڌ کي فتح ڪرڻ ڌارين لاءِ سولي ٿي پئي. سنڌ جي بادشاهه ڄام نظام الدين جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ سمن جون گھرو لڙايون شروع ٿي ويون ۽ سنڌين جو ايڪو، اتحاد، جيڪو مشهور هو اهو ٽٽي پيو ۽ ڌاريا غالب اچي ويا.
ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سندس صغير پٽ ڄام فيروز کي گادي تي ويهاريو ويو، جيتوڻيڪ ڄام صلاح الدين جيڪو ڄام سنجر جو نياڻو ۽ ڄام نظام الدين جو ويجھو مائٽ هو، تنهن گادي تي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ڄامن جا امير ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. هڪ ڌر جو خيال هو ته ڄام فيروز جيئن ته ننڍو آهي، تنهن ڪري هو ذميواريون سنڀالي نه سگھندو، تنهن ڪري ان جي عزيز ڄام صلاح الدين کي گادي تي ويهاريو وڃي. ٻي ڌر جنهن ۾ دريا خان ۽ سارنگ خان هئا، تن جو چوڻ هو ته گادي جو اصل مالڪ ڄام فيروز آهي، تنهن ڪري ان کي ملڻ کپي. بهر صورت گادي نشين جي انهيءَ چڪر ۾ باقي سنڌ جو آزاد حصو سنڌين جي پاڻ ۾ ويڙهاند جي نذر ٿي ويو.
ڄام فيروز جيئن ته ننڍي عمر جو هو ۽ امور حڪمراني جو ڪوبه تجربو ڪونه هيس، تنهن ڪري پنهنجي من مستي ۾ رهڻ لڳو ۽ عيش و آرام جي زندگي گذارڻ ڪري ملڪي انتظام ۾ خلل پئجي ويو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته مفاد پرست چاپلوس ماڻهو پنهنجي من ماني ڪرڻ لڳا. پهريان ته دريا خان کي ان سنڀاليو پر جڏهن پاڻي سر کان مٿي ٽپي ويو ته پاڻ ٺٽي کي خير آباد چئي پنهنجي جاگير مانجھند ڏانهن هليو ويو. ڄام صلاح الدين جيڪو ڄام فيروز جي تختي نشيني تي ناراض ٿيو هو، اهو پنهنجي سؤٽ جي مڙس حاڪمِ گجرات مظفر شاهه گجراتي ڏانهن هليو ويو. ڄام فيروز جا افعال ۽ بدانتظامي ڏسي ٺٽي جي ڪن اميرن کيس خط لکي آگاهه ڪيو. پر بيگ لارنامو وار لڳي ٿو هن رائمل سوڍي کي واپس اچڻ لاءِ آماده ڪيو هو.
هو ٺٽي جي خراب صورتحال ڏسي مظفر شاهه گجراتيءَ کان هڪ لشڪر وٺي اچي ٺٽي پهتو.
ڄام فيروز کي جڏهن صلاح الدين جي اچڻ جي خبر پئي ته هن اميرن ۽ وڏيرن ۽ چڱن مڙسن سان صلاح مشورو ڪيو، جن سندس ڪنهن مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڄام فيروز اهو رويو ڏسي، دريا خان ڏانهن مانجهند هليو ويو. ان کانپوءِ ڄام صلاح الدين 924 هجري مطابق 1518ع ۾ ٺٽي جي گادي تي ويٺو.
دريا خان کي جڏهن اها خبر پئي ته ڄام فيروز سان پيءُ جي نمڪ حلالي ملهائيندي پورو ساٿ ڏنو ۽ هڪ لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي ڪاهي ويو. تاريخ معصومي جي بيان موجب ڄام صلاح الدين پاڻ ميدان جنگ ۾ وڙهڻ پيو چاهي پر سندس وزير حاجي کيس ٺٽي ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ۽ هو پاڻ لشڪر ۽ جنگي هاٿي ساڻ ڪري دريا خان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ميدان تي نڪري آيو. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي، ڪيترا ئي بهادر جوان گھرو لڙائي ۾ مارجي ويا ۽ دريا خان جي لشڪر شڪست کاڌي. اهڙي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ هڪ قاصد ڄام صلاح الدين ڏانهن روانو ڪيو ويو، جيڪو دريا خان جي ماڻهن جي ور چڙهي ويو. جن ڪنهن نموني قاصد کي راضي ڪري خط جي عبارت ڦيرائي لکي موڪليو ته: ”توهان جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو آهي. اوهان چاچڪن ۾ پهچو جتي پاڻ گڏبا سين.“ اهڙي نموني فتح شڪست ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ ڄام صلاح الدين 9 رمضان 924 هجري مطابق آگسٽ 1518ع تي دريا پار ڪري هليو ويو.
بيگلارنامه موجب ته اها لڙائي ڪونه لڳي صرف چالاڪي ۽ تدبير سان دريا خان ڄام فيروز کي ٺٽي جي گادي وٺي ڏني. ادراڪي بيگلاري لکيو آهي ته: ”هڪ مهاڻو دريا خان جي ماڻهن جي ور چڙهي ويو، جنهن کي ڪنهن نموني راضي ڪري، ڄام صلاح الدين ڏانهن لکيل خط جي عبارت ڦيرائي ”دريا خان“ ۽ ڄام فيروز جو لشڪر تمام گھڻو آهي، جنهن سان مقابلي ڪرڻ جي سگھه ڪونه آهي، تنهن ڪري بهتري ان ۾ آهي ته اوهان ٺٽو خالي ڪري ڇڏيو.“ جڏهن اها خبر چاچي وزير جي سپاهين کي ملي ته هو انهن جو ساٿ ڇڏي ڄام فيروز جي لشڪر سان ملي ويا. چاچو ۽ رائمل سوڍو گجرات ڏانهن هليا ويا ۽ 8 مهينن کان پوءِ دريا خان، ٻيهر ڄام فيروز کي ٺٽي جي گادي تي ويهاريو.
