چتيءَ جيترو آسمان
هو زور مس ڪري اٿيو ۽ ڊگهي اوٻاسي ڏئي مرڻينگ قدمن سان اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو. پيتيءَ وانگر بند ڪوٺيءَ ۾ ساهه گهٽيندڙ اُٻس هئي. آرسي کڻي منهن ڏٺائين. آرسيءَ ۾ نواز کي پنهنجو پيلو سڪل منهن نظر آيو ۽ هن آرسي رکي ڇڏي. هن سوچيو ته هو اٿڻ سان ڪوٺيءَ ۾ ڪهڙي ڪم سان ويو هو. ’رڳو آرسيءَ ۾ پنهنجو ٻوٿ ڏسڻ لاءِ!‘ هو روز ائين ڪندو هو ۽ پوءِ کيس پاڻ تي ڪاوڙ ايندي هئي. هو ٻاهر نڪري آيو. لوٽو کڻي ان کي پاڻيءَ سان وڇوري کٽ تي رکي، قميص پاتائين. پوءِ تالو ۽ لوٽو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻي، چاٻي کيسي ۾ وجهي، اونڌاهي بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.
هيٺ کليل ميدان هو. اهو پِڙ هو جنهن جي وچ تي عَلم کتل هو. پِڙ جي ٽنهي طرف جايون هيون ۽ پريان روڊ هو. نواز ڊگهو ساهه کڻي ساڻن ڦڦڙن ۾ تازي هوا ڀري. پوءِ هو سڌو پاسي واري بلڊنگ ۾ گهڙي ويو. اندر مينهن جو وٿاڻ هو. اتي بازار جي ڀيٽ ۾ چڱو کير ملندو هو. اندر هڪ تختي تي کير جون بالٽيون ڀريون رکيون هيون. وٿاڻ ۾ مال جي بوسن ۽ پيشاب جي بُوءَ هئي. بچو ڪونه هو. شايد مٿي گهر ۾ ويو هو. وٿاڻ جي مٿان سندن گهر هو.
نواز وٿاڻ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ در وٽ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺو. پاسي واري گهر جي بالڪنيءَ ۾ شاهه ڪرسيءَ تي ويهي ٻيڙي پئي ڇڪي ۽ رکي رکي کنگهي رهيو هو. بالڪنيءَ جي هيٺان بچوءَ جي پٽ صديق ڪاٺيون پئي چيريون. پڻس کير جو ڌنڌو ڪندو هو ۽ صديق ڪاٺيون چيري وڪڻندو هو. صديق ڪنڌ هيٺ ڪري ڪاٺيون به چيري رهيو هو ۽ شاهه سان ڳالهيون به ڪري رهيو هو. شاهه جي ٿوري گهڻي زمين هئي، پر ان کان وڌيڪ سندس پيري مريديءَ جو ڌنڌو هلندو هو. مهيني جا ڳچ ڏينهن شهر ۾ رهندو هو ۽ ٿورا ڏينهن ڳوٺ ۾. عمر جو اڌڙوٽ هو. رنگ جو ڪارو ۽ شڪل موالين جهڙي هيس. نواز کي هن جي پيلين اکين ۾ اڇيون پِچيون نظر آيون. هن جو من ڪچو ٿيڻ لڳو ۽ منهن ڦيرائي پريان روڊ ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن تان رکي رکي ڪا رڪشا يا ٽانگو لنگهي ٿي ويا. روڊ تي چهل پهل شروع ٿي چڪي هئي. هڪڙي رڪشا اچي بيٺي ۽ ان مان ڪاري چادريءَ سان هڪ عورت لٿي. هن جون اکيون ظاهر هيون ۽ باقي منهن تي نقاب ورايل هو. اهو انهن جو خاص پردي جو طريقو هو. هوءَ ڍرا ڍرا قدم کڻندي پڙ ۾ آئي ۽ شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺان لنگهي، اونڌاهي ڏاڪڻ چڙهي وئي.
”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“ شاهه کلي چيو ۽ سندس اکين جي پيلاڻ گهاٽي ٿي وئي. صديق، جيڪو ڪهاڙو هٿ ۾ جهلي بيٺو هو تنهن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ ڪهاڙو زور سان بُنڊَ تي هنيو. شاهه ٻيڙيءَ جو اونهون سوٽو ڀريو ۽ کلندي کلندي کنگهڻ لڳو.
