گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو
هن سوچيو، ڊڄڻي ته آئون ننڍي هوندي کان آهيان. نانيءَ جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌائي ٻڌائي اهڙو ڊيڄاري ڇڏيو جو رات جي وقت پنهنجي پاڇي کان ڇرڪندي آهيان. مون اها ڳالهه آصف کي ٻڌائي به هئي. هن کي خبر آهي ته آئون ڪيتري ڪمزور دل آهيان. پر هو ائين ڪري ڇو ٿو؟ هو مون کي ڄاڻي واڻي ٽارچر ڇو پيو ڪري؟ جيڪڏهن ڪا ڳالهه اهڙي آهي ته مون کي ٻڌائي ڇو نٿو؟ آئون ته پڇي پڇي بيزار ٿي پيئي آهيان. چئي ٿو ته ڪا ڳالهه ناهي، تو کي وهم آهي. ٺيڪ آهي، آئون وهمي آهيان. پر هن جو رويو ڪيتري وقت کان بدليل آهي. زوريءَ مس ته ڳالهائي ٿو، سو به جڏهن آئون ايترو مٿو هڻندي آهيان. مون کي اکيون ڪونهن جو ڏسان ته هو ڪيترو بيزار بيزار پيو ٿيندو آهي. پوري ماني به ته ڪونه ٿو کائي. ٻه – ٽي گراهه کڻي اٿي کڙو ٿيندو آهي. آئون پڇندي آهيان، ” ڇو جان، ڇا ڳالهه آهي؟ ماني نه وڻي ڇا؟“ ته هو بي دليءَ سان چوندو آهي، ”نه، مون کي بک ڪانهي.“ روز بک ڪانهي! ٽيئي ويلا بک ڪانهي! پوءِ هلي ڪيئن ٿو؟ نه، آئون ڄاڻان ٿي ته هو ڪٿان ٻاهران کائي ٿو اچي. هاڻي ته رات جو به دير سان گهر اچي ٿو. پلنگ تي منهن ورائي ليٽي ٿو پئي. آئون کيس ڀاڪر پائڻ چاهيندي آهيان ته چڙي منهنجون ٻانهون پٽي پري اڇلائيندو آهي، ڄڻ مون کان ڪراهت ايندي هجيس. جيڪڏهن وس پڄي ته مون سان گڏ سمهي ئي نه. پر ڊبل بيڊ جو آهي. پورو مهينو ٿي ويو آهي ته هن مون کي پيار به نه ڪيو آهي. پيار وڃي کڏ ۾ پئي، پر هو ائين ڇو ٿي ويو آهي! ايترو بدلجي ڇو ويو آهي!
ثريا کي ياد آيو ته بابين جو ڌاڳو ٽٽي پيو هو ۽ هن ڪيتري دير کان سبيو نه هو. هوءَ ٺونٺ مشين تي رکي کاڏي تريءَ تي ٽڪائي وري سوچ ۾ گم ٿي ويئي.
هو مون کي ڪيترو چاهيندو هو! شاديءَ واري رات هن مون کي چيو هو، ”ثريا! تون شايد اعتبار نه ڪندينءَ، پر تون منهنجي زندگيءَ ۾ پهرين ۽ آخري عورت آهين. تون يقين ڄاڻ ته آئون تو کي پنهنجي زندگيءَ کان به وڌيڪ چاهيندس،“ ۽ آئون هن کي چنبڙي ويئي هيس. مون هن جي ٻانهن جي پناهه کي قبول ڪري ورتو هو. پر مون کي خبر ڪانه هئي ته اها پناهه عارضي پناهه آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن آئون رات جي اڪيلاين کان ڊڄندي ڏڪندي رهنديس ۽ ڪا به پناهه نه هوندي منهنجي لاءِ. آصف چئي ٿو ته آئون وهمي آهيان، مون ته پهرين رات دل جي گهراين سان هن جي ڳالهين تي اعتبار ڪيو هو. مون ٻڌو هو ته مرد شادي جي رات اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر مون ته ڄڻ هن تي ايمان آڻي ڇڏيو هو. اڃا سال مس گذريو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون هوا ٿي ويون. هن کي ڪڏهن ياد ايندو هوندو ته هن پهرين رات ڇا ڇا چيو هو! هو ته سڀ وساري چڪو آهي. هاڻي ته جڏهن گهر مان ٻاهر نڪرندو آهي ته مون کي به وساري ڇڏيندو آهي. پر مون کي لڳندو آهي ته گهر ۾ به ڄڻ هو منهنجي وجود کان بيخبر آهي. آخر هن کي ٿي ڇا ويو آهي؟ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا هو مون کي ٻڌائڻ نٿو چاهي؟ ڪالهه مون هن کي جڏهن گهڻو چيو تڏهن رڳو ايترو چيائين، ”اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. پر کڻي هجي به ته ان سان تنهنجو ڪو واسطو ناهي.“ ٺيڪ آهي. مڃيم، ان ڳالهه جو تعلق کڻي مون سان نه به هجي، پر هن جي جيڪا پريشاني آهي تنهن ۾ آئون شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي. آخر هو اها ڳالهه سمجهي ڇو نٿو؟ کيس اها خبر ڪانهي ڇا ته پاڻ منهنجي ڪل ڪائنات آهي- جيڪڏهن پاڻ پريشان آهي ته آئون ڪيئن لاتعلق رهي سگهنديس. منهنجا خدا! هو سمجهي ڇو نٿو....“
ثريا نرڙ کي زور سان مهٽيو. هن کي مٿي ۾ سخت سور محسوس ٿيو.