ڄام فيروز هن دفعي به دريا خان جو قدر نه ڪيو ۽ کيس شڪي نگاهن سان ڏسندو رهيو. ڇاڪاڻ ته دريا خان سنڌ سنوارڻ ۽ گھرو لڙائين کان آجي ڪرڻ لاءِ انتظامي اصلاحات ڪيا ۽ هون به ڄام فيروز دريا خان جي ڪري ٺٽي جو حاڪم بڻيو ويٺو هو، تنهن ڪري هن ان کان جند ڇڏائڻ لاءِ مختلف حيلا هلايا. طاهري موجب، ڄام فيروز جي ماءُ مدينه ماڇياڻي ٻين جي چرچ تي قنڌارن وٽ ويئي ۽ کين دعوت ڏني ته هو ٺٽي تي ڪاهه ڪري دريا خان کان کين آجو ڪن، پر حقيقت ۾ ائين ڪونهي.
سنڌ مهمان نوازي ۾ هڪ مثال بڻيل آهي، سنڌين کي انهيءَ ڪري سزا اڄ تائين ملندي آئي آهي پر پوءِ به پنهنجا پير ڪونه سنڀاليا اٿن ۽ ان کي تقدير جو فيصلو سمجھي قبول ڪيو آهي. جنهن ڪري ڪن کين بزدل قومن ۾ شمار ڪيو آهي.
حقيقت اها آهي ته دولت شاهي ۽ نور گاهي ماڻهن ڄام وٽ پناهه ورتي هئي جن کي هڪ الڳ محلي ۾ رهايو ويو هو، جنهن کي مغل واڙو سڏيو ويندو هو ۽ ڪيبڪ ارغون پڻ هڪ خون ڪري اچي سنڌ ۾ سام بڻيو هو. شاهه بيگ ارغون ڏٺو ته سنڌي پنهنجي دشمنن کي به پاڻ وٽ پناهه ڏين ٿا ۽ ڪا به دور انديشي ڪونه ٿا ڪن، تنهن ڪري هن ٺٽي ۽ باقي سنڌ جي احوال جاچڻ لاءِ ڪنهن بهاني سان مير قاسم ڪيبڪي کي ٺٽي روانو ڪيو، جيڪو ڪجھه وقت اتي رهي،شاهه بيگ ڏانهن واپس ويو. جنهن کيس ٻڌايو ته سنڌ جو اصل حاڪم نهايت ڪمزور آهي ۽ امير امراءَ دريا خان سان ساڙ ۽ حسد ڪري خوش ناهن ۽ ڄام به اقتداري جي رسه ڪشي ۾ ڦاٿل آهي. تنهن ڪري ان موقعي مان فائدو حاصل ڪجي ۽ سنڌ جي دولت کي ڦري لٽي سگھجي ٿو.
شاهه بيگ ارغون کي به سنڌ تي پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته هو گادي يعني ٺٽي تي ڪيئن به ڪري قبضو ڪري، نه ته سنڌين جو مزاحمتون سندس طاقت کي ٽوڙي ڇڏينديون ۽ کيس هر وقت اهو به خوف هو ته ڪڏهن به سنڌي متحد ٿي، سنڌ مان ڌڪاري ٻاهر ڪڍي نه ڇڏين. ان ڪري ضروري هو ته ٺٽي کي حاصل ڪري سنڌين جي بادشاهت کي ختم ڪجي جيئن سنڌي پاڻ کي ان سان لاڳاپيل نه رکن ۽ نه وري ڄامن سان نباهه جي ڳالهه ڪري سگھن. شاهه بيگ ارغون اهي ٽلون ٽلي ٺٽي ڏانهن پيش قدمي ڪئي.
شاهه بيگ ارغون لڪي جبلن کان ٿيندو ٺٽي کان ٽي ڪوهه پري خانواهه جي قريب منزل ڪئي. ان ڏينهن ۾ درياءَ جو وڏو وهڪرو ٺٽي جي اتر ۾ وهي رهيو هو ۽ ڳڻتي ۾ رهيو ته سنڌوءَ کي ڪيئن پار ڪجي. هڪ ڏينهن ڏٺائون ته هڪ دايو، ان مان لنگھيو پيو اچي جنهن مان کين لنگھه جي خبر پئي. اتان پهريان عبدالرحمان دولت شاهي پنهنجي گھوڙي سميت پار ٿيو ۽ءٌ تنهن کان پوءِ سڄو لشڪر ٽپي آيو. اهو واقعو 11 محرم 926 هجري مطابق جنوري 1520 ع تي ٿيو ۽ 15 محرم 926 هجري تي ارغونن ۽ سنڌين جي ويڙهاند شروع ٿي.
دريا خان جنهن جي رڳن ۾ غيرت ۽ عزت وارو خون گردش ڪري رهيو هو، تنهن ڄام فيروز کي سنڌي فوج جي سپهه سالار ٿيڻ ۽ سنڌ دشمن سان منهن ڏيڻ لاءِ چيو، پر هي سڀاڳي پيءُ جو نڀاڳو پٽ پنهنجي محلات کان ٻاهر نه نڪتو ۽ خوف وچان جنگ ۾ شرڪت نه ڪئي. دولهه دريا خان، ڄام فيروز جي بزدلي ڏسي کيس لعنت ملامت ڪئي ۽ پاڻ سنڌ کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيو. تاريخ معصومي ۾ آهي ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت جنگ لڳي جنهن جي لکڻ کان قلم قاصر آهي.