نواز اندر وٿاڻ ۾ گهڙي ويو. بچو بالٽين جو کير ماپي رهيو هو. هن هڪڙو پاءُ ورتو ۽ واپس وريو. شاهه جي بالڪنيءَ جي هيٺان لنگهندي هن جو ڪنڌ هيٺ هو. هن شاهه ۽ صديق ڏانهن نهارڻ نٿي چاهيو. هن سوچيو ته هوءَ ڪهڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي وئي هوندي- سندس پاسي واري ڪنهن ڪوٺڙيءَ ۾ يا مٿي جيڪي ڪوٺڙيون هيون؟ اونڌاهن ڏاڪن تي چڙهندي کيس خيال آيو ته سندس باري ۾ شاهه ۽ صديق ڇا چوندا هوندا؟ ’ هو مون کي سڃاڻن ٿا يا ٻيو ڪجهه سمجهن ٿا؟ پاڙي ۾ ماڻهن کان الڳ ٿلڳ رهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو مون کي سڃاڻندا نه هجن ۽ منهنجي لاءِ خراب سوچيندا هجن. هنن کي اها خبر ڪا نه هوندي ته آئون هڪ شريف ماڻهو ۽ سرڪاري آفيس ۾ ڪلارڪ آهيان. هو سمجهندا هوندا ته آئون به ڪنهن رات پالي ڪري ايندڙ عورت جي ڪمائي تي گذران ڪندڙ آهيان.‘ کيس پنهنجو پاڻ تي ڪاوڙ آئي. ’ماڻهن کي جيڪي وڻي سو بڪندا رهن. ماڻهن جي چوڻ سان آئون ٿي ڪونه پوندس.‘ در جو تالو کوليندي هن کي شاهه جو چيل جملو ياد آيو: ”رات پالي ڪري پئي اچي ڇا؟“
’هون، رات پالي‘، نواز ڪاوڙ مان ڀُڻڪيو ۽ اندر ٿي در بند ڪيائين. کير جو لوٽو تيل جي چلهي وٽ رکي، ان جي مٿان ٿالهي رکي ڇڏيائين. پوءِ ڪؤنري ۾ پاڻي ڀري مٿي ويندڙ ڏاڪڻ جي هيٺان ٺهيل چُر جهڙي ڪاڪوس جو در کولي اندر گهڙي ويو. ڪاڪوس جي تکي ڌپ هن جي ناسن ۾ هلي آئي. هن کي خيال آيو. ’آئون هن جاءِ مان شايد مري نڪران ۽ هتي ته منهنجو لاش به جلدي سڙي ڌپ ڪندو. ٻي ڪنهن فضيلت واري جاءِ ملڻ جو ته آسرو ئي ڪونهي. سڄي عمر هن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ سڙندي سڙندي گذري ويندي.‘ نواز جڏهن پهريون ڀيرو اها جاءِ ڏٺي هئي تڏهن هن جي دل تي بار ٿي پيو هو. هن کي جاءِ جي، ۽ سا به سستي جاءِ جي سخت ضرورت هئي؛ پر ان جاءِ ۾ رهڻ جي هن کي ڪا به خوشي نه ٿي. ’آءٌ وهمي ڪونه آهيان، پر ان وقت کان منهنجي دل ۾ اهو وهم پيدا ٿي پيو آهي ته هيءَ ڪوٺڙي منهنجي قبر آهي. ان ۾ منهنجو ڏوهه به ڪونهي. اهو رڳو وهم به ته ڪونه هو. جاءِ آهي ئي اهڙي. اڳيان ۽ پاسن کان وڏيون وڏيون آسمان تائين ويندڙ ڀتيون ۽ انهن جي وچ ۾ هيءَ کوهه وانگر بند ڪوٺڙي. هيءَ جاءِ انسانن جي رهڻ جي لائق آهي؟ يا ته آءٌ انسان ڪونه آهيان جو اهڙي جاءِ ۾ اچي رهيو آهيان. پر رڳو آءٌ ته ڪونه آهيان. ٻيا جو هيترا رهن ٿا يا رهن ٿيون! اهڙي اونڌاهي لڪل جاءِ انهن جي لاءِ مناسب آهي. اهي سڀ آيون ڪٿان آهن؟ اڳو پوءِ بازار ۾ وڃي رهن ها. اتي به گهڻ ٿي وئي هوندي ۽ جاءِ نه ملندي هوندي. هتي وري انهن جي سلامتي به آهي. آسپاس شريف ماڻهن جو پاڙو آهي،‘ نواز کي خيال آيو، ته هن جاءِ مان جيڪو به ايندو ويندو آهي، ان کي ٻيا شڪي ۽ عجيب نظرن سان ڏسندا آهن. ’ٿي سگهي ٿو اهو منهنجو وهم هجي. پر نه، آئون هتي رهڻ ئي نٿو چاهيان. مون کي هن ڪال ڪوٺڙيءَکان ئي نفرت آهي.....‘