هو ايترو پريشان ڇو آهي؟ هن جي پريشانيءَ کيس مون کان ڪٽي الڳ ڪري ڇڏيو آهي. آئون هن جي هوندي به اڪيلي ۽ الڳ آهيان ۽ ڪٽيل ڪٽيل آهيان هن کان. نه، اهو منهنجي سهپ کان مٿي آهي. هن جي اهڙي حالت هجي ۽ مون کي ڪا خبر نه هجي ۽ آئون هن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهان! منهنجن هٿن مان، ٻانهن مان، چپن مان، جسم مان اها قوت ختم ٿي ويئي آهي جيڪا هن کي سهارو ڏيئي سگهي، هن جو من پرڀائي سگهي. آئون ته هن جو ٻار وانگر خيال رکندي آهيان. هن کي ڏسندي آهيان ته من اندر ڪيتري نه خوشي ڀرجي ويندي آهي. چاهيندي آهيان ته هن کي ڏسندي رهان. هن کي هلندي، ويهندي، ماني کائيندي ڏسي اندر پيو ٺرندو آهي. آئون هن کي ڪيترو چاهيان ٿي.... ڪيترو چاهيان ٿي.... ان جو هن کي ڪو اندازو به ناهي شايد!
اوچتو در جي گهنٽي وڳي ۽ ثريا ڇرڪي اٿي بيهي رهي. در وٽ وڇي هن پڇيو، ”ڪير آهي؟“
”آئون آهيان.... آصف!“ هو ڄڻ ڪاوڙيو بيٺو هو.
ثريا در کوليو ۽ هڪ آس سان هن جي منهن ۾ ڏٺو. هُو ائين ئي هو، مُنجهيل مُنجهيل پريشان. آصف هن ڏانهن نهارڻ کان سواءِ اندر هليو ويو. ثريا در بند ڪري هن جي پٺيان ويئي، آصف بيڊ روم ۾ وڃي صوفي تي ويهي رهيو.
”جان، تون ڪپڙا بدلائي وٺ، تيسين آئون ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان،“ ثريا چيو.
”نه، تون تڪليف نه ڪر،“ آصف جو ٻُڏل آواز اوڀريو. هن ڄڻ ڪوشش ڪري اهو جملو چيو هو.
”ڇو؟“ ثريا کي اهو جملو ڏاڍو ڏکيو لڳو. ”تڪليف ته ڌارين لاءِ ڪبي آهي. تون مون کي ڌاريو....“
”او ثريا، پليز!“ آصف هٿ مٿي کڻي هن کي وڌيڪ چوڻ کان روڪي ورتو.
”تون ماني کائي آيو آهين ڪٿان؟“ ثريا پنهنجي ڪاوڙ کي ضبط ڪندي چيو:
“نه، مون کي بک ڪانهي.“
ثريا هيٺئين چپ کي چڪ پاتو. هن کي ڊپ هو ته ڪٿي هوءَ پنهنجو پاڻ تان ضابطو وڃائي نه ويهي ۽ جيڪڏهن ڳالهه شروع ٿي ته پوءِ الائي ڇاڇا ڳالهائي ويندي.