ميدان جنگ ۾ ارغونن جو پاسو جيتوڻيڪ سگھارو هو پر دريا خان جي غيرت ، بهادري سنڌ جي دشمنن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا تنهن ڪري ارغونن دريا خان ڏانهن صلح جو پيغام اماڻيو، جنهن وقت جي نازڪ حالتن مطابق هن صلح جي پيش ڪش کي قبول ڪيو. پر جڏهن سنڌ جو هي مڙس مٿير شيطان صفت ۽ ظالم ارغونن وٽ پهتو ته هنن واعدي جي خلاف ورزي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ۽ آخر ۾ تنگر بردي قبتاش ارغون هٿان شهيد ڪرايو.
سنڌ جي هن جوڌي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي شهر تي هڪ قيامت نازل ٿي. انهن ارغونن سنڌي لڄن جي عصمتن کي لٽيو، ڌيرن کي مائرن جي سامهون ننگو ٿي ڪيو ۽ کين ماريو ٿي. زالن کي مڙس آڏو اگھاڙو ڪري وحشيانه حرڪتون ٿي ڪيون. انهن سنڌين جي مال و دولت کي لٽيو ۽ کين بي گھر ٿي ڪيو. جڏهن ڪمينن جا هٿ سنڌ جي غدار قاضي قاضن جي گھر تائين پهتا ته هو چرين وانگر گھٽين ۾ پئي ڦريو ۽ آخر شاهه بيگ 20 محرم 926 هجري تي سنڌين سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ زيادتي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڄام فيروز سنڌين جي قومي غيرت جي بي عزتي ڪندي ڳچي ۾ ڳارو وجھي شاهه بيگ کان معافي ورتي ۽ کيس اهو يقين ڏياريو ته هو کيس سنڌ ڏيڻ لاءِ تيار هو پر دولهه دريا خان جنگ جوٽي بيٺو هو جيڪو هڪ طاقتور امير ۽ سپهه سالار هو. تاريخ طاهري ۾ آهي ته ”شاهه بيگ ارغون جڏهن ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيو ته ڄام فيروز ڊوڙندو وڃي ان جي قدمن ۾ ڪريو ۽ سندس آڻ مڃي ۽ ملڪ جو حاڪم تسليم ڪيو. اهڙي طرح هن پنهنجي ڳچي ۾ ڌارين جي غلامي ۽ پنهنجي بي شرمي جو ڳٽ وجھي ڇڏيو.
شاهه بيگ ارغون جيڪو قنڌار جهڙي ننڍي رياست جو حاڪم هو، جڏهن سنڌ جهڙو وسيع ملڪ هٿ آيو ته ان جي انتظام سنڀالڻ ۾ دقت پيش آئي. ڪوئٽيا کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين جو علائقو ان جي ماتحت ٿي ويو. پر سنڌي جيڪي هميشهه ڌارين جي ڏاڍ ۽ انهن جي تسلط خلاف وڙهيا آهن تنهن سان منهن ڏيڻ سنڌن لاءِ وڏو مسئلو هو. سبي کان وٺي سيوهڻ تائين قابض ته ٿي ويا هئا، پر اهو عرصو سنڌين کين ڪڏهن به سک ۽ آرام سان ويهڻ ڪونه ڏنو ۽ سيوهڻ، بکر ۽ سبي شهرن کان سواءِ مجموعي طور باقي سنڌ سندن عملداري کان ٻاهر هئي ۽ انهن جي وفاداري ڄام سرڪار سان هئي، جنهن ڪري انهن ڪجھه وقت لاءِ ڄام فيروز جي نالي ماتر حڪومت کي برقرار رکڻ کي پنهنجي لاءِ فائدي مند سمجھيو. انهيءَ ڪري شاهه بيگ ڄام فيروز کي پٽيلو قرار ڏيئي لڪي جبلن کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين سنڌ جي ان حصي جو حاڪم برقرار رکيو يعني ڏکڻ سنڌ ۽ پاڻ کي محفوظ ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ سيوهڻ کان وٺي سبي تائين پنهنجي حاڪميت ۾ رکيو جنهن کي اتر سنڌ سڏجي ٿو. اهو رڳو ان ڪري ته بابر جنهن هن کي قنڌار مان ڌڪالي ڪڍيو هو متان سندس ڪرتوتن ڪري اتان به بي دخل نه ڪري. تنهن ڪري هو مخصوص علائقي تائين محدود رهي، بابر سان منهن به ڏيئي پيو سگھي ۽ ساڳئي وقت اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ مزاحمتن کي به خاموش ڪري پئي سگھيو. هو سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي پاڻ سبي واپس ورڻ لاءِ سيوهڻ پهتو.
سنڌ جي بزدل۽ ڌارين جي رحم ۽ ڪرم تي حڪومت ڪندڙ حاڪم ڄام فيروز پنهنجي قومي غيرت ۽ عزت کي ته نيلام ڪري ڇڏي هو ۽ غلامي جو طوق پائي ورتو هو، پر سنڌي جيڪي هميشهه آزاد سنڌ ۽ خودمختيار ملڪ جا رهواسي هئا، تن ڌارين جي ڏاڍاين ۽ غلامي کان آزادي لاءِ پنهنجي جدوجهد ختم نه ڪئي ۽ پنهنجي مزاحمت ۽ آزادي جي جنگ کي جاري رکيو. جڏهن ڦورن جو لشڪر سيوهڻ پهتو پئي ته کين خبر پئي ته قومي غيرت مندن، سهتن، سوڍن، سمن ۽ ٻين سنڌي ذاتين ۽ قبيلن جو هڪ وڏو لشڪر دريا خان جي پٽن محمود خان ۽ مٺل کان علاوه ڄام سارنگ راڻو، رڻمل سنگ، سندس ڀاءُ جو اڌ سنگ ۽ مخدوم بلاول جهڙي عالم، درويش ۽ سپهه سالار جي ڪمان هيٺ گڏ ٿي، ٽلٽي ۾ سنڌ جي آزادي لاءِ ويڙهه وڙهڻ جو تياريون ڪري رهيا آهن. اهڙي وقت ۾ جڏهن ارغونن جو سڄي سنڌ ۾ ڌاڪو ويهجي ويو هو ۽ سنڌ جا حڪمران به اچي پيرين پيا هئا. اهڙي مهل ۾ قنڌاري ڌاڙيلن لاءِ هڪ وڏي للڪار هئي. سندن حڪومت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي مهل به سندن مٿان اچي ويئي هئي. تنهن ڪري هنن سنڌين جي مسلماني مان فائدو ورتو، نفاق، افراتفري ۽ جنگي چالن کي ڪتب آڻيندي، قاضي قادن جهڙي دلال کي انهن ڏانهن اماڻيو ته جيئن هو انهن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي آماده ڪري سگھي ۽ ارغُني عتاب کان کين ڊيڄاري. هنن سنڌي جوڌن قاضي قادن سان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ مٿس لعنت ملامت ڪئي ته هو ڪيئن سنڌ ڌرتي سان غداري ڪري رهيو آهي.