هو چُر مان نڪري ٻاهر آيو. ڪمري مان برش ۽ پيسٽ کڻي آيو ۽ در وٽ ٻاهر ويندڙ نالي جي اڳيان ڏندن کي برش ڪرڻ لڳو. اتان واندو ٿي چانهه جي ننڍڙي ديڳڙيءَکي پاڻيءَ سان ڌوئي ڏيڍ ڪوپ پاڻي وجهي، چلهو ٻاري ان تي رکيائين. پاڻ ڪاٺ جي صندليءَ تي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. گهر ۾ رڌڻو ڪونه هو، ان ڪري هن اڱڻ جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رڌڻو ٺاهيو هو. هو مٿو ڀت تي ٽڪائي سوڙهي اڱڻ جي ڳاڙهين سرن کي ڏسڻ لڳو. اندر ڪوٺيءَ کي سيمنٽ جو پلستر ۽ ان تي پوچي ٿيل هئي؛ پر ٻاهر ديوارون اگهاڙيون هيون. انهن تي نه پلستر ٿيل هو ۽ نه پوچي ڏنل هئي. ڳاڙهيون سرون ڏسي هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪي خوفناڪ جانور ڳاڙهيون ڳاڙهيون رت سان ڀريل زبانون ڪڍي گهوري رهيا آهن. هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ديڳڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جو آواز اچڻ لڳو، ته هن اکيون کوليون ۽ چانهه ٺاهي. هن ديڳڙي لاهي چانهه مگ ۾ وڌي.راتوڪي ورتل ڊبل روٽي کڻي آيو ۽ مگ ۾ ٻوڙي کائڻ لڳو. پهريون مگ ڊبل روٽي چُهي وئي. هن ٻيو مگ ڀري چانهه پيتي. پوءِ ديڳڙي ۽ مگ کي ڌوئي رکيائين.
هو ڪمري مان شيونگ جو سامان کڻي آيو. پياليءَ ۾ پاڻي وجهي دريءَ تي آڻي رکيائين. آرسيءَ کي دريءَ جي ڪامن تي اٽڪائي، ڪريم برش تي رکي ڏاڙهيءَ تي هڻڻ لڳو. هن بليڊ ڪڍي سيفٽي ريزر ۾ وجهڻ چاهيو. ’ٽيون ڏينهن مون بليڊ جو ڪهڙو پاسو ڪم آندو هو؟‘ هن ياد ڪرڻ چاهيو، پر کيس ياد نه آيو. ’الائي ڪهڙو پاسو هو! مصيبت آهي. مون کان اها ڳالهه هميشہ وسريو وڃي. ڏينهون ڏينهن منهنجو حافظو وڃي ٿو ڪمزور ٿيندو. اڃا ٽيون ڏينهن شيو ڪيو اٿم ۽ بليڊ رکڻ وقت به ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيم. تڏهن به ڳالهه وسري وئي. الائي ڪهڙي ڌار هئي. پر هن بليڊ سان ته هي چوٿون شيو آهي. ههڙي ٿرڊ ڪلاس بليڊ سان چار شيو هروڀرو مهانگا ته ڪونه آهن. پهريان ٻه شيو هر هڪ ڌار سان سٺا ٿيو وڃن. پر ٻيهر شيو ڪجهه ڏکيو لڳي ٿو. مڙئي ڪم ٿيو وڃي. هفتي جي لاءِ هڪڙو بليڊ ڪافي آهي. آئون ڪوشش ته گهڻي ٿو ڪريان، پر پوءِ به بچت نٿي ٿئي جو ڳوٺ مناسب پيسا موڪلي سگهان. آئون پاڻ تي گهٽ ۾ گهٽ پيسا خرچ ڪندو آهيان. مهينو ڇڪي تاڻي پورو ٿيندو آهي. ان ڪري ته آئون ماڻهن سان گهڻو اٿڻ ويهڻ کان لهرايان ٿو. منجهند جي ماني گهر ۾ ڪرڻ ڏکي آهي. ماڻهو آفيس مان ٿڪي ٽٽي اچي ته ماني کائي ڪلاڪ اڌ آرام ڪري. ٿڪ ۽ بک ۾ ماني ڪرڻ ڪٿي ٿي پڄي. پر پوءِ به ڪرڻي پوي ٿي.....‘ هو شيو ٺاهي چڪو هو. هن منهن ڌوتو ۽ ٽوال سان منهن کي اگهيائين. ان وقت اٺ ٿيا هئا. هو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائڻ لڳو. آفيس جو ٽائيم ساڍا ست هو، پر هو پوري ٽائيم تي پهچي نه سگهندو هو. روز ڊڄندو ڊڄندو ويندو هو ته اڄ دٻ پوندي. دٻ پوندي هئي ته ٻئي ڏينهن تي ڪجهه سوير ويندو هو.
