منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي, ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي

منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : منهنجي سنڌ لُڙهي ويئي
ليکڪ : علي محمد ”درد“ سولنگي
ڪيٽيگري : شاعري
ڇپيندڙ : مرڪ پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 2022
عالمي ڪتاب نمبر (ISBN) : 978-969-7958-91-7
شامل ڪيو ويو : 2023-09-17
ڏِٺو ويو : 1418 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 171 ڀيرا

علي محمد درد سولنگيءَ جو هي تيرهون ڪتاب آهي، ۽ انفراديت اها اٿس تہ هن ڀيري هِن شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنف وائيءَ تي لکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هن سڄي ڪتاب جو موضوع سنڌ ۾ آيل 2022ع واري برساتي ٻوڏ آهي. برسات قدرتي يا مصنوعي، پر سنڌ ڌرتيءَ تي سُڪار بدران آفت بڻجي ڪڙڪي. علي محمد درد سولنگي پنهنجي شاعريءَ ذريعي واڳ ڌڻين ۽ ظالمن جي پت تہ وائکي ڪئي آهي پر مظلوم ماروئڙن سان همدرديءَ جو اظھار بہ ڪيو اٿس! هڪڙي قلم ڌڻيءَ جي اها ئي ذميواري آهي تہ هو سماجي مسئلن کي آواز ڏيئي ايوانن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري، درد سولنگي اهڙين ڪوششن ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو. 

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شاعري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2025 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