شاهه بيگ ارغون جيئن ته سنڌ کي هڙپ ڪري ويو هو، تنهن ڪري هن سنڌين جي فوج کي مات ڏيڻ لاءِ وقت سر مدد فراهم ڪرڻ لاءِ مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ ۾ ٻئي دستي جي تياري جي حڪم ڪيو ۽ کين اتي رهڻ جي هدايت ڪئي. هن مير فاضل جي پٽ سلطان محمود ڪوڪلتاش کي وڌيڪ هدايتون ڏيئي بکر جي قلعي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ کيس، فوجي دستن کي تيار ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ مير فاضل ڪوڪلتاش کي هڪ وڏو لشڪر ساڻ ڏيئي ٽلٽي تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ارغون لشڪر رات جي اونداهي مان فائدو وٺي درياءُ پار ڪري سنڌي لشڪر جي سامهون ٿيو. هوڏانهن رڻمل سوڍي ۽ جوڌا سنگ جي اڳواڻي ۾ سنڌي غيرت مند قنڌاري قهارن کي للڪاريو ۽ سندن پيش قدمي کي روڪيو.
شاهه بيگ ارغون سنڌي لشڪر جو هڪ طرف ڌيان ڏسي، ٽلٽي جي قلعي تي ڪاهي ويو. ٽن ڏينهن تائين ڇتي ويڙهه هلي، جنهن ۾ سنڌي لشڪر ڀرپاسي وارن ۽ ٻين سنڌي قبيلن ، راڄن جي بروقت امداد نه ملڻ ڪري شڪست کاڌي، سنڌي سپهه سالار سنڌ ماءُ جو بچاءُ ۽ تحفظ ڪندي شهيد ٿي ويا. ۽ مخدوم بلاول وڙهندي وڙهندي ارغونن هٿان گرفتار ٿي ويو.
شاهه بيگ مخدوم بلاول کي گرفتات ڪرڻ کان پوءِ چيو ته: ”هاڻي به تنهنجي بهتري انهيءَ ۾ آهي ته تون منهنجي بعيت ڪر ۽ سنڌ جو حڪمران تسليم ڪر. هن جي ائين ڪرڻ سان سنڌ ۾ اٿندڙ بغاوتون ختم ٿي وڃن ها ! ۽ آزاديءَ جا متوالا غازن مان نا اميد ٿي ڪنڌ جھڪائي ڇڏن ها ته تاريخ کين بزدل ۽ بي غيرت لکي ها ! مخدوم بلاول سنڌ جي تاريخ کي داغدار ٿيڻ نه ڏنو ۽ نه وري سنڌي سرويچن جي بهادري کي لڄايو. هن سنڌين جي عظمت ۽ قومي غيرت ۽ وطن پرست جو ثبوت ڏيندي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس چيو ته: ”مان هڪ ڦورو ۽ خوني جي ڪيئن بيعت ڪري سگھان ٿو، جنهن جا هٿ سنڌي قوم جي بي گناهه عوام جي رت سان رنڱيل هجن. جنهن سنڌي عورتن جي لڄن کي لٽيو هجي، امن و آشتي واري ڌرتي کي دوزخ بڻائي ڇڏيو هجي. جنهن جي شر کان، مسلمان توڙي غير مسلم، عالم فاضل، درويش، بزرگ ۽ عالم محفوظ رهي نه سگھيا هجن، تنهن جي مان بعيت ڪيئن ٿو ڪري سگھان؟“
شاهه بيگ ارغون پنهنجا ڪيئي حيلا هلايا، پر مخدوم بلاول جهڙو درويش ۽ قوم پرست هن جي ڪنهن به وڪڙ ۾ ڪونه آيو، تنهن ڪري هن ان کي ختم ڪرڻ لاءِ سوچيو. جيڪڏهن کيس ائين پيو مارائي ته سنڌ ۾ وڏين بغاوتن ٿيڻ جو انديشو هو، تنهن ڪري هن ٻين مسلمان بادشاهن ۽ حاڪمن وانگر اسلام کي ڍال بڻائي، پنهنجي اقتدار کي محفوظ بنائڻ لاءِ اسلام جي نالي جو سهارو ورتو. هوئن به ويچارا سنڌي محمد بن قاسم کان وٺي اڄ تائين اسلام ۽ مسلمان جي نالي تي قرباني جا ٻڪرا بڻجندا آيا آهن. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌي پنهنجي ڌرتي تي بقا جي جنگ نه وڙهن ها !