هو ڪپڙا پائي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ته ڪنهن در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ڀنگياڻي آئي هوندي! هن سوچيو ۽ در وڃي کوليو. ٻاهر ڀنگياڻي بيٺي هئي.
” ٿورو جلدي ته ايندي ڪر. آئون ته هاڻي ويس پئي،“ هن سوچيو ته اهي پنج منٽ به ويا.
ڀنگياڻي ڪو به جواب نه ڏنو ۽ اندر گهڙي آئي. نواز مٽ مان پاڻي ڪڍي دٻي ۾ وجهڻ لڳو. ’هن پوڙهيءَ ته تنگ ڪيو آهي. آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيندس ته مٿان ٺڪ اچي ڪندي. اڃـا ڪا جواڻ جماڻ هجي ها، ته گهٽ ۾ گهٽ صبح ساڻ ڪا چڱي صورت ته ڏسجي ها.‘
ڀنگياڻي صفائي ڪري هلي وئي ۽ نواز به تالو کڻي ٻاهر آيو. در کي تالو هڻندي هن کي خيال آيو، ’ڪجهه وسري ته ڪونه ويو آهي کڻڻ! لڳي ٿو ته ڪا شيءَ وسري وئي آهي. ڏاڍي ويسر ٿي پئي آهي. ڇا ڪريان؟ هڪڙي ڳالهه آهي ته ڪا شيءَ وسري ويندي آهي ته دل ۾ پئي هُرندي آهي. اڄ به هُري ته پئي. ڪهڙي شيءَ وسري وئي آهي؟‘ هن ذهن تي زور ڏنو، پر کيس ڪا ڳالهه ياد نه آئي. هو پاڻ تي چِڙي تڪڙو تڪڙو بدبودار ڏاڪڻ تان هيٺ لهي ويو.
(2)
هن سال ته مارچ مهيني ۾ ئي گرميون شروع ٿي ويون هيون. اُس ۾ گهڻي تپت اچي وئي هئي. ڏينهن گرم ٿي ويا هئا، البت رات جو اڃا ٿڌڪار هئي. نواز رات جو ته ٻاهر هڪڙي کٽ رکڻ جيتري اڱڻ ۾ سمهي سگهيو ٿي، جتي ڪيڏي ڪيڏي مهل هوا جو ڪو جهوٽو ڊگهين ڀتين سان ٽڪرائجي هن کي اچي لڳندو هو، پر اصل مسئلو ڏينهن جو هو. آفيس مان موٽي اچڻ کان پوءِ هو ڪيڏانهن وڃي! پيتيءَ وانگر بند ڪوٺڙيءَ ۾ هوا جو ڪو گذر ڪونه هو. وري جاءِ جي مالڪن ڪوٺڙيءَ ۾ پکو به ڪونه لڳرايو هو. پکو خريد ڪري لڳرائڻ، نواز جي پڄت کان پري هو. هن ڪيترا ڀيرا سوچيو هو ته پيڊسٽل فئن يا گهٽ ۾ گهٽ ٽيبل فئن خريد ڪري. ان مان فائدو اهو هو ته ڏينهن جو ڪوٺڙيءَ ۾ ۽ رات جو ٻاهر اڱڻ ۾ ڪم اچي سگهيو ٿي. پگهار مان ڇڪي تاڻي پورت ٿي ٿي. هن آفيس مان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهو ڪم به اڃا نه ٿي سگهيو هو.