”تون هيڏانهن اچي ويهه،“ آصف هن کي پاڻ ڏي سڏيو. ”مون کي تو سان ڪجهه ضروري ڳالهائڻو آهي،“ آصف ديوار ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ثريا هن ڏانهن غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هيٺ قالين تي رکيل مشين وٽ ويهي رهي. آصف خاموش رهيو. ثريا هن ڏانهن ڏسندي رهه. هو ڪيڏو لهي ويو هو ۽ ڪيترو پريشان پريشان پئي لڳو. ثريا جي دل ۾ هن جي لاءِ اٿاهه همدرديءَ جي لهر اٿي. هن چاهيو ته اٿي سندس پاسي ۾ وڃي ويهي ۽ هن جو مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي سندس وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي رهي. پر هوءَ اٿي نه سگهي ۽ هن چيو،”توهين ايترا پريشان ڇو آهيو؟“
ثريا کي خبر هئي ته سندس ان رٽيل سوال جو رٽيل جواب ئي ملندو: ’نه، اهڙي ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.‘ پر آصف خاموش رهيو. هن رڳو ثريا ڏانهن هڪ ڀيرو ڏٺو ۽ پوءِ آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍڻ لڳو.
ثريا کي خيال آيو ته هوءَ رڙيون ڪري مٿو ديوار سان ٽڪرائي ۽ چوي: ’مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو تون مون کي ايترو ٽارچر پيو ڪرين!‘
”ثريا!“ آصف آهستي چيو ۽ هڪ ڀيرو هن ڏانهن ڏسي نظرون هٽائي هيٺ ڏسڻ لڳو.
”مون کي خبر آهي ته مون تو کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي. مون چاهيو ٿي ته مسئلي جو ڪو حل نڪري اچي، پر مون کي ڪو به رستو نظر نٿو اچي. آئون به پريشان رهان ۽ تو کي به پريشان ڪريان، ان کان بهتر آهي ته ڳالهه هڪڙي پاسي ٿئي.....“ هو چپ ٿي ويو.
ثريا کي هڪ اڄاتو خوف محسوس ٿيو. هن جي دل زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هانءُ ٻڏڻ لڳو.
”ثريا، پاڻ ٻنهي لاءِ بهتر اهو آهي ته اسين هڪٻئي کان الڳ ٿي وڃون. جن حالتن ۾ اسين گڏ رهون پيا، تنهن کان نه رهڻ ئي چڱو آهي. مون کان تو کي سواءِ پريشانين جي ٻيو ڪجهه نه ملي سگهي شايد.... مون کي افسوس آهي- پر آئون..... آئون ڪنهن کي چاهيان ٿو، هن کان سواءِ زندهه نٿو رهي سگهان، ان حالت ۾....“ هو خاموش ٿي ويو.
رڙ ثريا جي گلي ۾ اچي اٽڪي پئي. هن کي لڳو ته سندس هٿن پيرن مان ساهه نڪري ويو هو. پوءِ به الائي ڪيئن هوءَ اٿي بيهي رهي.
”تون ماني کائي ڪونه آيو هوندين. آئون تنهنجي لاءِ ماني گرم ڪري کڻي ٿي اچان،“ هو يڪساهي چئي ويئي ۽ هن کي پنهنجو پاڻ تي حيرت لڳي.
آصف هن کي هٿ جي اشاري سان روڪيو.
”نه، تون ويهه، مون کي تو سان ڳالهائڻو آهي.“
هوءَ بيٺي رهي. هن جون ٽنگون سڪي ڪاٺ بنجي ويون هيون.
”بهتر آهي ته اسين فضيلت سان هڪٻئي کان الڳ ٿي وڃون. منهنجو مطلب آهي ته الڳ ٿيڻو ئي آهي ته پوءِ هروڀرو جي گهِل مان ڇا حاصل! ڳالهه وڌندي ته ان مان ورندو ڪجهه ڪونه. بهرحال، تو کي جيڪي کپي سو تون کڻي سگهين ٿي. ٻيو به تولاءِ آئون جيتري قدر ڪري سگهيس، سو ضرور ڪندس. ۽ ...“
”تون..... تون.... آئون تولاءِ ماني کڻي ٿي اچان....“ ثريا تڪڙ ۾ هن جي ڳالهه ڪاٽي ۽ پوءِ تڪڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويئي. هوءَ رڌڻي ۾ گئس جي چلهي وٽ اچي بيٺي. هن ماچيس کڻي تيلي ٻاري ۽ ٻريل تيلي چلهي جي برنر ويجهو آندي. چلهو ڀڙڪو کائي ٻري پيو. ثريا جي گلي ۾ ڦاٿل سڏڪو اوچتو نڪري آيو. هن جو هانءُ ڄڻ ڦسي پيو ۽ پوءِ هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.