هن قاضي قادن ۽ مير فاض ڪوڪلتاش جي مشوري کان پوءِ ۽ امام حافظ محمد شريف جي معرفت ان وقت جي ملن ۽ مولوين کان لالچ ۽ زور سان زبردستي سان فتوى لکائي ورتي ته: ”جيئن ته قرآن شريف ۾ آهي ته اطيع الله و اطيع الرسول و اولل امر يعني اطاعت ڪريو الله جي، ان جي رسول ۽ وقت جي حاڪم جي. جيئن ته مخدوم بلاول سمي قرآن شريف ۽ الله جي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي ۽ الله تعالى جي نائب ۽ موجوده حاڪم شاهه بيگ ارغون خلاف بغاو ت بلند ڪري رب ۽ ان جي رسول جي فرمان جي نافرماني ڪئي آهي ۽ هو ان ڏوهه ۾ مرتد ثابت ٿيو آهي، تنهن ڪري ان مرتد کي گھاڻي ۾ پيڙهڻ جي سزا نا ڪافي آهي.“
شاهه بيگ پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم پرست حق گو ۽ غيرت مند مخدوم بلاول کي گھاڻي ۾ پيڙهڻ جو سخت حڪم ڏنو. ڪن درٻاري تاريخ نويسين لکيو آهي ته کيس سخت سزا ڏني ويئي. سنڌ جي تاريخ ڌارين حڪمرانن جي منشا ۽ مرضي مطابق درٻاري عالم لکي آهي. جنهن ۾ ڪيئن سنڌ جي ڦورن جي نندا لکي ويئي هوندي.
جڏهن سنڌ جي سپهه سالار ۽ مرد مجاهد کي سنڌ پرستي جي اها سزا ڏني پئي وڃي ته سندس زبان تي الله تعالى جي اسم کان سواءِ ٻيو ذڪر اهو هو ته: ”يا رب ! سونهاري سنڌ کي شاهه بيگ جهڙن رزيلن کان حفاظت ۾ رکجانءِ.“
حضرت مخدوم بلاول سمو سنڌ جي سچو وارث ۽ پٽ هو، جنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي سنڌ جي تاريخ کي هڪ دفعو ٻيهر جياري ڇڏيو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مذهب جي آڙ ۾ سنڌين کي ڪڏهن به غلام بڻائي نه ٿو سگھجي. مذهب ته هڪ ٿي سگھي ٿو، پر ثقات، رسم و رواج، ٻولي ۽ ڌرتي جي لڄ ان جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ ناهي. هي مڙس مٿير سنڌين لاءِ هڪ مثال ڇڏي ويو آهي. مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي به غلام بڻائي ان تي حڪمراني نه ٿي ڪري سگھجي ۽ مذهب، قوم پرستي، وطن، پرستي جي آڙ ۾ رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگھي.
شاهه بيگ ارغون سنڌ جي آزادي کي گھاڻي ۾ پيڙائي پاڻ ڪوئيٽيا هليو ويو. ۽ سنڌين کي وڌيڪ سيکت ڏيڻ ۽ آزادي جي متوالن کي ختم ڪرڻ لاءِ مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار ڪيبڪ ارغُون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ ۾ ترسائي ويو.
جڏهن ڄام خاندان جي غيرت مند پٽ ڄام صلاح الدين کي خبر پئي ته سنڌي پنهنجي آزادي لاءِ جنگ جوٽيو بيٺا آهن ۽ دريا خان جهڙو سنڌ جو سچو پٽ به ڄام فيروز جي ڪوتاهي ۽ بزدلي ڪري شهيد ٿي ويو آهي ۽ سنڌ غيرن جي ور چڙهي ويئي آهي، جن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڄام فيروز نالي ماتر حڪمران وڃي رهيو آهي، ته هن جي سنڌي غيرت کي جنبش آئي ۽ سنڌ کي ڌارين کان آزاد ڪرائڻ لاءِ پهريان ته بزدل ڄام فيروز کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو، جنهن جي ختم ٿيڻ سان سنڌين جي اها طاقت به وٽس اچي وڃي جيڪا ڄام فيروز جي ڪري بي اثر ٿي وئي هئي. انهيءَ ڪري هن 926 هجري جي پڇاڙي ۾ جاڙيجن، سوڍن، سمن کنگھارن ۽ ٻين سنڌي غيرت مندن جو ڏهه هزار جوانن تي مشتمل لشڪر تيار ڪيو.
جڏهن ڄام صلاح الدين تيارين جي خبر بزدل ڄام فيروز کي پئي ته هو ان جو ساٿ ڏيئي ڌارين مان جند ڇڏائڻ بدران، ٺٽي مان غلامي جي لعنت جو طوق کڻي، سيوهڻ وڃي پهتو ۽ ارغُوني سپهه سالار کي ايلاز منٿون ڪري شاهه بيگ ارغُون کي چورائي موڪليو ته هو اچي سندس جي مدد ڪري ۽ پنهنجي طرفان وفاداري جي پڪ ڏيارڻ خاطر علاؤالدين ولد مبارڪ خان کي به اوڏانهن ڏياري موڪليو.
شاهه بيگ ارغون جنهن ڪنهن مجبور ڪري سنڌ جي انهيءَ حصي کي ڄام فيروز حوالي ڪيو هو، تنهن موقعي کي غنيمت سمجھي، صلاح مشوري کان پوءِ ڪوئٽيا مان هڪ لشڪر مرزا شاهه حسن ارغون جي هٿ هيٺ 16 محرم 927 هجري مطابق نومبر 1520 ع تي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو.