گرمي گهڻي هئي ۽ ان سان گڏ ٻوسٽ به هئي. نواز ٻوڙ رڌڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. هن پيالو کنيو ۽ در کي تالو هڻي هيٺ لهي ويو. هن پهرين ڌؤنرو ورتو ۽ پوءِ هوٽل تان ٻه مانيون ورتيون ۽ واپس موٽي آيو. مرچن جي باهه کان ته وري به ڌؤنرو پيٽ کي ٿڌو ڪندو آهي. هن ماني کائي، پيالي کي پاڻيءَ سان آگهاري رکيو.
اڱڻ جهڙو ٽڪرو سڄو ڪاڙهو هو. هن ڪوٺڙيءَ جي در تائين فراسي وڇائي ۽ ان تي وهاڻو رکي مٿو اڱڻ ڏانهن منهن ڪري ليٽي پيو. ڪنهن ڪنهن وقت گرم هوا آئي ٿي، نه ته هو اخبار سان پاڻ کي هوا ڪرڻ ٿي لڳو. اهڙي تپت ۾ به ننڊ هن جي اکين ۾ گهڙي ٿي آئي، پر ڪوٺڙيءَ جي اُٻس ۽ گرمائش سبب ننڊ جي گهيرٽ مان نڪري ٿي آيو. وهاڻي تي رکيل ڪنڌ سڄو پگهر ٿي پيو هو. هن آلي قميص لاٿي ۽ ان کي ڪرسيءَ تي اڇلائي ڇڏيائين. گنجي ته هو پائيندو ئي ڪونه هو. هن شلوار جي ٻنهي پائنچن کي ڇڪي، گوڏن تائين آندو ۽ ليٽي پيو.
آفيس مان اٿڻ وقت هن سوچيو هو ته گهر نه ويندو. بس ۾ چڙهي راڻي باغ هليو وڃي ۽ اتي لان تي ڪنهن وڻ جي ڇانءُ هيٺان وڃي سمهي پئي. هن گذريل گرميون به ائين گذاريون هيون. آفيس مان اٿي، گاڏي کاتي ۾ ڪلو پڪوڙائيءَ وٽ ايندو هو ۽ اتان پڪوڙا ۽ ڊبل روٽي وٺي، بس ۾ چڙهي راڻي باغ ويندو هو. ڪنهن گهاٽي وڻ جي ٿڌي ڇانءَ هيٺ ويهي ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا کائي، نلڪي مان پاڻي پي ليٽي پوندو هو. ننڊ ڪڏهن ايندي هئي، ڪڏهن ڪانه به ايندي هئي. پر هنن گرمين ۾ اهو سلسلو وري شروع ڪرڻ مشڪل هو. پڪوڙا کائي کائي هن جو هاضمو خراب ٿي پيو هو. هاڻي هو آفيس مان موٽندي، هوٽل تان مانيون وٺي گهر ايندو هو ۽ جهڙي تهڙي ڀاڄي ٺاهي کائيندو هو.
پگهر هاڻن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي، هن کي ياد آيو ته سندس وارن ۾ چڱا خاصا اڇا پئجي ويا هئا. وار ته ڪڏهن به اڇا ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ عمر جي ڪا حد ڪانهي. اڄڪلهه ته ننڍي عمر وارن جا وار به اڇا ٿيڻ لڳا آهن. ۽ هن سوچيو ته سندس عمر وري به 25 سال هئي. پر هو ته ان عمر ۾ ئي پوڙهو ٿيڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ نوجواني ته هن ڏٺي به ڪانه هئي. هن کي ياد آيو ته جڏهن کان کيس هوش آيو، هن پاڻ کي وڏو ڀانيو، گهر جو سڄو بار، سموريون ذميواريون هن جي مٿان اچي پيون هيون.
’آئون نه هجان ها ته ڇا ٿئي ها؟‘ هن پاڻ کان پڇيو. ’منهنجي هجڻ سان ڪهڙو فرق پيو آهي! مون گهر وارن جي لاءِ ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن. جَنڊ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجان پيو... پيسجي نه اٽو ٿو ٿيان ۽نه جند ٿي ڇٽي. هڪ مسلسل پيڙا آهي، جنهن کان نه ڏينهن آجا آهن نه راتيون. ۽ ان زندگيءَ جي سموري حاصلات آهي هيءَ قبر جهڙي ڪوٺڙي!‘ ان گهڙيءَ ڪوٺڙيءَ جي ٻوسٽ ۽ گرميءَ ۾ زندگيءَ جا ڪل عذاب گڏجي مسجي ويا.