ڌارين سمجھيو ته جيڪڏهن هن وقت انهن ڄام فيروز کي تحفظ ۽ مدد نه ڏني ته هڪ ڏينهن ڄام صلاح الدين طاقت وٺي پوري سنڌ کي پاڻ سان گڏائي، کين سنڌ مان لوڌي ڪڍي ڇڏيندو ! جنهن ڪري انهن فيصلو ڪيو ته ٻنهي سنڌين جي لڙائي ۾ ڀرپور حصو وٺجي، جيئن نانگ به مري وڃي ۽ لٺ به نه ڀڄي. هڪ ته ڄام فيروز جي مدد ڪرڻ سان سنڌي لشڪر پنهنجو پاڻ ۾ وڙهي ختم ٿي ويندو ۽ ٻيو ته سنڌين ۾ ٻي ڪابه سگھه نه رهندي ۽ ٻنهي ڄامن جي وڙهڻ ڪري قبيلائي اختلاف وڌي ويندا، جنهن مان آخر فائدو انهن کي رسندو، تنهن ڪري شاهه بيگ ارغون لشڪر موڪلڻ کان پوءِ پاڻ به هڪ مددي لشڪر ساڻ ڪري اچي سيوهڻ پهتو.
سنڌين جو پنهنجو پاڻ ۾ نفاق جنهن مان هميشه ڌارين فائدو ورتو آهي ۽ وٺندا پيا اچن، جيئن ته ڄام فيروز سنڌ کي غلام بنائڻ جو لعنتي طوق پائي ورتو هو، هي مرزا شاهه حسن کي ساڻ ڪري ٺٽي آيو، جنهن ۾ ارغُوني فوج جا سردار مرزا عيسى خان ترخان، سلطان قلي بيگ، مير عليڪ ۽ ابو القاسم به شامل هئا.
سنڌ جي غدار ڄام فيروز ۽ ڌارئي شاهه حسن ارغون جي گڏيل فوج ۽ سنڌ جي سپوت ڄام صلاح الدين جي فوج جي وچ ۾ سنڌ جي عزت، غيرت آزادي ۽ عظمت کي بچائڻ جي آخري جنگ ”جالار ڳوٺ“ وٽ لڳي.
غيرت مند سنڌين جي منڍ واري لشڪر جي ڪمان، ڄام صلاح الدين جو پٽ ۽ مظفر شاهه گجراتي جو ناٺي فتح خان عرف هيبت خان ڪري رهيو هو ۽ ارغوني لشڪر جي منڍ واري فوج جي ڪمان سنڌين جي رت جو اڃايل مرزا عيسى خان ترخان ڪري رهيو هو، جنهن سان سلطان قلي بيگ، مير عليڪ ارغون جهڙا جلاد به گڏ هئا.
سنڌين ۽ ارغون فوج جي وچ ۾ ڇتي جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين سنڌ جي حفاظت ڪندي جلاد خوش محمد بيگ لار هٿان شهيد ٿي ويو ۽ سنڌ جو سوپت فتح خان عرف هيبت خان سنڌي نوجوانن لاءِ مثال ڇڏي غدار ۽ لعنتي سنڌي حميد جت هٿان هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
سنڌين جي شڪست کان پوءِ شاهه بيگ ارغون جي خادم مهتر سنبل شاهه حسن ارغون کي مشورو ڏنو ته ڄام فيروز جهڙي غدار، جنهن اقتدار خاطر پنهنجا ڪهرائي ڇڏيا آهن، تنهن تي اعتبار ڪرڻ مناست ناهي، تنهن ڪري ان جو به سر وڍي ڄام صلاح الدين ۽ هيبت خان سان ملائي ڇڏجي. پر قدرت کي اهو منظور نه هو ته سرويچن جي سرن سان غدار ۽ بزدل جو سر به گڏجي، تنهن ڪري شاهه حسن ارغون مصلحت خاطر ائين نه ڪيو ۽ کيس اها پڪ ٿي ويئي ته هن لڙائي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪو به اهڙو نه رهيو آهي، جيڪو سندن سامهون ٿئي. هڪ طرف سنڌين جي مضبوط فوجي قوت ختم ٿي ويئي ۽ ٻي طرف سنڌ جي بادشاهت جي دعوى ڪندڙ ختم ٿي ويا ۽ جيڪو بچيو، ان کي ايتري سگھه ڪٿي جو هو سر کڻي هلي سگھي، تنهن ڪري هن ان مشوري تي عمل نه ڪيو ۽ سنڌ پوري طرح سان ارغونن جي ڄار ۾ ڦاسي ويئي.
ان کان پوءِ مرزا شاهه حسن ارغون باغبان ويو، جتي شاهه بيگ فوجي ڇانوڻي هنيو ويٺو هو، اتي ماڇي قوم جي جوانن پنهنجي غيرت مندي جو مظاهرو ڪيو ۽ هو ارغوني لشڪر تي راتاهو ڏيڻ لڳا. جنهن ڪري شاهه بيگ ارغون انهن مان ڏاڍو تنگ ٿيو هو، ويتر جو سنڌ جي غلامي جي پڪ ٿيس ته هن سنڌي جوڌن کي هڪ هڪ ڪري مارايو. سندن گھر ڊاهيا ويا ۽ انهن جي مال و ملڪيت، بچن ۽ عورتن کي غلام ڪري پنهنجي وحشي لشڪر ۾ ورهائي ڇڏيو. هميشه فاتح پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم ڪرڻ لاءِ ايئن ڪندا آهن، پر جنهن ڪميني پڻ جو مظاهرو ڪيو، اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اونداهو ۽ نهايت ڏکوئيندڙ باب آهي.
شاهه بيگ ارغون سنڌين جي مزاحمت کي ختم ڪري سيوهڻ آيو، جتي قلعي جي انتظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ سنڌ وارن کي اڃا وڌيڪ تنگ ڪرڻ ۽ پنهنجي گرفت وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ فوج جي سپهه سالارن ۽ ارغوني ڦورن کي حڪم ڏنو ته هو قلعي جي اندر پنهنجا گھر ٺاهن ۽ پنهنجو پاڻ کي جيترو ٿي سگھي محفوظ رکن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ڇاپامار کين وڏو نقصان رسائي رهيا هئا. ان وقت به سنڌي اڄ جي سنڌين وانگر هڪ نه ٿي سگھيا هئا. اجتماعي طاقت بدران انفرادي قوت کي استعمال ڪيو، جنهن ڪري ڌاريا هڪ هڪ تي غلبو حاصل ڪري، سنڌ ڦٻائي ويا. خدا شال سنڌين کي سمجھه ڏيئي ۽ وقت سر فيصلي ڪرڻ جي قوت ڏيئي. اڄ به سندن اهو حال آهي.