ذهن جي ڪنهن ڏکندڙ ڪنڊ مان شهناز جي ياد لُڪ وانگر هن جي تن من کي لوساٽي وئي. ان ئي ڪوٺڙيءَ ۾ شهناز به رهي وئي هئي. نواز کي جڏهن نوڪري ملي هئي ۽ هو گهٽ مسواڙ واري جاءِ جي ڳولا ڪري رهيو هو، تڏهن کيس ڪنهن ٻڌايو هو ته شهناز وارا اها جاءِ خالي ڪرڻ وارا هئا. هن کي اها جاءِ شهناز وارن ئي وٺرائي ڏني هئي، پر تڏهن اڃا بازاري عورتن هتي رهڻ شروع نه ڪيو هو، سو ته هاڻي پابندي پوڻ کانپوءِ هنن مان ڪي هتي اچي رهي پيون هيون.
نواز نراڙ تان ۽ نوڪن تان وهي ايندڙ پگهر اگهيو. هو ۽ شهناز ايترو هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا. پوءِ اوچتو ڪهڙي ڳالهه ٿي جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. هن ان ڳالهه تي ڪئين ڀيرا ويچاريو هو: ’زندگيءَ ۾ ايڏيون وڏيون تبديليون ڪيئن ٿيون اچي وڃن. ماڻهو ته اهو ئي ساڳيو هوندو آهي- پوءِ به هن جي ٻاهر ۽ هن جي اندر ايترو ڪجهه بدلجي ويندو آهي جو هو اهو نه رهندو آهي، جيڪو اڳ ۾ هو. جذباتي سوچ ئي سهي، جو عمر ئي اهڙي هئي، پر اسان ته ائين سمجهيو هو ته هڪ ٻئي کان سواءِ جيئرا رهي نه سگهنداسين، پوءِ جڏهن زندگيءَ جون ٺوس حقيقتون اڳيان آيون ته سموري جذباتيت ڦوڪڻي وانگر ڦسي پئي. آئون پاڻ بيروزگار. رات جو سمهڻ لاءِ ٺڪاڻا گئريج ۽ ورڪشاپ. هوءَ مون کان وڌيڪ سمجهو ۽ ميچوئر هئي، تڏهن ته هن مون کي چيو هو: چڱو آهي ته اسين رڳو سٺا دوست بنجي رهون. مون هن جون مجبوريون ڪونه ڏٺيون. مون سمجهيو ته مون وٽ ڪجهه ڪونهي، ان ڪري هوءَ مون مان جند ڇڏائڻ چاهي ٿي. ماڻهو رڳو پنهنجي لاءِ ڇو ٿو سوچي! اسين ڪنهن کي ڪيترو به چاهيون پر سوچيندا رڳو پنهنجي لاءِ آهيون ۽ چاهيندا آهيون ته ٻيو به اسان جي لاءِ ئي سوچي. مون ڇونه سوچيو ته شهناز ڪهڙين ڏکين حالتن مان گذري رهي هئي. آئون پاڻ ته شهناز جي لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس، پر هن جي شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي مون کي هن تي ڪاوڙ آئي ته هن گاڏيءَ ۽ بنگلي جي شوق ۾ پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو.‘
نواز کي پاڻ تي چڙ اچڻ لڳي: ’ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو اهڙو نٺر ڇو ٿي ويندو آهي، نه پاڻ کي ڏسندو آهي نه مجبورين کي، ٻئي جي مجبورين کي ڏسڻ ته پري رهيو. پر ماڻهو ڪيترو وقت لنوائي سگهي ٿو. آخر ته هن کي آرسيءَ ۾ پنهنجو پاڻ نظر اچيو وڃي، پوءِ ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو کلي يا روئي. جيڪي پنهنجي هٿان پاڻ دوکو کائيندا آهن، سي نه کلي سگهندا آهن نه روئي سگهندا آهن.‘
هن چاهيو ته کيس ننڊ اچي وڃي، پر اهڙي گرمي ۾ ننڊ اچڻ مشڪل هئي. زندگي ائين هئي، ائين آهي ۽ ائين رهندي. هن کي پري پري تائين ڪنهن تبديليءَ جا اهڃاڻ نظر نٿي آيا. ٽاڪ منجهند جو اهو سفر ڪٿي کٽندو؟ پگهر جي ڦڙن وانگر ذهن ۾ سوال ڦٽندا رهيا ۽ نواز منهن تان پگهر اگهڻ سان گڏ انهن سوالن کي به ميسارڻ جي اجائي جاکوڙ ڪرڻ لڳو.
(اڌوري ناول جا ٻه باب)