شاهه بيگ سيوهڻ جو انتظام پنهنجي پٽ مرزا شاه حسن جي حوالي ڪري پاڻ بکر طرف روانگي ڪئي. ڄام فيروز غلامي جي طوق پائڻ ۽ ڄام صلاح الدين جهڙو جوڌي جي شهيد ٿيڻ تي شاهه بيگ کي خوش ڪرڻ لاءِ تحفه روانه ڪيا جيڪي کيس واٽ تي مليا ۽ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ کي هو آزاد ڪري ڇڏيندو بشرطيڪ، گجرات هو فتح ڪري، ان مان سندس مقصد اهو هو ته ڄام فيروز گجرات تي حملي ڪرڻ وقت سندس مدد ڪري ۽ سنڌي جن مزاحمتي جنگ شروع ڪري ڏني هئي، تن کي پڻ اهو يقين ڏيارڻ هو ته هو سنڌ ۾ دائمي طور رهڻ ڪونه آيو آهي، جنهن ڪري هو ان سان ويڙهه کي ختم ڪن. پر سنڌي جن جي رڳن ۾ غيرت وارو خون هو تن اهڙي خبر کي چال سمجھي ۽ کين پڪ هئي ته گجرات فتح ڪري يا سڄو هند پر سنڌ مان هي هيئن وڃڻا ناهن، تنهن ڪري انهن مصلحت ڪرڻ بدران پنهنجي مزاحمتي ويڙهه کي جاري رکيو.
شاهه بيگ جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته سلطان محمد خان پنهنجي صلاح ڪار بابا چوچڪ کي هڪ خط ڏيئي مير فاضل ڏانهن موڪليو، جنهن ۾ سنڌين جي همت، بهادري کان آگاهه ڪيو ۽ کين خبردار ڪيو ته ائين بنا خوف ۽ انتظام جي ايڏانهن اچڻ خطري کان خالي ناهي، خاص ڪري ڌاريجا جن ارغوني ڦورن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا هئا، تن کان خبردار ڪيو.
شاهه بيگ ارغون پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ترسي پيو ۽ وڌيڪ حالتن جو احوال وٺڻ لاءِ مير فاضل کي اوڏانهن روانو ڪيو. هو درياءُ ٽپي پريالي پهتو. ارغونن تي سنڌين جو ايترو ته خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو هو جو سلطان محمد جڏهن قلعي کان ٻاهر نڪرڻ گھريو ته سندس پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش کيس خبردار ڪيو ۽ تنبيه ڪئي ته هو ائين ٻاهر نه نڪري، جيڪو خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي.
جڏهن محمود ڪوڪلتاش بکر جو انتظام سنڀاليو هيو ته ڌاريجا جن مجبوري ۽ ڪن مصلحتن ڪري ڌارين جي حڪومت کي قبول ڪيو هو، تن سلطان محمود کي بزدل ڪري ڇڏيو هو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏين ها! پر ڌاريا نيٺ ڌاريا. قلعي ۾ رهندڙ ڪوٽائي ساداتن سلطان محمود جو ساٿ ڏنو جنهن ڪري ڌاريجا، انهن جي عزت ۽ لڄ رکندي محمود خان کي ڪجھه به نه ڪري سگھيا. محمود خان ساداتن جي طفيلي بچندي به سندن احسان جو بدلو چڪائي نه سگھيو، ويتر جڏهن شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾ آيو ته انهن غدارن کي قلعو خالي ڪرڻو پيو ۽ ڪجھه وقت لاءِ دربدر جون ٺوڪريون کاڌيون. نيٺ وري به سنڌين کي رحم آيو جن غدارن کي روهڙي ۽ سکر ۾ رهڻ لاءِ اجھا ڏنا.
مير فاضل جڏهن لاڙڪاڻ کان بکر ويو هو ته هي پاڻ سان گڏ ستيتاليهه (47) ڌاريجا چڱا مڙس ساڻ وٺي ويو هو، جن مان ستاويهن سردارن کي پٽ جي چوڻ تي سزائون ڏنيون.
شاهه بيگ ارغون کي جڏهن اها خبر ملي ته سندس ڇاڙتو مير فاضل ڪوڪلتاش سنڌين کي ڏٽا ڏيئي ساڻ ڪري بکر خيريت سان پهچي ويو آهي، ۽ ڪنهن به قسم جو خطرو ڪونهي ته هي ظالم لاڙڪاڻي کان بکر پهتو ۽ سنڌين کي مات ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا. اتي موجود سنڌ جي عالم غدار، قاضي قادن کيس مشورو ڏنو ته: ”هي ملڪ سيلابي آهي، جنهن ڪري زمين ۾ گھڻا ڪنڊا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنچور هميشه هٿ ۾ هئڻ گھرجي.“ شاهه بيگ سڀ ڪجھه سمجھي ويو ۽ فاضل ڪوڪلتاش کي حڪم ڏنائين ته سنڌي وڏيرن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪيا وڃن. جلاد فاضل هڪ هڪ سنڌي وڏيري جو سر تن کان جدا ڪري، درياءَ ۾ اڇلرائي ڇڏيو، تنهن کان وٺي قلعي جي ان حد جو نالو خوني برج پئجي ويو.
شاهه بيگ نه رڳو سنڌين جو قتل عام ڪيو پر سنڌي سماج ثقافت ۽ تاريخ کي به نه بخشيو. تهذيب ۽ تمدن ته رهي ئي ڪونه. هن ظالم سنڌ جي آخري حڪمران راجا ڏاهر جي گادي الور (اروڙ) کي نست و نابود ڪري ڇڏيو. بکر جي قلعي کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ لاءِ الور جي شهر کي ڊاهرائي ان مان سرون ۽ ٻيو عمارتي سامان ڪڍرائي ڇڏيو. جيڪو سنڌ جو اهو قديم شهر ڪنهن چڱي حالت ۾ ملي ها ته ممڪن هو ته سنڌ جي تاريخ جا گم شده باب ملي وڃن ها. ۽ سنڌ جي عالمن جو علمي خزانو به ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي وڃي ها. پر هن ظالم اروڙ کي ڊهرائي زمين برابر ڪري ڇڏيو.
هو هڪ سال تائين پاڻ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ ۾ لڳو رهيو. جڏهن بکر جو قلعو ٺهي راس ٿيو ته هن جلاد ان جي افتتاح جو بندوبست ائين ڪيو جو (42) ٻائيتاليهه سنڌي ڳوٺن جي رهواسين کي هڪ رات ۾ مارائي ڇڏيو ۽ گھرن کي ڪوس گھر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي نياڻيون، لڄون بي غيرت ارغونن جي ور چڙهي ويون. انهن ائين ڪجھه ڪيو جيڪو ڌاريو هميشه سنڌين سان ڪندو آيو آهي.
شاهه بيگ ارغون هميشهه چالاڪ دشمن وانگر سنڌين کي ڏٽو ڏيندو هو ته هو هتي جو ڪجھه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن سنڌين سندس گجرات فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سندس پويان مزاحمت کي بند رکيو ته هو سنڌ خالي ڪري گجرات م وڃي ديرو ڄمائيندو. پر سنڌي انهيءَ ناٽڪ کي چڱي طرح سمجھي ويا هئا ۽ انهن هميشه وانگر غيرن ۽ ڌاڙيلن کي پئي تنگ ڪيو ۽ جنگيون جوٽيون پئي آيا. شاهه بيگ ارغون گجرات کي فتح ڪرڻ جي تمنا دل ۾ رکي سنڌين جي ساٿ وٺن لاءِ بکر کان ٺٽي طرف روانو ٿيو. جڏهن لاڙڪاڻي ۾ پهتو ته سندس سپهه سالار مير فاضل ڪوڪلتاش بيمار ٿي پيو ۽ واپس بکر هليو ويو، جنهن کان پوءِ کيس خبر ملي ته سندس خاص مددگار مير فاضل فوت ٿي ويو آهي.
معصومي جي چوڻ موجب ته هو يلغار ڪري بکر واپس وريو، تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته لاڙڪاڻي ۽ ان جي آس پاس جي رهواسين ارغوني لشڪر تي راتاها پئي ڏنا ۽ انهن جون دشمن سان چڪريون جاري هيون. جنهن ڪري هن بکر واپسي مهل جنگي انداز سان واپس ٿيو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ بکر پهتو.
مير فاضل جي رسمن کان فارغ ٿي هن جلاد گجرات فتح ڪرڻ جي شوق ۾ سيوهڻ طرف رخ رکيو، هن پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي کي قائم رکڻ لاءِ سنڌو دريا جي ٻنهي پاسي فوج لڳائي جيڪا بي گناهه سنڌين جو رت ۽ ست چوسيندي سيوهڻ پهتي. سنڌين کين اهڙو بي حال ڪري ڇڏيو هو جو انهن کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ پندرهن ڏينهن سيوهڻ ۾ ترسڻو پيو. افسوس ته سنڌي هميشه انفرادي طور جنگ لڙندا آيا آهن، جنهن ڪري هميشه ڌاريو غالب ٿيندو آيو آهي. پر اهي اجتماعي طور غيرت ۽ جذبي سان وڙهن ها ته ڪڏهن به ارغون سنڌ ۾ پير ڄمائي نه سگھن ها ۽ نه وري اڄ جنهن حال ۾ سنڌ آهي، اهڙي هجي ها. شل سڌرن ۽ خدا تعاليٰ سمجهه ڏئين.
هو ٺٽي کان ٿيندو اگھم (ڪوٽ) پهتو، جتي بزدل فيروز جي مدد جو انتظار ڪيائين پئي ته کيس دل ۾ سخت سور پيو. جڏهن هو بکر هو ته کيس خبر ملي هئي ته بابر خوشاب ۽ بهيره وٽ لنگر انداز آهي ۽ هو هندستان کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. هن کي ککي ويئي ته بابر قنڌار مان به ٽپڙ کڻيا هئا ۽ هاڻ سنڌ ۾ رهڻ ڪونه ڏيندو. هڪ طرف بابر جو ڊپ هيس ته ٻئي طرف سنڌين جي هشمت جو خوف . اهڙي صورتحال ۾ گجرات کي فتح ڪرڻ جو ارادو رکي نڪرڻ ان لاءِ پريشاني جو باعث هو.
انهيءَ صورتحال ۾ کيس دل ۾ تڪليف رهند هئي ۽ آخر بابر ۽ سنڌين جي خوف ۽ ڳڻتي ۾ اگھم وٽ دل جو دورو پيس ۽ 930 هجري مطابق 1523 – 1524 ع ۾ هي ظالم سنڌين جي رت سان راند کيڏي فوت ٿيو. سندس مڙهه ٽي سال امانت طور بکر ۾ رکيو ويو، تنهن کان پوءِ سندس تابوت، ظلمن کان پاڪ ڪرائڻ لاءِ مڪي شريف موڪليو ويو، جتي ”جنت المعلى“ قبرستان ۾ دفن ڪيو ۽ سنڌين جي رت ۽ پگھر جي ڪمائي مان ڦيال پئسن مان هڪ شاندار مقبرو ٺهرايو ويو.